سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪليمنجارو جي برف

باب: --

صفحو :2

 

هڪ صاف، سٺي روشن جڳهه

دير گهڻي ٿي ويئي هئي ۽ هرڪو ڪيفي مان هليو ويو هو، سواءِ هڪ ٻڍي جي، جو پاڇي ۾ ويٺو وڻ جي پنن مٿان بجليءَ جي روشني ڪرڻ تي سوچي رهيو هو. ڏينهن جو گهٽيءَ ۾ ڌوڙ پئي اڏامندي هئي، پر رات جي وقت ماڪ، مٽيءَ کي آٺرائي ڇڏيندي هئي، جنهن ڪري ٻڍو دير تائين ويهڻ پسند ڪندو هو. ڇو جو  هو ٻوڙو هو، رات جو اتي ماٺ هوندي هئي ۽ هن کي گوڙ ۽ خاموشيءَ ۾ فرق محسوس ٿيندو هو. ڪيفي ۾ ڪم ڪندڙ ٻن خادمن کي سـُـڌ هئي ته پوڙهو نشي ۾ هو، جيئن ته هو انهن جو پراڻو ۽ سٺو گراهڪ هيو، سو ڄاتائون پئي جي گهڻو پي ويو ته کين ادائگي ڪرڻ کانسواءِ ئي هليو ويندو. ان ڪري هنن سندس پيئڻ تي نظر پئي رکي.

”گذريل هفتي هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.“ هڪ ويٽر چيو.

”ڇو؟“

”مايوسيءَ کان.“

”ڇا کان مايوس هو؟“

”ڪابه ڳالهه نه هئي.“

”ڪيئن ٿو چئين ته ڪابه ڳالهه نه هئي؟“

”دولت به هن وٽ جام آهي.“

هو ٻئي ان ٽيبل تي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺا هيا، جا ڪيفي جي دروازي ڀرسان ڀت سان رکي هئي. هو ٻئي ٻاهر ٿلهي ڏانهن ڏسي رهيا هيا، جتي ان ٽيبل کان سواءِ، جنهن تي ٻڍو ويٺو هو، باقي سڀ ٽيبلون خالي هيون، جنهن وڻ جي پنن جي ڇانوري ۾ هو ويٺو هو سو هوا تي چـُـري پـُـري رهيو هو. هڪ فوجي، هڪ ڇوڪريءَ کي گهٽيءَ مان ورتؤن پئي ويو. گهٽيءَ واري بلب جي روشني، فوجيءَ جي ڪلهي تي لڳل بڪل کي چمڪائي رهي هئي. ڇوڪريءَ کي مٿي تي ڪجهه به ويڙهيل ڪونه هو ۽ فوجيءَ سان گڏ تڪڙيون وکون کڻندي وڃي رهي هئي.

”پوليس هن کي پڪڙيندي.“ هڪ ويٽر چيو.

”ڪير ٿو پرواهه ڪري ان جي، جنهن چيز جي پٺيان هو آهي، جي اها هن کي دڳ ويندي ملي وڃي.“

”هن لاءِ چڱو آهي ته اها گهٽي ڇڏي وڃي. پوليس ضرور کيس جهليندي. اجهو هاڻي پنج منٽ ٿيا آهن جو هو ان گهٽيءَ سان ويا آهن.“

ڇانوري هيٺان ويٺل پوڙهي، ساسر تي گلاس هڻي ٺڪ ٺڪ ڪئي. ننڍو ويٽر وڌي وٽس آيو.

”ڇا کپيوَ؟“

پوڙهي ڏانهس ڏٺو، ”ٻي برانڊي.“ هن چيو.

”نشو ٿي ويندؤ! ويٽر چيس. پوڙهي ڏانهس گهور مان ڏٺو، ويٽر هليو ويو.

”هي سڄي رات ترسندو.“ هن پنهنجي ساٿيءَ کي چيو. ”مون کي ته هينئر ننڊ پئي اچي. ٽين وڳي کان اڳ ته ڪڏهن به سمهڻ نصيب نه ٿيو اٿم. چڱو ٿئي ها جو گذريل هفتي پاڻ کي ماري ڇڏي ها.“

ويٽر ڪيفي ۾ اندر وڃي هڪ ٻي ساسر ۽ برانڊيءَ جي بوتل کنئين ۽ ٻاهر پوڙهي جي ٽيبل ڏانهن آيو. هن ساسر ٽيبل تي رکي، گلاس برانڊيءَ سان ڀريو.

”گذريل هفتي توکي پاڻ ماري ڇڏڻ کپندو هو.“ هن ٻوڙي گراهڪ کي چيو. پوڙهي آڱر سان اشارو ڪندي چيس، ”ٿورو وڌيڪ.“ ويٽر گلاس ۾ وڌيڪ برانڊي اوتي، تان جو گلاس پـُـر ٿي ويو ۽ اها ٽيبل تي وهي هلي. ”مهرباني.“ پوڙهي چيس. ويٽر بوتل واپس ڪيفي ۾ کڻي ويو. هو وري وڃي پنهنجي ساٿيءَ سان ٽيبل تي ويٺو.

”هاڻي مدهوش آ.“

”اهو ته هر رات ٿيندو آهي.“

”هن پاڻ کي مارڻ ڇو پئي گهريو؟“

”مون کي ڪهڙي خبر؟“

”خودڪشي ڪيئن ٿي ڪيائين؟“

”پاڻ کي نوڙيءَ سان لٽڪايو هئائين.“

”پوءِ، ڪنهن لاهي، بچايس؟“

”سندس ڀائٽي.“

”ڇالاءِ بچايائونس؟“

”سندس روح کي عذاب کان بچائڻ خاطر.“

”دولت ڪيتري اٿس؟“

”کوڙ ساري اٿس.“

”اسي سالن جو ته ٿيندو؟“

”بلڪل، اسي سالن جو ضرور ٿيندو.“

”خدا ڪري گهر وڃي. ٽين وڳي کان اڳ ته ڪڏهن بسترو نصيب نه ٿيو اٿم. اهو به ڀلا ڪو سمهڻ جو وقت آ؟“

”هن کي هتي ويهڻ شايد ايڏو وڻي ٿو، جو ويٺو آهي.“

”هي ته ٿيو اڪيلو، مان ته اڪيلو نه آهيان. مون کي هڪ زال به آهي، جا منهنجو انتظار ڪندي هوندي.“

”ڪڏهن هن کي به زال  هئي.“

”هاڻي هن لاءِ زال ڪهڙي ڪم جي.“

”ڪيئن ٿو چئي سگهين. ٿي سگهي ٿو ته زال سان وڌيڪ سک مليس ها.“

”ڀائٽي سار سنڀال لهيس پئي. تو ئي ته ٻڌايو ته ان نوڙي ڪٽي بچايس.“

”هائو، خبر اٿم.“

”مان ته ايترو پوڙهو ٿيڻ نه چاهيندس. ٻڍو ٿيڻ سو به ايترو، ڏاڍو بـُـرو آهي.“

”هي پوڙهو هميشه ڏاڍو صاف سٿرو رهندو آهي. پيئڻ وقت به، نه هي هاريندو آهي، نه گند ڪندو آهي. هاڻي به توڙي پيتل آهي، ته به ڏسينس.“

”مان هن ڏانهن ڏسڻ به نه ٿو گـُـهران. مان ته چاهيان ٿو جيڪر هو گهر هليو وڃي. هن کي سارو ڏينهن ڪم ڪرڻ وارن جو به ڪجهه خيال رکڻ گهرجي.“

پوڙهي پنهنجي گلاس جي آرپار، چؤنڪ طرف نهاريو ۽ پوءِ ويٽرن ڏانهن

”ٻي برانڊي“ هن گلاس ڏانهن اشارو ڪندي چيو. جيڪو ويٽر تڪڙ ۾ هو، سو وڌي وٽس آيو.

”ختم.“ هن اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندي چيو، جنهن ۾ احمق ماڻهو، نشي ۾ مست ماڻهوءَ سان ڳالهائيندا آهن يا ڪنهن پرديسيءَ سان جو مقامي زبان نه ڄاڻندو هجي.

”اڄ رات وڌيڪ نه ملندو. بند ٿي ويو.“

”ٻي کڻي اچ.“ پوڙهي چيو.

”نه، ختم.“ ويٽر ٽوال سان ٽيبل کي اگهندي چيو ۽ پنهنجو ڪنڌ ناڪاريءَ انداز ۾ ڌوڻيو.

پوڙهو اٿي بيٺو. هوريان هوريان بـَـسيون ڳڻيائين، چمڙي جو پئسن وارو ٻٽون ڪڍي شراب جي ادائگي ڪيائين. ڪجهه پيسا بخشش ۾ ٽيبل تي ڇڏيائين.

ويٽر، هن کي، هيٺ گهٽيءَ ۾ ويندو، ڏسندو رهيو. ايڏو پوڙهو ماڻهو، ٽڙندڙ قدمن سان پر وڏي مان شان سان وڃي رهيو هو.

”وڌيڪ پيئڻ ڇو نه ڏنوسينس؟“ جنهن ويٽر کي تڪڙ هئي، تنهن چيو. هو دروازا ڏيئي رهيا هئا. ”اڃا ته اڍائي به نه ٿيا آهن.“

”مان گهر وڃي سمهڻ ٿو چاهيان.“

”ڪلاڪ اڌ ۾ ڇا ٿي پوي ها؟!“

”مون لاءِ ڪلاڪ، هن جي ڀيٽ ۾، گهڻو ڪجهه آهي.“

”ڪلاڪ ۾ ڪجهه نه ٿئي ها.“

”تون پاڻ به هڪ پوڙهي جيان ڳالهائي رهيو آهين. هو بوتل خريد ڪري گهر ۾ به پي سگهي ٿو.“

”گهر ۾ اها ساڳي ڳالهه نه آهي، جا هـِـتِ آهي.“

”ٺيڪ آ. ساڳي نه آهي.“ زال واري ويٽر اتفاق ڪيو، هن بي انصاف نه ٿيڻ پئي چاهيو. هن کي رڳو تڪڙ هئي.

”تون؟ توکي پنهنجي مقرر وقت کان اڳ گهر پهچڻ ۾ ڪو ڊپ يا خوف ڪونه ٿو ٿئي؟“

”تون منهنجي بي عزتي ڪرڻ ٿو چاهين؟“

”نه يار، چرچو ٿو ڪيان.“

”نه،“ جنهن ويٽر کي تڪڙ هئي، تنهن شٽر بند ڪندي چيو، ”مون کي ڀروسو آهي، مون کي پورو پورو ڀروسو آهي.“

”توکي جوڀن به آهي، ڀروسو به ۽ روزگار به.“ وڏيءَ عمر واري ويٽر چيو. ”تووٽ ته هر شيءِ آهي.“

”تو وٽ ڪهڙيءَ شيءِ جي گهٽتائي آهي؟“

”روزگار کان سواءِ هر شيءِ جي.“

”تو وٽ به ته هر اها شيءِ آهي، جا مون وٽ آهي.“

”نه، مون کي ڪڏهن به پاڻ تي اعتماد نه ٿيو آهي، ۽ مان هاڻ جوان به ڪونه رهيو آهيان.“

”ڇڏ هاڻي! بيوقوفيءَ جون ڳالهيون نه ڪر ۽ تالا هڻ.“

”مان انهن مان آهيان، جي رات جو دير تائين ڪيفي ۾ ترسڻ چاهيندا آهن.“ وڏيءَ عمر واري ويٽر چيو. ”انهن سڀني سان گڏجي سمهڻ نه چاهيندا آهن ۽ انهن سان به جن کي رات جو روشنيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي.“

”مان ته گهر وڃي، بستري ۾ سمهڻ چاهيان ٿو.“

”اسان ٻئي ڌار ڌار طبعيتن جا آهيون.“ وڏيءَ عمر واري ويٽر چيو، جو هاڻي ڪپڙا مٽائي، گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي چڪو هو. ”اهو رڳو جوانيءَ ۽ ويساهه جو سوال ڪونه آهي، حالانڪ اِهي ٻئي شيون سٺيون آهن، هر رات مان ڪيفي بند ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهيان، ته متان ڪو اهڙو هجي جنهن کي هـِـت اچڻ جي ضرورت پوي.“

”يار، ڪيترائي گتا ته سڄي رات کليا پيا هوندا آهن.“

”تون نه ٿو سمجهين. هيءَ هڪ صاف سٿري ۽ وڻندڙ ڪيفي آهي. هيءَ چڱي ريت روشن آهي. روشني ڏاڍي سٺي آهي، ۽ هاڻي ته، وڻن جا پاڇولا به پون ٿا.“

”شب خير.“ ننڍيءَ وهيءَ واري ويٽر چيو.

”شب خير.“ ٻي وراڻيو. بتيون وسائيندي هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ جاري رکيو. روشني ته ضروري آهي ئي پر ان سان گڏ جڳهه صاف ۽ دلڪش به هئڻ گهرجي. توکي موسيقي نه ٿي وڻي. يقين سان تون راڳ کي نه ٿو پسند ڪرين، نه ئي تون بار اڳيان مان شان سان بيهي ٿو سگهين. جيتوڻيڪ وقت جي تقاضا موجب اهو ڪجهه ئي ميسر ڪيو ويو آهي. هو ڇا کان ٿي ڊنو؟ اهو ڪو ڊپ يا ڀؤ ڪونه هو. اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي ۽ هن کي ان جي سـُـڌ هئي. اهو سڀ ڪجهه ڪي ڪين هو ۽ انسان به ’ڪين‘ ئي آهي. اها صرف روشني ئي هئي، جنهن جي انسان کي ضرورت هئي، ۽ ڪجهه صفائي ۽ نظم ضبط. ڪيترائي ان ۾ رهندا آهن پر هو محسوس نه ڪندا آهن، پر هن ڄاتو پئي ته اها روشني ۽ صفائي هئي، صفائي ۽ روشني، روشني ۽ صفائي. اسان جي روشني، ڪير آهن روشنيءَ ۾؟ تنهنجو نالو روشني ٿي سگهي ٿو، تنهنجي بادشاهي، روشني، تون روشن ٿيندين، تون روشنيءَ ۾ رهندين. اسان کي روشني ڏي، روز روشني، اسان کي روشنيءَ سان روشن ڪر، روشني ۽ صفائي. ٽاهه سان ڀريل ناهه کي جهنم ۾ وجهه، ان ۾ ڪجهه نه آهي. هو مرڪيو ۽ هڪ بار اڳيان اچي بيٺو جنهن تي اسٽيل جي چمڪندڙ ڪافي جي ٻاڦ واري مشين رکي هئي.

”توکي ڇا کپي؟“ ڪائونٽر تي بيٺل بار واري هن کان پڇيو.

”روشني.“

”هتي توکي اوندهه ٿي نظر اچي.“ بار واري چيو ۽ ٻي گراهڪ ڏانهن ڌيان ڏنو.

”ننڍڙو ڪوپ ڪافيءَ جو.“ ويٽر چيو.

بار واري هن لاءِ ڪٽليءَ مان ڪافي اوتي.

”روشني ته ڏاڍي چمڪندڙ ۽ وڻندڙ آهي، پر بار چمڪايل ۽ پالش ٿيل نه آهي.“ ويٽر چيو.

بارمئن هن ڏانهن ڏٺو، پر جواب نه ڏنو. رات جو گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ اهو ڪو سوال جواب جو وقت نه هو.

”ٻيو ڪوپ کپئي ڇا؟“ بار واري پڇيس.

”نه، مهرباني.“ ويٽر چيس ۽ ٻاهر نڪري ويو. هن کي بار ۽ گتا نه وڻندا هيا. هڪ صاف ۽ روشن ڪيفي جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. هينئر وڌيڪ ڪجهه سوچڻ کان سواءِ هو گهر ويندو ۽ پنهنجو ڪمرو وسائيندو. هي هنڌ تي سمهندو ۽ آخرڪار، ڏينهن جي روشنيءَ سان ننڊ اچي ويندس. بهرحال، هن پاڻ کي چيو، اها شايد رڳو بي خوابيءَ يا اوجاڳي جي بيماري آهي، جا ڪيترن کي ئي هوندي.

 

 

هڪ ڏينهن جو انتظار

اسان اڃا بسترن ۾ ئي هياسين، جو هو دريون بند ڪرڻ لاءِ، ڪمري ۾ آيو. مون ڏٺو ته هو بيمار پي لڳو. سندس جسم ڏڪي رهيو هو، ۽ چهرو پني جيان اڇو ٿي ويو هو، هوريان هوريان ايئن پي هليو، ڄڻ کيس هلڻ سان سور پئي ٿيو.

”ڇا ڳالهه آهي، شاٽز؟“

”مٿي ۾ سور اٿم.“

”چڱو! واپس وڃي سمهه.“

”نه، مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“

”تون وڃي هنڌ تي آرامي ٿيءُ، مان ڪپڙا مٽائي، هيٺ اچي توکي ڏسان ٿو.“

پر جڏهن مان هيٺ لهي آيس، ته هو ڪپڙا پايون، باهه جي ڀرسان ويٺو هو. هو ڏاڍو بيمار ۽ ڏکويل پي لڳو. هن جي عمر مشڪل سان نـَـوَ سال هئي. جڏهن مون نرڙ تي هٿ رکيومانس ته خبر پيم ته کيس بخار هو.

”تون هل هنڌ ۾ سمهه.“ کيس چيم، ”تون بيمار آهين.“

”مان ٺيڪ آهيان؟“ هن ورندي ڏني.

جڏهن ڊاڪٽر آيو ته هن جو بخار ڏٺائين.

”گهڻو اٿس؟“

”هڪ سؤ ٻه ڊگري.“

هيٺ ڊاڪٽر ٽي مختلف دوائون، ڌار ڌار رنگن جي ڪئپسولن ۾ ڇڏي ويو، گڏوگڏ ان جي استعمال لاءِ هدايتون پڻ. هڪ بخار گهٽائڻ لاءِ، ٻيو پيٽ خلاصي ڪرڻ لاءِ، ۽ ٽيون تيزابيت کي ختم ڪرڻ لاءِ هيو. زڪام جا جيوڙا، رڳو تيزابيت جي حالت ۾ ئي وجود برقرار رکي سگهن ٿا، هن وضاحت ڪئي. لڳي پيو ته هن کي زڪام بابت چڱي ڄاڻ هئي ۽ چيائين ته جي بخار هڪ سؤ چار کان نه وڌيو، ته خطري يا پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. هي هلڪو ۽ وچڙندڙ فلوءَ جو مرض آهي ۽ جي توهان پاڻ کي نمونيا کان بچايو ته ڪابه خطري جي ڳالهه ڪانهي.

ڪمري ۾ اچي مون ڇوڪري جي بخار جو درجو نوٽ ڪيو ۽ مختلف دوائن ڏيڻ جا وقت به نوٽ ڪيم.

”چئين ته ڪجهه پڙهي ٻڌايانءِ؟“

”ٺيڪ آ. جي توهان جي مرضي هجي ته.“ ڇوڪري چيو. هن جو منهن وڌيڪ اڇو ٿي ويو هو ۽ اکين هيٺان ڪارا داغ ظاهر ٿي پيا هيس. هو بستري تي ماٺ ڪيو ستو پيو هو، ۽ جو ڪجهه ٿي رهيو هو، تنهن کان بي پرواهه ۽ لاتعلق پئي لڳو.

مون هاؤورڊ پائل جي ڪتاب ”قزاق“ (دريائي ڌاڙيل) مان، هن لاءِ پڙهڻ شروع ڪيو، پر مون ڏٺو پئي ته مان جيڪي ڪجهه پڙهي رهيو هوس ان طرف هن جو ڪوبه ڌيان ڪونه هو.

”شاٽز، ڪيئن پيو محسوس ڪرين؟“ مون کانئس پڇيو.

”اڃا ته ساڳيو ئي حال آهي.“ هن چيو.

مان پلنگ جي پيرانڌيءَ کان ٿي ويٺس ۽ پنهنجي ليکي ويهي پڙهڻ ۽ ٻئي ڪئپسول ڏيڻ جي وقت جو انتظار ڪرڻ لڳم. سڀاويڪ طور هن کي ننڊ اچي وڃڻ گهربي هئي، پر جڏهن مون ڪتاب مان منهن ڪڍي ڏانهس ڏٺو ته هو پلنگ جي پيرانڌيءَ ڏانهن عجيب انداز ۾ ڏسي رهيو هو.

”سمهڻ جي ڪوشش ڇونه ٿو ڪرين؟ دوا جو وقت ٿيو ته اٿاريندومانءِ؟“

”مان جاڳڻ چاهيان ٿو.“

ٿوري دير کان پوءِ هن مون کي چيو، ”بابا! جي توهان کي تڪليف ٿيندي هجي ته توهان جو هتي مون وٽ ويهڻ ۽ ترسڻ هرو ڀرو ضروري نه آهي.“

”مون کي ڪا تڪليف ڪانه آهي.“

”نه، منهنجو مقصد آهي ته جي ٿورو به بار محسوس ڪيو ته منهنجي لاءِ ويهي نه رهو.“

مون سمجهيو بخار سبب شايد دماغ ٿورو خالي خالي ٿي ويو اٿس، يارنهن وڳي کيس ڪئپسول کارائي، مان جهٽ لاءِ ٻاهر نڪري ويس.

ٻاهر روشن ۽ ٿڌو ڏينهن هو. زمين برف سان ڍڪي پئي هئي، جا ايتري ڄميل هئي جو لڳو پئي ته سڀ ٺوڙها وڻ، پهاڙيون، ڪٽيل گاهه، گـَـس ۽ خالي ميدان برفاني رنگ سان چمڪايا ويا هيا. مان ننڍڙو آئرش نسل جو ڪتو ڪاهي سير تي نڪتس، ٿوري پنڌ ڪرڻ لاءِ رستي کان اڳي ڄمي ويل کاريءَ تائين، پر شيشي جهڙي شفاف ۽ ترڪڻي روڊ تي گهمڻ يا بيهڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڳاڙهو ناسي ڪتو ترڪيو پئي ويو ۽ مان خود ٻه ڀيرا ترڪي ڪري پيس. برف ڏاڍي سخت ڄميل هئي. هڪ ڀيرو ته بندوق هٿ مان ڇڏائجي ترڪندي پري هلي وئي.

هڪ هنڌ مٽيءَ جي ڇپ تي، ٻوٽن جي هيٺان اسان جي ٻٽيرن جي ولر تي نظر پئي. هو اڏري ڇپ ڏانهن وڌيا ته مان ٻه شڪار ڪري ورتا. انهن مان ڪي وڃي وڻن تي سيڪ وٺڻ لاءِ ويٺا ۽ باقي گهڻا وڃي ٻوٽن جي جهڳٽن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا. انهن کي اتان ڪڍڻ لاءِ ٻوٽن جي جهڳٽن ۾ ڄميل برف تي ٽپڻ ۽ کين ٽاهي اڏارڻ ضروري هو. ترڪڻي برفاني فرش تي بيهي، ٻوٽن مان نڪري اڏامندڙ پکين کي مارڻ ڏکيو ڪم هو. ان ڪري مان ٻه ماري سگهيس ۽ پنج گسي ويا. مان خوش خوش گهر موٽيس. گهر جي ڀرسان ئي ٻٽيرن جو ولر ملي ويو هوم. سڀاڻي جي شڪار جي به اميد هيم ڇو جو ڪيترا ڀڄي ويا هيا.

گهر ٻڌايائون ته ڇوڪري ڪنهن کي به ڪمري ۾ اچڻ نه پئي ڏنو.

”توهان اندر نه ٿا اچي سگهو.“ هن چيو. ”متان منهنجو مرض توهان کي به لڳي وڃي. مان مٿي هن وٽ ويس ۽ کيس بلڪل ساڳيءَ ئي حالت ۾ ڏٺم، جنهن ۾ ڇڏي ويو هوم. منهن اڇو، پر سندس ڳل بخار جي ڪري ڳاڙها ٿي ويا هئا. چپ چاپ اڳي جيان، گهوري رهيو هو، هنڌ جي پيرانديءَ.

مون ٿرماميٽر سان سندس بخار ڏٺو.

”گهڻو آ؟“

”مڙيو ئي هڪ سؤ کن.“ مون چيو، پر اهو هڪ سؤ ٻه کان به چار پوائنٽ مٿي هو.

”هڪ سؤ ٻه جو هيو.“ هن چيو.

”ڪنهن چيئي؟“

”ڊاڪٽر“

”تنهنجو تپ هاڻي ٺيڪ آهي.“ مون چيو. ”ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي.“

”مان ڳڻتي ڪونه ٿو ڪريان.“ هن چيو، ”پر سوچڻ کان به نه ٿو رهي سگهان.“

”سوچ نه“. مون چيو، ”رواجي ڳالهه ڪري سمجهه.“

”مان ته معمولي ئي سمجهان ٿو.“ هن چيو ۽ سڌو سنئون سامهون ڏسڻ لڳو. هو پنهنجي اندر ئي اندر ڪنهن ڳالهه تي ضابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پئي نظر آيو.

”پاڻيءَ سان هي ڪئسپول کائي وڃ.“

”سمجهو ٿا ته ان سان فائدو ٿيندو؟“

”بلڪل، فائدو ٿيندو.“

مان ويهي رهيس، دريائي ڌاڙيلن جو ڪتاب کوليم ۽ پڙهڻ شروع ڪيم. پر مون ڏٺو پئي ته هن جو ان طرف ڌيان نه هو. ان ڪري مون پڙهڻ بند ڪيو.

”توهان جي خيال ۾ مان ڪهڙي وقت مرندس؟“ هن مون کان پڇيو.

”ڇا ٿو چئين؟“

”منهنجي مرڻ ۾ اڃا گهڻي دير آهي؟“

”تون ڪونه مرندين. توکي ٿيو ڇا آهي؟“

”نه، مان مران پيو. مون پاڻ ٻڌو ته هن هڪ سؤ ٻه پئي چيو.“

”هڪ سؤ ٻه درجا بخار ۾ ماڻهو نه مرندا آهن. اهي بيوقوفيءَ جون ڳالهيون آهن.“

”مون کي خبر آهي ته اهي مرندا آهن. فرانس ۾ اسڪول ۾ ڇوڪرن مون کي ٻڌايو هو ته چوئيتاليهه ڊگري بخار سان تون بچي نه سگهندين. مون کي ته هڪ سؤ هڪ ۽ ٻه آهي.“ هو سڄو ڏينهن موت جو انتظار ڪندو رهيو، اصل صبح جو نوين بجي کان وٺي.

”اڙي چريا شاٽز.“ مون چيو، ”چريا چرٻٽ شاٽز، اهو ته ميلن ۽ ڪلوميٽرن جيان آهي. تون ڪونه مرندين. اهو مختلف ٿرماميٽر آهي. ان ٿرماميٽر تي ستٽيهه عام رواجي ۽ معمولي درجو آهي ۽ هن اسان واري تي اٺانوي عام رواجي ۽ معمولي درجو آهي.“

”توهان کي پڪ آهي؟“

”بلڪل“ مون چيو، ”اهو ميلن ۽ ڪلوميٽرن جيان آهي. توکي خبر آهي ته جڏهن اسين ڪار ۾ ستر ميل سفر ڪندا آهيون، ته اهو گهڻا ڪلوميٽر ٿيندو آهي؟“

”هان!“ هن چيو.

پيرانڌيءَ تي کپيل سندس نظر هوريان هوريان ڍري ۽ نرم ٿيندي وئي. هو پاڻ به آخر آرام ۽ راحت محسوس ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هن ۾ ڪابه ڇڪتاڻ ۽ مونجهه ڪانه هئي، ۽ غير اهم ڳالهين تي به آرام سان ڳالهايائين پئي.

 

جواري، راهب ۽ ريڊيو

هو کين اڌ رات ڌاري کڻي آيا، ۽ پوءِ، سڄي رات، دالان ۾ هرڪو روسي زبان جا فقرا ٻڌندو رهيو.

”ڪٿي گولي لڳي اٿس؟“ مسٽر فريزر رات واري نرس کان پڇيو.

”سٿر ۾، منهنجي خيال موجب.“

”ٻئي کي ڇا ٿيو آهي؟“

”اهو ويچارو! ڊپ ٿو ٿئي ته مري نه وڃي.“

”گولي ڪٿي لڳي اٿس؟“

”ٻه گوليون لڳيون اٿس، پيٽ ۾. اڃا ته رڳو هڪ گولي نڪتي اٿس.“

هو ٻئي، بيٽن جا واپاري هيا، هڪ ميڪسيڪو جو ۽ ٻيو روسي هو. ٻئي هڪ رات هوٽل ۾ ڪافي پي رهيا هيا، جڏهن هڪ شخص دروازي وٽ آيو ۽ ميڪسيڪو جي رهواسيءَ تي گوليون هلائڻ شروع ڪيون. روسي ٽيبل هيٺان ڪرونڊڙو ٿي وڃي لڪو، پر هڪ گولي کيس به لڳي وئي. اها گولي ميڪسيڪو جي رهندڙ کان گسي وڃي کيس لڳي، ڇو جو ميڪسيڪين ئي پيٽ ۾ ٻن گولين لڳڻ سبب پٽ تي ڪري پيو هو. اخبار ۾ ايترو ڪجهه ئي ڇپيو هو.

ميڪسيڪوئيءَ پوليس کي ٻڌايو ته کيس ڪا خبر ڪانهي ۽ نه چئي پئي سگهيو، ته ڪنهن کيس گوليون هنيون. هن ته ان کي رڳو هڪ حادثو پئي سمجهيو.

”ان کي حادثو چئبو جو هن توتي مسلسل اٺ گوليون هلايون، جن مان ٻه توکي لڳيون؟“

”هائو سائين.“ ميڪسيڪوئيءَ چيو، جنهن جو نالو ڪيتانو روز هو. ”اهو حادثو ئي هو، جو هن مون کي گوليون هنيون، اهو محظ اتفاق هو.“ هن ترجمان کي چيو.

”ڇا چيائين؟“ جاسوس سارجنٽ پڇيو ۽ بستري جي ٻي پاسي ويٺل ترجمان کي ڏسڻ لڳو.

”چوي ٿو ته محظ اتفاق يا حادثو هو.“

”هن کي چئو ته سچ ڳالهائي ۽ ٻڌائينس ته هو مري رهيو آهي.“ جاسوس چيو.

”نه“ ڪيتاني چيو، ”پر جيئن ته مان ڏاڍو بيمار آهيان ۽ منهنجي لاءِ گهڻو ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي.“

”هي چوي ٿو ته اُهو سڀ سچ چئي رهيو آهي.“ ترجمان چيو. پوءِ جاسوس کي پراعتماد لهجي ۾ چيو، ”هن کي خبر نه آهي ته ڪنهن گولي هلائي، هن جي ان وقت پٺي هئي؟“

”ها،“ جاسوس چيو، ”مان سمجهان ٿو. پر اهو ته ٻڌاءِ گوليون سڀ اڳيان ڪيئن لڳيون؟“

”ٿي سگهي ٿو، ته هي ڦري گهري رهيو هجي.“ ترجمان چيو.

”ٻڌ،“ جاسوس چيو. هن پنهنجي آڱر وڌائي، ڪيتانو جي نڪ ڏانهن اشارو ڪيو، جو هيڊيءَ ميڻ جيان سندس منهن تي ڪجهه وڌيڪ ٻاهر نڪري آيو هو. مرندڙ ماڻهوءَ جي چهري تي ٻه اکيون، عقاب جي اکين جيان، چمڪي رهيون هيون. ”مون کي اها پرواهه نه آهي ته توکي ڪنهن گولي هئين، پر مون کي اها ڳالهه صاف ڪري سلجهائڻي آهي. تون نه ٿو چاهين ڇا ته جنهن ماڻهوءَ توکي گولي هنئين، تنهن کي سزا ملڻ گهرجي؟ هن کي ٻڌاءِ.“ هن ترجمان کي چيو.

”هي چوي ٿو، ٻڌاءِ توکي گولي ڪنهن هنئين؟“

”مندارلو اَل ڪاراجو.“ ڪيتاني چيو، جو ڏاڍو ٿڪل هو.

”هي چوي ٿو ته هن ماڻهوءَ کي مورڳو ڏٺو ئي ڪين هو .“ ترجمان چيو، ”مون توکي اڳ ئي ٻڌايو آهي ته هنن کيس پٺيان گوليون هنيون آهن.“

”پڇينس ته روسيءَ کي ڪنهن گولي هنئي؟“

”ويچارو روسي،“ ڪيتاني چيو، ”هو فرش تي ليٽيو پيو هو ۽ منهن مٿو ٻانهن ۾ لڪل هوس. جڏهن هنن کيس گولي هنئي ته هن رڙيون شروع ڪيون ۽ تڏهن کان پيو ٿو روئي ويچارو روسي!“

”هي چوي ٿو ته ڪنهن اهڙي شخص هنيس، جنهن کي هن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو، ٿي سگهي ٿو ته ساڳيو ئي ماڻهو هجي جنهن هن کي گوليون هنيون.“

ٻڌ! جاسوس چيو، “هي شڪاگو نه آهي، نه ئي تون ڪو غنڊو آهين. توکي ناٽڪي انداز وارو ورتاءُ نه ڪرڻ گهرجي. اهو سٺو ٿيندو جو ٻڌائين ته توکي گولي ڪنهن هنئي. هتي هرڪو ٻڌائيندو آهي ته هن کي ڪنهن گولي هنئين. ٺيڪ آهي، تون نه ٻڌاءِ. سمجهه ته تون نه ٿو ٻڌائين ته اهو ڪير آهي، ۽ ڪنهن ٻئي کي گولي ٿو هڻي، فرض ڪر ته ڪنهن عورت کي، ڪنهن ٻار کي. تون چاهيندين ته هو ائين ڪندو وتي؟ تون هن کي اهو ٻڌاءِ.“ هن مسٽر فريزر کي چيو، ”مون کي هن بدمعاش مترجم تي اعتبار نه آهي.“

”مان بلڪل ڀروسي جوڳو آهيان.” ترجمان چيو. ڪيتاني فريزر ڏانهن ڏٺو.

”ٻڌ، مسٽر،“ مسٽر فريزر چيو، ”پوليس وارو چوي ٿو ته اسين شڪاگو ۾ نه آهيون، پر هيلي، مونٽانا ۾ آهيون. تون ڪو غنڊو نه آهين ۽ نه وري هي ڪو ڊرامو آهي.“

”مان اهو مڃان ٿو ته هيءَ سئنيما نه آهي.“ ڪيتاني چيو.

”هت اسان وٽ، پنهنجي قاتل جو نالو ٻڌائڻ، ڪا گهٽتائي واري ڳالهه نه آهي. هتي هر ڪو ائين ڪندو آهي. هي چوي ٿو ته جي توکي گولي هڻڻ کان پوءِ، اهو ماڻهو ڪنهن عورت يا ٻار کي گولي هڻي ته ڇا ٿيندو؟“

”مان پرڻيل نه آهيان.“ ڪيتاني چيو.

”هي چوي ٿو، ته ڪوبه ٻار، ڪابه عورت.“

”اهو ماڻهو ڪو خبطي يا چريو نه آهي.“ ڪيتاني چيو.

”هي چوي ٿو ته تون ان جو نالو ٻڌاءِ.“ فريزر ڳالهه ختم ڪندي چيو.

”مهرباني.“ ڪيتاني چيو. ”تون عظيم ترجمان آهين، مان انگريزي ڳالهائيندو آهيان، پر ڀڳل ٽٽل، مان اهو سڀ ڪجهه سمجهان ٿو. تنهنجي ڄنگهه ڪيئن ڀڳي؟“

”گهوڙي تان ڪري پيو هوس.“

”هاءِ قسمت، ڏاڍو خراب ٿيو، سور ڏاڍو ٿو ٿئي ڇا؟“

”هاڻي ته نه، شروع ۾ ٿيندو هو.“

”ٻڌ، مسٽر“ ڪيتاني چيو. ”مان، هڪ ته ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان، ٻيو سور به ڏاڍو اٿم، برداشت کان گهڻو. اهو به ممڪن آهي ته مان مري وڃان. مهرباني ڪري هن پوليس واري کي هتان ٻاهر ڪڍ، ڇو جو مان ڏاڍو ٿڪل آهيان.“ هو ائين چريو ڄڻ پاسو ورائڻ چاهيندو هجي، پر وري ماٺ ٿي ويو.

”مون هن کي بلڪل اهو ڪجهه ٻڌايو، جو تو چيو، ۽ هن چيو ته توکي ٻڌايان ته سچ پچ هن کي خبر نه آهي ته ڪنهن هن کي گولي هنئين، هي ته ڏاڍو ڪمزور آهي ۽ چاهي ٿو ته ڪنهن ٻي وقت اچي کائنس پڇا ڳاڇا ڪر.“ مسٽر فريزر چيو.

”تيستائين شايد هي مري به وڃي.“

”اهو به ممڪن آهي.“

”ان ڪري ئي مان کائنس هاڻي ئي پڇا ڳاڇا ڪرڻ ٿو چاهيان.“

”هن کي ڪنهن پٺيان گوليون هنيون آهن، مون ته توکي ٻڌايو.“ ترجمان چيو.

”اڙي ڪو خـُـدا جو خوف ڪر،“ جاسوس سارجنٽ چيو، ۽ پنهنجو نوٽ بڪ گيدي ۾ وڌائين.

ٻاهر دالان ۾ جاسوس سارجنٽ، ترجمان سان گڏ، فريزر جي ڦيٿن واري ڪرسيءَ وٽ بيٺو هو.

”منهنجي خيال ۾ تون پڻ ائين ٿو سمجهين ته هن کي، ڪنهن پٺيان گوليون هنيون آهن؟“

”هائو.“ فريزر چيو، ”ڪنهن هن کي پٺيان گولي هنئي  آ. تون ڪيئن ٿو سمجهين؟“

”دل ۾ نه ڪج.“ سارجنٽ چيو، ”ڪاش، مان اسپيني زبان ڄاڻان ها.“

”سکين ڇونه ٿو؟“

”توکي مٺيان نه لڳڻ گهرجي. مون کي صاف ۽ سڌي سوال ڪرڻ ۾ ڪو مزو نه ايندو آهي. جي اهڙي پڇا ڳاڇا ڪريان ها ته صورت ٻي هجي ها.“

”توکي اسپيني ڳالهائڻ جي ضرورت ڪونه آهي.“ ترجمان چيو. ”مان ڏاڍو ويساهه جوڳو مترجم آهيان.“

”مسيح جو واسطو اٿئي، بس ڪر!“ سارجنٽ چيو. ”چڱو مان وڃان ٿو، مان وري ايندس ۽ توسان ملندس.“

”مهرباني، مان سدائين هتي هوندو آهيان.“

”مان سمجهان ٿو، تون هاڻي ٺيڪ آهين. اها مڙيو ئي بدقسمتي هئي، نڀاڳ.“

”هڏي جي ڳنڍجڻ کان پوءِ، مان بهتر ٿيندو پيو وڃان.“

”پر اڃا به گهڻو وقت گهرجي، تمام گهڻو عرصو.“

”ڪنهن کي به پٺيان گولي هڻڻ جو وجهه نه ڏيندو ڪر.“

”تون ٺيڪ ٿو چئين.“ هن چيو، ”ٺيڪ آ. مون کي خوشي آهي ته تو دل ۾ نه ڪيو آهي.“

”چڱو موڪلاڻي.“ مسٽر فريزر چيو.

مسٽر فريزر وري ڪيتاني کي ڪافي وقت نه ڏٺو، پر هر صبح جو نرس سيسيلا هن جي خبر کڻي ايندي هئي ۽ چوندي هئي ته هن ڪڏهن به ڪا دانهن ڪوڪ ڪانه ٿي ڪئي ۽ هاڻي ته خراب حالت هيس. هينئر سندس پيٽ سڄي ويو آهي ۽ چون ٿا ته هو بچي نه سگهندو. ويچارو ڪيتانو، نرس چيو. هن جا هٿ ڪيڏا نه خوبصورت آهن ۽ منهن ڪيڏو نه پيارو. هن ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي آهي. هينئر ته هن مان ڏاڍي خراب ڌپ ٿي اچي. هو هڪ آڱر سان پنهنجي نڪ ڏانهن اشارو ڪري مرڪندو آهي ۽ پنهنجو ڪنڌ لوڏيندو آهي. هوءَ چوي پئي. هن کي بدبوءِ جو احساس هوندو آهي ۽ هن کي ان ڳالهه ڏاڍو منجهائي وڌو آهي ۽ هو لڄي به ڏاڍو ٿو ٿئي. نرس سيسيلا چيو پئي، الا! ڪهڙو نه سٺو مريض آهي. هو هميشه کلندو آهي. هو فادر وٽ باسڻ (Confession) لاءِ نه ويندو، پر عبادت ڪرڻ جو انجام ڪيو اٿائين. جڏهن کان آيوآهي، ڪوبه ميڪسيڪين کيس ڏسڻ به نه آيو آهي. هفتي جي پڇاڙيءَ ڌاري روسي به هليو ويندو. مان ڪڏهن به روسيءَ لاءِ ڪا همدردي محسوس ڪري نه سگهندي آهيان، سسٽر سيسيلا چيو، ويچارو، ان کي به تڪليف ته رسي آهي. سڻڀي ۽ گندي گولي هيس ۽ زخم به پڪريز ڪيو هيس، پر هو ڏاڍيون دانهون ڪندو هو. مان هميشه ڪروڌي مريضن کي پسند ڪندي آهيان. هو ڪيتانو ڏس، ڏاڍو خراب ماڻهو آهي. اف! اهو سچ پچ به خراب هوندو. بلڪل خراب ماڻهو. هن کي ڏاڍي نزاڪت ۽ نفاست سان ٺاهيو ويو آهي. هن ڪوبه ڪم ڪڏهن پنهنجن هٿن سان نه ڪيو آهي. هو بيٽن جو واپاري آهي. هن جا هٿ ڏاڍا نرم آهن ۽ ذري به کهرائپ انهن ۾ ڪونه آهي. مان سمجهان ٿي ته هو ڏاڍو گنهگار انسان آهي. مان هيٺ ٿي وڃان ۽ هن لاءِ وڃي دعا ٿي گهريان. ويچارو ڪيتانو. ڏاڍي ڏکي مهل آئي اٿس، پر ڪابه دانهن يا شڪايت ڪونه اٿس. هن کي ڇا لاءِ گولي هنئين اٿائون؟! ويچارو غريب ڪيتانو! مان هينئر جو هينئر وڃي هن لاءِ دعا ٿي گهران.

هوءَ ان مهل ئي هيٺ لهي وئي ۽ وڃي هن لاءِ دعا گهريائين.

ان اسپتال ۾ ايستائين ريڊيو چڱي طرح ڪم نه ڪندو  هو، جيستائين سنجها نه ٿئي.

چوندا هيا ته اتي زمين ۾ ڪچو لوهه گهڻو هو، يا جبلن ۾ ڪجهه هو، بهرحال اتي ريڊيو ڪم نه ڪندو هو. جيستائين ٻاهر اوندهه نه ٿيندي هئي. پر رات ساري اهو چڱيءَ ريت واڄٽ ڪندو هو. جي هڪ اسٽيشن بند ٿيندي هئي ته توهان سـُـئي ٻئي طرف گهمائي، ٻي هٿ ڪري پئي سگهيا. آخري اسٽيشن جا توهان ٻڌي پئي سگهيا، سا سيٽل واشنگٽن هئي. ٽائيم جي فرق ڪري جڏهن واشنگٽن ۾ چئين بجي صبح وقت اسٽيشن هلندي هئي، ان وقت اسپتال ۾ صبح جا پنج ٿيندا هيا. ڇهين بجي صبح جو توهان ميناپولس ٻـُـڌي پئي سگهيا. اهو سڀ ڪجهه وقت جي فرق ڪري هو. مسٽر فريزر اهو سوچڻ ۾ لطف وٺندو هو ته صبح جو ايڏو سوير، سازندا ڪيئن ريڊيو اسٽيشن تي پڄندا هوندا. هن جي تصور ۾ تصوير ٺهي ويندي هئي ڪيئن اهي صبح ويل ڪار مان گهٽيءَ ۾ لهندا هوندا ۽ ڪلهن يا ٻانهن تي ساز هوندن، يا ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجا ساز اسٽوڊيو ۾ ئي رکي ڇڏيندا هجن، پر هن جي تصور واري چتر ۾ هنن کي سدائين ساز ساڻ هوندا هيا. هو ڪڏهن به ميناپولس ڪونه ويو هو، ۽ پڪ هيس ته شايد ڪڏهن اوڏانهن وڃي به نه سگهي. پر هن ڄاتو پئي ته اُهو صبح ويل ڪيئن لڳندو هو.

اسپتال جي دريءَ مان توهان برف مان ڦٽي ڦاٽي نڪرندڙ گاهه ۽ ٻوٽا ڏسي ٿي سگهيا ۽ ويران مٽيءَ جي ڇپ به. هڪ ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر مسٽر فريزر کي ٻه چڪور ڏيکارڻ پئي چاهيا جي دريءَ مان ٻاهر برف تي نظر پئي آيا. ان لاءِ هنڌ کي دريءَ طرف گهليندي، پڙهڻ واري بتي، لوهي ٽيبل تان ڪري پئي ۽ مسٽر فريزر کي مٿي ۾ لڳي. هاڻي ته اهو واقعو مزيدار نه لڳندو هو، پر ان مهل اهو ڏاڍو مزيدار واقعو هو. هرڪو دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هو ۽ ڊاڪٽر جو ماهر ڊاڪٽر هو، تنهن چڪورن ڏانهن اشارو به پئي ڪيو ۽ دريءَ پاسي پلنگ کي به پئي گهليو. پوءِ بلڪل ائين جيئن مزاحيه ڊرامن ۾ ٿيندو آهي، مسٽر فريزر ڪري پيو، ڇو جو ميڻ بتيءَ وارو شيهي سان ڀريل ڳورو حصو اچي، سندس مٿي ۾ لڳو هو. اهو ان ڪري مزيدار هو جو ماڻهو اسپتال ۾ ٺيڪ ٿيڻ ۽ زخم ڇٽائڻ لاءِ ايندا آهن، پر هتي ان جي برعڪس هن زخم کاڌو هو. هر ڪنهن کي ان تي کل آئي هئي. ڄڻ مسٽر فريزر ۽ ڊاڪٽر سان ڪو چرچو ٿيو هو. اسپتال ۾ هر ڳالهه سولي ۽ سادي ٿيندي آهي ويندي مسخريءَ تائين.

جي هنڌ کي ڦيرايو وڃي ته ٻيءَ دريءَ مان، توهان شهر ڏسي پئي سگهيا، ان جي مٿان ڇانيل هلڪو دونهون، ۽ اصلي پهاڙ جو ڏيک ڏيندڙ برف سان ڍڪيل ڊاسن جبل به. ڦيٿن واري ڪرسيءَ کان اڳ، هن لاءِ اهي ئي ٻه نظارا هوندا هيا. واقعي جي اوهين اسپتال ۾ آهيو ته بستري تي هجڻ ئي بهتر آهي، ٻه نظارا هر هڪ جي ڏسڻ لاءِ ڌار ڌار وقت، اهڙي ڪمري مان جنهن جو گرميءَ جو درجو توهان پنهنجي وس ۾ رکي پئي سگهيا. اهو سڀ ڪجهه ان کان بهتر هو جو ڪنهن گرم ۽ خالي ڪمري مان، جو ڪنهن ٻئي جو منتظر هجي يا هينئر خالي ڪيو ويو هجي يا جنهن ۾ توهان ڦيٿن واري ڪرسيءَ کان ڪو ڪارج وٺي نه سگهو يا جتان ڪجهه منٽ وڌيڪ نظارا ڏسي سگهو. جي توهان ڪمري ۾ ڪافي ڊگهو عرصو رهو ٿا ته اهو نظارو کڻي ڪهڙو به هجي، وڏي قدر و قيمت حاصل ڪري ٿو وٺي ۽ ڏاڍو اهم ٿي ٿو پوي، توهان ان کي ڪڏهن به تبديل ڪرڻ نه چاهيندا. ايتري قدر جو ٻيءَ ڪنڊ يا زاويي کان ڏسڻ به نه چاهيندا. جهڙيءَ ريت ريڊيو جنهن تان ڪيترا اهڙا مستقل پروگرام نشر ٿيندا آهن، جو توهان انهن ۾ ڪابه تبديلي نه چاهيندا، اهي توهان پسند ڪندا آهيو ۽ ڪابه ڦيرڦار نه چاهيندا آهيو. ان سال سياري ۾ ريڊيو تي جي سٺيون شيون پيش ٿيون، سي هيون: ’ڪا سادي شيءِ ڳاءِ‘، ‘راڳ الاپيندڙ ڇوڪري‘، ’ننڍڙو سفيد ڪوڙ‘. ٻيو ڪوبه سر يا راڳ وڻندڙ نه هوندو هو، گهٽ ۾ گهٽ مسٽر فريزر ته ائين محسوس ڪندو هو. ’بيٽيءَ الا پيو‘، به سٺي ڌن هئي، پر مسٽر فريزر جي ذهن ۾ اڳين ڌنين جا لفظ ايترو سمائجي ويا هيا، جو اها ڌن هن کي وڻي ئي ڪين. نيٺ هن اها ٻڌڻ ڇڏي ڏني، راندين بابت ٻڌڻ شروع ڪيو.

صبح جو اٽڪل نائين وڳي هو ايڪس- ري مشين هلائڻ شروع ڪندا هيا ۽ پوءِ ريڊيو، جو ان وقت رڳو هيلي جي اسٽيشن وٺندو هو، سو بيڪار ٿي ويندو هو. هيلي جا ڪيترائي رهواسي، جن وٽ ريڊيو هوندو هو، اسپتال جي ايڪس- ري مشين تي، احتجاج ڪندا هيا، جا سندن صبح جي پروگرامن جو ستياناس ڪندي هئي، پر ان لاءِ ڪوبه اپاءُ نه ورتو ويو، جيتوڻيڪ ڪيترن محسوس پئي ڪيو ته اها شرم جهڙي ڳالهه هئي، جو اسپتال پنهنجي مشين اهڙي وقت استعمال نه پئي ڪئي، جنهن وقت ماڻهو پنهنجو ريڊيو نه وڄائيندا هجن.

جڏهن ريڊيو بند ڪرڻ جو وقت آيو ته سسٽر سيسيلا اندر آئي،

”ڪيتانو ڪيئن آهي، سسٽر سيسيلا؟“ مسٽر فريزر پڇيو.

”الله! ڏاڍي خراب حالت اٿس.“

”دماغي طرح صحيح نه آهي ڇا؟“

”نه، پر مون کي ڊپ آ ته مري نه وڃي.“

”تون ڪيئن آهين؟“

مان هن لاءِ ڏاڍي پريشان آهيان. توکي خبر آهي ته هن مهل تائين ڪوبه کيس ملڻ يا ڏسڻ ڪونه آيو آهي ”ڪنهن ميڪسيڪين کي سندس پرواهه نه آهي. ويچارو ننڌڻڪو، هڪ ڪتي جيان مري ويندو، ڏاڍا ڪي بي ترس آهن.“

”اڄ شام ايندينءَ، راند ٻڌڻ لاءِ؟“

”نه، بابا نه، مان ڏاڍو جذبات ۽ ڳڻتي ۾ پئجي ويندس.“ هن چيو، ”مان ديول ۾ وڃي دعا گهرندس.

تنهن شام جو اڃا هنن کي کيڏندي پنج منٽ مس ٿيا هيا، جو اسپتال جو سيکڙاٽ ملازم ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ چيائين، ”سسٽر سيسيلا پڇي پئي ته راند ڪيئن پئي هلي؟“

”چئينس ته سٺو ڄمايو اٿن.“

ٿوري دير کان پوءِ هو وري ٻيهر آيو.

”چئينس ته هنن راند ۾ سندن پير اکوڙي ڇڏيا آهن.“ مسٽر فريزر چيو.

ٿوري دير کانپوءِ هن هيٺين منزل تي ڊيوٽي ڏيندڙ نرس لاءِ گهنٽي وڄائي، ”مهرباني ڪري ڪنهن کي هيٺ ديول ڏي موڪل يا پاڻ وڃي، سسٽر سيسيلا کي اطلاع ڪر ته نوٽريڊم هنن کان چوڏهن ۽ ٻڙيءَ جي حد تائين اڳ ڀري آهي، راند جو پهريون ڳچ  ڀاڱو پورو ٿي چڪو آهي، ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، ان ڪري دعائون بند ڪري.“

چند منٽن ۾ سسٽر سيسيلا ڪمري ۾ اچي پهتي. هوءَ ڏاڍي جوش ۾ هئي، ”چوڏهن ۽ ٻڙي مان ڇا مراد آهي؟ مون کي ان راند بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه آهي. بيس بال ۾ ته اها سٺي ۽ محفوظ پيش قدمي آهي. پر مون کي فوٽ بال بابت ڪابه خبر نه آهي. ان جي ڇا معنيٰ آهي. مان وري وڃان ٿي ديول ۾ ۽ تيسين دعا پئي گهرنديس جيسين راند پوري نه ٿي ٿئي.“

”هو هنن کان کٽي ويندا،“ فريزر چيو، ”منهنجو واعدو آ، تو سان. هتي ويهي ريڊيو تي راند ٻڌ.“

”نه، نه، نه، نه، نه، نه“ هن چيو، ”مان سڌو هينئر جو هينئر ديول ۾ وڃي دعا ٿي گهران.“

جڏهن به نوٽريڊيم ڪو اسڪور پئي  ڪيو ته فريزر هيٺ نياپو اماڻيو، ۽ آخرڪار، جڏهن ڪافي اوندهه ٿي ويئي، ته آخري نتيجو هيٺ اماڻيو.

”سـِـسٽر سيسيلا ڪيئن آهي؟“

”سڀ ديول ۾ آهن.“ هن چيو.

ٻي ڏينهن صبح جو سـسٽر سيسيلا اندر ڪمري ۾ آئي. هوءَ ڏاڍو خوش ۽ پر اعتماد هئي.

”مون کي پڪ هئي ته هو اسان جي خاتون کي شڪست ڏئي نه سگهندا.“ هن چيو ”اهي نه ٿا ڏيئي سگهن. ڪيتانو به هاڻي بهتر آهي. هو اڳي کان گهڻو بهتر آهي. سندس ملاقاتي به اچڻ وارا آهن. اڃا تائين هو انهن سان ملي ته ڪونه سگهيو آهي. پر هاڻي هو ايندا ۽ هنن جو اچڻ، هن جي طبيعت کي بحال ڪري ڇڏيندو، ڇو جو هي سمجهندو ته هن کي پنهنجي شهر واسين وساريو ڪين آهي. مان پاڻ پوليس هيڊ ڪوارٽر ويس، اتي ڇوڪرو اوبرين مليو، جنهن کي چيم ته ڪن ميڪسيڪو جي رهواسين کي ڪيتاني سان ملڻ لاءِ موڪلي. هو ڪن ميڪسيڪو جي ماڻهن کي اڄ شام ضرور موڪليندو ۽ پوءِ هو ويچارو ڪجهه ٺيڪ ۽ بهتر محسوس ڪندو. ڪيڏو ظلم آهي جو کيس، ڪوبه ڏسڻ نه آيو آهي!“

ان شام جو اٽڪل پنجين بجي ڌاري ٽي ميڪسيڪين ڪمري ۾ اندر آيا.

”اندر اچي ٿا سگهون؟“ انهن مان ڊگهي چيو، جنهن جا چپ ٿلها هيا ۽ پاڻ به ٿلهو هو.

”ڇونه.“ فريزر چيو، ”ويهو، ويهو، مهرباني، ڪجهه پيئندؤ؟“

”وڏي مهرباني.“ وڏڙي چيو.

”مهرباني.“ ڪاري بندري چيو.

سنهڙي چيو، ”مون کي مهرباني مٿي ۾ سور وجهندي آهي.“ هن مٿي تي هٿ سان ٺڪ ٺڪ ڪئي.

نرس ڪجهه گلاس کڻي آئي. ”مهرباني ڪري کين بوتل به ڏي.“ فريزر چيو. ”ريڊلاج جي اٿو.“ هن وضاحت ڪئي.

”ريڊ لاج جي آهي پوءِ ته واه واه“ وڏي ڊگهي چيو: ”هي، بگ ٽمبر کان گهڻي چڱي آهي.“

”ظاهر آ،“ ننڍي چيو، ”مهانگي به آهي.“

”ريڊ لاج به ڌار ڌار قيمتن جون آهن.“ وڏي چيو.

”ريڊيو ۾ گهڻا والوَ آهن؟“ جنهن نه پئي پيتو، تنهن پڇيو.

”ست“

”ڏاڍو سهڻو آهي.“ هن چيو، ”گهڻي ٿو ملي؟“

”مون کي خبر نه آهي.“ مسٽر فريزر چيو، ”مون ڪرائي تي ورتو آهي.“

”توهان ڪيتاني جا دوست آهيو؟“

”نه،“ وڏي چيو، ”اسين ان جا دوست آهيون، جنهن هن کي زخمي ڪيو آهي.“

”اسان هت پوليس پاران موڪليا ويا آهيون.“ ننڍڙي چيو.

”اسان کي ننڍڙي جڳهه به آهي.“ وڏي چيو، ”هن کي ۽ مون کي.“ هن ان ڏانهن اشارو ڪيو جنهن ڪونه ٿي پيتو. “هن کي به جاءِ پنهنجي آهي.“ هن ننڍڙي ڪاري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”پوليس اسان کي اچڻ لاءِ چيو، ان ڪري اسان آياسين.“

”مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان جو اوهان آيا.“

”اسان به.“ وڏي چيو.

”ٻيو به ننڍڙو گلاس پيئندؤ؟“

”ڀلي ٺاهيو.“ وڏي چيو.

”توهان جي اجازت سان.“ ننڍي ۾ ننڍي چيو.

”مان نه پيئندس.“ سنهڙي چيو، ”منهنجي مٿي تي چڙهي ويندي آهي.“

”ڏاڍي سٺي اٿئي.“ ننڍڙي چيو.

”ٿوري آزمائين ڇونه،“ فريزر چيو، ”ڀل ته دماغ تي ٿورا خمار چڙهن.“

”پوءِ وري مٿي ۾ سور شروع ٿيندو.“ سنهڙي چيو.

”ڪيتانو جي دوستن کي ساڻس ملڻ لاءِ موڪلي نه سگهندؤ؟“ فريزر پڇيو.

”هن کي دوست آهن ئي ڪونه.“

”هر ماڻهو کي دوست هوندا آهن.“

”هن کي ڪونه آهن.“

”هي ڇا ڪندو آهي؟“

”جواري آهي.“

”سٺو رانديگر آ؟“

”منهنجي خيال ۾ ته آهي.“

”مون کان ته،“ ننڍڙي چيو، ”هي هڪ سؤ اسي ڊالر کٽي ويو. هينئر ته اهي هڪ سؤ اسي ڊالر دنيا ۾ ئي ڪونه هوندا.“

”مون کان،“ سنهڙي چيو، ”نه هو ٻه سؤ يارنهن ڊالر کٽي ويو. تون انگ نه وڌائجانءِ.“

”مان هن سان ڪڏهن کيڏيو ئي ڪين آهيان.“ وڏي چيو.

”وڏو دولتمند هوندو.“ فريزر چيو.

”اسان کان به غريب آهي.“ ننڍڙي ميڪسيڪين چيو، ”اها جيڪا قميص پٺيءَ تي ڏسينس ٿو، ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪين اٿس.“

”هاڻ ته اها قميص به ڪنهن قيمت جي ڪونه رهي آهي.“ فريزر چيو. ”گولين جا ٽنگ ٿي ويا اٿس.“

”بلڪل، ظاهر آ.“

”جنهن کيس گولي هنئين، سو به جواري آهي؟“

”نه، بيٽن جي زمين تي مزدوري ڪندو آهي. هن کي شهر ڇڏي وڃڻو پيو.“

”ائين به آهي.“ ننڍڙي چيو، ”پر هو سٺو گٽار وڄائيندڙ آهي، شهر ۾ سندس جهڙو ٻيو ڪونه ٿيو آ، اصل بهترين گٽار نواز.“

”ڏاڍي شرم جي ڳالهه آ.“

”مان مڃان ٿو، هاڻي ته هو گٽار کي هٿ به لائي نه سگهندو.“ وڏي چيو.

”هاڻي ته شهر ۾ سٺا گٽار وڄائيندڙ بچيا ئي ڪونه آهن.“

”گٽار وڄائيندڙن جو پاڇو به نظر نه ٿو اچي.“

”هڪڙو هارمونيم وڄائيندڙ آهي. ان جو به ڏاڍو نالو آهي“ سنهڙي شخص چيو.

”ٻيا به آهن، جيڪي ٻيا ساز وڄائيندا آهن.“ وڏي چيو. ”توکي موسيقي وڻندي آهي؟“

”ڪيئن نه وڻندي؟“

”ڪنهن رات اسين موسيقيءَ جي محفل مچائينداسين، سمجهين ٿو ته سسٽر اجازت ڏيندي؟ هونءَ ته ڏاڍي کل مک آهي.“

”جڏهن ڪيتانو ٻڌڻ لائق ٿيو، ته منهنجي خيال ۾ هوءَ اجازت ڏيندي.“

”ڪجهه سودائڻ آهي ڇا؟“

”ڪير؟“

”اها، سسٽر.“

”نه“ مسٽر فريزر چيو، ”ڏاڍي سٺي عورت آهي. ڏاڍي ذهين ۽ همدرد آهي.“

”منهنجو سڀني پادرين، راهبن ۽ سسٽرس ۾ ويساهه نه آهي.“ سنهڙي چيو.

”هي جڏهن ڳڀرو هو ته هن کي انهن جو ڏاڍو خراب تجربو ٿيو.“ ننڍڙي چيو.

”ننڍي هوندي مان هڪ گرجا ۾ پادريءَ جو خادم هيس.“ سنهڙي فخر سان چيو، ”هاڻي منهنجو ڪنهن ۾ به ايمان ڪونه آهي، ان حد تائين جو ڪڏهن گرجا ڏانهن منهن به نه ڪيو اٿم.“

”ڇو؟ اها به مٿي تي چڙهي ويندي اٿئي ڇا؟“

”نه،“ سنهڙي چيو، ”رڳو شراب ئي مٿي تي چڙهي ويندو اٿم. عقيدا ۽ قاعدا رڳو غريبن جي لاءِ ئي هوندا آهن.

”مون سمجهيو هو ته ماريجئانا، غريب جو آفيم آهي.“ فريزر چيو.

”تو ڪڏهن آفيم ڇڪيو آهي؟“ وڏي پڇيو.

”نه.“

”مون به نه.“ هن چيو ”لڳي ٿو ته ڏاڍو خراب آهي، جو شروع ٿو ڪري سو ڇڏڻ جو نالو نه ٿو وٺي. اها هڪ بڇڙائي آهي.“

”پر هيءُ،“ ننڍڙي چيو، ”وڌيڪ سگهارو آهي.“

”ڪنهن به ٻي جي ڀيٽ ۾ سگهارو ٿيڻ ضروري آهي.” فريزر نرم لهجي ۾ چيو.

”مون کي انهن لاءِ عزت آهي، جي ايمان رکن ٿا، پوءِ کڻي کين ڄاڻ ڪانه آهي.“ سنهڙي چيو.

”ڏاڍو سٺو.“ مسٽر فريزر چيو.

”اسان تو لاءِ ڇا آڻيون؟“ ميڪسيڪين چيو، ”ڪنهن شيءِ جي ضرورت اٿي ڇا؟“

”مان بيئر وٺڻ پسند ڪندس، جي هتي سٺو ملي وڃي ته.“

”ٺيڪ آ، اسان بيئر آڻينداسين.“

”وڃڻ کان اڳ، هڪ آخري پيگ؟“

”جيڪا تنهنجي مرضي.“

”اسان توکي ڦري رهيا آهيون.“

”مان وڌيڪ ڪونه پي سگهندس. مٿو وڃي ٿو وٺبو ۽ پوءِ مٿي ۾ سور به پوي ۽ پيٽ به خراب ٿيو پوي.“

”خدا حافظ، مهرباني.“

”خدا حافظ ۽ مهرباني.“

هو هليا ويا. پوءِ سنجها جي ماني ٿي ۽ ان بعد ريڊيو، جيتوڻيڪ ان جو آواز جهڪو ڪيو ويو هو، ته به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هيٺينءَ ريت اسٽيشنون هلنديون رهيون. ڊينور سالٽ ليڪ سٽي، لاس اينجلسز ۽ سيٽل، مسٽر فريزر ڊينور جي تصوير، ريڊيو ۾ ته ڏسي نه پئي سگهيو، پر هو ڊينور، ’ڊينورپوسٽ‘ ۾ ڏسي پئي سگهيو ۽ تصور ۾ ڪڍيل شڪل، ’دي راڪي ماؤنٽينس نيوز‘ جي ذريعي صحيح ڪري پئي سگهيو. جو ڪجهه هو سالٽ ليڪ سٽي ۽ لاس اينجلز مان ٻڌي رهيو هو، ان مان هو انهن شهرن جي ڪابه تصوير ذهن ۾ ٺاهي نه پئي سگهيو، سواءِ ان جي ته سالٽ ليڪ سٽي صاف سٿرو ته هيو، پر هو موڳو ۽ ويڳاڻو ۽ لاس ائنجلز جي وڏن هوٽلن ۾ ته ڪيترائي ناچ گهر هيا. هن کي ناچ گهر جي ڪابه خبرچار ڪانه هئي. سيٽل جي هن کي ڀلي ڀت خبر هئي. اڇين، ڪارين ٽئڪسي گاڏين جي ڪمپنيءَ (هر گاڏيءَ ۾ ريڊيو لڳل) جي هڪ وڏيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي هو روز رات جو، ڪئناڊا طرف واري روڊ- هائوس ڏانهن نڪري ويندو هو، جتي هو انهن پارٽين ۾ شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ کيس فون ڪري پسنديده موسيقارن آڻڻ لاءِ چيو ويندو هو. هر رات جو هو سيٽل ۾ ٻي بجي کان پوءِ رهندو هو ۽ اهي موسيقيءَ جا شهپارا ٻڌندو هو، جي مختلف ماڻهو فرمائش ڪندا هيا ۽ اهو ائين لڳندو هو جيئن ميناپولس، جتي سازندا روز صبح جو پنهنجا هـَـنڌُ ڇڏي اسٽوڊيو روانا ٿيندا هيا. مسٽر فريزر کي سيٽل واشنگٽن ڏاڍو وڻڻ لڳو هو.

ميڪسيڪين آيا ۽ بيئر وٺي آيا، پر اهو سٺو نه هو. هن انهن کي ايندو ڏٺو پر هن جي دل ساڻن ڳالهائڻ نه چاهيو. جڏهن هو ويا ته هو سمجهي ويو ته هو وري نه ايندا. ڪڏهن ڪڏهن هن جي ذهن تي ڄڻ ته بار پئجي ويندو هو ۽ جڏهن به ان حالت ۾ هوندو هو ته ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ نه ايندو هو. پنجين هفتي جي پڇاڙيءَ ۾ هن کي وري اعصابي دورو پيو هو، مسٽر فريزر خوش هو ته هن جي بهتر حالت پنج هفتا هلي هئي، تنهن هوندي به هن کي زوري مزاحمت ڪرڻ جي باوجود تجربي لاءِ اتي آندو ويو هو. هن کي خبر هئي ته ٿيندو ڪجهه به نه. ان صورت حال مان مسٽر فريزر اڳ به گذريو هو. هن لاءِ ڪا جي نئين شيءِ هئي ته اهو ريڊيو تي هو. جو سڄي رات اُهو وڄائيندو هو ۽ آواز ايترو جهڪو ڪندو هو، جو پاڻ به مشڪل سان ٻڌي سگهندو هو ۽ هينئر هو بنا سوچڻ جي، ان کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

ڏهين وڳي صبح ڌاري، سسٽر سيسيلا ڪمري ۾ آئي ۽ ان ڏينهن جي ٽپال به کنيو آئي. هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي ۽ فريزر هن کي ڏسڻ ۽ سندس ڳالهين ٻڌڻ جو ڏاڍو شائق هو، پرٽپال، جا ڄڻ ٻيءَ دنيا مان آئي هئي، وڌيڪ اهم هئي. بهرحال ٽپال ۾ ڪابه دلچسپ شيءِ ڪانه هئي.

”تون هاڻي گهڻو ٺيڪ ٿي ويو آهين.“ هن چيو، ”هاڻي جلد ئي اسان کي ڇڏي ويندين.“

”هائو،“ مسٽر فريز چيو، ”تون به اڄ صبح جو ڏاڍي خوش پئي لڳين.“

”هون، واقعي، اڄ صبح جو مان محسوس ٿي ڪريان ته مان ديوي ٿي ويئي آهيان.“

اهو ٻڌي مسٽر فريزر ٿورو ڇرڪ ڀري، وائڙو ٿي ويو.

”ها،“ سسٽر سيسيلا چيو، ”اهائي مان ٿيڻ چاهيان ٿي. هڪ ديوي (Saint). پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي مون ديوي ٿيڻ جي خواهش پئي ڪئي. مان جڏهن ڇوڪري هيس تڏهن سوچيو هوم، جي مان دنيا ترڪ ڪري ڪنهن خانقاهه يا گرجا ۾ وڃي رهان ته مان ديوي ٿي وينديس. اهوئي مون ٿيڻ پئي چاهيو ۽ اهو ڪجهه بڻجڻ مون سوچيو ته هي سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو. مون کي اميد هئي ته مان ديوي ٿي ويندس. مون کي پوري پڪ هئي ته ٿينديس. هڪڙي پل لاءِ مون ڀانئيو ته مان اها ٿي ويئي آهيان. مان ايترو خوش هيس ته اهو ايترو سادو ۽ سولو هيو. صبح جو اٿڻ سان مون کي اميد هئي ته مان ديوي ٿي وينديس. پر مان اها نه هيس. مان ڪڏهن به اها نه ٿي سگهيس. مان اها ٿيڻ چاهيان ٿي. مان رڳو ديوي ٿيڻ چاهيان ٿي. مون صرف اهائي تمنا پئي ڪئي آهي ۽ اڄ صبح جو مون محسوس ڪيو ته مان ڄاڻ ديوي ٿي وئي آهيان. اف! ڪاش مان اها ٿي وئي هجان ها.“

”تون ديوي ضرور ٿيندينءَ. جيڪو به دل جي سچائيءَ سان ڪجهه گهرندو آهي، ان کي اهو ملندو آهي. اسان سڀني کي شروع کان وٺي ائين ئي ٻڌائيندا آهن.“

”هينئر، جي ته مون کي خبر نه آهي، پر جڏهن مان ننڍڙي ڇوڪري هيس ته اهو تمام سولو لڳندو هوم. مون ڄاتو پئي ته مان ديوي ٿينديس. رڳو ايترو يقين هيم ته اهو وقت وٺندو ۽ اها به خبر پئي ته اهو ڪو اوچتو ۽ اچانڪ نه ٿيندو. هاڻي ته اهو ڄڻ ناممڪن پيو لڳي.“

”مان ته چوندس، تنهنجي ديويءَ ٿيڻ جا امڪان روشن آهن.“

”سچ پچ، تون ائين سمجهين ٿو؟ نه، مون کي رڳو همٿ افزائي نه کپي، رڳو منهنجي همٿ افزائي نه ڪر. مان ديوي ٿيڻ چاهيان ٿي.“

”بيشڪ، تون ديوي ضرور ٿيندينءَ.“ فريزر چيو.

”نه، شايد مان نه ٿيان. پر جي مان ديوي ٿي سگهان ته مان ڏاڍو خوش ٿينديس.“

”تنهنجي ديوي ٿيڻ جا ٽيڻا اهڃاڻ آهن.“

”نه، هروڀرو منهنجي دل نه وندراءِ. پر ڪاش! مان ديوي ٿي وڃان! رڳو ديوي ٿي سگهان!“

”تنهنجو دوست ڪيتانو ڪيئن آهي؟“

”هو ٺيڪ ٿي ويندو، پر هو مفلوج ٿي چڪو آهي. هڪ گولي هن جي وڏيءَ تنت کي لڳي آهي، جا ڄنگهه ڏانهن وڃي ٿي ۽ اها ڄنگهه اڌ رنگ جو شڪار ٿي ويئي آهي. اها خبر کيس تڏهن پئي جڏهن هو چاڪ ٿي اٿي هلڻ جهڙو ٿيو.“

”ٿي سگهي ٿو تنت وري ڪم ڪرڻ شروع ڪري.“

”مان ته ان لاءِ دعا گهرندي آهيان.“ سسٽر سيسيلا چيو، ”توکي کيس ڏسڻ گهرجي.“

”پنهنجي دل ائين ٿي پئي آ جو ڪنهن سان ملڻ ئي نه ٿي چاهي.“

”ڏس! توکي ان سان ملڻو پوندو.“ سسٽر چيو، ”هو سندس ڦيٿن واري ڪرسي هيڏي گهلي ايندا.“

”تنهنجي مرضي.“

هو کيس ڪرسيءَ تي اندر ڇڪي آيا. هو بدن جو سنهڙو، چمڙي ڄڻ ته شفاف هيس. سندس وار ڪارا ۽ حجامت جا گهرجائو هـُـيا. سندس اکين ۾ مرڪ هئي. کليو پئي ته ڏند خراب پئي لڳس.

”هيلو دوست، ڪيئن آهين؟“

”جهڙو ڏسين ٿو.“ مسٽر فريزر وراڻيو، ”تون ڪيئن آهين؟“

”جيئرو آهيان، پر ڄنگهه ويهجي ويئي اٿم.“

”اهو ته خراب ٿيو.“ مسٽر فريزر چيو، ”پر تنت وري ڪم ڪرڻ شروع ڪري سگهي ٿي ۽ ائين جيئن نئين.“

”چون ته هي به ائين ٿا.“

”سور ڪيئن اٿئي؟“

”هاڻي ته ڪونهي. پر ٿورو اڳ ته اصل چريو ڪري ڇڏيو هيائين. پيٽ جو سور هو. مون ته سمجهيو پئي ته اهو سور ئي سر کڻندو.“

سسٽر سيسيلا خوش خوش هنن کي پاڻ ۾ ڳالهائيندو ڏسي رهي هئي.

”هن مون کي ٻڌايو ته تو ڪڏهن به دانهن ڪوڪ ڪانه ڪئي.“ مسٽر فريزر چيو.

”وارڊ جا ڪيترائي ماڻهو چون پيا.“ ميڪسيڪوئيءَ چيو، ”توکي ڪهڙي قسم جي تڪليف آهي؟“

”وڏي تڪليف آهي. ظاهر آ ته تو جهڙي سخت نه. جڏهن نرس ٻاهر نڪري ويندي آهي ته ڪلاڪ ڪڏهن ٻه ڪلاڪ روئندو آهيان. ان سان مون کي آرام ايندو آهي. منهنجن اعصابن تي اثر پئجي ويو آ.“

”توکي ريڊيو آهي. مون کي جي ريڊيو ۽ خانگي ڪمرو هجي ته جيڪر سڄي رات، روئان ۽ رڙان.“

”مان نه ٿو سمجهان.“

”يار، ڏس روئڻ صحت آهي. پر گهڻن ماڻهن جي سامهون ائين ڪرڻ ڏکيو آ.“

”بهرحال،“ مسٽر فريزر چيو، ”هٿ ته اڃا ٺيڪ ٺاڪ اٿئي، انهن چيو پئي ته تنهنجي گذر سفر جو وسيلو هٿ ئي آهن.“

”دماغ به.“ هن لوندڙيءَ تي آڱر رکندي چيو، ”جيتوڻيڪ دماغ، هٿن جو مٽ نه آهي.“

”تنهنجي ملڪ جا ٽي ڄڻا هتي آيا هيا.“

”پوليس مون کي ڏسڻ لاءِ موڪليا هيا.“

”ڪجهه بيئر کڻي آيا هيا.“

”اهو شايد خراب هوندو.“

”هائو، واقعي سٺو نه هو.“

”اڄ رات پوليس کين، مون کان ڪجهه معلوم ڪرڻ لاءِ، وري موڪليو هو.“ هو کـِـليو ۽ پوءِ پيٽ تي هٿ هڻي چيائين، ”مان اڃا کلي نه ٿو سگهان.“ ڏاڍا سٺا موسيقار آهن.“

”جنهن توکي گولي هنئين؟“

”اهو به هڪ بيوقوف هو. منهنجا هن ڏي کٽيل ستٽيهه ڊالر رهتو هيا. ان ڪري ڪو ماربو ته نه آهي.“

”هنن ٽن ڄڻن پي چيو ته تون سدائين کٽيندو آهين.“

”ان هوندي به ڪنگلو آهيان.“

”ڇو؟“

”مان هڪ آدرشي انسان آهيان. مان خام خياليءَ ۽ فريب فڪر جو شڪار نه آهيان.“ هو کـِـليو ۽ پوءِ پيٽ کي مهٽڻ ۽ ٿپڪيون هڻڻ لڳو، ”مان هڪ ڌنڌوڙي جـُـواري آهيان، پر جـُـوا ڪرڻ منهنجو شغل به آهي. وڏي جـُـوا ڪرڻ، ٿوري جـُـوا ته مڙيو ئي ڏچو آهي. وڏيءَ جوا لاءِ نصيب جي ضرورت هوندي آهي. منهنجو نصيب سٺو نه آهي.“

”ڪڏهن به نه؟“

”ڪڏهن به نه. مان بلڪل بدنصيب آهيان. ان ڳائڻي وانگر جنهن مون کي گوليون هيون، سو ڪنهن هاٿيءَ کي به چـُـٽي نه سگهندو، پر نصيب. سندس پهرين گولي اجائي وئي، ٻي ويچاري روسيءَ کي لڳي، اهو به نصيب چئبو. هن مون کي ٻه ڀيرا پيٽ ۾ گولي هنئي. هو قسمت وارو شخص آهي. مون سان نصيبن نه ڀڙايو. هو جو رڪيبن ۾ پير هوندي، گهوڙي کي چـُـٽي نه سگهي، مون سـُـتل کي، ٻه گوليون لڳن، قسمت جي ڳالهه آهي نه.“

”مون کي ته اها خبر آهي. هن پهريائين توکي گوليون هنيون ۽ پوءِ روسيءَ کي.“

”نه، روسي پهريائين، مان پوءِ. اخبار ۾ غلط آيو آهي.“

”تو کيس گولي ڇونه هنئي؟“

”مان هٿيار کڻان ئي ڪين. منهنجو ڀاڳ اهڙو آهي، جو بندوق ساڻ کڻان ها ته هن مهل تائين هر سال ڏهه ڀيرا ڦاسيءَ چڙهي چڪو هجان ها. مان رڳو هڪ معمولي جـُـواري آهيان، رڳو جـُـواري.“ هن ترسي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”جڏهن مان ڪجهه رقم کٽيندو آهيان، ته وري جـُـوا کيڏندو آهيان ۽ اها به هارائي ڇڏيندو آهيان. ٽن هزار ڊالرن وارو داؤ هارائيندو آهيان ۽ ڇهن ڊالرن وارو کٽيندو آهيان.“

”ڇو چپ ٿي وئين؟“

”جي گهڻو عرصو جيئرو رهيس ته ڀاڳ شايد بدلجي. هاڻي ته پندرهن سالن کان نڀاڳ اٿم. جي ڪڏهن به قسمت ساٿ ڏنو ته مان امير ٿي ويندس.“ هو ٿورو ڪنجهيو، ”مان سٺو جـُـواري آهيان ۽ سچ پچ مان شاهوڪار ٿيڻ پسند ڪندس.“

”هر راند ۾ توتي چريائپ سوار هوندي آهي؟“

”هر راند ۾ ۽ هر عورت سان، قسمت ساٿ ڏيندي آهي.“ هو کـِـليو ۽ سندس ڦـِـڪا ڏند ڏسڻ ۾ آيا.“

”سچي؟“

”سچ.“

”پوءِ، نيٺ ڇا ڪرڻ جو خيال اٿئي؟“

”جـُـوا جاري رکبي، هوريان هوريان، جيسين قسمت بدلجي.“

”پر، عورتن سان؟“

”عورت جي معاملي ۾ ڪوبه جواري خوش قسمت نه هوندو آهي. هن جو گهڻو توجهه پتن ڏانهن هوندو آهي. هو راتين جون راتيون ان ۾ رڌل هوندو آهي. جڏهن ته اهي راتيون هن کي ڪنهن عورت سان گهارڻ گهرجن. ڪوبه مرد جو رات جو ڪم ڪري ٿو سو عورت تي وس رکي نه سگهندو. خاص ڪري اهڙي عورت تي جا توجهه جي لائق آهي.“

”تون به فيلسوف آهين.“

”نه، يار! هڪ ننڍي شهر جو جـُـواري، تنهن کان پوءِ ٻيو، تنهن کان پوءِ ٽيون ۽ تنهن کان پوءِ وڏو شهر ۽ وري نئين سر شروعات.“

”وري پيٽ ۾ گولي.“

”پهريون دفعو.“ هن چيو، ”ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي.“

”مون ڳالهائي توکي ٿڪائي وڌو آهي؟“ مسٽر فريزر چيو.

”نه،“ هن چيو، ”مون توکي ٿڪائي ڇڏيو هوندو.“

”ڄنگهه؟“

”جنگهه منهنجي لاءِ ڪا اهڙي ڪارائتي نه آهي. ڄنگهه هجي يا نه، ڪم هلي ويندو، مان پتي جي راند ڪري سگهندس.“

”مان تنهنجي ڀلي ڀاڳ جي خواهش ڪريان ٿو، سچ پچ ۽ سچيءَ دل سان.“ فريزر چيو.

”تو لاءِ به مان ساڳي دعا ٿو ڪيان.“ هن چيو، ”سور ختم ٿيڻ لاءِ به.“

”اهو گهڻو نه هلندو، پڪ ڄاڻ، اهو ڇڏي ويندو. اهو ڪو اهڙو اهم نه آهي.“

”ڀلا دعا ڪر ته يڪدم ختم ٿي وڃي.“

”دعا اٿئي.“

ان رات ميڪسيڪين هارمونيم ۽ ٻيا ساز وڄايا. وارڊ ۾ خوشي ۽ مسرت هئي، هارمونيم جي ڌُن جو آواز، گهنڊڻيون، باجا ۽ نغارا به دالان ۾ ڌم لايون بيٺا هيا. ان وارڊ ۾ هڪ ڪاؤ بواءِ گهوڙي سوار به هيو، جنهن کي اڌ رات جو آندو ويو هو، جو شام جو ڪري، زخمي ٿي پيو هو. هو هينئر ڪرنگهي ڀڄڻ کان پوءِ، اسپتال مان چاڪ ٿي نڪرڻ بعد، ڪرسين تي بيد ۽ چمڙي جي ڪم ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو. هڪ ڊکڻ به هيو، جو ڪوازو ٻڌندي ڪري پيو هو ۽ ٻئي مرا ۽ ويڻيون ڀڃائي ويٺو هو. هن جون اکيون ٻليءَ جيان هيون، پر ان جيان انهن ۾ گهٽجڻ وڌڻ ڪونه هو. هن جا هڏا جڙي ويندا ۽ ڪم ڪرڻ لائق ٿي ويندو، پر ان ۾ گهڻو وقت لڳندو. هڪ هاريءَ جو ٻار به هو، اٽڪل سورهن سالن جو، جنهن جي ڄنگهه ڀڄي پيئي هئي، پر صحيح طرح نه جڙي هئي، تنهن ڪري ان کي وري ڀڃي ٻيهر جوڙڻي هئي. ڪيتانو روز به هو، ننڍي شهر جو جواري، جنهن جي هڪ ڄنگهه اڌ رنگ جو شڪار ٿي ويئي هئي.

مسٽر فريزر دالان جي هيٺان وارن کي به خوش ٿيندو ۽ کلندو ٻڌي رهيو هو، جي سڀ ان موسيقيءَ تي خوش هيا. ميڪسيڪين جو وقت سٺوگذريو پئي. هو مسٽر فريزر کي ڏسڻ لاءِ، ڏاڍي اتساهه سان آيا هيا ۽ ڄاڻڻ پي گهريائون: ته هن کانئن ڇا ٻڌڻ پي چاهيو. هو ٻه دفعا پوءِ به، پنهنجي پر ۾ موسيقيءَ جو مظاهرو ڪرڻ آيا.

آخري ڀيرو جڏهن راڳ ٿيو ته ان مهل مسٽر فريزر، ڪمري جو در کوليو ستو پيو  هو ۽ بي سري موسيقي ٻڌي رهيو هو. هـُـو سوچڻ بنا رهي نه سگهيو. جڏهن هنن ڄاڻڻ چاهيو ته هن ڇا ٻڌڻ پسند پي ڪيو، ته هن ’ڪڪارچا‘ لاءِ چيو، جنهن ۾ گوڙ بجاءِ سانت ۽ هلڪائپ هئي ۽ سازن جو ڪن ٻوڙا ڪندڙ گوڙ نه هو. هنن گوڙ ۽ جوش سان پئي ڳايو. ڌن ٻين ڌنين کان بهتر هئي، پر مسٽر فريزر لاءِ ان ۾ به ڪو فرق نه هو.

ان جذباتي شور واري راڳ جي باوجود مسٽر فريزر سوچيندو ئي رهيو. گهڻو ڪري هو سوچڻ کان نٽائيندو هو، سواءِ لکڻ وقت، پر هاڻي هو انهن بابت سوچي رهيو هو، جي ڳائي رهيا هيا ۽ ان بابت به، جو ڪجهه ننڍڙي ميڪسيڪين چيو هو.

عقيدا ۽ قانون، ماڻهن لاءِ آفيم آهن. هن ننڍي سازندي تي اعتبار ڪيو. هائو، موسيقي به ماڻهن لاءِ آفيم آهي. ٻڌي اهو نه سوچيو هو. هينئر اٽليءَ ۽ جرمنيءَ ۾ اقتصاديات سان گڏ وطن پرستي به ماڻهن لاءِ آفيم هئي. جنسي تعلقات بابت ڇا خيال آهي، اهو به ماڻهن لاءِ آفيم آهي؟ ڪجهه ماڻهن لاءِ، بهترين ماڻهن لاءِ. پر شراب، اعليٰ ترين آفيم هو، ماڻهن لاءِ، واه، عجيب آفيم آهي. جيتوڻيڪ ڪي ريڊيو پسند ڪندا آهن، جو به ماڻهن لاءِ هڪ آفيم آهي. سستو به، ۽ هينئر به هو اهو استعمال ڪري رهيو هو. انهن سان گڏ ماڻهن لاءِ، هڪ ٻيو به آفيم هو، جـُـوا جو آفيم، پراڻن آفيمن مان هڪ، خواهش ۽ آرزو به هڪ آفيم هو ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنهن نئين حڪومتي سرشتي ۾ ويساهه، اوهان کي اهڙو حڪومتي سرشتو کپندو هو، جنهن جي پڪڙ گهٽ ۾  گهٽ هجي. آزادي، جنهن ۾ اسان جو ايمان آهي ۽ جا هينئر مئڪ فيڊن جنهن اشاعت گهر جو نالو آهي، اسان جو ان ۾ به ويساهه آهي، جنهن لاءِ اڃا ڪو نئون نالو مقرر نه ڪيو ويو آهي. پر سچو پچو آفيم ڪهڙو هو؟ ماڻهن لاءِ حقيقي ۽ صحيح آفيم ڪهڙو هو؟ هن کي ان جي چڱي طرح خبر هئي. هينئر هينئر هن جي دماغ جي روشن حـصي ۾، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود هيو. هڪ ٻه پيگ پيئڻ بعد، هن کي خبر هئي ته اها شيءِ اتي موجود هئي. (اها حقيقت ۾ البت اتي موجود نه هئي.) اها ڇا هئي؟ هن چڱيءَ ريت ڄاتو پئي. اها ڇا هئي؟ بيشڪ، ماني ماڻهن لاءِ آفيم هئي. ڏينهن جو هن کي اها ياد رهندي ۽ ڪا معنيٰ رکندي؟ ماني ئي ماڻهن لاءِ آفيم آهي.

”ٻڌ،“ مسٽر فريزر نرس کي چيو، جڏهن هوءَ ڪمري ۾ آئي، ”اهو ننڍڙو سنهڙو ميڪسيڪين هت اندر اچي سگهندو؟ مهرباني ڪندينءَ؟“

”وڻئي ٿو؟“

”ڏاڍو.“

”اها هڪ تاريخي ڌن آهي.” ميڪسيڪين  چيو، ”اها حقيقت انقلاب جي ڌُن آهي.“

”ٻڌ،“ فريزر چيو، ”نشي ڏيڻ کان سواءِ ڪنهن جو آپريشن ڇونه ٿو ڪيو وڃي؟“

”مون سمجهيو نه!“

”ڇو، هي سڀئي آفيم ماڻهن لاءِ سٺا ڪين آهن؟ توهان ماڻهن کي ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟“

”انهن کي جهالت کان بچائڻ گهرجي.“

”بيوقوفيءَ جون ڳالهيون نه ڪر. تعليم ماڻهن لاءِ آفيم آهي. توکي اها خبر هوندي، توکي به ٿوري گهڻي آهي.“

”تنهنجو تعليم ۾ ويساهه نه آهي؟“

”نه،“ مسٽر فريزر چيو، ”ڄاڻ ۾ البت آهي.“

”مان سمجهي نه سگهيس.“

”ڪيترائي ڀيرا مان به پاڻ کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“

”ٻيهر ’ڪڪارچا‘ ٻڌندين؟“ ميسيڪين ڳڻتيءَ وچان پڇيو.

”هائو“ مسٽر فريزر چيو، ”وري ’ڪڪارچا‘ وڄايو. اها ريڊيو کان بهتر آهي.“

انقلاب، مسٽر فريزر سوچيو، آفيم نه آهي. انقلاب هڪ جوش، جنون ۽ وجد آهي، جنهن کي رڳو جبر ۽ ڏاڍ سان ئي طوالت ڏئي سگهجي ٿو. آفيم رڳو اڳ ۽ پوءِ لاءِ ئي آهي. هو هاڻ چڱيءَ ريت سوچي رهيو هو، ڪجهه وڌيڪ بهتر نموني.

ٿوري دير کان پوءِ هو هليا ويندا، هن سوچيو ۽ هو ڪـُـڪارچا به پاڻ سان گڏ کنيون ويندا. پوءِ هن کي ٿورو فڪر يا خيال بشر کي مات ڪندڙ جو ٿيندو، ۽ هو ريڊيو وڄائيندو. توهان ريڊيو اهڙي نموني هلائي سگهو ٿا، جو مشڪل سان ٻڌي سگهوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com