سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: --

صفحو : 4

مصنف جي زندگيءَ جو احوال

معارف الانوار ۾ آهي، ته (شيخ حسين صفائيءَ جو مرشد) حضرت سيد محمد حسين شاهه مراد شيرازي هر ڪم ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي تابعداري ۽ سنت جي پيروي ڪندو هو. جيئن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جا مشهور چار خليفا آهن، اهڙي طرح شاهه مراد، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي طريقي موجب پيروي ڪندي، پنهنجا وڏا چار خليفا مقرر ڪيا: 1. سيد مير علي (سندس وڏو ڀاءُ) 2. شيخ البو (ڄام مارڪ) 3. شيخ حسين صفائي 4. ميان احمد (ماله)(1)

هن مان ظاهر آهي ته، شيخ حسين صفائي، حضرت شاهه مراد جو مريد ته هو، پر کيس خدمت ۽ ڪمائيءَ جي ڪري، مرشد طرفان خلافت به مليل هئي ۽ ٽيون نمبر خليفو هو.

 

نالو ۽ ننڍپڻ

سندس نالو محمد حسين لقب صفائي(2) پاڻ حافظ ۽ حاجي به هو.(3)

اصل ۾ هن جي والده، سيد (شاهه مراد) صاحب جي جاءِ تي (خدمتگار) ۽ ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ هي ننڍڙو (حسين) ماءُ جي پوئتان هوندو هو. هڪ دفعي سندس ماءُ، سيد (شاهه مراد) صاحب کي عرض ڪيو ته، ”منهنجي پٽ کي پنهنجي ڪوزي مان پاڻيءَ ڍڪ پياريو ۽ دعا ڪريوس، ته صالحن مان ٿئي.“ پاڻ پاڻي چرون پياري، دعا فرمايائونس. پوءِ ته جو ڪجهه ٿيڻ وارو هو، تنهن راهه تي هلڻ لڳو.(1)

مرشد طرفان ولايت ۽ فيض ملڻ

تحفة الطاهرين ۾ به مٿئين احوال جي هن ريت تصديق آيل آهي:

هڪ ڏينهن حضرت سيد مرادرح وضو پي ساريو. وضوءَ جو بچيل پاڻي ان کي پيئڻ لاءِ ڏنو. شيخ حسين صفائيءَ جي عجيب حالت ٿي وئي. ان ئي وقت ولايت جي درجي تي وڃي رسيو ۽ اولياء الله جي جماعت ۾ شامل ٿيو.(2)

مرشد جي خدمت ۽ مرشد جي مهرباني

شيخ حسين صفائي سڄي زندگي، ننڍپڻ کان وٺي پوين پساهن تائين، مرشد جي حياتي ۽ بعد ۾ سندس درگاهه جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي.

مولانا دين محمد وفائيءَ سندس خدمت ۽ مٿس مرشد جي مهربانيءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

شيخ حسين صفائي سموري ڄمار سيد (شاهه مراد) صاحب جي نماز ۽ وضوءَ لاءِ ڪوزو ۽ مصلو سنڀاليندو هو. جڏهن مصلو پراڻو ٿيندو هو، ته ان جون ٽوپيون ٺاهي پائيندو هو. سيد صاحب سان ايڏي معيت رهيس، جو هڪ دفعي فرمايائونس، ته فقير هن جهان ۽ ٻئي جهان ۾ اسان سان گڏ هوندو.(3)

محمد صالح ٺٽي واري به معارف الانوار ۾ لکيو آهي:

پوءِ شيخ حسين صفائي هميشه مرشد (شاهه مراد) جي خدمت ۾ حاضر رهندو هو ۽ سندس والده به شاهه مراد جي حويليءَ ۾ خدمت ڪندي رهي ۽ (ٻنهي) باقي عمر خدمت ڪندي گذاري ڇڏي.(4)

دنيا کان بي پرواهي ۽ بي نيازي

شيخ حسين صفائي مرشد جي محبت ۽ خدمت ۾ ايتري قدر ته محو هوندو هو، جو دنيا ۽ دنيا وارن جي لوڀ ۽ لالچ، غرض ۽ غايت کان بي پرواهه رهندو هو. مرشد جي وصال کان پوءِ ته، دنيا سان صفا ناتو ٽوڙي ڇڏيائين. عام ماڻهو پنهنجي جاءِ تي، پر وقت جي حڪمرانن کان به بي نياز هو.

شاهه حسين ارغون (وفات 962 هه) ٻه دفعا شيخ (حسين صفائي) جي زيارت ڪرڻ جي خواهش ڪئي، ليڪن کيس اجازت ڪانه ڏنائين.(3)

معارف الانوار جي مصنف سندس دنيا داريءَ کان بي رغبتيءَ بابت پارس پٿر جي هيءَ عجيب حڪايت لکي آهي:

هڪ ڀيري سندس مرشد شاهه مراد جي مريدن مان هڪ مريد احمد آباد مان هلي، شيخ حسين صفائي وٽ ننگر ٺٽي آيو. شيخ ان کي (مرشد وارو سلسلو) ۽ شريعت محمدي وارو طريقو ٻڌايو. اهو احمد آبادي ماڻهو ڳچ ڏينهن شيخ حسين وٽ رهي پيو. ان ڏٺو ته مرشد جو خليفو(حسين صفائي) مسڪينيءَ جي ڪري، صبر شڪر سان گذران ۾ ڏکيا ڏينهن گذاري رهيو آهي. اهو احوال ڏسي
(احمد آبادي) شيخ حسين کي عرض ڪيو ته،
مون وٽ دنيا دولت جهجهي آهي، جيڪر ان مان ڪجهه قبول فرمايو ته خدمت ۾ پيش ڪريان.
شيخ فرمايو ته،
تنهنجي مرضي. ان احمد آبادي مريد پارس پٿر جو ٽڪرو کيس ڏنو. پوءِ موڪلائي احمد آباد روانو ٿي ويو.

ٻن ٽن سالن کان پوءِ اهو شخص احمد آباد مان ٺٽي زيارت لاءِ موٽي آيو ۽ اچي شيخ حسين صفائي جي زيارت ۽ قدم بوسي ڪيائين. ڏٺائين ته شيخ جو ساڳيو غريباڻو حال آهي، ان پارس پٿر جي ڪري، ڪابه دنيا جي فراواني ۽ آسودگي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. شيخ ساڳي پراڻي جاءِ ۾ عبادت ۾ مشغول آهي. جاءِ جي ڇت به ڪانهي. بنا ڇت جي پاڻ ويٺو الله الله ڪري!

احمد آبادي شخص عجب ۾ پئجي ويو. شيخ حسين کان حيران ٿي، عرض ڪيائين ته، سائين! مون جيڪو اوهان کي پارس پٿر هديو ۽ سوکڙي طور ڏنو هو، ان جي ڪري به ظاهر خوشحاليءَ جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو ڏيکارجي؟

شيخ حسين فرمايو ته، مون کي الله، الله جو رسول ۽ مرشد ڪافي آهي، تنهنجي پارس پٿر جي ضرورت نه آهي. آءٌ جيڪي پٿر، طهارت ۽ وٽ لاءِ استعمال ڪندو آهيان، مون انهن پٿرن جي ڍڳ ۾ تو وارو (پارس) پٿر به اڇلي ڇڏيو هو. اهو پٿر تنهنجي امانت آهي، اتي پٿرن مان وڃي اهو پٿر سڃاڻي کڻ.

ان شخص وڃي ڏٺو ته، سڀ پٿر پارس ٿيا پيا آهن. پوءِ اهو شيخ جي هيءَ ڪرامت ڏسي، حيرت ۽ عبرت ۾ پئجي ويو. هن الله تعاليٰ جو شڪر بجا آندو ۽ شيخ حسين صفائي ۾ ويتر اعتقاد وڌي ويس.(1)

عبادت ۽ رياضت

پاڻ هڪ پراڻي ڦٽل جاءِ ۾ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. هميشه الله تعاليٰ جي خوف ۾ گريه زاري ڪندو رهندو هو. جنهن جاءِ ۾ رهندو هو، ان جي ڇت ۽ ڀتيون جهريل هونديون هيون. پنهنجي مرشد جي وصال کان پوءِ، باقي زندگي انهيءَ پراڻي جاءِ ۾ عبادت ڪندي گذاري ڇڏيائين. اها جاءِ اڃا تائين موجود آهي ۽ تخت شيخ حسين جي نالي سان مشهور آهي.(2)

 

تصنيف ۽ تاليف

حاجي حسين صفائي جي تعليم، مدرسي ۽ سندس استاد جو احوال ڪو نه ٿو ملي، جنهن مان معلوم ٿئي ته، پاڻ ڪيترو علم پرايائين ۽ ڪهڙا ڪتاب يادگار ڇڏي ويو. البت هن ڪتاب جي مقدمي ۾ پاڻ کي حاجيءَ سان گڏ حافظ لکيو اٿس. ان مان ظاهر آهي ته، پاڻ قرآن شريف جو حافظ به هو. ان سان گڏ عربي ٻوليءَ جو وڏو عالم هو. جنهن جي شاهديءَ طور عربي ٻوليءَ ۾ لکيل سندس هي ڪتاب موجود آهي. جيتوڻيڪ ٺٽي جي مشهور مؤرخ مير علي شير قانع، تحفته الڪرام ۾ سندس تفصيلي احوال ڪونه آندو آهي، پر حاجي حسين صفائي جي مرشد حضرت شاهه مراد جي ذڪر ۾ ضمناً سندس نالو ۽ مرشد بابت لکيل ڪتاب جو نالو هن ريت لکيو آهي:

چون ٿا ته (سيد حسين شاهه مراد) ڄمڻ وقت اکيون نه ٿي کوليون. شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) کي وڃي ٻڌايائون ته، هو زيارت لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ هن، شيخ عيسيٰ جي منهن تي اکيون کوليون. شيخ ڏسي چيو ته، هيءُ ئي اهو ماڻهو آهي، جنهن جي مريديءَ لاءِ مون کي انتظار هو. الحمد لله جو مراد پوري ٿي. تنهن کان پوءِ ٽئين ڏينهن گذاري ويو. باقي ٻيون ڪرامتون جي حمل، ٿڃ پياڪي، ٻالپڻي ۽ ٻين وقتن تي کانئس ظاهر ٿينديون هيون، سي حاجي محمد حسين صفائي جي جوڙيل رسالي “تذڪرة المراد” (عربي) ۾ بيان ٿيل آهن.(1)

سيد حسام الدين راشدي، هن ڪتاب جي تاريخي اهميت بيان ڪندي لکيو آهي ته، هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي المعروف به سيد مراد (متوفي: 893 هه) جو احوال ۽ سندس ملفوظات آهن ۽ منجهس ضمناً تاريخي واقعات ۽ ان دور جي ٻين بزرگن ۽ معاصر مشائخن جو به ذڪر آهي. ازانسواءِ ان دور جي درويشاڻي ۽ سنڌ جي صوفياڻي ماحول جو به هن ڪتاب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب نادر الوجود آهي.(1)

 

وفات ۽ مزار

شيخ حسين صفائي، پنهنجي مرشد جي وصال (893 هه) کان اٺٽيهه (38) سال پوءِ ظاهري ڏکيا سکيا ڏينهن گهاري، مرشد جي فراق، الله تعاليٰ جي ياد ۽ عبادت گريه زاري ڪندي گذاري ڇڏيا.

ٺٽي ۾ سال 931 هه ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي مرشد شاهه مراد جي پيرانديءَ کان مدفون ٿيو.

پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿئي(2)

سندس وفات جو سال هو خير البقا مان نڪري ٿو.(3)

 

931 هه

شخصيت ۽ عظمت

تذڪره او لياء سنڌ ۾ آهي ته، هيءُ بزرگ سمن جي دور جو آهي. وفات 931 هه - 1524ع(4) تحفته الطاهرين ۾ لکي ٿو: شيخ ڪامل بزرگيءَ کان سرفراز ۽ اهل حاجت جي مرادن پورين ڪرڻ کان ممتاز هو. (5)

معارف الانوار سندس مرشد وٽ مقبوليت بابت رقمطراز آهي ته، شيخ حسين صفائي مرشد جو ايتري قدر ته پيارو ۽ رتبي وارو خليفو هو، جو مرشد شاهه مراد وٽ سندس حياتيءَ ۾ ايندڙ سوالين جا عرض مرشد جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو (۽ انهن سوالين کي جواب وٺي ڏيندو هو) پر مرشد جي وصال کان پوءِ به سندس مزار تي سوالي ماڻهن جي سوالن جا ڪشف ذريعي جواب وٺي ڏيندو هو.(1)

اعجاز الحق قدوسي تحرير ڪيو آهي ته، ننگر ٺٽي جي اوليائن ۾ هڪ وڏي شان وارو بزرگ ٿي گذريو آهي... پاڻ فقر درويشيءَ جي وصف کان بي پرواهه ۽ بي نيازيءَ جي صفت سان اتم درجي سينگاريل هو.(2)

مولانا وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ ۾ سندس بزرگي هڪ جملي ۾ قلمبند ڪئي آهي ته، (شيخ) عارف ڪامل تارڪ دنيا (هو).“(3)

ننگر ٺٽي جي جديد مؤرخ مولانا محمد طفيل احمد نقشبندي، شيخ حسين صفائي جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: سندس نالو پنهنجي مرشد (حسين) شاهه مراد وانگر حسين آهي، لقب صفائي آهي، حضرت شاهه مراد جي وڏن خليفن مان ڳڻيو وڃي ٿو. ٺٽي جي اولياء الله ۾ وڏي مرتبي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي.(4)

 

 

-------------


 

تذڪرة المراد

سنڌ اندر تصوف جي تاريخ ۾ اوليائن ڪرامن جي سوانح، ملفوظات ۽ مڪتوبات جو ذخيرو فارسي ٻوليءَ ۾ گهڻو موجود آهي. البت عربي ٻوليءَ ۾ ڪي ٿورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب ملن ٿا. انهن مان هي ڪتاب تذڪرة المراد عربي به آڳاٽي دور جو، لڳ ڀڳ پنج سؤ سال پراڻو تذڪرو آهي.

اصل ۾ هيءُ ڪتاب ٺٽي ۽ مڪليءَ جي مشهور صاحب تصرف و ارشاد اولياء حضرت سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازيءَ جي سوانح حيات، ڪرامتن، تلقين، فيض ۽ بزرگيءَ بابت تذڪرو آهي.

هيءُ تذڪرو شاهه مراد جي مخلص مريد ۽ خليفي با صفا حافظ حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ مرشد جي محبت ۽ ياد ۾ تحرير ڪيو. مصنف تذڪري جي مقدمي ۾ لکيو آهي:

فقير حقير حافظ حاجي (محمد حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو ته، آءٌ حضرت سيد (محمد) حسين (شيرازي) جو مريد آهيان، جيڪو سيد مراد شاهه (شاهه مراد) جي لقب سان مشهور آهي. بيشڪ منهنجو مرشد (وقت جي) اوليائن کان ڀلارو آهي. هيءُ مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارنهن باب آهن. الله تعاليٰ مراد جي سڀني مريدن کي هن ڪتاب تذڪرة المراد مان نفعو پهچائي!

ڪتاب ۾ مقدمو ۽ ٻارنهن باب آهن. جنهن ۾ حضرت شاهه مراد جي ولادت، ننڍپڻ، تعليم و تربيت، ڪرامتن، سڀاءَ ۽ سخاوت، طريقت ارشاد، حسب نسب، خليفن، تلقين هدايت، شان ۽ بزرگي ۽ وفات جو احوال سمايل آهي. مواد حڪايتن جي صورت ۾ آهي، جيئن ان وقت اهو طريقه ڪار مقبول ۽ رواج ۾ هو.

ڪتاب جو لب لباب هيءُ آهي: حضرت شاهه مراد جو نالو محمد حسين، والد جو اسم سيد احمد شيرازي آهي، سندس نسب جو سلسلو شاهه مراد کان  نبي صلي الله عليه وسلم جن تائين، ان کان ويندي ابراهيم خليل الله عليه السلام تائين تحرير آهي. سندس ولادت 830 هجريءَ ۾ ٿي. پاڻ ڄمندي ڄام هو، ان ڪري ظاهري استادن وٽ بسم الله ۽ الحمد الله ... کان وڌيڪ پڙهڻ جي ضرورت نه رهي.

پندرهن سالن کان وعظ نصيحت ۽ عبادت جي ڀرپور ڪوشش ڪيائين. چاليهن سالن کان پوءِ تلقين ارشاد فيض ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي پونئيرن مان شيخ صدر الدين ملتان مان سندس زيارت لاءِ ٺٽي ڪهي آيو. سندس فيض ۽ ڪرامت ڏسي کيس مراد جو  لقب ڏنو.

شاهه مراد هر ڪم ۾ شريعت محمديءَ جي پيروي ڪندو هو ۽ عاشق رسول الله صلي الله عليه وسلم هو. شاهه مراد پنهنجي تلقين ۾ چيو آهي ته: آءٌ بدعت کان بيزار آهيان ۽ سنت جماعت جو آهيان.

پاڻ تارڪ دنيا، بدعت ۽ سماع کان بيزار ۽ سخي هو. هر سال گهر جي سڀ سامان جي لُٽ ڪندو هو. سندس وفات 893 هجري ۾ ٿي. ان وقت سندس عمر 63 سال هئي.

سنڌ جو عادل حڪمران ڄام نظام الدين سمو (ڄام نندو) به سندس بزرگيءَ ۽ ڪرامت جو معتقد هو. سندس فيض درياء جي پالوٽ وانگر هو.

مطلب ته هيءُ ڪتاب هڪ سچي مريد جو پنهنجي ڪامل مرشد جي خدمت ۾ نذرانه عقيدت جو يادگار آهي ۽ بهترين شاهڪار نمونو آهي.

تذڪرة المراد عربي جو قلمي نسخو 33 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتابت عربي نوعيت جي جلي قلم سان ٿيل آهي. صفحي جي ڊيگهه (8'') اٺ انچ، ويڪر (6'') ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ ڏهن کان سترنهن سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور چوڏنهن لفظ آهن. ڪتاب ۾ تاليف جو سال لکيل ڪونهي. البت شاهه مراد جي نالي جي آخر ۾ قدس الله تعاليٰ سره ۽ عليه الرحمته و الغفران اليٰ يوم الجزاءِ“ لکيل آهي. ان مان ظاهر آهي ته، هي ڪتاب شاهه مراد جي وفات کان پوءِ جو لکيل آهي.

شاهه مراد جي وفات جو سال 893 هجري آهي. ڪتاب جي ليکڪ شيخ حسين صفائيءَ جي وفات شاهه مراد کان اٺٽيهه سال پوءِ 931 هجري ۾ ٿي آهي. هن مان معلوم ٿيو ته سال 893 هه ۽ 931 هه جي وچ وارن اٺٽيهن سالن درميان هيءُ ڪتاب تحرير ڪيو ويو هوندو. تنهن ڪري ٿلهي ليکي ڏسبو ته، هن ڪتاب کي تحرير ڪئي تقريباً پنج سؤ سال ٿيا آهن ۽ هيءُ ڪتاب نادر الوجود قلمي نسخو آهي.

تذڪرة المراد سنڌ جي هنن ڪتب خانن ۾ موجود آهي: ڪتب خانه ڳڙهي ياسين، ڪتب خانه مولوي محمد طفيل احمد نقشبندي مڪلي ٺٽو، آشيانه ادب لائبريري ڳڙهي ياسين ۽ هاشميه قادريه لائبريري دڙي مگسي سڪرنڊ.

حاجي حسين صفائي تذڪرة المراد ۾ حڪايتن ۽ روايتن سان گڏ هيٺين ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن:

* بزار (مسند)

* تواريخ

* حساب الاحتساب

* الاخلاصة

* الدستور

* سيرت گاذروني

* شجره السادات الطيبين الطاهرين

* قاضي بيضاوي

* قرآن مجيد

* مواهب اللدنيه

تذڪرة المراد ۾ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونهي. البت ڪتاب جي آخر ۾ ڪتابت جي هيءَ تاريخ تحرير آهي. 3 - ربيع الاول 1347 هه.

آخر ۾ گذارش ته هيءُ افراتفري ۽ نفسا نفسي جو دور آهي. اڪثر ماڻهو رزاق کي ڇڏي رزق لاءِ سرگردان آهن. زماني جي ڪمن ڪارين ۾ وٺ وٺان ڪري، ڄڻ ته ڪنهن کي مٿي کنهڻ جي به واندڪائي ڪانهي. خاص ڳالهه ته دنياوي ترقيءَ جي باوجود دلي سڪون ڪونهي. ان ڪري الله وارن جي محبت دل ۾ سانڍي، هن صاحب تصرف ۽ ڪامل اولياء  جي تذڪري جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي. اميد ته الله وارن جي فيض نظر سان، دلي سڪون يا اطمينان قلبي نصيب ٿيندو ۽ محنت، محبت وارن وٽ قبوليت ماڻيندي ۽ سنڌي ادب ۾ به واڌارو ٿيندو.

آءٌ مهربان علم دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق جو شڪر گذار آهيان، جنهن حسب دستور سکر سيمينار جي موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتاب مختصر تاريخ سنڌ (از: سيد محب الله بکري) جي فارسيءَ مان منهنجي ڪيل سنڌي ترجمي وانگر، هينئر ٺٽي سيمينار لاءِ به هن ڪتاب تذڪرة المراد عربي جي ترجمي ڪرڻ لاءِ شوق ڏياريو ۽ سنڌي ترجمي جو محرڪ بڻيو. الله تعاليٰ کيس شاد آباد ڪري!

هو جي فنا ٿئا فقير، هلو تڪيا پسون تن جا. (شاهه)

طالب العلم

عبدالرسول قادري بلوچ

ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ

 

 

(1) محمد صالح بن زڪريا ٺٽوي- معارف الانوار فارسي قلمي - ص 291

(2) ابو السراج طفيل احمد نقشبندي ٺٽوي- تحفة الزائرين اردو- احمد برادرز، ناظم آباد، ڪراچي، حصو ٽيون، ص. 206.

(3) حاجي حافظ محمد حسين صفائي ٺٽوي- تذڪرة المراد عربي قلمي، ص. 1.

(1) مولانا دين محمد وفائي-تذڪره مشاهير سنڌ- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1986ع، جلد: 3، ص. 47، 48.

(2) شيخ محمد اعظم ٺٽوي، تحفته الطاهرين فارسي، مرتب: بدر عالم دراني، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1956ع، ص. 21.

(3) تذڪره مشاهير سنڌ جلد: 3، ص. 48.

(4) معارف الانوار فارسي قلمي، ص. 295

(3) مير علي شير قانع، مڪلي نامه- مرتب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، تعليقات، ص. 52.

(1) معارف الانوار في بيان سيد الابرار وائمه الاطهار و بيان احوال قطب المختار فارسي قلمي، ص. 296

(2) معارف الانوار فارسي، قلمي، ص. 297.

(1) مير علي شير قانع ٺٽوي- تحفته الڪرام فارسي مطبع ناصري جلد: 3، ص.189 ايضاً سنڌي ترجمو 473.

(1) سيد حسام الدين راشدي- ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون- انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي- حيدرآباد، 1981ع، ص. 734

(2) شاهه جو رسالو مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد 1999ع، 362.

(3) معارف الانوار فارسي قلمي، ص. 297.

(4) مولانا محمد اقبال نعيمي، تذڪره اولياء سنڌ، اردو، شارق پبليڪيشنز ڪراچي، 1987ع، ص. 66

(5) شيخ محمد اعظم ٺٽوي، تحفته الطاهرين مترجم عبدالرسول قادري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1999ع، ص. 22

(1) معارف الانوار فارسي قلمي، ص. 295

(2) اعجاز الحق قدوسي- تذڪره صوفياء سنڌ اردو، اردو اڪيڊمي سنڌ ڪراچي، 1975ع، ٻيو ڇاپو، ص. 92

(3) تذڪره مشاهير سنڌ، جلد 3، ص. 47

(4) تحفته الزائرين اردو، جلد 3، ص. 206

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org