لاڙ جي تاريخي
اهميت
تاريخي لحاظ سان لاڙ کي سڄي سنڌ کان وڌيڪ اهميت
حاصل آهي. سمنڊ جي ويجهڙائيءَ ڪري ۽ منجهس جهونن
وسندڙن بندرن ۽ شهرن هئڻ ڪري هيءَ خِطو چمڪندڙ
ستاري مثل هو. عربن کان اڳ هندو زماني ۾ منجهس وڏا
وڏا بندر ۽ مشهور واپاري مرڪز هئا. مثلاً: ديول
بندر، ڀنڀور، سير ڳنڍو، نيرون ڪوٽ ۽ برهمڻ آباد
وغيره ، انهن بندرن ۽ مکيه شهرن سان ڏورانهن ملڪن
جو واپار سامونڊي خواهه سُڪي رستي هلندڙ هو.
واپاري نموني ڏي وٺ ڪرڻ ڪري ۽ انهن ملڪن سان ڏيٺ
ويٺ رکڻ ڪري هتان جا ماڻهو گهڻين ڌارين ٻولين ۽
رسمن کان واقف هئا. هتان جي بندرن تان ايراني نار،
عراق، نجد، عمان، يمن، حجاز، مصر ۽ سوڊان تائين ۽
ڀارت ۾ ملبار ۽ سورت بندرن تائين وڏي پيماني تي
واپار هلندڙ هو. قافلن جي رستي افغانستان، ايران،
مڪران وغيره ملڪن سان ڏي وَٺُ ٿيندي هئي.
سڀ کان اول هن سر زمين کي ئي اهو شرف حاصل ٿيو
جو مٿس اسلامي فاتح محمد بن قاسم پنهنجا پير
پڌاريا ۽ کيس باب الاسلام جي لقب سان ملقب ڪيو.
اسلامي تهذيب پهريائين هتي آئي ۽ پوءِ هتان کان ٿي
اڳتي پکڙي. عربن سنڌ تي 300 ورهيه راڄ ڪيو. ايڏي
وڏي عرصي ۾ سندن حڪومتي مرڪز يا گادي جو هنڌ سر
زمين لاڙ تي ٿيندو رهيو. عربن جي حڪومت جو اثر ملڪ
تي ايترو پيو جو انهي وقت جا اڻ پڙهيل ڌنار به
عربي ٻولي سولائي سان سمجهي ۽ ڳالهائي سگهندا هئا.
عربن سان گڏ وڏا وڏا عالم، فاضل ۽ اديب به آيا
هئا، جن هتي اچي درس تدريس جاري ڪيو. حڪومت جي
مُکيه شهرن ۾ وڏا وڏا مدرسا قائم ٿي ويا، جتي عرب
خواهه سنڌي نومسلم گڏجي تعليم وٺندا هئا، انهن
مدرسن منجهان ڪيترائي سنڌي سندون حاصل ڪري ويا.
وڏا وڏا محقق ۽ محدث پيدا ٿي پيا، جن پوءِ عربن
سان گڏجي ڏورانهان ڏيهه وڃي واسيا، اڄ تائين به
انهن سنڌين جو اولاد عرب ۽ مصر ۾ درس تدريس ڏيندو
نظر اچي ٿو. حاصل مطلب ته سنڌ جي ٻين ڀاڱن لاءِ به
علم وادب پرائڻ جا دروازا هتان ئي کليا.
عربن کان وٺي اڄ تائين ڪيترين قومن سنڌ تي
حڪومت ڪئي آهي. حڪومت جي مٽ سٽ ٿيڻ ۾ ڪيتريون ئي
جنگيون لڳيون هونديون، جي گهڻو ڪري سڀئي سر زمين
لاڙ تي ٿيون. ڪيترن جوڌن جون جُڏيون، پهلوانن جون
پلٿيون، توبچين جون نشان بازيون هن سر زمين ڏٺيون
۽ سٺيون، ڪيترن مائرن جي لعلن کي تڙپندي پنهنجي
سيني تي جاءِ ڏني، ڪيترا ڪونڌر ڪسندي ڏسي سندن رت
کي ڪشاده دليءَ سان پنهنجي خاڪ پاڪ ۾ جذب ڪيو، مٿس
ڪيترا راڄ بي تاج ۽ ڪيترا گدا شاهه ٿيا، ڪيترن جي
ماتمي سرگس ۽ ڪيترن جي رسم تاجپوشي جي ڌام ڌوم
ڏٺي. ڪيترن جي لاشن تي ڪنگ نمندا ۽ ڪيترن جي ماهه
تي مرون مڙندا ڏٺا، ايترا حادثا ۽ واقعا، ڏسندي ۽
سهندي به هن ۾ تر جيترو ڦيرو ڪو نه پيو. نه ڪنهن
کي ڪرڙائي ۽ ارهه زوري ڪرڻ کان روڪيائين ۽ نه ڪنهن
سان هاڃو ٿيندو ڏسي هنجون هاريائين پر پاڻ ڳنڀير
ٿي سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري، سڀني جا سُک ۽ سُور
پنهنجي ئي پيٽ ۾ سانڍيائين.
رڳو ائين نه آهي ته هن ڪو سدائين خونخواري جو
نظارو ويٺي ڏِٺو ۽ سَٺو، يا رت جي ريل ڇول ۾ ڪو
ويهي پاڻ اونگهرايو ۽ نڪي بي گناهن جو رت ظالمن
هٿان وهندو ڏسي پاڻ وندرايو، پر ڪيترائي عشق وحُسن
جا شُغل ڏسي پاڻ وندرايو به ٿي. ڀنڀور ۾ سسئي ۽
پنهونءَ جو سک ۽ سندن صداقت، ڪينجهر ڪپ تي نوري
تماچيءَ جو نينهن، ڪئونرو جا ڪيرت، ليلا جا
ليلڙاٽ، چنيسر جا چاڳ ۽ جکريءَ جا جک مارڻ به هن
سر زمين ڏٺا. ان سان گڏ ڪلاچي جي ڪُنَ تي واڳوءَ
سان وير ۽ مَنڊَي مورڙي جي مردانگي جو ڀير به هن
پنهنجي اکين ڏٺو. عمرڪوٽ ۾ عمر سومري جون ارڏايون
۽ مارئي جون نيزاريون به ڪنين ٻُڌائين. مومل جو
مڪر ڪري ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪونڌر ڪُسندي ڏسي ڪنهن سان ٻاڦ
نه ٻوليائين. اها سر زمين لاڙ نه فقط تماشبين ٿي
رهي پر کيس وڏو فخر انهي ڳالهه تي به آهي ته سندس
آغوش ۾ ساري سنڌ جي چمڪندڙ ستارن اجهو ورتو ۽ کيس
پنهنجي خواب راحت لاءِ پسند ڪيو. بزيل ۽ عبدالله
جهڙن سپهه سالارن کي هن عربي سمنڊ جي ڪناري سان
هميشه لاءِ جان ڏني، جيئن ته سندن روح عربي سمنڊ
جي ڇولين دوران پنهنجي پياري وطن سان دائما
رهاڻيون ڪندا رهن. مڪلي جي ٽڪري، گويا لاڙي سر
زمين جي جگري، تنهن تي هن ساري سنڌ جي برک تاجدارن
کي جاءِ ڏني ۽ وقت جي ڪيترن اولياءَ الله ۽ مجذوبن
کي دائمي مڪان ٺاهي، انهيءَ لاءِ ته سنڌ جو توجهه
ڏانهن ٿئي. هن سر زمين نه فقط اتي وڃي ڇيهه ڪيو،
پر سِپ وانگي پنهنجي پيٽ مان اهڙا درخشان موتي
پيدا ڪيائين، جن جي بدولت نه فقط پاڻ چمڪي ۽ روشن
رهي بلڪ ساري دنيا تي پنهنجو شعاع پهچايائين، جنهن
ڪري ساري دنيا جون اکيون ڏانهن ٿيون. اڄ انهن جي
جاءِ قيام تي ميلا لڳن ٿا ۽ هزارين سِرَ نِمن ٿا،
جتي ڪِٿان ڪِٿان جا ماڻهو ڪَهي اچي عبرت وٺي وڃن
ٿا. اُهي لعل اڄ به سُڃن لاءِ سمر آهن، ڏکين جون
ڏَڍُ آهن، اسونهن جا سونهان آهن ۽ هر دردوندي دل
جا درمان آهن، اڄ به ڏسو ته ڪچهرين ۾ انهن جا قول
۽ ڪلام ماڻهو وڏي چاهه سان چٽا چيو دل پيا
وندرائين ۽ پنهنجو گوندر پيا گهٽائين، ڇا ايتري
خوبين ۽ خاصيتن جو مالڪ لاڙ ملڪ سنڌ بجاءِ روءِ
زمين تي ناز ڪندي نٿو سونهي؟
اوهان مان جيڪي ويڙهيچا، ويڙهه وِهاڪ آهن، يا جن
کي جهنگ جهر سان گهڻو واسطو رهيو آهي، تن کي اها
وڌيڪ خبر هوندي ته جهنگلي وڻ ٽِڻَ ۽ گُل ٻُوٽا
موسمن جي مَٽَ سَٽَ پوئتان ڪيئن نه پنهنجون سورتون
۽ حالتون بدلائين ٿا، ڪنهن سال جو بهار اهڙو ته
زور وارو هوندو آهي جو ايندڙ خِزان سندس اثر ڪري
لک ئي ڪانه ڏيندي آهي. وري ڪڏهن ته خزان جو دور
اهڙو زور ٿئي جو ڪئين بَهارُون اچن مگر ٺوٺ ٺڪاڻي
ئي ڪين لڳن. يعني هر هڪ مند پنهنجو پنهنجو اثر رکي
ٿي. اهڙيون ڪيتريون ئي مندون، خواهه ڪمندون اوهان
ڏٺيون هونديون. مگر مند سارو ماکي ضرور ڪٿان نه
ڪٿان هٿ آئي هوندي. ماکيءَ جي مک، جنهن جو ڪم ئي
آهي مٺي رس گڏ ڪرڻ يعني چڱائي جو ڪم ڪرڻ، تنهن کي
اهڙي ڪم ڪرڻ کان ڪير روڪي ۽ ڪير ٽوڪي، تنهن ڪري
ڪٿان ٿوري ۽ ڪٿان گهڻي ماکي آڻيو مڙيو ئي پنهنجو
مانارو ڀري.
لاڙي سر زمين، جنهن تي حڪومتن جي ڦير گهير گهڻي
ٿي، ان تي اهڙا انقلاب ڪنهن وقت بهار ۽ ڪنهن وقت
خزان ٿِي ٿَي ثابت ٿيا، اُنهن انقلابن ۾ لاڙ، جنهن
ماکيءَ جي مک جو ڪم پئي ڪيو، تنهن ڪنهن زماني مان
ٿوري ۽ ڪنهن زماني مان گهڻي ماکي پئي ورتي، سَوَن
سالن جي سِر ٽوڙ ڪوشش کانپوءِ نيٺ هن پنهنجو
مانارو ڀريو، جنهن مان نه رڳو سڄي سنڌ رس ورتو پر
انهي ماکيءَ جي ميٺاسَ اوڀر توڙي اولهه به رچائي
ڇڏيو.
سر زمين لاڙ کي جا پهرين بهار هٿ آئي سا هئي عربن
جي حڪومت، عرب سنڌ ۾ ڇو آيا؟ تنهن جو بيان تاريخن
۾ ڏنل آهي. هتي فقط اهو ذڪر ڪرڻ ته عربن سنڌ وارن
لاءِ ڇا آندو يا سنڌ وارن عربن کان ڇا ورتو؟،
اسلام جي ظهور کانپوءِ عرب روءِ زمين جا فاتح مڃيل
هئا. هو جنهن عالمگير مذهب جا پيرو هئا، تنهن مذهب
۾ عالمگير برادري يا مساوات جو ڏو حصو جذب ٿيل هو.
جمعي جي ڏينهن ماه محرم 93هه ۾ جڏهن عرب، فاتح
محمد بن قاسم جي سرڪودگيءَ هيٺ ديول بندر جي
ديوارن جي ڇانو ۾ اچي ڇانهريا، عين انهي وقت هن سر
زمين جي رهواسين جي دلين تي ڇنڊو پيو، ڄڻ ته صبح
جو هير اهو سنيهو سنڌين کي سڻايو ته ”اي اوچ نيچ ۽
ذات پات جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل سنڌيو! اڄ اوهين سڀ کان
سرکا آيو، انساني ڀاءُ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيو، اڄ
اوهين سڀ هڪ ئي سٿ جا ساٿي ڳڻيا وڃو ٿا، هڪ ئي
وڇاڻي تي ويهي هڪ ئي ٿانءَ ۾ کائڻ جوڳا آهيو، اڄ
ڏاڍي کي هيڻي تي ۽ سائي کي سچي تي ڪابه رڏائي حاصل
ناهي. اوهين سڀ هڪ جهڙا آهيو ۽ اوهان کي هڪ جهڙو
ئي رهڻ جي خوشخبري ڏجي ٿي“. اهو سنيهو سڀ کان اول
سر زمين لاڙ سيني سان سانڍيو ۽ انهي تي شادمانو
ڪيو. اها حقيقت هئي ته عرب سچار ۽ پرهيزگار هئا.
هنن جا اخلاق اعلى هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي سادي
هئي. هنن ۾ ذات پات جو گهُمنڊ نه هو. هو سگهارا
پهلوان ۽ پِتي وارا هئا. جيئن ته عرب لاڙين لاءِ
نئين شئي هئا، تنهن ڪري لاڙي سندن نقل وحرڪت کي
وڏي غور و خوض سان چاهيندا رهيا ۽ انهن جي پر پارڻ
لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، هنن جون عادتون ۽ اطوار
جهٽڻ پاڻ لاءِ فخر سمجهڻ لڳا، جيئن مٿي ذڪر ڪيو
ويو آهي ته عربن پاڻ سان وڏا وڏا عالم ۽ اديب به
آندا هئا ۽ انهن جا سينا علم سان روشن هئا، تنهن
کي ڏسي لاڙين وٽ به علم وادب جي بازار گرم ٿي.
حڪومت کي ويجهي پهچڻ لاءِ لاڙين به پاڻ پتوڙي عربي
علم پرايو ۽ ان ۾ ايترو ڪمال ڪري ڏيکاريو جو پوءِ
منجهائن وڏا وڏا اديب ۽ مصنف پيدا ٿي پيا، جن
ڪيترائي ڪتاب عربي نثر خواهه نظم ۾ لکيا. اهو عربي
زماني جو ميٺاس هو، جو لاڙي سر زمين سڀ کان اول
چُوسيو ۽ پنهنجي ماناري ۾ ٿَمي ٿاڪي رکيو.
عربن کانپوءِ سومرن جو دور آيو. هيءَ دور ادبي
نقطئه نگاهه سان گويا هڪ بهار پٺيان خِزان هو،
تنهن ڪري سَلا عربن جي حڪومت ۾ اُڀريا سي اتي ئي
سڙي سُڪي ويا ۽ جي مکڙيون سِرجيون هيون سي بنا کلڻ
جي اتي ئي سڙي سڪي ويون!، اها ساکنائي ڪانهي جو
ائين چئي سگهجي ته سومرن جو زمانو صفا اونداهو
زمانو هو. شايد منجهس ڪي سالڪ ۽ سُڌير پيدا به ٿيا
هجن، جي يا ته تاريخ جي انڌاري ڪري يا حڪومت جي
لاپرواهي ڪري ائين ئي رهجي ويا هجن. سومرن جو
زمانو جبر ۽ تشدد وارو بدڪارين ۽ سيه ڪارين وارو
زمانو ڄاڻايو وڃي ٿو. تڏهن ممڪن آهي ته حڪومت جي
اعمالن جي تصوير ڪن مصورن (شاعرن) ۽ ڪن نقادن (
تواريخ نويس) ويهي چِٽي ۽ لکي هجي پر وقت جي نزاڪت
۽ حڪومت جي رعب وتاب کي ڏسي متان ويچارن وينجهارن
جيڪي درج ڪيو هجي سو دٻي رکيو هجي جو ڪلر کائي ويو
هجي.
سومرن کان پوءِ سمن جو دور آيو. هن وقت ۾ ارغونن
جي دخل ڏيڻ ڪري دفتري ٻولي پارسي ٿي، تنهن ڪري
ماڻهن پارسي سکڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو. ارغونن ايران
مان پاڻ سان شاعر به آندا هئا. سنڌين به پارسيءَ ۾
ايتري مهارت حاصل ڪئي جو پارسيءَ ۾ پختو شعر چئي
ويندا هئا ۽ نثر لکڻ جا به ماهر ٿيا، جو ڪيترن
سنڌين پارسيءَ ۾ وڏا وڏا ڪتاب لکي شايع ڪرايا جي
ان وقت جي مڪتبن ۾ پڙهايا ويندا هئا. اهو سڀ انهي
ڪري ٿيو ٿي ڀانئجي جو حڪومت جي نوازشن ۽ قدر دانين
ڪري شايد سنڌين سنڌي زبان ۾ ڪجهه به لکڻ کان عار
ٿي سمجهيو.
ڪئپٽن جارج سٽئڪ چوي ٿو ته ”عربي ۽ پارسي سکڻ جو
ماڻهن کي ايترو ته چاهه هو جو سنڌي ٻولي کي هو
مسخرن جي ٻولي ڪري چوندا هئا“. شايد انهي ڪري ئي
ڪنهن عالم يا اديب سنڌي ۾ ڪجهه به لکڻ کان پاسو
پئي ڪيو، يا ته سنڌي لکڻ جي هنر کان بلڪل بي بهره
هئا.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سومرن کانپوءِ جو سمن جو زمانو
آيو، سو ادبي لحاذ سان هڪ خزان پٺيان اهڙي بهار
هو، جنهن جي اثر کي پوءِ ڪابه خزان لوڏي نه سگهي.
اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو سو سمن جي
حڪومت کانپوءِ ئي مليو نه ته انهي ۾ وڏو شڪ هو ته
اسين عربي ۽ پارسي ادب پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي
وڃون ها پر قدرت کي شايد اهو ئي منظور هو، جو اڄ
اسين ڏسون ٿا.
ڄام جو ناهه سمي جي وقت ۾ هڪڙو شخص شيخ حماد
(1) نالي ٺٽي طرف پيدا ٿيو. هو جيتوڻيڪ اصل اُچ جو
ويٺل هو پر پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو، اهو پهريون ئي
شخص هو جو تاريخ خواب وانگر ٻڌائي ٿي ته سنڌي زبان
۾ پنهنجي منهن ڏوهيڙا چوندو هو. جيئن ته هن جو ذڪر
خواب وانگر سمجهيو ويو آهي، تيئن سندس ڏوهيڙا به
خواب ٿي ويا، جي هينئر ڪٿي به ڪو نه ٿا ملن. تنهن
کانپوءِ درويش راڄو ۽ اسحاق اهنگر جا نالا ٻڌجن
ٿا. اسحاق اهنگر حيدرآباد جو ويٺل هو. هن صاحب
البت ڪوشش ڪري شيخ حماد جي رٿيل تجويز کي ٿورو
ساهه ڏياريو ۽ ڪي ڏوهيڙا چيا ۽ اهو به شڪر آهي جو
ماڻهن جي يادگيري تازي ڪرڻ لاءِ کين شيخ حماد وارو
وقت ياد ڏياريائين ۽ اڻ سڌي طرح کين گويا اها
تلقين به ڪيائين ته اها سنت جياريندا اچو. هي امر
مڃڻ جي قابل آهي ته شيخ حماد، راڄي درويش ۽ اسحاق
اهنگر گهڻيئي ڏوهيڙا چيا هوندا مگر انهي وقت جي
حالتن ڪري اهي سڀ هوا کي ملي چڪا، ڪو هڪ اڌ ڏوهيڙو
.
ڪنهن جي واتَ جهٽيو، سو ائين ئي هڪ ٻئي کان ٻڌبو
آيو ته واهه نه ته خير. اهڙيءَ طرح اسحاق اهنگر
جو هڪ ڏوهيڙو پڌرو آهي جو هيٺ ڏجي ٿو. سنڌي شاعري
جو اهو پهريون ئي شعر آهي جو سنڌ وارن لاءِ ظاهر
ڪجي ٿو:
ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرين جي ڇَڄَ تي،
مانَ ڪَرنَ ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.
جيئن ته سڀڪا ٻولي پهريائين نظم جي صورت وٺي ظاهر
ٿي آهي، تيئن سنڌي به اول نظم جي صورت ۾ ظاهر ٿي.
هن کانپوءِ ڄام تماچي جي وقت ۾ ماموئيءَ جا بيت
ظاهر ٿيا، جي ستن درويشن جا چيل آهن. انهن درويشن
جا وڌيڪ بيت ئي نٿا سجهن، ڇاڪاڻ ته اهي سَت بيت به
ڪتابي روايتن موجب مُئي پُڄاڻا چيا اٿن، اهي بيت
هن ريت آهن .
(1)
درويش:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ.
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمين ويندي سوکڙي.
(2)
درويش:
وَسِي وَسِي آرُ، جڏهن وڃي ڦٽندو،
تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو.
(3) درويش:
ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مرمچي ماري، سُک وسندي سنڌڙي.
(4) درويش:
مر مچي ماري، مرمچيءَ ڪهڙا پار،
هيٺَنِ، ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.
(5) درويش:
لڳندي لاڙانهه، سونڪو ٿيندو سِري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي اوڳوڻان وِڻاهَه.
(6) درويش:
نيرا گهڙا ڏٻرا، اُتر کئون ايندا،
گها گهيريون گَسن تي، ورهائي ويندا،
تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.
(7) درويش:
اچي ويهجا ماڙ هئا! ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان م اڏجا نجهُرا.
انهن ٿورڙن بيتن جي صحيح هجڻ ۾ گهڻو ئي اختلاف
آهي. اهي ساڳيا بيت ڪي وري هن ريت صحيح سمجهندا
آهن:
1.
درويش:
ڀڳي ٻنڌ اروڙ، هاڪ وهندو هاڪڙو،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمين ويندا سوکڙي.
2. درويش:
زالن مٿي ٻه چوٽيون، مڙسن مٿي وار،
ٻاروچا ٻار، ٽڪي ٽي وڪامندا.
3. درويش:
ستانوي ست ڇوڙسي، اٺانوي هٽ تاڙ،
نوانوي نر جاڳسي، پوري سئو جئڪار.
4. درويش:
الله هسبي، ڪلهوڙن کان کسبي،
ٽالپرن کي ڏسبي، تهان پوءِ پسبي.
5. درويش:
نيلو گهوڙو نقرو، اوڀارون ايندو،
ٽيلو ٽالپرن جو، نهوڙي نيندو،
تهان پوءِ ٿئندو، طبل تاجاڻين جو.
6. درويش:
لڳندي لڙائي، سونچو سِري کان ٿيندو،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌهاران جوکو.
7. درويش:
متان وهو ماڻُهِئا، ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان اڏجو نجهرا.
سمن جي پڇاڙي ۽ ارغونن جي شروعاتي زور وقت هڪ اهڙو
صاحب سر زمين لاڙ تي اچي وارد ٿيو، جنهن سنڌين جو
آڳو پيڇو جاچيندي ۽ انهي تي غور ڪندي سنڌي زبان ۾
شعر چوڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ وارن کي پنهنجي مادري زبان
طرف راغب ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ جو مهورت ڪيو، اهو هو
قاضي قاضن. تاريخ جا ورق ورائيندي اهو ئي پهريون
شخص ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن سنڌ وارن تي ٿڌو ٿورو ڪري
پنهنجي طبع روان کي سنڌي زبان ۾ هلايو. هن مهل
تائين جن سنڌين فقط ايراني زبان ۾ نثر يا نظم پئي
ظاهر ڪيو تن جي ڌُن ۾ سجاڳي پيدا ڪيائين ۽ انهن
جون مهارون ايران بجاءِ سنڌي ڏي واريائين.
قاضي قاضن اصل سيوهڻ جو ويٺل هو پر پوءِ اچي ٺٽي ۾
رهيو. جيئن ته انهي زماني ۾ سنڌي ادب کي صفحه ڪاغذ
تي آڻڻ لاءِ ڪو به طريقو نه گهڙيو ويو هو، تنهن
ڪري جيئن شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ راڄي درويش جا
ڏوهيڙا صفا ناپيد ٿي ويا آهن، تيئن قاضي صاحب جو
ڪلام به رهجي ويو آهي، جيڪي ڪِي ماڻهن هڪٻئي کان
ٻڌي ياد پئي ڪيو آهي، سو ٺوڪرون کائيندو ۽ صورتون
بدلائيندو آيو آهي. هتي نموني لاءِ سندن 2 ڏوهيڙا
ڏجن ٿا.
1. سڄڻ منجهه هئام، مون لئي ويا اوٺيا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هينئڙي جاڙ وڌام.
2. سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام.
قاضي قاضن صاحب گهڻين علمي فضيلتن جو صاحب هو.
قرآن مجيد جو حافظ هو. فقه، تصوف، تفسير ۽ حديث ۾
گهڻي پهچ حاصل هيس. هيءُ سنڌيءِ جو ابو، سن 958هه
۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو، مگر سنڌ وارن
تي جو احسان ڪري ويو، تنهن بدولت هو سدا جيئرو
شمار ڪيو ويندو ۽ سنڌ وارن کي به حيات جاوداني
بخشي ويو.
”اڻ هيريا م هير، ڀڃُ مَ هير هيرين جي.“ جي مصداق
سنڌين جي ڏاٺ هاڻي سنڌي نظم ڳائڻ وڄائڻ تي هري.
بُکياري وَهٽ جيئن کين وڌيڪ داڻي گاهه جي ضرورت
ٿي. هيترو وقت ڌارين ٻولي ڳائي وڄائي. سنڌي ڄڻ ته
گُنگا ٿي ويا هئا. تن جي اوچتو زبان کلي پئي ڀانيو
ٿا ته ڪيتري نه خوشي ٿي هوندن؟ جنهن جي ڪٿ ڪٿڻ به
مشڪل آهي. اهڙي سَڌڙي سنڌڙي قاضي قاضن جهڙي گوهر
ناياب جي وڃائڻ ڪري ڪيترو نه اڻاسي ٿي هوندي؟ پر
”ڪَلَ جنين جي ڪرم ۾، سي ڊامَهه ڪيئن چَرن“.
قدرت سنڌ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ وري به 20 شعبان
944 هه ۾ شاهه عبدالڪريم جهڙي هستي کيس پيدا ڪري
ڏني، جنهن قاضي صاحب جي وڇوڙي وارو خال ڀريو ۽
سنڌين جي دل کي ڏڍ ڏنو. شاهه صاحب متعلوي سيدن مان
هو وڏو زاهد، عابد ۽ پاڪباز انسان ٿي گذريو آهي.
سندس شعر به قاضي صاحب جي تتبع تي چيل آهن. يعني
سڀ ڏوهيڙن جي نموني تي. سندس رسالو ڪريمي موجود
آهي، جنن کي شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب
نئين سر درست ڪري معنى ۽ مطلب سان ڇپايو آهي.
دهرا اصل هندي ڀاشا جي شعر جو نمونو آهن. مسلمانن
کان اڳ سنڌ تي هندو قوم حڪمران هئي. انهي وقت ۾
هندي ڀاشا ۽ دهرا چيا ويندا هئا. انهي اثر ڪري
شروعاتي سنڌي شعر به دهرن ۾ چيا ويا.
شاهه صاحب جي وقت ۾ مخدوم نوح رحمت الله عليه ۽
مخدوم آدم سميجو رحمت الله عليه جهڙا مشائخ، عالم
۽ فاضل انسان موجود هئا، شڪ نه آهي ته انهن به
سنڌيءَ ۾ شعر چيو هجي مگر ان جو پتو پئجي نٿو
سگهي.
مخدوم نوح 998هه ۾ وفات ڪئي آهي. مخدوم نوح صاحب،
شاهه عبدالڪريم کان گهڻو وڏو معلوم ٿئي ٿو، جيئن
ته سندن ولادت جو سال ڪتابن مان 911هه معلوم ٿئي
ٿو.
شاهه عبدالڪريم کانپوءِ جڏهن سنڌ دهلي جي تابع ٿي،
تڏنهن شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ شريف وارو پيدا
ٿيو. صوفي صاحب ٻين شاعرن کان جان تان ڪي آڳاٽو
معلوم ٿئي ٿو. صوفي صاحب جو رسالو به موجود آهي.
سندن وفات جو سال 1130هه ڄاڻايل آهي. صوفي صاحب
نواب اعظم خان جي دربار ۾ ڪن سازشن يا ذاتي دشمنين
ڪري گرفتار ٿي آيو هو. نواب جي طرفان سندس سرڪوبي
جي سزا بحال ٿي. جلاد جڏهن سندن گردن زني لاءِ
تيار ٿيو، تڏنهن پاڻ هيءُ شعر چيائون:
رها نيدي مرا از شرِ هستي،
جزا ڪا الله في الدارين خيرا.
صوفي صاحب جو سمورو ڪلام صوفيانه متي تي چيل آهي.
سندن شعر به ڏوهيڙن جي نموني تي چيل آهي.
ٿورو پوءِ ڪلهوڙن جو وقت اهڙو بهاري وارو ٿيو،
جنهن جهڙي بهار سر زمين سنڌ وري نه ڏٺي ۽ شايد نه
به ڏسي. انهي وقت لاڙي سر زمين تي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان
کُنڀين جي مثل شاعر پيدا ٿي پيا. زبان داني ۽ طبع
رواني جو اهڙو ته چرچو هليو، جنهن جي هاڪ ايران ۽
عربستان تائين پهچي وئي. انهي لڙهه ۾ مخدوم ضياءُ
الدين، مولوي ابوالحسن، ملا معين ٺٽوي، مخدوم محمد
هاشم، ميان محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم، مخدوم
عبدالله شاهه، عبداللطيف ڀٽائي ۽ شاهه عنايت الله
رضوي وڌيڪ چمڪندڙ موتي مثل ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
شيخ حماد جي بيتن چوڻ جو زمانو ڄام تماچي جي
تخت نشيني وارو زمانو آهي. اهي بيت ڄام
تماچيءَ تخت نشينيءَ لاءِ پيشنگوئي طور چيا
ويا. ان تحقيق موجب بيتن جو زمانو 777هه يعني
1375ع آهي.
(گرامي)
اسحاق اهنگر وفات
903هه 1497ع (تحفته الڪرام ص 179). گرامي.
برٽن هيگ به ان طرح بيت ڏنا آهن، ڏسو:
The Indus delta Country ppL 125 – 127
(گرامي).
ساسوئي جا بيت سمي خاندان جي پڄاڻي جي
پيشنگوئي طور 1523ع ڌاري چيل آهن(گرامي).
هيءُ شلوڪ ڪلنڪي اوتار جي اچڻ لاءِ ڪنهن
نامعلوم شاعر جو چيل آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته
اهو گرونانڪ صاحب جي شلوڪن مان آهي. (گرامي)
نمبر چوٿون ۽ پنجون بيت ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
زوال ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جنهن مان ظاهر آهي ته
اهي بيت ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دورن جي آخر ڌاري ڪنهن
نامعلوم شاعر جا چيل آهن. (گرامي).
مخدوم نوح جو بيت نموني طور لکجي ٿو: (گرامي)
ماڪ مَ ڀانيون ماڻهئان پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسيو ڏکوين کي.
شاهه شهيد جا ڪجهه فارسي شعر موجود آهن، باقي
سندس سنڌي ڪلام جو ڪو به مڪمل ۽ مرتب رسالو
معلوم ٿي نه سگهيو آهي. (گرامي)
|