پيءُ ۽ پـُـٽَ
شهر جي شاهي رستي جي وچ تي، مڙي وڃڻ جو هڪ بورڊ
لڳل هو، پر ڪارون سڌو ئي پئي ويون. ڏسڻ ۾ ائين پئي
آيو ته اهو بورڊ ڪنهن مرمت هلندي هنيو ويو هو جا
هينئر پوري ٿي چڪي هئي. نڪولاس ائڊمس، شهر جي فرش
لڳل بند گهٽيءَ مان ڪار هلائيندو وڃي رهيو هو. آچر
هئڻ ڪري اچ وڃ گهٽ هئڻ سبب گهٽي خالي خالي پئي
لڳي. ڪڏهن ڪڏهن ٽريفڪ سگنل جي بتين ٻرڻ ۽ بند ٿيڻ
سبب بيهڻو ٿي پيس. اهي بتيون به ٻي سال بند ٿي
وينديون، جڏهن ان سرشتي لاءِ ادائگي نه ڪئي ويندي.
ننڍي شهر جي ان رستي تي وڏا وڻ هيا. جيڪڏهن توهان
ان شهر جا رهواسي آهيو ۽ انهن وڻن جي ڇانو ۾ گهميا
آهيو ته اهي ڄڻ اوهان جي دل جو حصو آهن. اهي ڏاڍا
گهڻا آهن ۽ اس جي تپش کي گهٽائيندا آهن، ڌارين يا
پرڏيهين کي گهرن ۾ گهم محسوس ٿيندي آهي. آخري گهر
ٽپي شاهراهه تي ايندؤ جا سامهون ٽڪرين تي لاهيون ۽
چاڙهيون ٺاهيو پئي گذري، تنهن جي پاسن کان ڳاڙهي
رنگ جي مٽيءَ جا ڪنارا سهڻي نموني ڪٽيا ويا هيا ۽
نوان وڻ ٻنهي پاسن کان پوکيا ويا هيا. اهو سندس
ملڪ نه هو، پر اها سرءُ جي موسم هئي، ۽ هي سارو
ملڪ ڏسڻ ۽ گاڏيءَ تي گهمڻ جهڙو هو. کيتن مان ڪپهه
جو چونڊو ٿي چڪو هو ۽ صاف ٻنين ۾ ڪٿي ڪٿي اَن جي
پوک پوکيل هـُـئي. ڪن جي چوڌاري ٻـَـني سان نشان
ڪيل هيا. هو آرام سان گاڏي هلائي رهيو هو، ۽ هن جي
پاسي واري سيٽ تي سندس ننڍڙو پٽ ستو پيو هو. هو
سڄو ڏينهن سفر ڪندا رهيا هيا. هن کي خبر هئي ته
ڪهڙي شهر ۾ کين، رات، آرام ڪرڻو هو. نـِـڪ ڏسندو
پئي ويو ته ڪهڙي زمين جي ٽڪر ۾ سورج مکي جو فصل
لهرائي رهيو هو ۽ ڪهڙي ۾ مٽر. ڪٿي کليل ميدان هيا
۽ ڪٿي جهنگ ۽ ٻوٽا. زمين ۾ ڪٿي گهر، جهوپڙيون هيون
۽ ڪٿي گهاٽو جهنگ. هو ذهن ۾ سڄي ملڪ جو شيل شڪار
ڪندو پئي ويو. هو داڻي چڳڻ جا ٽڪرا به تاڙيندو پئي
ويو ته اهي جهاڙيون ۽ لڪڻ جون جايون به، جتي ٻٽير
هوندا، اهي طرف به جاچيندو ويو جيڏانهن پهريون
ٽاهه کائي، اهي اڏامندا.
ٻٽيرن جي شڪار ۾ توهان کي ڪڏهن به انهن ۽ انهن جي
لڪڻ وارين جاين جي وچ ۾ نه وڃڻ گهرجي. هڪ ڀيرو جي
ڪتن کين ڳولهي لڌو يا هو ڀڙڪو ڏئي اڏريا ته هو
توهان جي مٿان وسڪارو ڪندا. ڪي مٿي اڏامندا ته ڪي
توهان جي ڪنن وٽان، پرڙاٽ ڪري لنگهي ويندا ۽ ايتري
انگ ۾ توهان جي چؤڌاري چڪر ڏيندا جيترا توهان ڪڏهن
کليءَ فضا ۾ به نه ڏٺا هوندا. هو اڏامڻ وقت پاڻ کي
ايترو ته ننڍڙو ڇڏيندا آهن جو نشانو وٺڻ ئي ناممڪن
ٿيو پوي. کين مارڻ جو طريقو رڳو اهو آهي ته انهن
کي ان وقت نشانو بڻايو، جڏهن هو پر کولي موٽي
جهاڙين ۾ گهڙڻ لاءِ سـِـڌ ڪن. ٻٽيرن کي ان ريت
شڪار ڪرڻ جي تربيت، هن کي سندس پيءُ ڏني هئي.
نڪولاس ائڊمس پنهنجي پيءُ بابت سوچڻ شروع ڪيو. هن
کي سڀ کان اول پيءُ جون اکيون ياد اينديون هيون.
وڏيون، تڪڙيون، ڦرندڙ گهرندڙ، موڪرا ڪلها، عقاب
جهڙو چهنبدار نڪ ۽ ڏاڙهي، جا سنهڙي کاڏيءَ جو ڍڪ
هئي. انهن بابت اوهان نه سوچيو، رڳو اکيون ئي
هيون، جن بابت هـُـو سوچيندو هو. اهي سندس منهن ۾
ڀرون جي پردي سان محفوظ ڪيون ويون هيون، ايڏيون
گهاٽيون ڄڻ ڪنهن نهايت ئي املهه چيز لاءِ خاص
بچاءُ رکيو ويو هو. اهي تمام پري ۽ گهڻو جلدي ڏسي
سگهنديون هيون، انساني اک کان وڌيڪ. اها سندس پيءُ
کي وڏي سوغات مليل هئي. پڻس جي نظر سانبر ۽ عقاب
کان به تيز هئي.
هن کي ياد آيو ته هو پيءُ سان هڪ لڱا هڪ ڍنڍ جي
ڪپر تي بيٺو هو. ان وقت هن جي نظر به تيز هئي. پڻس
چيو هو، ”هنن جهنڊو چاڙهيو آهي.“ نـِـڪ نه جهنڊو
پئي ڏسي سگهيو نه جهنڊي جو لڪڙو، ”هو ڏس“. سندس
پيءُ چيو هو، ”تنهنجي ڀيڻ ڊوڙي جهنڊو مٿي کنيو،
پتڻ جي ٿلهي تي چڙهي رهي آهي.“
نـِـڪ ڍنڍ جي پار ڏسندو رهيو. هن کي رڳو ڊگهن وڻن
سان ڍڪيل ڪنارو پئي نظر آيو ۽ ان جي پويان ٻيلي
وارا تنها ۽ ڊگها وڻ، جي ڪناري جي چوگرد هئا، اها
مٿانهين ڪنڊ جتان سمنڊ نظر ايندو هو ۽ وڻن جي وچ ۾
سندس اڇو گهر. پر هن کي ڪو جهنڊي جو لڪڙو، يا ٿلهو
نظر نه پئي آيو. رڳو ڍنڍ جي ڪناري جي اڇي واري ۽
ڪناري جا ور وڪڙ.
”هن نقطي طرف ٽڪريءَ تي رڍن جو ڌڻ ڏسي سگهين ٿو؟“
”هائو.“ ٽڪرين جي ساوڪ تي اهي هڪ اڇي چتيءَ جيان
لڳي رهيون هيون.
”مان اهي هڪ هڪ ڪري ڳڻي سگهان ٿو.“ پڻس چيو هو.
سڀني ماڻهن جيان، اهڙي لياقت هوندي به، جا انساني
گهرجن کان اعليٰ ۽ اتم هئي، هن جو پيءُ به ڏاڍو بي
همتو هو. هو جذباتي به هو، ۽ اڪثر جذباتي ماڻهن
جيان، هو بي رحم به هيو ۽ تنهن ڪري ڌڪاريل به هو،
هن جو ڀاڳ پڻ ڀلو نه هو. ان ۾ سمورو ڏوهه سندس
ڪونه هو. هو ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي مئو هيو، جنهن ڄار کي
وڇائڻ ۾ هن رڳو ٿوري مدد ڪئي هئي. هن جا سڀئي ساٿي
سندس مرڻ کان اڳ، پنهنجي پنهنجي نموني هن سان دغا
ڪري هليا ويا هيا. سڀني جذباتي ماڻهن سان خيانت ۽
کوٽ ته ٿيندي ئي آهي، نـِـڪ هن بابت اڃا ڪجهه لکي
نه سگهيو هو. جيتوڻيڪ اڳتي هلي هن کي لکڻ جو ارادو
هو. نـِـڪ اڃا ٻار هو ۽ ٻن ڳالهين ڪري سندس
ٿورائتو هو، اها ياد کيس ٻٽيرن جي شڪار واري جوءِ
۾ پهچندي آئي هئي. اهي ٻه ڳالهيون هيون، مڇيءَ ۽
بندوق سان شڪار. هن جو پيءُ هنن ٻنهي ڳالهين جو
ماهر هو، ائين جيئن هو جنسي سٻنڌ جي معاملي ۾ اڻ
ڄاڻ هو ۽ نڪ خوش هو ته سندس پيءُ ان ڳالهه ۾ ماهر
نه هو. ڪنهن نه ڪنهن کي، ڪڏهن نه ڪڏهن توهان کي هٿ
۾ بندوق ڏيڻي آهي ۽ ان کي استعمال جو موقعو پڻ، جي
توهان کي اهو ڪجهه سکڻو آهي ته توهان لاءِ اتي رهڻ
ضروري آهي، جتي شڪار ۽ مڇي هجي. هينئر اٺٽيهن سالن
جي عمر ۾ به هن کي مڇي ۽ بندوق سان شڪار ڪرڻ ايترو
وڻيو پئي، جيترو ان وقت جڏهن هو پهريون ڀيرو پيءُ
سان شڪار تي ويو هو. اهو هڪ اهڙو شوق ۽ جذبو آهي
جو ڪڏهن به ماٺو نه ٿو ٿئي، جنهن سان واقفيت ڪرائڻ
لاءِ هو پنهنجي پيءُ جو ٿورائتو هو.
ٻي ڳالهه جنهن بابت پڻس ڄاڻ نه رکندو هو، سا اهڙي
هئي، جو جنهن کي به جو ڪجهه ڄاڻڻ ضروري هوندو آهي،
سو بنا ڪنهن مشوري جي پاڻ ئي معلوم ڪري وٺندو آهي
۽ اهڙي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه فرق ڪونه پوندو ته
اوهان ڪٿي ٿا رهو. هن کي ٻه اهڙيون معلوماتي
ڳالهيون ياد هيون، جي پڻس کيس ٻڌايون هيون. هڪ
ڀيري جڏهن هو ٻئي شڪار تي گڏ ويل هيا، ته نـِـڪ هڪ
ڳاڙهي نوريئڙي کي شڪار ڪيو جو وڻ تان ڪري پيو.
نوريئڙو زخمي ٿي پيو. جڏهن نـِـڪ ان کي کنيو ته ان
هن جي آڱوٺي جي چوٽيءَ تي چڪ پاتو.
”ذليل بـَـگر،“ نڪ رڙ ڪئي ۽ نوريئڙي کي پڪڙي زور
سان ان جو مٿو وڻ جي ٿڙ سان هنيو، ”ڏسو نه هن ڪيئن
نه مون کي چڪ پاتو آهي.“ هن چيو.
هن جي پيءُ ڏٺو ۽ چيائينس، ”ان کي چوسي صاف ڪر ۽
جڏهن گهر هلون ته ان مٿان آيوڊين هڻي ڇڏجانءِ.“
”ننڍو بگر“ نـِـڪ چيو.
”توکي خبر آ ته بگر
(Bagger)
ڪنهن کي سڏبوآهي؟“ پڻس هن ڏانهن ڏسندي چيو.
”اسان ته ڪنهن به شيءِ کي بگرُ سڏيندا آهيون.“
”بگر ان ماڻهوءَ کي چئبو آهي، جو ڪنهن جانور سان
جنسي فعل ڪري.“
”ڇو؟“ نڪ چيو.
”مون کي خبر نه آهي ته ڇو،“ پڻس وراڻيو، ”پر اهو
وڏو سخت ڏوهه آهي.“
نڪ جو ذهن ڌڏي ويو ۽ خوف ورائي ويس. هن ڪيترن ئي
جانورن بابت سوچيو پر ڪوبه اهڙو دلڪش ۽ قابل عمل
جانور نه سجهيس. اهوئي ان جنسي معلومات جو تات پرج
هو ۽ اهائي ڄاڻ سڌيءَ طرح پڻس کيس پهچائي هئي. هڪ
ٻي ڄاڻ به پيءَ کيس ڏني هئي. هڪ ڏينهن صبح جو هن
اخبار ۾ پڙهيو هو ته اينريڪو ڪارسوکي زوريءَ ڪرڻ
جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
”زوري ڇا آهي؟“
”اهو به سنگين ڏوهن مان هڪ آهي.“ هن جي پيءُ جواب
ڏنو.
انهيءَ سڄي مامري تي ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻي سندس
پيءُ اهو چوندي ڪئي ته هٿ سان اهو فعل ڪرڻ وارو
انڌو ٿي پوندو آهي ۽ چريو پڻ، ڪڏهن ته مري به
پوندو آهي. جيڪو ماڻهو فاحش عورت سان اهو فعل
ورجائيندو آهي، تنهن کي ڪئي خطرناڪ جنسي بيماريون
ٿي پونديون آهن ۽ هر ڪنهن کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي
ته انهن فعلن کان پري رهجي. ٻي طرف سندس پيءُ کي
اکين جو بهترين ۽ سهڻو جوڙو هوندو هو، پيءَ جي
اکين جهڙيون اکيون هن ڪڏهن نه ڏٺيون هـُـيون.
نـِـڪ ساڻس گهڻو ۽ ڪافي عرصو پيار ڪيو هو، هاڻي
اهو ياد ڪري ته اهو ڪجهه ڪيئن ٿيو هو ۽ اهي گذريل
ڳالهيون جي اڳ ٿي گذريون هيون، انهن جون يادگيريون
به سٺيون نه پئي لڳيون. جيڪڏهن هو اهي لکي ته انهن
مان جان ڇڏائي سگهندو. پر ان لاءِ اڃان وقت نه آيو
هو. اڃا ڪيترائي ماڻهو ان بابت ڄاڻ رکندڙ يا ان
سان لاڳاپيل، جيئرا هيا. پنهنجي پيءُ لاءِ ڪجهه
ڪرڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به ڪين هو. ان بابت هن
ڪيترائي ڀيرا سوچيو هو. سندس پيءُ جي لاش کي
سنواريندڙ جيڪو سهڻو ڪارنامو انجام ڏنو هو، سو
سندس ذهن جي پردي تان اڃا ڌنڌلو نه ٿيو هو، ۽ سڀ
ڪجهه هن اڳيان صاف ۽ چٽو هو. هن سنواريندڙ کي پيءُ
جي چهري ٺاهڻ تي داد ڏنو هو، سندس ان محنت ۽ فن تي
فخر ۽ خوشي محسوس ڪئي هئي. پر کيس اهو آخري چهرو
ڏيڻ وارو ڪو سنواريندڙ نه هو. هن رڳو پنهنجي فن ۽
مهارت سان چهري جي بي حد سٺي مرمت ڪئي هئي. چهرو
ته پاڻ ئي خراب ٿيڻ ۽ ڪافي وقت کان بدلجڻ شروع ٿيو
هو. گذريل آخري ٽيهن سالن ۾ ته ان ۾ ڪافي تبديلي
اچي ويئي هئي. اها هڪ سٺي ڪهاڻي هئي، اڃا ان جا
ڪيترائي ڪردار حيات آهن، جنهن ڪري هن نه پئي لکيو.
انهن شروعاتي مامرن بابت، نـِـڪ پاڻ ريڊ انڊينس جي
وسنديءَ پويان هيملاڪ جي ٻيلي جي معلومات حاصل ڪئي
هئي. اتي هڪ اهڙي پيچري وسيلي پهچبو هو، جو
جهوپڙيءَ کان شروع ٿي ٻيلي مان ٿيندو، فارم تي
پهچندو هو. اتان هڪ رستو کڏن کامن کان ٿيندو
وسنديءَ ڏانهن ويندو هو. هاڻي هن کي پيرين پنڌ طئي
ڪيل اهو سڄو رستو ياد پئي آيو.
جهوپڙيءَ پويان هيملاڪ جي ٻيلي ۾ پيچري تي
پهريائين ته ڪنڊن واريون ٽاريون ۽ ڇڻيل پن پيا
هوندا هئا ۽ ڪريل وڻ چورو ٿي ويا هيا، جنهن وڻ تي
وڄ ڪري هئي، ان تي ڊگها ڪٽيل ڪاٺ جا ٽڪرا ائين
لڙڪي رهيا هيا، ڄڻ نيزا هيا. پوءِ توهان کي هڪ
ڪاري ڌٻڻ واري اونهي کاهي، بنڊ تان لنگهي، اُڪرڻي
پوندي هئي. جي بنڊ تان پير ٿڙِي وڃي ته وڃي هيٺ
ڌٻڻ ۾ ڪربو. پوءِ توهان کي ٻيلي جو پيهر ٿيڻو
پوندو هو تکي اس سبب پيچرو سخت هوندو هيو. ان تي
گاهه، لوڻاٺيل وليوُن ۽ ننڍا ننڍا ٻوٽا ڦٽل هوندا
هيا. کاهيءَ جي آخر ۾ کٻي هٿ تي ڌٻڻ هوندي هئي،
جنهن ۾ ڪاريءَ ڳانيءَ وارا ٽٽيهر چڳي پنهنجو پيٽ
ڀريندا هيا. اها جهوپڙي بهار جي موسم ۾ گهر ٿي ڪم
ايندي هئي. ڀانڊي هيٺان تازن ڇيڻن جو ڀاڻ پيو
هوندو هو ۽ ڪجهه ڇيڻان سڪائي ڀانڊي جي مٿان به ڍير
ڪري رکيا ويا هيا. پوءِ هڪ ٻيو لوڙهو ايندو هو،
جنهن جي ٻئي پاسي پيچري واري زمين سخت ۽ گرم هوندي
هئي، اها راهه ڀانڊي کان گهر تائين ويندي هئي. ان
گرم ۽ وارياسي پيچري تي، جو کاري ٽپي ٻيلي تائين
پئي ويو، هن ڀيري ‘ٻليءَ جو پڇ’ نالي ٻوٽو ڦٽو
بيٺو آهي. جنهن کي گاسليٽ ۾ ٻوڙي، مشعل بڻائي
سندُس روشنيءَ ۾ رات جو نيزن سان مڇيءَ جو شڪار
ڪيو ٿي ويو.
ان کان پوءِ وڏو رستو شروع ٿيندو هو، جو کٻي طرف
ٻيلي مان ٿيندو ٽڪرين تي چڙهندو ويندو هو. ٻيلي ۾
ويڪرو رستو هوندو هو، جنهن مٿان پٿر هوندا هيا،
رستو وڻن هيٺان هجڻ ڪري ماحول ٿڌڪار وارو هوندو
هو. اهو ڪافي ويڪرو هوندو هيو، ڇو ته ريڊ انڊينس
ان تان هيملاڪ وڻ جا ڪٽيل وڏا ڇوڏا گهليندا ويندا
هيا. ڇوڏا ٿلهين جان ڊگهي قطار ۾ جمع ڪيا ويندا
هيا ۽ انهن کي ٻين وڌيڪ ڇوڏن سان ڍڪيو ويندو هو،
جيئن گهرن جي ڇت ٺاهبي آهي، وڻن جا پيلا ڪٽيل ٿڙ،
جن تان هو ڇوڏا لاهيندا هيا، ائين ئي پيا سڪندا
سڙندا هيا. هو ٿڙن کي ائين سڪڻ سڙڻ لاءِ ڇڏي ويندا
هيا ۽ انهن جون ٽاريون به ٻارڻ لاءِ ڪونه کڻندا
هيا. هنن کي رڳو ڇوڏو کپندو هو. سياري جو هو ڇوڏا،
ڄميل ڍنڍ تان گهليندا، بوئاني شهر ڏانهن نيندا
هيا، جتي اهي چمڙي صاف ڪرڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم ايندا
هيا. هر سال ٻيلو گهٽبو ۽ کليل ميدان وڌندو پئي
ويو. گرم ۽ ڇانوَ کان خالي، جنهن ۾ ڊڀ ۽ ٻوڙا پئي
ڦٽا.
پر ان وقت اتي اڃا به ڪافي گهاٽو ٻيلو هو، جتي وڻ
ڊگها ۽ سندن ٿـُـڙ ٿـُـلها پي ٿيندا ويا ۽ توهان
وڏي، ڀوري، صاف ۽ ڇانگيل ميدان ۾ بنا ڪنهن ٿاٻي جي
گهمي پئي سگهيا. جتي ڏاڍو گرم ڏينهن به ٿڌو لڳندو
هو. هو ٽئي هيملاڪ وڻ جي هيٺان ستا پيا هيا.
ڇانورو ٻن کٽن جي ڊيگهه کان به وڌيڪ هـُـيو. وڻ
جون چوٽيون هوا ۾ لڏي لمي رهيون هيون ۽ ٿڌڙي
هـِـير گهلي رهي هئي. جهڪي روشني پنن جي وٿين کان
پٽ تي پئجي رهي هئي، بليءَ چيو:
”توکي ٻيو ڀيرو به ٽروڊي کپي؟“
”تنهنجي مرضي آهي ڇا؟“
”هون، ها...“
”ته اچ ڀلا.“
”نه، هيڏي اچ.“
”پر هي بليءَ جو آهي...“
”بليءَ جو فڪر نه ڪر. هو منهنجو ڀاءُ آهي.“
تنهن کان پوءِ هو ٽيئي گڏجي ويٺا ۽ ڪاري نوريئڙي
جو آواز ٻڌندا رهيا جو مٿين ٽاري تي ويٺو هو پر
کين نظر نه پئي آيو. هنن ان جي آواز جو انتظار پي
ڪيو، ڇو جو هو آواز سان گڏ پڇ به لوڏي ها ۽ ٿوري
چر پر تي ئي نڪ نشانو وٺي گولي هڻي وٺي ها. پڻس
کيس رڳو ٽي ڪارتوس ڏيندو هو ۽ هن وٽ ويهين بور جي
هڪ نالي بندوق هئي.
”ڪتي جو ڦر، چرندو ئي ڪونه.“ بليءَ چيو.
”نـِـڪي تون گولي هلائي کيس ٽاهه کاراءِ. جڏهن ٽپو
ڏيندي ڏسينس ته ٻي گوليءَ سان مارينس.“ ٽروڊيءَ
چيو، هن لاءِ ايترو ڳالهائڻ به گهڻو هو.
”مون وٽ رڳو ٽي ڪارتوس آهن.“ نـِـڪ چيو.
”ڪتي جو ڦر.“ بليءَ چيو.
هو وڻ کي ٽيڪ ڏيئي خاموش ويٺا رهيا. نڪ پاڻ کي
هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيو هو ۽ مطمئن پڻ.
”ايڊي چوي ٿو ته ڪنهن رات اچي تنهنجي ڀيڻ ڊورٿيءَ
کي تنگ ڪندس.“
”ڇا؟!“
”هن ائين پئي چيو.“
ٽروڊيءَ ڪنڌ ڌوڻيو.
”هو ائين ڪرڻ ٿو چاهي.“ هن چيو. ايڊي هنن جو وڏو ۽
ويڳو ڀاءُ هو. هو سترنهن سالن جو هو.
”جي ايڊي گلبي ڪڏهن به رات جو آيو ۽ رڳو ڊورٿيءَ
سان ڳالهايائين به ته توهان کي خبر آ مان ڇا ڪندس؟
مان هن کي هيئن ماريندس.“ نڪ بندوق جو گهوڙو
چاڙهيو ۽ بنا ڪنهن نشاني وٺڻ جي گهوڙو دٻايو، ڄڻ
ان ماٽيلي ايڊي گلبيءَ جي مٿي يا پيٽ ۾ مٺ جيڏو
وڏو سوراخ ڪيو هئائين. ”ائين، هن کي مان ائين
ماريندس.“
”پوءِ هن لاءِ چڱو اهو آهي ته نه اچي.“ ٽروڊي چيو
۽ نڪ جي پتلون جي کيسي ۾ هٿ وڌو.
”پوءِ ته هن کي ڏاڍو خبردار رهڻ گهرجي.“ بليءَ
چيو.
”هو ائين ئي بڪواس ڪندو آ.“ ٽروڊي نـِـڪ جي کيسي
مان هٿ ٽپائي، اندر ڪجهه هٿ ۾ ڪيو. ”پر تون کيس نه
مارجان“. اجايو پاڻ کي مصيبت ۾ وجهندين.“
”مان هن کي ائين ماريندس.“ هن خيال ۾ ايڊي گلبيءَ
کي زخمي سيني سان پٽ تي ليٽيل ڏٺو. نـِـڪ فخر سان
هن تي پنهنجي لت رکي.
”مان سندس کوپڙي لاهيندس.“ هن خوش ٿيندي چيو.
”نه“، ٽروڊيءَ چيو، “اها غليظ حرڪت آهي.“
”هن جي کوپڙي لاهي ماڻس ڏي موڪليندس.“
”هن جي ماءُ مري ويئي آهي.“ ٽروڊيءَ چيو، ”هن کي
مارجانءِ نه، نـِـڪي منهنجي ڪري ئي، هن کي
مارجانءِ نه.“
”هن جي کوپڙي لاهي پوءِ ڪتن اڳيان ڦٽو ڪندومانس.“
بلي ڏاڍو نراس ٿي ويو. ”هن کي خبردار رهڻ گهرجي.“
هن افسوس ڪندي چيو.
”ڪتا هن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندا.“ نـِـڪ تصور ۾
ڏسندي خوش ٿيندي چيو.
ويڳي ڀاءُ جي کوپڙي لاهڻ ۽ ڪتن آڏو ٻوٽيون ٻوٽيون
ڪندو ڏسڻ بعد سندس چهري جي ڀاونائن ۾ ڪو فرق نه
آيو. وڻ جي پاسي تي هو پٺيءَ ڀر ڪري پيو، سندس ڳچي
۾ ٽروڊيءَ جون ٻانهون پيون هيون، هوءَ هن کي
گهـُـٽي رهي هئي ۽ رڙيون به ڪري رهي هئي، ”هن کي
نه مارجانءِ، نڪي! نه مارجانس! نه مارجانس! نه،
نه، نه، نڪي نڪي، نڪي!“
”توکي وري ڇا ٿي ويو؟“
”مارجانس نه.“
”مون کي ته هن کي مارڻو ئي آهي.“
”هو اجايو سجايو دم هڻندو آ.“
”ٺيڪ آ. جي ائين آ“، نـِـڪ چيو، ”ته پوءِ مان هن
کي تيسين نه ماريندس جيسين اسان جي گهر جي ويجهو
نٿو اچي. هاڻي ته مون کي ڇڏ.“
”ائين ٺيڪ آ.“ ٽروڊيءَ چيو، ”هاڻي جي وري ڪجهه ڪرڻ
چاهين ته مان تيار آهيان.”
”جي بلي وڃي ته“، نڪ ايڊگلبيءَ کي ماري ڇڏيو هو ۽
پوءِ سندس جان به بخشي هئي ۽ هنيئر هو پاڻ کي مرد
سمجهي رهيو هو.
”بلي، تون ڪيڏانهن وڃين ڇونه ٿو. سارو وقت اسان جي
ڪڍ آهين. وڃ!“
”ڪتي جو پٽ“ بليءَ چيو ”مان ته توهان مان اچي ڦاٿو
آهيان. هت آيا ڇالاءِ هياسين؟ شڪار يا صرف....؟!“
”وڻئي ته بندوق کڻي وڃ. هڪ ڪارتوس اڃا اٿئي.“
”ٺيڪ آ، مان ڪو وڏو ڪارو نوريئڙو شڪار ڪري وٺندس.“
”مان به نعرو هڻي، مبارڪ ڏيندوسانءِ.“
گهڻو پوءِ، ڪافي وقت ٿي ويو، پر بلي نه موٽيو.
”تنهنجو ڇا خيال آ، اسان ڪو ٻار پيدا ڪنداسين؟“
ٽروڊيءَ پنهنجون ڪڻڪ رنگيون ڄنگهون خوشيءَ وچان
ٻيڪڙيون ۽ پنهنجو بدن هن سان ٽڪرايو. نڪ جي اندر
مان ڄڻ ڪا چيز اڏامي گهڻو پري هلي ويئي هئي.
”مان ته ائين نه ٿو سمجهان.“ هن چيو.
”جيترا ٻار وڻئي پيدا ڪر، پرواهه نه ڪر.“
هنن بليءَ جي بندوق هلائڻ جو آواز ٻڌو.
”شايد ڪجهه هٿ لڳس.“
”نه به لڳس، ته ڇا آهي.“
بلي وڻن مان ٻاهر نڪري آيو. کيس ڪلهي تي بندوق هئي
۽ هٿ ۾ وڏو ڪارو نوريئڙو، جنهن کي هـُـو اڳين چنبن
کان پڪڙيون کنيون پئي آيو.
”ڏسو،“ هن چيو، ”ٻليءَ کان به وڏو آهي. توهان جو
ڪم ٿيو؟“
”ڪٿي مليئي؟“
”او، هتي، ٽپو ڏئي رهيو هو.“
”هاڻي گهر هلڻ گهرجي.“
”نه،“ ٽروڊيءَ چيو.
”مون کي ڪيئن به مانيءَ جي وقت تي پهچڻو آهي.“
”تنهنجي مرضي.“
”سڀاڻي شڪار ڪرڻ ايندينءَ؟“
”ٺيڪ، سڀاڻي.“
”هي نوريئڙو تون کنيو وڃ.“
”چڱو.“
”رات جو مانيءَ کان پوءِ ايندينءَ؟“
”نه.“
”ڪيئن ٿي ڀانئين؟“
”بلڪل ٺيڪ.“
”چڱو، مان هلان ٿو.“
هاڻي، جڏهن هو ان وڏي رستي تان گاڏي هلائي رهيو هو
۽ اوندهه وڌي رهي هئي ته نڪ پنهنجي پيءُ بابت سڀ
ڪجهه وساري چڪو هو. ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي هن کي
ڪڏهن به پيءُ ياد نه آيو هو. ڏينهن جو انت هو رڳو
پنهنجي لاءِ رکندو هو ڪڏهن به تنهائيءَ ۾ رهڻ
دؤران پنهنجي طبيعت درست نه سمجهندو هو. هن کي
پنهنجو پيءُ سدائين سال جي پڇاڙيءَ يا بهار جي
شروع ۾ ياد ايندو هو. جڏهن آسمان ۾ هڪ خاص قسم جا
پکي اڏامندي ڏسندو هو، يا مڪئي جا سنگ جڏهن
جهومندي ڏسندو هو، ڪا ڍنڍ ڏسندو هو يا بگي گهوڙو
ڏسندو هو، يا هنج،آڙيءَ جو آواز ٻڌندو هو، يا جڏهن
کيس اهو وقت ياد ايندو هو، جڏهن هڪ عقاب، برف
ڪرندي، ٿلهي ڪپڙي ۾ اچي ڦاٿو هو، سندس چنبا ڪپڙي
مان اندر هليا ويا هيا ۽ ڦاسي پيا هيا، هـُـو
کنڀڙا کوهي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن
جو پيءُ اوچتو ساڻس اچي گڏجندو هو، يادگيرين ۾،
غيرآباد زمين يا تازي کيڙيل ٻنين ۾، جهاڙين ۾ يا
ننڍين ٽڪرين ۾، سڪل گاهه تان هلندي، ڪاٺيون ڪندي
يا پاڻي ڀريندي، جؤ يا صوف جي شراب ٺاهيندڙ
ڪارخانن يا ٻرندڙ مچن وٽ، جن شهرن ۾ هو رهيو، سي
سندس پيءُ ڪڏهن ڏٺا به ڪونه هيا. پندرنهن سالن جي
عمر کان پوءِ، هن جي پنهنجي پيءُ سان ڪنهن به ڪم ۾
ڀائيواري نه رهي هئي.
سندس پيءُ جي ڏاڙهيءَ ۾ سياري جو برف هوندي هئي ۽
اونهاري جو ڏاڍو پگهر. هو اس هوندي به ٻنين ۾ ڪم
ڪرڻ پسند ڪندو هو. جيتوڻيڪ کيس اهڙي ضرورت ڪانه
هئي، پر هٿ جو پورهيو ڏاڍو پسند ڪندو هو، جو نـِـڪ
کي نه وڻندو هو. نـِـڪ پيءُ سان پيار ڪندو هو پر
هن جي بدبوءِ کان پري ڀڄندو هو. هڪ ڀيرو جڏهن کيس
پيءُ جو ڪڇو ۽ گنجي پائڻا پيا، جي پڻس کي سوڙها ٿي
پيا هيا، ته کيس الٽي اچڻ لڳي هئي. هن اهي لاهي،
ڍوري ۾ ٻن پٿرن هيٺان پوري ڇڏيا ۽ چيو هيو ته گم
ٿي ويا آهن. پائڻ مهل هن پيءُ کي چيو هو ته انهن ۾
ڌپ هئي، پر پڻس کيس چيو، اهي ته تازا ڌوتل آهن، ۽
اهي هيا به. جڏهن نڪ کيس سنگهڻ لاءِ چيو هو ته پڻس
مٿس مڇريو هو ۽ وري ورجايو هو ته اهي تازو ڌوپي
آيا آهن. جڏهن نـِـڪ مڇيءَ جي شڪار تان، انهن کان
سواءِ موٽي آيو ۽ ٻڌايو ته اهي وڃائجي ويا هيا، ته
کيس ڪوڙ ڳالهائڻ تي مار کائڻي پئي هـُـئي.
لڪڻ سان مار کائي هو ڪاٺ جي ورانڊي ۾ وڃي ويٺو،
جنهن جو دروازو کليل هو. سندس بندوق ڀريل هئي. هو
ٻاهر وڌاؤڙي ۾ پيءُ کي ڏسي رهيو هو جو اخبار پڙهي
رهيو هو. هن سوچيو ”مان کيس دوزخ اماڻي سگهان ٿو،
کيس ماري سگهان ٿو.“ آخر هن جو غصو گهٽجي ويو ۽
اهڙي سوچ به خراب لڳس، ڇو جو اها بندوق پڻس ئي کيس
وٺي ڏني هئي. پوءِ هو اوندهه ۾ گهمندو انڊينس جي
ڪئمپ تي ويو هو ته جيئن ان بدبوءِ مان جان ڇڏائي
سگهي. سندس ڪٽنب ۾ هڪ ئي اهڙو ڀاتي هيو، جنهن جي
بوءِ هن کي وڻندي هئي. ٻين سڀني ڀاتين کان
لنوائيندو يا پاسو ڪندو هو. هن جڏهن تماڪ واپرائڻ
شروع ڪيو ته سندس اها حس به ويندي رهي. اهو چڱو
ٿيو. سنگهڻ وارا حواس شڪاري ڪتي لاءِ ته سٺو هيو،
پر ماڻهو لاءِ ڪنهن ڪم جو نه آهي.
”بابا، ننڍي هوندي، ريڊ انڊينس سان شڪار ڪندي
توهان ڪيئن ڀائيندا هيا؟“
”خبر نه آهي.“ نڪ کان ڇرڪ نڪري ويو هو. هن کي خيال
ئي نه آيو هو ته ڇوڪرو جاڳي چڪو هو. پنهنجي ڀر
واري سيٽ تي ويٺل پٽ ڏانهن هن نهاريو. هن پاڻ کي
بلڪل اڪيلو پئي محسوس ڪيو، پر هي ڇوڪرو ساڻس گڏ
هو. هو ڪافي وقت حيران ۽ خاموش رهيو. ”اسان سڄو
ڏينهن ڪارا نوريئڙا ماريندا وتندا هياسين.“ هن
چيو. ”بابا روز مون کي صرف ٽي ڪارتوس ڏيندو هو، هو
چوندو هو ته ان سان شڪار ڪرڻ سکندس، ۽ ٻار لاءِ
اهو چڱو نه آهي ته وتي ٺڪاءَ ڪڍندو. مان هڪ ڇوڪري
بلي گلبيءَ ۽ سندس ڀيڻ سان، جنهن جو نالو ٽروڊي
هو، هليو ويندو هـُـئس. هڪ اونهاري ۾ ته اسان
روزانو هليا ويندا هياسين.“
”انڊينس جا اهڙا نالا ته عجيب ٿا لڳن.“
”ها، ائين آهي نه؟“ نڪ چيو.
”پر ٻڌايو ته اهي هيا ڪيئن؟“
”اهي اجبويز قبيلي جا هيا،“ نڪ چيو، ”اهي ڏاڍا سٺا
ماڻهو هيا.“
”پر انهن جي سنگت ڪيئن هـُـئي؟“
”ان جو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي.“ نـِـڪ چيو. ڇا تون چئي
سگهندين ته هن ساڻس پهريون دفعي ئي ايڏي بهتر
نموني اهو ڪجهه ڪيو هو جو اڄ تائين ڪنهن نه ڪيو
آهي. ڀريل بت، ڪڻڪائون رنگ، سنهي لڪ، موڪري ڇاتي،
ونگائون ٻانهون، کليل شفاف اکيون، مٺو ٻوليندڙ،
ادا ۽ نخري سان، پيار واري هن جي وٺ ۽ پوءِ سانت
ٿي وڃڻ. جيئن سنجها جي وڌندڙ اوندهه ۾ ڪو پکي
اوچتو ڦڙڪو ڏيئي اڏري گم ٿي ويندو آهي. اهو سڀ
ڪجهه ٻيلي ۾ ڏينهن جي وقت جو ملاقاتون هيون. ۽
هيملاڪ وڻ جون ٽاريون ۽ ڪنڊا پيٽ ۽ ڄنگهن ۾ لڳندا
هيا. ان ڪري جڏهن توهان ڪنهن اهڙيءَ جاءِ تي وڃو،
جتي انڊينس رهيا پيا هـُـجن، ته توهان کي انهن جي
ڪوچ جي بوءِ ايندي. اهي سڀ سور هٽائڻ جي گورين جون
خالي بوتلون، مکين جي ڀون ڀون، مٺي گاهه جي
خوشبوءِ، دونهين جي ڌپ ۽ نور جي تازي کل ۾ ڀريل
گاهه جو ماڊل، انهن سڀني مان نڪرندڙ بوءِ هنن جي
خوشبوءِ کي مٽائي نه سگهندي نه ئي انهن بابت ڪو
چرچو، ڀوڳ ۽ نه پوڙهين زالن بابت جي کين وٺي ويون.
نه ئي مٺي بوءِ جا هنن کي ايندي هئي. نه ئي اهو
ڪجهه جو هنن آخر ۾ ڪيو. اهو ائين به نه ٿيو جيئن
ٿيندو هو. اهي سڀ، ٻين وانگر پنهنجي انجام تي
پهتا، گهڻو وقت اڳ ته اهي ڳالهيون چڱيون هيون. پر
هينئر سٺيون نه ڀاسنديون هيون.
”ٻيءَ ڳالهه جڏهن توهان اڏامندڙ پکين مان هڪ پکي
شڪار ڪري، هيٺ ڪيرائيندا آهيو ته ڄڻ سارو ولر ئي
توهان شڪار ڪيو. جيتوڻيڪ اهي پکي سڀ ڌار ڌار آهن ۽
جدا جدا طرفن ۽ ڏسن ۾ اڏري ويندا آهن. پر انهن کي
شڪار ڪرڻ جو مزو ساڳيو ئي آهي، پويون به اهڙو ئي
مزيدار آهي، جهڙو پهريون. ان لاءِ هن کي پنهنجي
پيءُ جا ٿورا مڃڻ گهربا هيا.
”تون شايد انهن کي پسند نه ڪرين.“ نـِـڪ ڇوڪري کي
چيو، ”پر مان سمجهان ٿو ته تون ڪندين.“
”منهنجو ڏاڏو به هنن سان رهيو هو، جڏهن ننڍو هيو،
هائو نه؟“
”ها، جڏهن مان کانئس پڇيو ته اهي ڪيئن هيا، ته هن
چيو هو ته انهن مان گهڻا سندس دوست هيا.“
”مان ڪڏهن انهن سان رهي سگهندس؟“
”مون کي ڪهڙي خبر.“ نڪ چيو، ”اهو ته توتي ڇڏيل
آهي.“
”ڪيتريءَ عمر ۾ مون کي بندوق ملندي ۽ پنهنجي ليکي
شڪار ڪري سگهندس؟“
”ٻارنهن سالن جي عمر ۾، جڏهن توکي خبردار ڏٺم.“
”ڪاش! مان هينئر ٻارنهن سالن جو هجان ها.“
”تون جلد ئي ٿيندين.“
”منهنجو ڏاڏو ڪيئن هو؟ مون کي چڱيءَ طرح ياد نه
آهي، البت ايترو سو ياد اٿم ته جڏهن مان فرانس کان
آيو هوم ته ان ڀيري هن مون کي هڪ هوائي بندوق ۽ هڪ
آمريڪي جهنڊو ڏنو هـُـيو. هو ڪنهن وانگر هو؟“
”اهو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. هو مڇي مارڻ ۽ شڪار جو
وڏو ماهر هو ۽ کيس عجيب اکيون هيون.“
”هو توهان کان به عظيم هو؟“
”هو مون کان وڌيڪ بهتر نشاني باز هو، ۽ ان جو پيءُ
ته پکيءَ جو بهترين شڪاري هو.“
”مان نه ٿو سمجهان ته هـُـو ڪو توهان کان بهتر
شڪاري هوندو.“
”هائو، هو هيو. هو ڏاڍو تڪڙو ۽ سهڻو نشانو هڻندو
هو. مان هن جهڙو نشانو ٻئي ڪنهن جو نه ڏٺو آهي، هو
منهنجي نشاني کان هميشه نراس ۽ مايوس هوندو هو.“
”اسين ڪڏهن به ڏاڏي جي قبر تي دعا گهرڻ ڇونه هليا
آهيون؟“
”اسين ملڪ جي مختلف حـصي ۾ رهون ٿا، اهو هتان گهڻو
پري آهي.“
”فرانس ۾ ته ان ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏيندا هيا، ته
ويجهو آهي يا پري. اسان فرانس ۾ ويندا هياسين. مان
سمجهان ٿو ته مون کي ڏاڏي جي قبر تي دعا لاءِ وڃڻ
گهرجي.“
”ڪڏهن، هلنداسين.“
”مون کي اميد آ ته اسان ڪنهن اهڙي هنڌ تي
رهنداسون، جو توهان جي قبر تي دعا لاءِ حاضري به
نه ڀري سگهنداسؤن.“
”اسان اهڙو بندوبست ڪنداسين.“
”توهان کي ڪيئن ٿو لڳي، جو اسين سڀ ڪنهن سهوليت ۽
سيهي واري جڳهه تي دفنايا وڃون؟ اسان سڀ فرانس ۾
دفنائجي سگهون ٿا ۽ اهو بهتر به ٿيندو.“
”مان فرانس ۾ دفنائجڻ پسند نه ٿو ڪريان.“ نڪ چيو.
”ٺيڪ، ته پوءِ ڪا سيهي واري جڳهه آمريڪا ۾ هٿ ڪرڻي
پوندي. ڇا اسين سڀ پنهنجي واڙ واري زمين ۾ دفن ٿي
نه ٿا سگهون؟“
”اهو خيال سٺو آهي.“
”پوءِ مان فارم تي ويندي، ڏاڏي جي قبر تي ترسي دعا
گهري سگهندس.“
”تون ڏاڍو ڄاڻو ماڻهو ٿو لڳين.“
”ڇا ڪريان، اهو سوچي ته ڪڏهن ڏاڏي جي قبر تي حاضري
نه ڀري اٿم، ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.“
”اسان کي هلڻو ئي پوندو.“ نـِـڪ چيو. ”مان سمجهان
ٿو ته اسان کي هلڻو ئي پوندو.“ |