مھاڳ
سنڌ ۾ عمارت سازيءَ جو ڪم قديمي آھي. ٺٽي ۽ سيوھڻ
جا ڪاٺ گھر انھيءَ جي نشاندھي ڪن ٿا. عربن جي دور
کان وٺي سومرن ۽ سمن جي دور تائين جيڪا عمارت سازي
ٿي سان ھاڻي گھڻي قدر ڊھي چڪي آھي. تڏھن بھ تاريخ
کان اڳ جي زماني جو ”موھن جو دڙو“ ۽ ميرن جي زماني
جو ”ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو“ ھن فن جي تسلسل جا گواھھ
آھن.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾
بلڊنگس جو مکيھ شعبو قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾
پاڪستان جي حڪومت ھڪ الڳ محڪمي جي صورت ۾ بحال
رکيو آھي.
قديم ۽ جديد جو فرق صرف ڪاريگريءَ ۽ مٽيريل جو فرق
آھي نھ تھ ڪر بنيادي اصول ۽ ضابطا منھنجي خيال ۾
تھ ساڳيائي آھن.
بھرحال نوجوان سنڌي انجنيئر مسٽر ضياءُ الدين
انصاريءَ جنھن قابليت ۽ سليس انداز سان عمارت
سازيءَ جو فن باتصوير ۽ بانقش نگار لکي سمجھايو
آھي سو دور جديد جي ھڪ اھم ضرورت جو پورائو ڪري
ٿو.
اھا اھم ضرورت اسان جي شاگردن لاءِ آسان فھم مواد
سندن مادري زبان ۾ فراھم ڪرڻ جي آھي. مادري زبان ۾
ٽيڪنيڪي مضمونن جي تعليم بيشڪ اسان جي فني ۽
سائنسي ترقيءَ جي ضامن ٿيندي.
تاريخ : ١- جولاءِ ١٩٩٠ع
ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري
چيئرمن
يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن،
اسلام
آباد
ناشر طرفان
جنت مان زمين تي اچي، انسان پنھنجي اجھي جي ضرورت
محسوس ڪئي. ڪيترائي دور گذريا. ھڪ دور اھو بھ ھو
جو انسان غارن ۾ رھندو ھو. غارن مان نڪري جڏھن
دريائن ۽ نھرن جي ڪنارن تي آبادي ڪرڻ سکيو تھ اتي
پنھنجي ضرورت مطابق ڪي جھوپا ٺاھي سردي، گرمي،
مينھن ۽ طوفانن کان مٿو لڪايائين.
وقت گذرندو ويو، انسان جي تعميراتي تجربي ۾ واڌارو
ايندو ويو، آخرڪار ھنر علم ۽ تجربي مان ڪمال جي
عمارت سازي ڪئي، اڄ بھ انھن عمارتن کي ڏسي ڏندين
آڱريون اچيو وڃن.
انھن کي بھ ٽي چار صديون گذري چڪيون، ھاڻوڪو دور
تھ وري آھي ئي ھر ھنر ۾ مضمون ۽ خاص مھارت (Specialization)
حاصل ڪرڻ جو.
محترم ضياءُ الدين انصاريءَ جو ھيء ”عمارت سازي“
تي لکيل ڪتاب وقت جي ضرورت آھي، ھن جھڙو ڪتاب سنڌي
ٻوليءَ ۾ ٻيو ڪوبھ اڄ ڏينھن تائين منظر عام تي نھ
آيو آھي.
سنڌي ادبي بورڊ ھميشه اھڙن اديبن، دانشورن، ماھرن
۽ عالمن جو قدر ڪندي سندن مطبوعات کي اوليت ڏيندي
اھڙا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آھن جيڪي پنھنجي مواد ۽
مضمون ۾ يڪتا آھن.
ساڳي طرح ھي ڪتاب بھ پنھنجي مضمون ۾ نرالو ۽ جديد
عمارت سازيءَ جي علم ۽ ھنر جو ھڪ ڀنڊار آھي، جنھن
کي ڇپائيندي اسان کي بيحد خوشي ٿي رھي آھي، ان
لاءِ تھ ھي ڪتاب نھ فقط عام پڙھندڙن جي علم ۾
اضافو آڻيندو، بلڪ ھر انھيءَ شاگرد جو رھبر بڻبو
جيڪو ھن مضمون ۾ امتحان لاءِ تياري ڪندو ھجي.
آءٌ بورڊ جي چيئرمن، فاضل صلاحڪارن ۽ ڪارڪن ساٿين
جو شڪر گذار آھيان، جن دلچسپي وٺي ھن ڪتاب کي وقت
تي ڇپائي پڌرو ڪرڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو.
عبدالغفار صديقي
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ديباچو
عمارت سازيءَ جو ھنر ھڪ اھڙو ھنر آھي، جنھن سان
گھڻو ڪري ھر عام ۽ خاص ماڻھوءَ جو واسطو رھي ٿو.
وڏن کان ٻڌندا پئي آيا آھيون تھ، ”جاءِ چوندي آھي
تھ کڻي ڏس ۽ شادي چوندي آھي تھ ڪري ڏس“. تجربي مان
خبر پيئي تھ اھي ٻئي ڪم ڪجھھ اھڙي نوعيت جا
آھن، جن جي پويان خرچ ٿيندڙ رقم جي اصل خبر
گھڻو ڪري ڪم پوري ٿيڻ کان پوءِ ئي پئي ٿي. خاص
طور تي تھ جڳھھ واسطي پئسي سان گڏوگڏ ڪم مڪمل ٿيڻ
جي ٽائيم جو اندازو لڳائڻ پڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.
ھڪ فني استاد ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪ سند يافتھ
انجنيئر جي حيثيت ۾ عمارت سازيءَ تي سنڌي ٻوليءَ ۾
ھڪ ابتدائي سليس ڪتاب لکڻ جي تمنا ڪافي عرصي کان
رھندي پئي آيم. درس تدريس سان گڏوگڏ اٽڪل اوڻويھھ
سالن جي عملي تجربي حاصل ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ کي
ھن وقت جي ھڪ اھم ضرورت محسوس ڪيم. ليڪن انھيءَ
ضرورت جي پورائي ڪرڻ لاءِ قلم کڻي ڪتاب جي معياري
ھجڻ واري پھلوءَ کي ھنڊائڻ سان ڪم تمام مشڪل پئي
لڳو. اھا ڳالھھ منھنجي ھڪ مخلص ۽ تيز فھم سرپرست
محترم منظور احمد قريشي صاحب جن پروڙي ورتي، جن ھڪ
وڏي نظر رکندي، ھن ڪم کي منھنجي سرڪاري فرائض ۾
شامل ڪري، منھنجي ھن خواب کي تعبير جي شڪل ڏياري.
نھ صرف ايترو، پر ھن ڪم لاءِ مالي مدد ڏيارڻ لاءِ
پڻ ڪوشان رھيا. اھو سندن پنھنجي فني پشي سان
وفاداريءَ جو زنده ثبوت آھي.
ھن ڪتاب لکندي مون ٽن پھلوئن کي ذھن ۾ رکيو آھي ھڪ
تھ عام ماڻھوءَ جي سمجھھ ۾ سولائيءَ سان اچي وڃي،
جيئن ھو پنھنجي جاءِ انجنيئر جي مدد کان سواءِ
ٺھرائي سھن. ڇاڪاڻ تھ ھر وقت ۽ ھر ھنڌ انجنيئر جو
موجود ھئڻ ڏکيو يا ڪن حالتن ۾ ناممڪن ھوندو آھي.
ٻيو ڊپلوما حاصل ڪندڙ سنڌي شاگردن جو ڪورس آھي، جي
ھن ڪتاب پڙھڻ سان نھايت ئي آساني ۽ سمجھھ سان
ڪاميابي حاصل ڪري سگھندا. ٽيون پي- ڊبليو- ڊيءَ
جون مروج اسپيسيفڪيشن آھن، جيئن اسان جو ھر ليول
جو انجنيئر پنھنجي ڪم کي سولائيءَ سان سمجھي،
گھربل معيار مطابق پنھنجي ڪم کي سنڀالي سگھي.
ھن ڪتاب لکڻ کان اڳ مون پاڪستان اندر موجود گھڻو
ڪري مڙنئي معياري ڪتابن، جرنلن ۽ مختلف وڏن فرمن
جي ڄاڻايل نڪتن جومطالعو ڪيو آھي. ڪتاب ۾ ڏنل مواد
ڪافي حد تائين ابتدائي اصولن تي ٻڌل آھي، جنھن کي
مون سلسليوار ١٦ بابن ۾ ورھايو آھي. ڪتاب ۾ ڪجھھ
اھڙا عنوان بھ کنيا ويا آھن، جن جو ھن موضوع تي
لکيل ڪنھن سٺي معياري ۽ ھڪ ئي ڪتاب ۾ موجود ھئڻ
نھايت ئي مشڪل ھوندو آھي، جھڙوڪ: چند مسئلا ۽ انھن
جا حل (Few Problems and Their remedies)،
ڪجھھ ڪارائتيون ترڪيبون (Few use ful Recipes)،
پاڻيء جي رسد، حفضان صحت ۽ نيڪال (Water supply Sanitation and drainage)،
بجليءَ جو اندروني ڪم (Internal
Electrification) ۽ اڏوھي روڪڻ (Termite
Control)
وغيره.
انھيء کان علاوه ٻين ڪيترن ئي پھلوئن تي مشقون
ڪندي، نتيجي تي پھچي، درياءِ کي ڪوزي ۾ بند ڪندي،
ٻارھن ڪارآمد تفصيلي ضميمن جو اضافو ڪيو ويو آھي،
جيڪو پڙھندڙن کي مختلف موضوعن تي ريڊي ريڪنر (Ready
Reckoner)
جو ڪم ڏيندو، نتيجي ۾ کين ليکي چوکي ۾ پئجي غلطيءَ
جي انديشي کان نجات ملڻ سان گڏوگڏ ٽائيم جي پڻ
تمام بچت ٿيندي.
مان پنھنجي محسن سرپرست جناب عبدالقادر انصاري
صاحب جن جو نھايت ئي ٿورائتو آھيان جن مون کي ھن
ڪتاب لکڻ واسطي ھر ممڪن سھولت ڏيندي پايھ تڪميل تي
آڻڻ لاءِ مدد ڪئي.
مان سنڌي ادبي بورڊ جو نھايت ئي مشڪور آھيان، جن
ھن ڪتاب جي اھميت کي پرکيندي، اشاعت ھيٺ آڻي، اسان
جي علمي ۽ ادبي خزاني ۾ ھڪ نرالو اضافو ڪيو آھي.
دراصل مٽيريل مون مھيا ڪيو آھي ۽ عمارت سنڌي ادبي
بورڊ اڏي آھي. اِن حساب جي موٽ ۾ مان حقوق بورڊ جي
حوالي ڪيان ٿو ۽ ڪو بھ معاوضو نھ وٺندس.
جيئن تھ ڪتاب لکڻ جي منھنجي ھيءَ پھرين ڪوشش آھي،
انھيءَ سبب ڪتاب ۾ غلطين ۽ اوڻاين جي امڪان کي ذھن
۾ رکندي، پڙھندڙن کي انھن جي نشاندھي ڪرڻ ۽ وڌيڪ
مشورن ڏيڻ جي گذارش ٿي ڪجي. جيئن ايندڙ اشاعت ۾
ڪتاب کي وڌيڪ ڪارآمد بنائي سگھجي.
حيدرآباد،
٣٠ جون ١٩٩٠ع ضياءُ الدين
انصاري
ھڪ فني ماھر جو رايو
انسان کي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ھوا، باھھ ۽ پاڻيءَ
سان گڏوگڏ پيٽ قنوت واسطي اٽي، انگ ڍڪڻ واسطي لٽي
۽ مٿي لڪائڻ واسطي اجھي جون ضرورتون اولين ۽
بنيادي ھونديون آھن. اھو اجھو چاھي عمدو ھجي يا
سادو، وڏو ھجي يا ننڍو، پڪو ھجي يا ڪچو، انھيءَ کي
صحيح ۽ ڪارائتو بنائڻ لاءِ، انھيءَ جي فني مھارت
جي ڄاڻ ھئڻ نھايت ئي ضروري آھي.
محترم ضياءُ الدين انصاريءَ جي تيار ٿيل مسودي مان
اھا پروڙ پوي ٿي تھ ھڪ عام عمارت بنائڻ واسطي جن
اھم مرحلن مان لنگھڻو پوي ٿو، گھڻو ڪري انھن سڀني
مرحلن کي نھايت ئي سھڻي نمونن ۾ سميٽي ۽ سليس
طريقي سان سمجھايو ويو آھي. تفصيلي خاڪن، چارٽن ۽
جاءِ ٺھڻ بعد استعمال دوران، انھيءَ جي سار سنڀال
واسطي پيدا ٿيندڙ مسئلن جي ڄاڻايل حلن، ڪتاب جي
افاديت ۾ واڌارو آندو آھي.
منھنجي خيال ۾ انجنيئرنگ فيلڊ ۾ عمارت سازيءَ جي
مضمون تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ ھيءُ پھرين
ڪوشش آھي، جنھن جي ماھيت اسان جي علمي خزاني ۾
پنھنجي ھڪ نرالي حيثيت رکي ٿي. ھن قسم جي ڪتابن جي
ضرورت ڪافي وقت کان محسوس ڪئي وڃي ٿي. اميد آھي تھ
اسان جا شاگرد سرڪاري توڙي نجي عملدار ۽ عام ماڻھو
ھن ڪتاب مان ڄاڻ حاصل ڪري پورو پورو فائدو حاصل
ڪندا. علم جو خزانو ھڪ بحر مثل آھي، اسانجن
انجنيئر ڀائرن کي گھرجي تھ ھو بھ اڳتي وڌي،
انجنيئريءَ جي مختلف مضمونن تي آسان سنڌي زبان ۾
ڪتاب لکي، علمي ادب ۾ واڌارو آڻي، ھن سائنسي دؤر م
نون طور طريقن سان ھر خاص و عام ماڻھوءَ کي روشناس
ڪرائين.
تاريخ: ١٥- جولاءِ ١٩٩٠ع
منظور احمد قريشي
سيڪريٽري مواصلات ۽ تعميرات،
سنڌ سرڪار، ڪراچي.
باب پھريون
بنياد، عمارت جو سٽاءُ ۽ کوٽائي
(Foundations, Layout of Building & Excavations
١-١ بنياد (Foundation)
عمارت جي بنياد جو دارومدار، زمين جي قوت برداشت (Bearing capacity)
تي ٻڌل آھي- انھيءَ سبب سڀ کان اڳ ۾ انھيءَ ڳالھھ
جي ڄاڻ ڪرڻ گھرجي تھ جنھن پلاٽ تي عمارت ٺاھڻي
آھي، انھيءَ جي قوت برداشت (Bearing
capacity) ڪيتري آھي. ڪيترن علائقن ۾ تجربيگاھھ نھ ھئڻ سبب زمين جي قوت
برداشت جي خبر نھ پئجي سگھندي آھي- اھڙيءَ حالت ۾
زمين جي نوعيت مطابق يا انھيءَ علائقي ۾ ٺھيل ٻين
عمارتن جي بنياد جي نوعيت مطابق، بنياد جي
اونھائيءَ ۽ ويڪر جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
دراصل بنياد جو مقصد عمارت جي اڏاوت جو وزن مذڪوره
زمين تي سلامتيءَ سان اھڙي انداز تي وجھڻو آھي
جيئن اھو زمين جي برداشت جي قوت کان وڌي نھ وڃي.
بنياد ھميشه پختي زمين تي ھئڻ گھرجي، نھ تھ ٻيءَ
صورت ۾ بناوتي ۽ جڙتو طريقن سان زمين کي پختو
بنائي، ان جي برداشت جي قوت گھربل انداز تائين
آڻي، پوءِ ان مٿان اڏاوت ڪجي.
عمارت جو اھو حصو، جيڪو پلنٿ ليول (Plinth
Level) کان ھيٺ آھي، انھيءَ کي عمارت جو بنياد سڏيو وڃي ٿو.
عمارت جي بنياد جا ڪيترائي قسم آھن ۽ ھر ڪنھن قسم
جو دارومدار عمارت جي نوعيت تي ٻڌل آھي. ھڪ عام
رواجي زمين جي حالت ۾ بنياد زمين جي اصلي ۽ قدرتي
ليول کان گھٽ ۾ گھٽ ٽي فوٽ ھيٺ ھئڻ گھرجي، جيئن
اھو برسات جي پاڻيءَ ۽ ٻين اھڙن قسمن جي موسمي
اثرن کي برداشت ڪري سگھي .
عام طرح سان اسان وٽ ھڪ منزلھ يا ٻھ منزلھ عمارت
ٺاھڻ واسطي زمين کوٽي، سڀ کان پھريائين گھٽ نسبت
واري سيمينٽ ڪانڪريٽ جو بلاڪ ڏيئي، جھڙوڪ ١٠ :٥ :١
يا ٨ :٤ :١ وغيره، انھيءَ جي مٿان سرن جا ڏاڪا
ٺاھي، مختلف کسڪا ڏيئي، انھيءَ کي ٿلھي يا چوڪيءَ
واري ليول (Plinth
Level)
تائين آڻي، انھيءَ جي مٿان ڇِت جو بار جھلڻ وارين
سرن جون ڀتيون (Load
bearing walls)يا
فريم اسٽرڪچر (Frame Structure)
جو بوتو ٺاھي، عمارت اڏي ويندي آھي. اھڙيءَ صورت ۾
بنياد جي ويڪر، اونھائي ۽ قدرتي زمين مٿان ۽ بنياد
جي سڀ کان ھيٺان ڪانڪريٽ بلاڪ جي ماپ، ھيٺ ڄاڻايل
دستورن مطابق اختيار ڪئي ويندي آھي (ڏسو شڪل نمبر
١ الف، ب، ت ۽ ث).
١: ١-١ بنياد جي ويڪر (Width
of Foundation)
(i) جيڪڏھن ڀت يا ديوار ھيٺان پايا نھ ڏنا وڃن
تھ بنياد جي ويڪر، مکيھ ديوار جي ٿولھھ کان ٽيڻي
ھئڻ گھرجي.
(ii) ديوار
(Wall) يا ٿنڀن يا ٺلھن
(Piers) مٿان جملي وزن جھڙوڪ ڊيڊ لوڊ
(Dead load)
لائيو لوڊ
(Live load)
۽ ونڊ لوڊ
(Wind load)
ڪڍيو وڃي ۽ پوءِ ھيٺ ڄاڻايل
فارمولا مطابق ويڪر جو اندازو لڳائجي.
(الف) ڀتين لاءِ:
بنياد جي ويڪر=(B)
ھر ھڪ ميٽر ڊيگھھ مٿان جملي وزن
(W)
زمين جي مناسب قوت برداشت
(P)
يا
Width of foundation (B)= Total load per metre
length (W)
Allowable bearing capacity of soil (P)
(ب) پاين
(Piers) لاءِ:
بنياد جي ويڪر= پايي
(Pier)
مٿان وزن
زمين جي مناسب قوت برداشت
يا
Width of foundation=
Total load on the pier
1/2
Allowable bearing capacity of soil
(iii) بنياد جي ويڪر
(B)
=
بنياد مٿان ديوار جي ٿولھھ جي ٻيڻ
+ بنياد جي ھيٺئين تھھ جي سيمنٽ
ڪانڪريٽ جي کسڪن جي ٻيڻ
شڪل نمبر ١
يا
Width of foundation (B)= Twice the Thickness of
wall + Twice the projection of bed concrete
i.e: B=2(t+j)
مٿي ڄاڻايل ٽنھي طريقن مان وڌ ۾ وڌ ويڪر جو ملھھ
ڏيڻ وارو طريقو استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ عام طرح سان
بنيادي ڪانڪريٽ جو کسڪو ١٥ سينٽيميٽر يا ٦ انچ ھئڻ
گھرجي. بنيادي ڪانڪريٽ جي ٿولھھ چوڪيءَ
(Plinth) کان مٿي وارين ديوارن جي ٿولھھ جي تناسب ۾
گھٽ ۾ گھٽ
5/6
حصو ھئڻ گھرجي. عام طرح سان
بنياد جي ڪانڪريٽ بلاڪ جي ٿولھھ ٢٢ سينٽيميٽر يا ٩
انچ ھئڻ گھرجي.
٢: ١-١ بنياد جي اوچائي
(Depth of Foundation)
ھيٺ ڄاڻايل طريقن مان وڌ ۾ وڌ ملھھ جي حساب سان
بنياد جي اوچائي رکڻ گھرجي:-
(i)
موسمي اثرن کان روڪ جي لحاظ کان بنياد جي گھرائي
قدرتي زمين جي سطح کان مکيھ وارين ديوارن لاءِ ٣
فٽ ۽ ٻين ديوارن
(Secondary Walls)
واسطي ٢ فٽ ھئڻ گھرجي.
(ii)
رئنڪين جي دستور
Rankine,s Formula)
مطابق بنياد جي اوچائي ھيٺ ڏنل
قائدي سان ڪڍي وڃي ٿي:-
D=P/W I-Sin
j 2
I+ Sinf
جنھن ۾:
=D بنياد جي اوچائي فٽن ۾
(Depth of Foundation in feet)
P
= زمين جي بنياد جي ھيٺئين تھھ تي سلامتيءَ
وارو وزن (پائونڊ ھر اسڪوائر فوٽ)
[Safe permissible pressure on base (soil)in
Ib/sq. foot]
W
= زمين جي تور (پائونڊ ھر ڪعب فوٽ)
(Weight
of soil in Ib/cu.foot)
f
=
زمين جي آڌار واري يا ساھيءَ
واري ڪنڊ ڊگرين ۾
(Angle of repose of soil)
ھڪ سراسري سٺي زمين لاءِ:
f=300
P=10 tonne sq. meter= 0.914 tons/sq: ft.
W= 1600 kg/cu- metre= 99.84 Ibs/cu. ft.
(iii)
بنياد ايتري گھرائيءَ تائين کنيو وڃي جيئن انھيءَ
زمين مٿان وزن جو بار انھيءَ زمين جي برداشت جي
قوت (بنياد جي انھيءَ گھرائيءَ تائين) کان گھٽ
ھجي.
ڀراءَ واري زمين جي صورت ۾ بنياد کي زمين جي پختي
تھھ تائين کنيو وڃي يا بنياد جي آڌار
(Piles)
تي رکيو وڃي.
٣: ١-١ ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوچائي
[Depth
of concrete block (d)]
ھيٺ ڄاڻايل طريقن مان وڌ ۾ وڌ ملھھ ورتو وڃي:-
(i) ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوچائي=
1/58 p j2
m
(سينٽيميٽرن ۾)
يا=
46.7 p j2
(انچن
۾).
m
(ii)
ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوچائي=
5/6t
(سينٽيميٽرن ۾)
يا=
0.328 t
(انچن ۾)
جتي،
=p
بنياد مٿان وزن جو دٻاءُ
kg/m:
يا
Ib./ft
=j
ڪانڪريٽ بلاڪ جو کسڪو
Cm: “ Inch
= m
سيف ماڊولس آف رپچر
kg/cm: “ Ib./In.
(Safe Modulus of rupture)
= t
چوڪيءَ جي ليول (پلنٿ ليول)
کان
Cm: “ Inch.
مٿي ڀت جي ٿولھھ. |