سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: لاڙ جا سير

باب:

صفحو :4

لا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون،

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين تون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

جمن چارڻ:

يا پير پيران دستگير!

ديدار جو مشتاق من، مون کي پسائين پاڪ تن،

مشرف ڪرين جڳ ۾ جمن، توهان گهران امن و امن،

يا پير پيران دستگير!

اهو شعر جو نمونو ٽالپرن جي اڌ حڪومت تائين هليو. مير ڪرم عليءَ جي ڏينهن ۾ سنڌي شاعرن شروع ڪيو. انهيءَ وقت جي ماڻهن مان پهريون سيد ثابت علي شاهه ولد مدار علي شاهه هو، جنهن موزون شعر چيو. هن صاحب مرثيا، منقبت، هجو وغيره گهڻائي چيا آهن. سندس ڪلام مان ٽڪرو مثال طور هت ڏجي ٿو:

جنگ جا نوبت نغارا ٿيا شروع،

حشر ٿيو مقتل ۾، مارو سو به سو ،

اُت مُنادي موت جي ٿي ڪُو به ڪُو،

رُڪ جي بادل مينهن ٿي برسايو لوهُو،

ٿيا ڳڙن جيئن تير، ۽ وڄُ جيئن ترار،

شاهه ٿي نت شڪر ڪيا بر ڪرد گار.

هيءُ وقت سنڌي ادب لاءِ ٽي بهاري ثابت ٿيو. منجهس چڱا چڱا شاعر پيدا ٿيا، جن موزون شعر چيا. فرمانروا مير خود اديب ۽ با ڪمال شاعر هئا، تنهنڪري شاعرن ۽ اديبن جو وٽن ڪافي قدر هو، انهيءَ ڪري گهڻائي شاعر پيدا ٿيا.

موزون شعرن ۾ مڪمل ديوان لکڻ جو شرف خليفي گل محمد هالائيءَ کي نصيب ٿيو.[1] خليفو گل محمد 1226هه ۾ ڄائو هو. هن صاحب علم عروض جي مکيه بحرن تي سنڌيءَ ۾ گهڻائي غزل چيا آهن. هن منزل تي سنڌي شعر ۾ غزلن، ڪافين ۽ قصيدن جو  واڌارو ٿيو. خليفي صاحب پنهنجي ڪلامن ۾ گهڻو ڪري نج سنڌي ڪم آندي آهي. سندس غزلن مان هڪ نموني طور هت ڏجي ٿو:

خوب ناهي پوک کي پاڙان پٽڻ،

ڦر ڪچو ڀترن ۽ ٺڪرن سان سٽڻ.

جوار مُٺ تي ڪني اُڀري شروع،

ڪيڪ کي ڪتي اندر گهرجي ڇٽڻ،

جت ٻُڙو هڪڙو زياده ٿو جُڙي،

سُٽ نيئي پنهنجو اُتي گهرجي مٽڻ.

جي پوي ڀرجي ڪُپو گيهه تيل سان،

سرت سان گهرجي سگهو اُن کي ڏٽَڻ،

ناهي سڀ سودي ۾ کٽيو ۽ ڇيهو،

ڪٿ آهي هارڻ ڪٿي آهي کٽڻ،

راند ۾ ڇوڪر ابا هوشيار ٿي،

هي مڙسي کينهون ڏوران ئي جهٽڻ،

سامهون صف جُنگ مڙسن جي گهڙي،

پوءِ نه لازم ”گُل“ وري پٺتي هٽڻ.

انهيءَ کان پوءِ واري زماني ۾، آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله پراڻن هالن وارو وڏو شاعر به موجود هو. سندس ”ديوان قاسم“ پڻ موجود آهي. سندس سال ولادت 1234هه ۽ سال وفات 1309هه معلوم ٿئي ٿو. آخوند صاحب حيدرآباد ۾ گهڻو وقت رهيو. اُتي درس و تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس مڪتب ۾ هندو خواهه مسلمان گڏ  پڙهندا هئا. ”ديوان قاسم“ مان هڪڙو غزل هيٺ ڏجي ٿو:

نه يڪدم دور ٿي دل کان ڏنل دلدار جو اخلاص

هنئين آهيم هر هر هن هنئين جي هار جو اخلاص

رکي پڪ پرت پائڻ جو، اسان سان لاڳ لائڻ جو

سدا موهي ڇڏي مون کي مٺل منٺار جو اخلاص

مدامي من اندر محڪم هجي جي جان ۾ هر دم

مٺي محبوب مشفق جي سندي جنسار جو اخلاص

رکي بلبل برهه ڀيرو، ٻڌي جيئن ساڻ گل گهيرو

اندر ۾ آهه عاشق جي پريان جي پار جو اخلاص

رکي جڙ جان ۾ جنهنجي ڪري ”قاسم “ طلب تنهنجي

رهيم منجهه روح اسدالله عظمت دار جو اخلاص.

 

هن دور ۾ موزون شعر جو رواج ڦوهه جوانيءَ کي وڃي پهتو ۽ ڏوهيڙن جي پيري ٿي. وقت اهڙو اچي بيٺو، جو ڏوهيڙن چوندڙن کي شاعر ۽ ڏوهيڙن کي شعر چوڻ کان به ماڻهن نفرت پئي ڪئي.

آخوند محمد قاسم کان گڏ سيد فاضل شاهه رهندو هو، جو پڻ چڱو شاعر هو.[2] سندس ”ديوان فاضل“ مشهور آهي. فاضل شاهه پنهنجي شعرن ۾ ڪوشش ڪري ٺيٺ سنڌي ڪم آندي آهي، جا ڏاڍي وڻندڙ آهي. نموني لاءِ سندس هڪڙو غزل هيٺ ڏجي ٿو؛

منجهه اندر ئي آڳ اٽي ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ،

جوش ۾ ٿي جان ڦاٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ،

درد ۾ دل درد مندن جي جلي منجهه جوش جند،

ڄر وڌي ڄيري ڄراٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

هانو هڏ چم آ ڱرا سڀ سجهايا مغز ماهه،

عشق جي آتش اُساٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

دمبدم غم ۽ الم جي ساهه تي هر صبح شام،

باهه ٻڙڪن کي ٻُساٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

فڪر ”فاضل شاهه “ اندر ٿا اُڀامن آڳ گهاو

ڌڙ ڌريائون قلب ڪاٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ

سيد فاضل شاهه هڪ غزل ۾ عجيب صنعت ڪم آندي آهي، جنهن کي ”مهمله“ چوندا آهن، يعني جيڪي لفظ ۽ اکر غزل ۾ ڪم آندا اٿس سي سڀ، سواءِ پنهنجي نالي جي، نقطن کان سواءِ آهن. عام واقفيت لاءِ اهو غزل يا مهمله هيٺ ڏجي ٿو:

دلاور دلارام دلدار لاءِ

سدا سڪ، م رسُ، راس رههُ ، رسُ رساءِ

مڪر حرص هورا، مهوس م هو،

طمع رک م طامع گدا گهر گساءِ،

سکر سال سالڪ همه حال رهه،

اکر علم وارو عمل ڪر، الاءِ

گدا سر سدا ڪر ڪرم گار،

سگهو واءُ ڪو وصل وارو وراءِ

مڪمل اهو مهملو ڪهه ڪلام،

اکر مهملا هر طرح لک، هلاءِ

اها رسم ”فاضل“ محال آهه مام،

حسد ڪار حاسد هوس هاءِ هاءِ

پوءِ ته گهڻائي شاعر پيدا ٿيا، جن موزون شعرن جون پلٽون پلٽيون، جيئن ته مير عبدالحسين ”سانگي“، جنهن جو ”ديوان سانگي“ موجود آهي.[3] ديوان ليلارام وطن مل جو ”ديوان خاڪي“، ۽ حافظ حامد جو ”ارمغان حامد“ وغيره.

سنڌي شعر جي تاريخ ۽ سنڌي شعر جي ٻولي اسان ڏسي ورتي. معلوم ٿو ٿئي ته جيئن جيئن وقت ويو آهي گذرندو، تيئن تيئن سنڌي شعر ۽ سندس ٻوليءَ ۾ ويو آهي ڦيرو پوندو. ڏوهيڙن واري زماني ۾ جا ٻولي اسحاق آهنگر، قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم ڪم آندي آهي، تنهن کان ٿورو ڦريل وري مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالله ۽ مخدوم محمد هاشم ڪم آندي آهي.

شاهه عنايت قادري، شاهه عبداللطيف ۾ شاهه عنايت الله رضوي ۽ مخدوم محمد زمان لواري واري، وري به ڪي قدر ڇنڊيل ڇاڻيل ٻولي ڪم آندي آهي. باقي ٽي منزل تي منزل تي جن شاعرن علم عروض جي قانون اندر شعر چيا آهن، تن جي ٻولي اڃا به نرالي آهي. تنهن مان گمان ٿو آڻجي ته سنڌي ٻولي به گهڻيون ئي منزلون طئي ڪري اچي هن منزل تي پهتي آهي. انهن منزلن اندر سندس گهڻيون ئي صورتون بدليل ٿيون ڀانئجن.  اهڙي مونجهاري کي پري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ لکي وڃي.[4]

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

 

سنڌي ٻوليءَ جي معنى آهي اها ٻولي جا سنڌ ملڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ لفظ سنسڪرتي آهي، جنهن جون ٽي معنائون آهن: (1) سمنڊ، (2) سنڌو ندي (3) سنڌ ملڪ، جتان اها ندي وهي ٿي، اسين پنهنجي مطلب لاءِ پوئين معنى وڌيڪ موزون، معتبر سمجهون ٿا.[5]

بنياد:

   سنڌي ٻولي جو اصل بنياد سنسڪرٽ ٻولي مان آهي، جيتوڻيڪ هاڻوڪو لباس عربي ۽ پارسي جو اٿس ۽ زيب زينت انگريزي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين جو اٿس.

سڄي دنيا جون ٻوليون ٽن مکيه ٻولين مان نڪتيون آهن: (1) توراني، (2) شامي، (3) آريه، انهن ٻولين مان وري هيٺيون ٻوليون ڄايون آهن:-

توراني: تامل، تلنگي، ملايم، سياسي، برمي، چيني، جپاني، ترڪي، ٿٻيٽي، هنگاري ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٻوليون.

شامي: عراقي، عبراني (جنهن ۾ توريت لکيل آهي)، عربي، ايراني ۽ ڏکڻ الهندي ايشيا جون  ٻوليون

آريه: سنسڪرت، زند، يوناني، سلواني، ڏوڏني، لئٽن، ڪيلٽڪ وغيره.

(1)  سنسڪرت مان وري هيٺيون ٻوليون نڪتيون آهن: پراڪرت، شئورسيني، ماگدي ۽ پئشاجي. انهن مان وري هيٺ ڄاڻايل ٻوليون نڪتيون:

پالي، مهاراشٽري، گجراتي، هندي، سنڌي، پنجابي، مارواڙي، بنگالي ۽ ٻيون اتر هندستان واريون چالو ٻوليون.

(2) زند ٻولي مان پارسي، پهلوي، پشتو ۽ روسي ٻوليون نڪتيون آهن.

(3) لئٽن ٻولي مان فرينچ، پورچو گيز، اٽالين، اسپارش ۽ رومن ٻوليون نڪتيون آهن.

(4) ٽوٽاني ٻولي مان جرمن، ڊچ، ساڪسن ۽ انگريزي ٻوليون نڪتيون آهن.

مٿئين بيان مان ظاهر ٿيو ته هندو، پارسي، ايراني، افغاني، روسي، يوناني، جرمني، ڊچ ۽ انگريز سڀ هڪ ڪٽنب مان آهن ۽ انهن جون ٻوليون گهڻو ڪري گهرو لفظن ۾ هڪ جهڙيون آهن. هيٺ ڏيکاريل يادداشت آريه ٻولين جي هڪ جهڙائي ڄاڻائي ٿي:

سنسڪرت سنڌي پارسي يوناني لئٽن انگريزي

پتر      پيءُ      پدر             پئٽر          پئٽر         فادر

ماتر     ماتا             مادر      مئٽر          مئٽر         مادر (مدر)

ڀراتا     ڀاءُ        برادر    فرئٽريا       فرئٽر         بردر

دهتر    ڌيءُ       دختر    ٽڳيٽر          –             ڊاٽر

شو سرو سهرو   خسره  هيڪيوارس    سرسر          –

 مٿئين بيان مان معلوم ٿيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڄائي آهي.[6] هاڻي هن جو  هيٺ ذڪر ڪبو ته ڪيئن سنسڪرت ٻولي ڦيرا گهيرا کائي سنڌي ٻولي جي منزل تي پهتي آهي.

سنسڪرت لفظ جي اصلي معنى آهي، ڪامل يا صاف ٿيل. سنسڪرت جا 3 درجا آهن. (1) قديم، (2) وچولو، (3) آخرين. سنسڪرت اها ٻولي آهي، جنهن کي هن وقت زنده ٻولي چئي نٿو سگهجي.[7] ان ۾ هندن جا ويد، پران، سمرٿيون ۽ تاريخون لکيل آهن.

اڄ ڏينهن تائين هندو ماڻهو پنهنجي پوڄا پاٺ ۽ ڪريا ڪرم ۾ اها ٻولي ڪم آڻيندا آهن. ودوان ۽ پنڊت به انهي ٻولي ۾ گيان گوشٽ ڪندا آهن، مگر اڄڪلهه اها ٻولي ڪٿي به ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي، تنهن ڪري مرده ٻولي سمجهي وڃي ٿي. ڪو وقت هو جو اها ٻولي آرين جي عام رواجي ٻولي هئي، پر انهي ڳالهه کي هزارين ورهيه ٿيا. رواجي ماڻهن جي وات ۾ اصلوڪي سنسڪرت رفته رفته بگڙڻ لڳي ۽ اصلوڪي حالات بدلائي، ٻئي درجي تي آئي، جنهن کي وچولي سنسڪرت چئجي ٿو، انهي منزل تي پهچڻ کان پوءِ به منجهس ڦير ڦار ٿيڻ لڳي ۽ نيٺ آخر بن منزل تي اچي پهتي، جنهن کي ”پراشڪ سنسڪرت“ ڪري چوندا آهن.

اول درجي واري سنسڪرت ۾ رگ ويد، يجرويد، سام ويد ۽ اثر ويد جو ٿورو حصو لکيل آهي. وچولي درجي ۾ باقي ويدن جو ڀاڱو ۽ آخرين درجي ۾ رامائڻ، مهاڀارت، سمرٿيون ۽ ڪاليداس جا ناٽڪ لکيل آهن، انهي بعد لکڻ جي ٻولي ۽ ڳالهائڻ جي ٻولي ۾ ايڏو انقلاب آيو جو لکڻ جي ٻولي ۽ ڳالهائڻ جي ٻولي ۾ وڏو فرق پئجي ويو. عام ڳالهائڻ واري محاوري کي عامي يا رواجي ٻولي سڏيو ويو. سڀ کان جهوني سنسڪرت (پراڪرت) کي پالي ٿا ڪوٺين. اها ٻولي مهاراجه اشوڪ جا حڪم، جي هن پٿرن، جبلن ۽ ٿنڀن تي اڪرائي ڇڏيا هئا. سي به پالي ٻولي ۾ آهن. هي ٻولي ٻڌ ڌرم وارن جي مقدس ٻولي آهي. انهيءَ ۾ ٻڌ ڌرم وارن جا ڪيترا ڪتاب لکيل آهن.

پالي ۽ سنسڪرت ۾ گهڻو تفاوت ڪونهي. پاليءَ جا اڌ کان به وڌيڪ اکر هوبهو سنسڪرت جهڙا آهن، باقي اڌ ۾ ٿوري ڦير ڦار آهي.  ٿوري ڦير ڦار کانسواءِ گرامر به ٻنهين جو ساڳيو آهي، جيئن وقت ويو گذرندو تيئن پراڪرت ٻولي وئي وڌيڪ بگڙندي ۽ اها هيٺين پنجن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي:-

ماراشٽري، شئورسيني، ماگدي، پئشا جي ۽ اپڀرنش، مهاراشٽري مرهٽن جي ملڪ ۾ ڳالهائڻ ۾ آئي، جنهن مان ڪوڪني ٻولي به نڪتي آهي.

شورسيني مٿرا جي آسپاس ڳالهائڻ ۾ آئي، جنهن مان پڇمي هندي، برج ڀاشا (جنهن ۾ سورداس جي وائي لکيل آهي)، ڪشميري ۽ پنجابي ٻوليون نڪتيون.

ماگدي مگديا بهار ۾ ڳالهائڻ ۾ آئي، جنهن مان بنگ ڀاشا يا بنگالي، آسامي، اُڙيا (اوڙيسا)، مئٿلي، ڀوڄپوري ۽ ناگپوري ٻوليون نڪتيون.

پئشاجي ٻولي پشپا لوڪن جي ٻولي هئي، انهن جي ذات پٺيان اهو نالو پيس، جا اڀرندي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي، باقي اپڀرنش الهندي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي.

انهن پنجن پراڪت ٻولين مان ماراشٽري کي سڀني کان مٿي پاڪ ڪري لکيو اٿن جين ڌرم وارن جا ڌرمي ڪتاب انهي ٻولي ۾ لکيل آهن.

اپڀرنش کي سڀني کان هيٺ لکيو اٿن. اپڀرنش جي لفظي معنى آهي، کريل، ڇو ته منجهس تمام گهڻو بگاڙو ٿي ويو آهي. اپڀرنش جا وري 2 قسم آهن: هڪڙو ٻئي کان جان تان ڪي وڌيڪ معتبر آهي. ان کي ناگر اپڀرنش ڪري ٿا چون، انهي ٻولي مان هاڻوڪي گجراتي ٻولي ٺهي آهي. ٻيو قسم جو انهي کان به وڌيڪ بگڙيل آهي، تنهن کي وراچڊ اپڀرنش يعني ردي اپڀرنش ڪري ٿا چون، جا بدلجي سنڌي ٻولي ٿي پيئي آهي.[8]


[1] عروض تي غزل سڀ کان اول سچل سرمست چيا آهن، باقي پهريون مرتب ”ديوان گل“ چيو وڃي ٿو. (گرامي).

[2] فاضل شاهه ”فاضل“ جا هم عصر ۽ صاحب ديوان ٻيا به گهڻا آهن، جي ادبي تاريخ ۾ ڏسڻ گهرجن ”فاضل“ قادر الڪلام استاد شاعر هو. (گرامي)

[3] ان ئي دور ۾ سانگيءَ جو استاد غلام محمد شاهه ”گدا“ و مرتضائي ٺٽوي استاد شاعر موجود هئا، جن کان پوءِ قليچ جو دور شروع ٿئي ٿو. (گرامي)

[4] هن سلسلي ۾ قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري مشهور شاعر آهي، جنهن کان پوءِ لطيف، شاهه عنايت رضوي نصرپوري ۽ مخدوم محمد زمان لواري وارا ۽ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي بيت ۾ فني ۽ معنوي حسن ۽ دلڪشي پيدا ڪري چڪا آهن. شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو ايڊٽ ڪيل 1968ع ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ يالاجي جي پاران ڇپيو آهي. (گرامي).

[5] نئين تحقيق موجب سنڌي ٻولي جي قدامت جو مسئلو اهو نه رهيو آهي، جو گريئرسن ۽ چنٽر جي پارن عالمن بيان ڪيو هو. سنسڪرت سان سنڌي ٻولي جو ڪهڙو تعلق آهي، ان متعلق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“ جو مطالعو ڪرڻ تمام ضروري آهي. _ گرامي.

[6] ڪن محققن جو چوڻ آهي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ اچارن، معنائن، لغت ۽ گرامر تي خيال کان وڏو فرق آهي ۽ سنڌي وڌيڪ جهوني ٻولي آهي – گرامي

[7] ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ، ڀارت ۾ سنسڪرت زنده ٿي آهي. هندو يونيورسٽي (بنارس) ۾ باقاعده پڙهائي وڃي ٿي. (گرامي.

[8] لسانيات جي علمن جو ان مسئلي ۾ اختلاف آهي. چئٽرجي سنڌي ٻولي کي اوائلي سڌريل ۽ سريلي ٿو ڪوٺي – گرامي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: