باب ڇهون
سيد شاهه مراد جو طريقت ارشاد ۽ فيض
ظاهر ڪرڻ جو بيان
جنهن وقت شاهه مراد جي عمر چاليهن سالن کي پهتي
ته، پاڻ ماڻهن کي طريقت ۽ سلوڪ ۾ بيعت ڪرڻ جو
سلسلو شروع ڪيائون، پر کيس پنهنجي والد (سيد احمد
شيرازيءَ) روڪيو ته،
”جيسين
مڪي شريف جي بزرگن اوليائن کان اجازت نه ملي،
تيسين خاموش رهه.“
سندس والد اجازت نامي ملڻ لاءِ مڪي شريف خط لکيو.
مڪي شريف مان هيءُ جواب آيو:
”اي
سيد (احمد)! پنهنجي فرزند (سيد محمد حسين شاهه
مراد) کي نه روڪ.
کيس اجازت ڏي (ته ڀلي فيض ونڊي). طريقت ۽ فيض جي
باري ۾ تو کان ۽ اسان کان گهڻو ڄاڻي ٿو.“
مڪي شريف مان آيل خط مان کيس اجازت نامي ملڻ کان
پوءِ سندس والد سڏي چيو ته:
”اي
پٽ! هينئر توکي اجازت ۽ اختيار آهي. تون پنهنجي
ڳالهين ۾ سچو آهين.“
هن اجازت نامي کان پوءِ شاهه مراد اعلان ڪيو ته:
”جيڪو
به الله تعاليٰ جي هدايت ۽ فيض جو طالب هجي، اهو
بنا دير اسان وٽ اچي.“
اهو اعلان ٻڌندي ئي ماڻهو جٿن جا جٿا سندس خدمت ۾
حاضر ٿيا ۽ (امتحان طور) عرض ڪرڻ لڳا ته:
”اسان
کي ڪرامت ڏيکار.“
پاڻ فرمايائين:
”ڪهڙي
ڪرامت ٿا طلبيو
”؟“
سڀ ماڻهو چوڻ لڳا:
”هن
وقت سڀ پکي اوهان وٽ اچي حاضر ٿين، پوءِ توهان کي
مڃينداسون.“
هيءَ ڳالهه ٻڌي پاڻ ان ئي وقت پکين کي سڏ ڪيائين.
تنهن تي سڀ پکي مسجد ۾ اچي الڳ الڳ ٻوليون ٻولڻ
لڳا. ماڻهن جڏهن اها ڪرامت ڏٺي ته، محبت ۽ عزت
واسطي سندس هٿ چمي، اکين تي رکي چوڻ لڳا:
”تون
ڪامل مرشد آهين. پنهنجي فيض ۽ ارشاد ۾ سچو آهين.“
هن کان اڳ گذريل بابن ۾ به سندس گهڻيون ڪرامتون
بيان ٿي آيون آهن. هن ڪرامت ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو
سندس هٿ چمي مريد ٿيڻ لڳا.
هن کان اڳ پنجين باب ۾ (شاهه مراد) ۽ ڄام نندي
وارو واقعو هلندڙ هو ته، جڏهن ڄام نندي هندن جي
جاءِ مان بتن کي ٻاهر ڪڍڻ جي دانهن بابت، شاهه
مراد کي وٺي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪليو هو، ان ماڻهوءَ
جو نالو ڄام مارڪ هو. ان ماڻهوءَ اچي شاهه مراد جو
زور سان دروازو کڙڪايو. شاهه مراد ان تي هڪ نظر
ڪئي (ته ڄام مارڪ جي تقدير بدلجي وئي) پاڻ ان وقت
دروازي تي بيٺو هو. چيو وڃي ٿو ته، ان جاءِ جي
دروازي وٽ بيٺو هو
ته
الله تعاليٰ جي قدرت ۽ گهر سان جنهن مهل ڄام مارڪ
تي سندس فيض ڀري نظر پئي ته، ان ئي مهل ولايت جي
مٿانهين درجي جي ولين مان ولي بنجي ويو ۽ سندس
ڪرامت جي چانئٺ جو رهاڪو ۽ خدمتگار بنيو.
ڪجهه گهڙي گذري ته، نٿر نالي هڪ ماڻهو شاهه مراد
کي وٺڻ آيو ۽ اهو به زور سان دروازو کڙڪائڻ لڳو.
شاهه مراد جي مٿس فيض واري نظر پئي ته، الله
تعاليٰ جي ارادي ۽ شاهه مراد جي فيض ۽ برڪت سان
(شيخ نٿر به) ڪامل ولي بنجي ويو.
ٿوري دير کان پوءِ ٽيون ماڻهو ماله، ڪي چون ٿا، ته
احمد نالي ماڻهو کيس وٺڻ آيو ۽ اڳين ماڻهن وانگر
تمام زور سان دروازو کڙڪايو. ان سان گڏ اهو ماڻهو
اڳين ماڻهن جي حفاظت ۽ جاچ لاءِ به آيو هو. شاهه
مراد دروازي تي بيٺي، ان تي فيض ۽ ارشاد واري نظر
وڌي ته، الله تعاليٰ جي حڪم سان اهو ٽيون ماڻهو
ماله - احمد به ولي بڻجي ويو.
جڏهن ڄام نندي انهن سڀني ماڻهن کان شاهه مراد جي
ڪرامت ۽ ولايت جي ڳالهه ٻڌي ته چوڻ لڳو:
”آءٌ
شاهه مراد جي خادمن مان هڪ آهيان. تون هن معاملي ۾
اختيار وارو آهين.“
مطلب ته ڄام مارڪ، فيض واري نظر سان ڪامل ولي ۽
تارڪ دنيا ٿيو ته، مائٽ کيس گهر وٺيو پئي ويا.
بازار ۾ ڄام مارڪ واڍي کان خدا ڪارڻ کائڻ جي شيءِ
گهري. ان به کائڻ جي ڪنهن شيءِ جو ذرو کيس ڏنو.
مارڪ ان کان اها شيءِ وٺي هلندي بازار ۾ کائڻ لڳو.
سندس سڀني مٽن مائٽن ڏسي چيو ته، هيءُ چريو ٿي پيو
آهي. سندس حال به پينو فقيرن جهڙو آهي. ائين چئي
کڻي کيس ڇڏيائون.
ڄام مارڪ اتان خوش ٿيندو، پنهنجي مرشد شاهه مراد
جي خدمت ۾ آيو. مرشد کيس ڏندڻ آڻڻ لاءِ چيو. ڄام
مارڪ جنهن جاءِ تي هينئر دفن ٿيل آهي، اتي سڄو
ڏينهن ڏندڻ ڀڃڻ لاءِ کٻڙ جي وڻن هيٺان ٿئي ويو ته،
وڻن جي هيٺان سون ۽ چانديءَ جي وهندڙ نهر ڏسڻ ۾
ٿئي آيس. پوءِ هيءُ وري ان کي مٽيءَ سان لَٽڻ
لڳي ٿي ويو. سڄو ڏينهن ائين ڪندي گذاري ڇڏيائين.
مرشد وري کيس
وڻ جي ٽاري نه، پر کٻڙ جي وڻ جي پاڙ جو ڏندڻ آڻڻ
لاءِ امر ڪيو. وري به سڄو ڏينهن ساڳي حالت ۾ گذري
ويس. نيٺ وڻ جي ٽاريءَ جو ڏندڻ ڀڃي کڻي آيو. مرشد
چيس ته:
”اي
مارڪ! سڄو ڏينهن ڇا پئي ڪيئي؟“
(هن سڄي ماجرا ٻڌائي) پوءِ شاهه مراد چيس ته:
”تون
هاڻي
’البو‘
يعني بي طمع آهين.“
ان کان پوءِ ڄام مارڪ جو نالو
”پير
البو“
يعني بي طمع پير مشهور ٿي ويو. پوءِ پير البو گهڻو
وقت مرشد جي خدمت ڪندو رهيو. ويتر وليءَ مان ڪامل
اولياء الله
ٿي پيو. مرشد جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. مرشد جي
امر سان جنهن جاءِ تي دفن ٿيل آهي، اتي مدفون ٿيو.
حڪايت:
هڪ ڀيري شاهه مراد، آچر جي ڏينهن پير البي جي
زيارت لاءِ ٿي ويو. عمر نالي هڪ فقير واٽ تي شاهه
مراد جي ديدار لاءِ انتظار ۾ ٿي بيٺو. جڏهن شاهه
مراد، پير البي تان فاتحه
پڙهي، دعا گهري (ٻي واٽ کان) گهر ڏي موٽي آيو ۽ هو
(عمر) فقير اتي ماڻهن کان پڇندو رهيو ته، بزرگ گهر
ڏي موٽي ويو يا نه؟ ماڻهن چيو ته بزرگ گهر ڏي موٽي
ويو. هفتي کان پوءِ وري ايندو. فقير (عمر) به سڄو
هفتو زيارت لاءِ انتظار ۾ اتي بيٺو رهيو. شاهه
مراد وري به دعا گهري موٽي آيو ته، مريدن کيس
ٻڌايو ته:
”هتي
هڪ فقير هفتي کان اوهان جي زيارت ڪرڻ لاءِ انتظار
۾ بيٺو آهي.“
تنهن تي شاهه مراد ان فقير وٽ ويو. الله جي گهر ۽
بزرگ جي فيض واري نظر سان، انهي وقت اهو فقير الله
جي اوليائن مان ولي بنجي ويو. شاهه مراد فقير عمر
کان پڇيو ته:
”تنهنجو
مطلب مقصود ڇا آهي؟“
ان فقير عرض ڪيو ته، مون کي پنهنجو مريد ڪر. پوءِ
بزرگ پنهنجو هٿ ان کي ڏنو، فقير هٿ چمي کڻي اکين
تي رکيو. (فقير جي اهڙي سچائي ۽ محبت ڏسي) شاهه
مراد کيس فرمايو،
”تون
سچو بابو آهين.“
(يعني تون بابو جهڙو آهين، جو شايد ان وقت ڪو
مشهور فقير رياضت ڪندڙ هو.)
(اهو عمر فقير
”بابو“)
ڳچ وقت کان پوءِ سير سفر لاءِ ڪڪرالي جي طرف وڃي
نڪتو. چورن مال ملڪيت جي گمان ڪري کيس ناحق ماري
وڌو ۽ هن مرشد جي برڪت سان شهادت جو رتبو ماڻيو.
شهادت کان پوءِ پنهنجو سر تريءَ تي کڻي (ٺٽي مڪلي)
ڏي آيو. هينئر جتي دفن ٿيل آهي، جنهن مهل اتي سندس
سر پهتو ته، ماڻهن ڏسي چيو:
”هيءُ
اهو ماڻهو آهي، جيڪو مرڻ کان پوءِ پنهنجو سر تريءَ
تي کڻي آيو آهي.“
پوءِ سندس سر، زمين تي اچي پيو ۽ انهيءَ جاءِ تي
ان کي دفن ڪيائون. بابو شهيد سيد نه آهي.
حڪايت:
شاهه مراد جي زماني ۾ بهاء
الدين نالي عابد زاهد صالح شخص هو. اهو شاهه مراد
جي زيارت ڪرڻ آيو. بزرگ کيس فرمايو:
”تنهنجو
مقصود ڪهڙو آهي؟“
حاجي بهاء الدين
عرض ڪيو ته:
”مون
کي پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪر، جيڪي زماني ۾ ظاهر
آهن.“
وڌيڪ عرض ڪيائين:
”سهڻو
قرب ڪر، جيئن الله توتي سهڻو قرب ڪيو آهي.“
پوءِ مرشد مٿس فيض واري نظر ڪئي ته، الله جي ولين
مان ولايت جي درجي تي وڃي پهتو. ان عابد زاهد بيت
الله شريف جو حج به پڙهيو هو.
|