جاءِ اندر مختلف قسم جي ڪمرن ۾ استعمال جي نوعيت
مطابق انھن جي ماپ جو تعين ڪيو وڃي ٿو. اھي اھڙي
ماپ جا ھئڻ گھرجن جيئن انھن ڪمرن ۾ گھربل سامان
آسانيءَ سان لنگھي سگھي. عام طرح سان غسلخانن ۽
بيت الخلاءِ اندر داخل ٿيڻ لاءِ دروازن جي ماپ
6′-4″x2′-6″
رکجي تھ بھتر آھي. ٻين ڪمرن
لاءِ دروازن جي سراسري ماپ
7′-0″x3′-8″ رکي ويندي آھي ۽ ڪوشش ڪري
6′-4″x3′-0″ کان گھٽ نھ رکي ويندي آھي. بھرحال دروازن جي ماپ واسطي
ڪنھن بھ قسم جو پڪو پختو قائدو مڙھيل نھ آھي.
ڪچيءَ طرح ۽ اندازي جي حساب سان ھيٺئين فارمولا
سان دروازن جي ماپ جو تعين ڪري سگھجي ٿو.
ويڪر
=(Width)
اوچائي
4-(Height)
فوٽ
ڪمرن اندر دروازا ڪنڊ کان اٽڪل ٦ انچن کان
٩ انچن تائين پري رکجن تھ بھتر آھي، ليڪن انھن جي
لڳائڻ لاءِ جديد طرز جي عمارت جي علم کي ذھن ۾ رکڻ
وڌيڪ سٺو آھي.
اڄڪلھھ دروازن جي چؤڪاٺن ۾ چائنٺ
(Sill)
نھ لڳائي ويندي آھي، ڇاڪاڻ تھ
انھيءَ جي لڳائڻ سان ھڪ تھ ٿاٻي کائڻ جو تمام گھڻو
انديشو رھي ٿو ۽ ٻيو تھ صفائي ڪرڻ ۾ دقت ٿئي ٿي،
ليڪن ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن لاءِ چائنٺ لڳائڻ تمام
ضروري آھي تھ جيئن تاڪن ھيٺان وٿي نھ رھي.
وڏن شھرن ۾ آر-سي-سيءَ جي بوتي وارين
عمارتن ۾
4
½ انچن جي اوساريءَ وارين ڀتين ۾ ڀت جي پوري ٿولھھ تائين
ويڪرا چؤڪاٺا استعمال ڪيا وڃن ٿا. عام رواجي ۽
سرڪاري عمارتن ۾ چؤڪاٺن لاءِ
0′-4″x0′-3″ جي سائيز جون ڪاٺ جون پٽيون گھڙايون وينديون آھن.
شڪل نمبر ٣٠
(دروازن جا چند قسم)
8-5 :1 دروازن جا قسم
: (Types of Doors)
عام طرح سان عمارت اندر ھيٺين قسمن جا دروزا
استعمال ڪيا ويندا آھن.
(i) |
پٽين وارا دروازا |
Ledged doors |
(ii) |
سڌين ۽ وتر وارين پٽين جا دروازا |
Ledged and Braced doors |
(iii) |
فريمن ۽ پٽين وارا دروازا |
Ledged and framed doors |
(iv) |
فريمن اندر سڌين ۽ ٽيڏين پٽين وارا دروازا |
Ledged framed and braced doors |
(v) |
فريمن ۽ پانيلن وارا دروازا |
Framed and paneled doors |
(vi) |
شيشن ۽ تختن يا پانيلن وارا دروازا |
Glazed and paneled doors |
(vii) |
فلش دروازا |
Flush doors |
(viii) |
ڄاريءَ وارا دروازا |
Wire gauze doors |
(ix) |
لڙيل پٽين وارا دروازا |
Louvered doors |
(x) |
ڦري سگھندڙ دروازا |
Revolving doors |
(xi) |
گسڪي سگھجندڙ دروازا |
Sliding doors |
(xii) |
ويڙھجي سگھجندڙ دروازا |
Rolling doors |
(xiii) |
ڳتجي سگھجندڙ دروازا |
Collapsible doors |
ڪن خاص ۽ مشھور دروازن جو مختصر بيان ھيٺ ڪجي ٿو.
(i)
پٽين وارا دروازا
: (Ledged Doors) شڪل نمبر ٣١
ھن قسم جا دروازا بلڪل سادا ۽ عام ھوندا
آھن. ھنن جو استعمال ٻھراڙين ۾ گھڻو ٿيندو آھي. ھي
ڪاٺ جي اڀين تاڪين سان ٺاھيا ويندا آھن ۽ اھي
تاڪيون وري سڌين ٽيڪ وارين پٽين
(Ledges) سان مضبوطيءَ سان جڪڙيل ھونديون آھن.
اڀريون تاڪيون
(Battens)
گھڻو ڪري ھڪ انچ ٿلھيون ۽ ڇھھ
انچ ويڪريون ھونديون آھن ۽ اھي
V جوڙ سان کانچي ۾ جڪڙيل ھونديون آھن، جنھن
کي ٽيڪنيڪي يعني فني لغت ۾
Tongued and Grooved
چوندا آھن. سڌيون پٽيون
(Ledges)
گھڻو ڪري ڏيڍ انچ ٿلھيون
ٿينديون آھن ۽ انھن کي اڀين تاڪين
(Battens)
مٿان اشڪنجي سان جڪڙي قابو
ڪيو ويندو آھي. ٽي سڌيون پٽيون استعمال ڪيون
وينديون آھن؛ ھڪ مٿان، ٻي وچ ۾ ۽ ٽين ھيٺان. تاڪ
کي
T نموني جي انجيسن ذريعي ٽنگيو ويندو آھي،
جيڪي سڌين پٽين مٿان لڳائبيون آھن. ھن قسم جا
دروازا اھڙن ھنڌن تي لڳايا ويندا آھن، جتي
خوبصورتي درڪار نھ ھوندي آھي.
(ii)
سڌين ۽ وتر وارين پٽين وارا
دروازا
: (Ledged and braced doors) شڪل نمبر ٣٢
بنيادي طرح ھي دروازا سڌين پٽين وارن دروازن جھڙا ھوندا
شڪل نمبر ٣١
(پٽين وارا دروازا)
آھن ۽ فرق صرف اھو آھي تھ ھنن کي وڌيڪ پختو بڻائڻ
لاءِ سڌين پٽين جھڙي ماپ جون وڌيڪ پٽيون وتر ۾
(DiagonallY)
لڳايون وينديون آھن. انھيءَ
ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ وتر وارين
پٽين کي ٽنگيل پاسي کان مٿي سلامي ڏني وڃي، جيئن
اھي دٻاءُ
(Compression)
۾ رھي، مضبوطي مھيا ڪن. عام طريقي سان سڌيون
پٽيون ھڻي، دروازي کي چاڙھي، پوءِ انھن مٿان ڪوڪن
رستي وتر واريون پٽيون
(Battens)
لڳائبيون آھن. ھي دروازا پڻ سادن ۽
عارضي ڪمن تي استعمال ڪيا ويندا آھن.
(iii)
چؤڪاٺن (فريمن) ۽ پٽين وارا
دروازا
: (Ledged and Framed Doors) شڪل نمبر ٣٣
ھن قسم جي دروازن ۾ ڊولائتي نموني چؤڪاٺا
ٺاھي ۽ تاڪ ھنيا ويندا آھن، جنھن سبب انھن جي
مضبوطي وڌندي آھي. ازانسواءِ انھن ۾ اٽڪل چار انچ
ويڪريون ۽ ڏيڍ انچ ٿلھيون پاسن واريون اڀيون پٽيون
(Styles)
لڳائڻ سبب مضبوطيءَ سان گڏ
اھي پرڪشش ۽ وڻندڙ لڳندا آھن. جڏھن تھ سڌيون ٽيڪ
واريون پٽيون
(Ledges)
۽ اڀيون تاڪيون
(Battens) پڻ
معمول مطابق لڳايون وينديون آھن.
شڪل نمبر ٣٢
(سڌين ۽ وتر وارين پٽين جا دروازا)
شڪل نمبر ٣٣
(فريمن ۽ پٽين وارا دروازا)
(iv)
چؤڪاٺن اندر ٽيڏين پٽين وارا
دروازا
: (Ledged, framed and braced doors)
(شڪل نمبر ٣٤)
ھي دروازا ذري گھٽ چؤڪاٺن ۽ پٽين وارن
دروازن جھڙا ٿيندا اھن. ھنن ۾ صرف وتر وارين وٽين
جو اضافو ڪيو ويندو آھي، جنھن سبب ھي وڌيڪ مضبوط ۽
پائيدار ٿيندا آھن ۽ گھڻو ڪري ٻاھر لڳايا ويندا
آھن.
(v)
چؤڪاٺن ۽ ھموار تختن وارا
دروازا
: (Framed and Panelled doors) شڪل نمبر ٣٥ ۽ ٣٦
ھن قسم جا دروازا نھايت ئي عام ۽ تمام
گھڻو استعمال ۾ ايندا آھن. تاڪن جي فريم کي عمودي
۽ افقي پٽين ذريعي متعدد حصن ۾ ورھايو ويندو آھي،
انھن پٽين ۾ پانيلن
(Panells)
کي جوڙڻ واسطي جھري ٺھيل
ھوندي آھي جن ۾ ھموار يعني سڌا يا مٿي اڀريل پانيل
ڦاسائي تاڪ تيار ڪيا ويندا آھن. انھن جون ڊزائينون
مختلف ٿينديون آھن، ليڪن ٺاھڻ جو طريقو ساڳيو ئي
ھوندو آھي. پانيلن جو تعداد دروازي جي نوعيت ۽
ماڻھن جي پسند تي مدار رکي ٿو. ھن قسم جي دروازن ۾
سسڻ جو رجحان گھٽ ھوندو آھي. ھنن دروازن جي عام
رواجي سائيز
7'-0″x4′-0″، 7'-0″x3′-0″، 6'-6″x4′-0″ وغيره رکي ويندي آھي. تاڪن جي
شڪل نمبر ٣٤
(چؤڪاٺن اندر ٽيڏين پٽين وارا دروازا)
شڪل نمبر ٣٥
(پانيلن وارن دروازن جا مختلف نمونا)
ٿولھھ مختلف ڳالھين تي مدار رکي ٿي جھڙوڪ، ڪم جي
نوعيت، دروازن لڳائڻ وارو ھنڌ، پانيلن جو تعداد
وغيره. تاڪن جي ٿولھھ اٽڪل ١ انچ کان
1
½ انچ رکي ويندي آھي.
(vi)
شيشن ۽ تختن وارا دروازا
: (Glazed and paneled doors or sash doors)
(شڪل نمبر ٣٧)
گھرن ۽ ڪمرن اندر انھن جي نوعيت مطابق ۽
گھربل روشنيءَ پٽاندڙ سمورا تاڪ شيشي جي پانيلن يا
تختن يا ڪجھھ حصي تئين شيشي جي پانيلن ۽ بچيل حصي
تائين ڪاٺ جي پانيلن سان ٺاھي استعمال ڪيا ويندا
اھن. عام طرح سان شيشي ۽ ڪاٺ جي حصن جو تناسب
2:1 رکيو ويندو آھي. شيشي کي روڪڻ لاءِ ڪاٺ جون
سنھيون پٽيون
(Beads)
يا پٽي
(Putty)
لڳائي ويندي آھي. شيشي واري ايراضي وڌائڻ
جي صورت ۾ تاڪ جي وچين سڌي پٽيءَ
(Lock rail)
جي مٿان وارين تاڪ جي پاسي
وارين اڀين پٽين
(Styles)
جي ويڪر گھٽائي ويندي آھي.
ھن قسم جا دروازا آفيسن، اسپتالن،
لائبرين، شاپنگ سينٽرن ۽ شورومس وغيره ۾ لڳايا
ويندا آھن.
(vii)
فلش ڊورس
: (Flush Doors)
شڪل نمبر ٣٧ ۽ ٣٨
ھن قسم جي دروازن جي بناوت ۾ پختا ۽ گھربل
طرح سان تاڪن جا فريم ٺاھي انھن مٿان ڪمرشل پلاءِ
يا ٽِيڪ پلاءِ
(Commercial ply or Teak ply)
وغيره لڳائي ويندي آھي. ھي
دروازا ٽن قسمن جا ٿيندا آھن جھڙوڪ فريم وارا فلش
ڊورس، پؤرا فلش دروازا
(Hollow flush doors)
۽ ورقن يا تھن وارا فلش دروازا
(Laminated flush doors).
● فريم وارن فلشن دروازن جا تاڪ مضبوط ٿيندا آھن ۽ اھي
ٻاھرين اڀين پٽين
(Styles)،
سڌين پٽين
(Rails)،
ننڍڙين پٽين
(Ribs)
۽ پلاءِ ووڊ
(Plywood)
مان ٺاھيا ويندا آھن. پھرين
تاڪ جي فريم لاءِ انھن ۾ ڪم ايندڙ جوڙجڪ کي ٺاھي،
انھن مٿان ٻنھي پاسي پلاءِ ووڊ جا تختا لڳايا
ويندا آھن.
● پترن ورقن يا تھن مان ٺھيل دروازن کي نھرا دروازا
(Solid doors) سڏيو ويندو آھي. انھن دروازن ٺاھڻ
واسطي ڪاٺ جي سنھن ورقن کي تمام گھڻي داٻ سان
گلوءَ رستي ڳنڍي ھڪ نھري
(Solid)
مضبوط قسم جو ٻنھي پاسن کان
سڌو تختو ٺاھي (جنھن کي تاڪ جو نھرو اندر
Solid core
کڻي چئجي) انھيءَ مٿان ٻنھي
پاسي پلاءِ جي سنھي چادر چاڙھي، تاڪ ٺاھيا ويندا
آھن.
شڪل نمبر ٣٦
(شيشن ۽ تختن وارا دروازا)
شڪل نمبر ٣٧
(فلشن ڊورس)
شڪل نمبر ٣٨
(فلش دروازا)
ھن قسم جا دروازا نھايت ئي خوبصورت ۽
وڻندڙ ٿيندا آھن. انھن جا ٻئي ٻاھريان پاسا ٻين
دروازن جي ڀيٽ ۾ جلدي ميرا نھ ٿيندا آھن ۽ انھن کي
سولائيءَ سان صاف ڪري سگھبو آھي.
(viii)
ڄاريءَ وارا دروازا
: (Wire gauze doors) شڪل نمبر
(i)
٣٠
ھن قسم جي دروازن جي تاڪن لاءِ، انھن جي
اڀين ۽ سڌين پٽين ۾ چؤڪور خانن ۾ ننڍي کانچي اندر
ڄاري ڦاسائي، انھيءَ کي مضبوطيءَ لاءِ ڪوڪن سان
اھڙي نموني ۾ جڪڙي تھ جيئن ڄاريءَ ۾ ڪنھن بھ قسم
جو گھنج نھ رھي. پوءِ انھيءَ مٿان چؤڌاري ڪاٺ جي
سنھي پٽي
(Beading) چاڙھي ويندي آھي. تاڪن جي تالي
واريءَ سڌي پٽيءَ
(Lock rail)
مٿان آٽوميٽڪ اسپرنگ لڳايا
ويندا آھن، تھ جيئن ڌڪي سان ٻاھر کولڻ کان پوءِ
اھي خودبخود جلدي بند ٿي وڃن.
ھن قسم جا دروازا قدرتي ھوا جي ڦھلاءُ
(Circulation)
سان گڏ ھر ڪنھن قسم جي اڏامندڙ
جيوڙي جھڙوڪ مڇر ۽ مک وغيره کي اندر داخل ٿيڻ کان
روڪڻ لاءِ نھايت ئي ڪارآمد رھن ٿا. انھيءَ ڪري
گھرن، اسپتالن، رڌڻن، ڄاريءَ جي ڪٻٽن، مٺائيءَ
وغيره جي دڪانن، ھوٽلن ۽ ٻين اھڙين جڳھين تي ڪثرت
سان استعمال ٿين ٿا.
(xi)
جھڪيل يا لڙيل پٽين وارا
دروازا
: (Louvered doors) شڪل نمبر
(ii)
٣٠
ھن قسم جي دروازن جي تاڪن ۾ سنھيون پٽيون
اھڙي نموني ٽيڏيون لڳايون وينديون آھن تھ جيئن
انھن جي وچ ۾ ھڪ جھڙي وٿي رھي. اھي پٽيون سڄي تاڪ
يا انھيءَ جي ڪنھن بھ حصي ۾ لڳايون وينديون آھن.
اھي ايتري ٽيڏائيءَ
(Inclination)
تي لڳائبيون آھن، تھ جيئن
ٻاھرين نظر اندر نھ پوي ۽ نھ ئي وري اندران ٻاھر
ڏسي سگھجي. اھڙا دروازا ھوا جي گذر سان گڏ پوشيدگي
(Privacy)
پڻ مھيا ڪن ٿا.
(x)
ڦرندڙ دروازا
: (Revolving doors) شڪل نمبر
(iv)
٣٠
ھن قسم جي دروازن ۾ پوري وچ تي ٽيڪ مٿان
آمھون سامھون چار تاڪ اھڙي نموني لڳايا ويندا آھن،
جي صرف ھڪ ئي طرف ڦري سگھن. اھڙي نموني ماڻھو انھن
منجھان ھڪ پاسي داخل ٿي سگھندو آھي ۽ ٻئي طرف کان
ٻاھر نڪري سگھندو آھي. اھڙن دروزن ۾ مرضيءَ مطابق
شيشا يا ڪاٺ جا سنھا تختا
(Panells)
لڳايا ويندا آھن. ھي دروازا
گھڻيءَ رش وارن ھنڌن لاءِ موزون رھن ٿا ۽ انھيءَ
سبب انھن کي ھوٽلن ۽ تماشگاھن
(Theatres)
وغيره ۾ لڳايو ويندو آھي.
(xi)
گسڪندڙ دروازا
: (Sliding doors) شڪل نمبر
(iii)
٣٠
ھن قسم جا دروازا سڄي ۽ کاٻي پاسي گسڪي
سگھندڙ تاڪن وارا ٿيندا آھن ۽ اھي اندر يا ٻاھر نھ
کلي سگھندا آھن. انھن جا تاڪ مرضيءَ مطابق ڪاٺ جي
۽ شيشي جي پانيلن لڳائڻ سان بلڪل اونداھا، بلڪل
روشن ۽ ڪنھن حصي تائين روشن بنائي سگھجن ٿا.
ھي دروازا گدامن، ڇاپرن، دڪانن ۽ نماءُ
وارن ڪمرن وغيرھ ۾ لڳايا ويندا آھن ۽ جڳھھ بچائڻ
جي خيال کان گھرن ۾ پڻ استعمال ڪيا ويندا آھن.
(xii)
ويڙھجندڙ دروازا
: (Rolling doors) شڪل نمبر
(vi)
٣٠
ھي دروازا لوھھ جا ٺھيل ھوندا آھن ۽ مٿان
کان ھيٺ لاھي بند ڪري سگھبا آھن ۽ ساڳئي نموني ھيٺ
کان مٿي ويڙھي کولي سگھبا آھن. انھيءَ سبب انھن کي
ويڙھجي سگھجندڙ دروازا
(Collapsible doors)
چئبو آھي. انھن ۾ لوھھ جي ٿلھي
چادر جو فريم ٺھيل ھوندو آھي، جنھن ۾ دروازي جي
سولائيءَ سان ھيٺ مٿي چرڻ لاءِ کانچو ڇڏيل ھوندو
آھي. مٿي وري ھڪ قسم جو ڊرم
(Drum) ھوندو آھي، انھيءَ ۾ اسپرنگ لڳل ھوندا آھن،
جي دروازي جي لوھي پتري تاڪ کي سولائيءَ سان ھيٺ
مٿي ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آھن. وڏي سائيز جي تاڪ جي صورت
۾ بال بيئرنگ
(Ball Bearings) پڻ لڳل ھوندا آھن. ڊرم جو قطر
(Diameter)
٨ انچن کان ١٢ انچن تائين ٿيندو آھي. دروازي جي اسپرنگن ۽
بيئرنگن کي ميڻ
(grease)
وغيره ڏئي، انھن کي ڪٽ کان
بچائي رکڻ سان گڏ تاڪ کي ٿوري ئي ڌڪي ۽ ڇڪ ڏيڻ سان
دروازو آسانيءَ سان بند ڪري ۽ کولي سگھجي ٿو. |