سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:حشرات الارض

باب: --

صفحو :6

روسي حڪومت محسوس ڪري ٿي ته هارين کي ڪجهه مدد ملڻ گهرجي، پر اها ننڍين ننڍين ڳالهين سان ئي ڪم ڪڍڻ گهري ٿي. اها گهري ٿي ته سموريون شيون ڪامورائي ڪن. هارين کي خبردار رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪامورن جون ڪميٽيون هميشہ کين بلڪل اهڙي طرح دوکو ڏينديون جيئن اميرن جي ڪميٽين کين چمڪو ڏنو هو. هارين کي اها گهر ضرور ڪرڻ گهرجي ته آزاد هاري ڪميٽين جون چونڊيون ڪرايون وڃن. اهم ڳالهه اها آهي ته ڪامورن مان سڌارن جي اميد نه رکي وڃي پر هاري پنهنجي قسمت پاڻ پنهنجي هٿن ۾ وٺن. پهرين اسين رڳو هڪ ئي قدم اڳتي وڌايون، پهرين اسان ٻنڌڻن جي تمام بڇڙين شڪلين کي ختم ڪريون. ايتري قدر جو هارين کي پنهنجي قوت جو احساس ٿي وڃي انهن جو آزادي سان هڪ ٻئي سان ٺاه ٿي وڃي ۽ اهي متحد ٿي وڃن! ڪوبه ايماندار ماڻهو انهي ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته جاگيرداري واري سڀ کان نفرت ڀرئي ٻنڌڻن ذريعي ڪٽيل زمينون ٿي وڃن ٿيون. ڪوبه ايماندار ماڻهو انهي کان به انڪار نٿو ڪري سگهي ته اسان جي گهر تمام شروعاتي سڀ کان وڌيڪ انصاف ڀري آهي، جاگيرداري ٻنڌڻن ختم ڪرڻ لاءِ هارين کي آزاديءَ سان خود پنهنجي ڪميٽين جون چونڊون ڪامورن کان سواءِ ڪرڻ ڏيو.

آزاد هاري ڪميٽين ۾ (نمائندن جي آزاد ڪيل روسي اسيمبلي وانگر) سوشل ڊيموڪريٽ فورن ئي پنهنجي سر اها ڪوشش ڪندا ته شهري پرولتارين سان ڳوٺن جي پرولتارين جو هڪ مضبوط اتحاد ٿئي،  ڳوٺن جي پرولتارين جي ڀلائي واسطي سڀ اُپاءَ وٺڻ کان پوءِ جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي ۽ جيترو ممڪن هجي يڪراءِ ٿي ٻيو، ٽيون ۽ اهڙي طرح آخر تائين قدم وڌائڻ ۾ پرولتاريه جي سوڀ کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. پر ڇا اڄ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته فورن ئي، ٻئي قدم تي ڪهڙا مطالبا اٿندا؟ نه، اسان نٿا چئي سگهون. ڇاڪاڻ ته اسان اهو نٿا ڄاڻون ته سڀاڻي مالدار هاري ڇا ڪندا ۽ ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو ڪهڙو رويو اختيار ڪندا جن جو هر طرح جي امداد باهمي جي انجمنن کان ۽ موڙي کان محنت وٽ زمين وڃڻ سان آهي.

شايد سڀاڻ اهي زميندارن سان نه وڃي ملندا. شايد اهي اهو چاهيندا ته زمينداري حڪومت جو پوري طرح خاتمو ٿي وڃي. تمام موچاري ڳالهه آهي! سوشل ڊيموڪريٽن جي وڏي خواهش آهي ته ائين ئي ٿئي ۽ اهي ڳوٺن ۽ شهرن جي پرولتارين کي اهو مطالبو ڪرڻ جو مشورو ڏيندا ته زميندارن کان سموريون زمينون کسيون وڃن ۽ اهي عوام جي آزاد رياست جي حوالي ڪيون وڃن سوشل ڊيموڪريٽ ڏاڍي خبرداريءَ سان ڌيان ۾ رکندا ته ڳوٺن جي پرولتارين کي ان وچ ۾ دوکو نه ڏيئي سگهجي. ۽ اهو ته پرولتاريه کي پوري طرح آجو ڪرڻ لاءِ آخري جدوجهد جي وسيلي هو پنهنجي قوت کي اڃا به وڌيڪ پڪو ڪري وٺن.

پر ممڪن آهي ڳالهه بلڪل ٻي نڪري درحقيقت وڌيڪ امڪان انهيءَ جو آهي ته ڳالهه ٻي نڪري، ٻنڌڻ جي بدترين صورتن تي پابندي لڳڻ ۽ انهن ۾ ڪمي ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن تي ممڪن آهي ته مالدار هاري ۽ ڪيترائي تعليم يافته ماڻهو زميندارن سان ملي وڃن. ۽ پوءِ ڳوٺن جي سموري بورجوازي ڳوٺن جي سمورن پرولتارين جي خلاف اٿي بيهي رهي. ان صورت ۾ اها کل جهڙي ڳالهه ٿيندي ته اسان رڳو زميندارن جي خلاف وڙهون. ان وقت ته اسان کي سڄي بورجوازي جي خلاف وڙهڻو پوندو ۽ سڀ کان پهرين سڀ کان وڏي ممڪن آزادي ۽ ان لڙائي لاءِ ويڪري جاءِ جي گهر ڪرڻي پوندي، مزدوري لاءِ زندگي جي بهتر حالتن جي گهر ڪرڻي پوندي ته جيئن اهي وڌيڪ سولائي سان وڙهي سگهن.

بهررحال واقعا کڻي ڪهڙو به ڦيرو کائين اسان جو پهريون خاص اهو ڪم جنهن کان سواءِ گذارو نٿو ٿي سگهي سو هي آهي ته ڳوٺن جي پرولتارين ۽ نيم پرولتارين جي ۽ شهري پرولتارين جي عملي اتحاد کي طاقتور بنايون. انهيءَ عملي اتحاد لاءِ اسان کي يڪدم ماڻهن لاءِ مڪمل آزادي، هارين لاءِ مڪمل برابري جي حقن ۽ جاگيرداري ٻنڌڻن جو خاتمو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ جڏهن اهو عملي اتحاد قائم مستحڪم ٿي ويندو ته اسان انهن سمورين اٽڪلن جو آساني سان ڀانڊو ڦاڙي سگهون ٿا، جيڪي وچولي هاري کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ بورجوازي ڪندو رهندو آهي، سڄي بورجوازي جي خلاف حڪومت جي سڀني قوتن جي خلاف، اسان آساني ۽ جلدي سان ٻيو ۽ ٽيون آخري قدم کڻنداسين ۽ اسان سڌو سوڀ جي منزل ماڻي وٺنداسين ۽ جلدي سڄي پورهيت عوام جي مڪمل نجات حاصل ڪري وٺنداسين.

-------


 

7- ڳوٺن ۾ طبقاتي جدوجهد

طبقاتي جدوجهد ڇا آهي؟ عوام جي هڪ حصي جي ٻئي حصي خلاف جدوجهد کي ڪوٺبو آهي طبقاتي جدوجهد هي اها جدوجهد آهي جيڪا بي حق، مظلوم، پورهيت عوام، چند خاص حق رکندڙ، ظلم ڪندڙن، طفيلبن جي خلاف ڪن ٿا. جيئن اجرت تي مزدورن يا پرولتارين جي جائداد جي مالڪن يا بورجوازي جي خلاف جدوجهد آهي، اها عظيم جدوجهد هميشہ کان هلندي اچي ۽ روسي ڳوٺن ۾ اڃا به جاري آهي. جيتوڻيڪ اها هر ڪنهن کي نظر نٿي اچي ۽ هر شخص ان جي اهميت کي نٿو سمجهي سگهي. زر خريد هارين جي نظام واري زماني ۾ سڄي هاري جنتا انهن ماڻهن جي خلاف وڙهي جيڪي ان کي ڪچلي رهيا هئا يعني زميندار طبقي خلاف جنهن جي زار شاهي حڪومت حفاظت يا بچاءُ ۽ حمايت ڪري رهي هئي. تڏهن هاري هڪ نه ٿي سگهيا هئا جهالت انهن کي بلڪل چٿي ڇڏيو هو. شهري مزدورن ۾ سندن مددگار ۽ ڀائر نه هئا پوءِ به جيترو کانئن پڳو هو مڙسي سان وڙهيا. حڪومت جي سخت سزائن کان به نه ڊنا. انهن پادرين تي ڀروسو نه ڪيو جن سڄو زور لڳائي اها ڪوشش ڪئي ته زر خريد هارين جي نظام کي پاڪ انجيل ۾ پسنديده قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ رب جي رضا شامل آهي اسقف اعظم فيلاريت واقعي انهن لفظن ۾ ئي چيو هو. هارين بغاوت ڪئي ڪڏهن هڪ هنڌ ته ڪڏهن ٻئي هنڌ، حڪومت گوڏا کوڙيا انهيءَ ڊپ وچان ته متان سمورا هاري عام بغاوت نه ڪري وجهن.

زر خريد هارين جو نظام ختم ڪيو ويو پر پوري طرح نه. هاري حق کان محروم رهيا. اهي نيچ ناڪو ڀريندڙ ”ڪاري“ دولت وارا رهيا. هو جاگيردارانه ٻنڌڻن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيا. هارين ۾ بي چيني جاري رهي. هو مڪمل سڄي آزادي ڳوليندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ زر خريد هارين جي نظام جي خاتمي کان پوءِ هڪ نئين طبقاتي جدوجهد شروع ٿي اها هئي بورجوازي جي خلاف پرولتاريه جي جدوجهد دولت ۾ اضافو ٿيو. ريلون ۽ فيڪٽريون ٺهيون، شهري آبادي ۾ وڌيڪ ڳتجي ۽ آرام ۽ آسائش ڏيندڙ ٿي ويا پر سڄي دولت ڳاڻ ڳڻين ماڻهن قبضي ڪري ورتي جڏهن ته ماڻهو وڌيڪ غريب ٿي ويا وڌيڪ ڪنگال ٿي ويا، بکن ۾ مرڻ لڳا ۽ کين مجبور ٿي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي ڌارين ۾ وڃي اجرت تي پورهيو ڪرڻو پيو. شهري مزدورن سمورن مالدارن جي خلاف سمورن غريبن جي هڪ ۽ نئين وڏي جدوجهد شروع ڪري ڏني. شهري مزدور سوشل ڊيموڪريٽي پارٽيءَ ۾ متحد ٿي ڄمي، زوردار طريقي سان ۽ هڪ ٿي پنهنجي جدوجهد ڪري رهيا آهن. هڪ هڪ اڳتي قدم وڌائي رهيا آهن. وڏي ڳري آخري جدوجهد جي تياري ڪري رهيا آهن. سمورن ماڻهن لاءِ سياسي آزادي جي گهر ڪري رهيا آهن.

نيٺ هارين جي صبر جو پيالو به ڇلڪي پيو. گذريل سال 1902ع جي بهارُت ۾ ڀولتاوا، خارڪوف ۽ ٻين صوبن جي هارين بغاوت ڪئي، هو زميندارن جي خلاف ٿي ويا. منجهن جيڪي ڪجهه هو سو پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيائون، بکن ۾ پاهه ٿيندڙن ۾ اناج ورهايو ويو جيڪو هارين پوکيو ۽ لڻيو هو. پر زميندار اهو کڻي ويو هو ۽ انهن گهر ڪئي ته زمين جي نئين سر ورڇ ڪئي وڃي. هاري هاڻ ان ظلم کي برداشت نٿي ڪري سگهيا جنهن جو ڪو انت نه هو ۽ انهن پنهنجي حالت بهتر بنائڻ جي ڳولا شروع ڪري ڏني. هارين فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح فيصلو هو ته ظالم جي خلاف وڙهندي مرڻ، بنا لڙڻ جي بکن ۾ مرڻ کان بهتر آهي پر هو پنهنجي لاءِ بهتر حالتون نه کٽي سگهيا. زار شاهي حڪومت انهن کي معمولي فسادي ۽ ڌاڙيل قرار ڏنو (ڌاڙيل زميندار کان اهو اناج وٺڻ تي جيڪو هارين پاڻ پوکيو ۽ لڻيو هو!) زار شاهي حڪومت انهن جي خلاف اهڙي طرح فوجون موڪليون جيئن دشمن جي خلاف ۽ هارين جي هار ٿي. هارين کي گولي سان اڏايو ويو. ڪيئي مارجي ويا. هارين کي بيدردي سان ڦٽڪا هنيا ويا گهڻن کي ايتري ته مار ملي جو انهن ساهه ڏنو. کين انهيءَ کان به بريون تڪليفون ڏنيون ويون جيڪي ترڪ پنهنجي دشمنن عيسائين کي ڏيندا آهن. زار جا نمائندا، گورنر اهڙيون تڪليفون ڏيڻ ۾ بدترين هئا، بس جهڙا اصلي جلاد. فوجين هارين جي عورتن ۽ ڌيئرن سان حرامڪاري ڪئي ۽ ان سڄي ڪارروائي کان پوءِ وري ڪامورن جي هڪ عدالت ۾ هارين تي ڪيس هلايو کين اٺ لک روبل زميندارن کي ڀري ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ ڪيس ۾ سڄي دنيا ۾ بدنام انهن خفيه ڪيسن ۾ ڪال ڪوٺڙين جي اندر هلايل انهن ڪيسن ۾ صفائي جي وڪيل کي اهو به ٻڌائڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته زار جي نمائندن گورنر ابولينسڪي ۽ زار جي ٻين خدمتگارن هارين سان ڪيئن بدسلوڪي ڪئي آهي ۽ ڪهڙا کين ايذاءَ ڏنا هئا.

هارين انصاف جي جنگ وڙهي هئي. روسي مزدور طبقو انهن شهيدن کي هميشہ عزت سان ياد رکندو جن کي زار جي خدمتگارن گولين سان ماريو يا ڦٽڪا هڻي ماري ڇڏيو هو. اهي شهيد پورهيت عوام جي آزادي ۽ خوشي لاءِ وڙهيا هئا. هارين جي هار ٿي هئي پر اهي هاڻ وري وري اٿندا، پهرين هار ڪري هو همٿ نه هاريندا. طبقاتي شعور رکندڙ مزدور هارين کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا ته اهي چڱي طرح اها ڳالهه سمجهي وٺن ته پهرين هاري بغاوت (1902ع) ڇو ڪچلجي وئي ۽ زار جي خدمتگارن جي نه پر هارين ۽ مزدورن جي سوڀ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

هارين جي بغاوت انهي ڪري ڪچلجي ويئي هئي ڇاڪاڻ ته اها اڻ پڙهيل، بي سمجهه بغاوت هئي. هڪ اهڙي بغاوت جنهن جو ڪو چٽو ۽ قطعي مطالبو نه هو. يعني ان ۾ اهو مطالبو نه ڪيو ويو هو ته سياسي نظام ۾ ڪا تبديلي آندي وڃي. هاري بغاوت انهيءَ ڪري دٻجي ويئي جو ان لاءِ ڪا تياري نه ڪئي ويئي هئي. هاري بغاوت انهيءَ ڪري ڪچلجي وئي جو ڳوٺاڻي پورهيت ان وقت تائين شهري پورهيت سان عملي اتحاد قائم نه ڪيو هو. هارين جي پهرين لڙائي جي ناڪامي جا اهي ٽي ڪارڻ هئا. ڪنهن بغاوت جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ ان جو هڪ شعوري مقصد هئڻ گهرجي. پهرين ان لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي اها سڄي روس ۾ پکڙجڻ گهرجي ۽ اها شهري مزدورن سان عملي اتحاد سان هئڻ گهرجي. ۽ شهري مزدورن جي جدوجهد ۾ هر وک هر سوشل ڊيموڪريٽي ڪتابڙي يا اخبار، ڳوٺن جي پورهيتن اڳيان ڪيل ڪنهن طبقاتي شعور رکندڙ مزدور جي هر تقرير ان ڏينهن کي ويجهو آڻيندي جڏهن اها بغاوت ٻيهر ٿيندي ۽ اها سوڀ تي ختم ٿيندي.

هاري ڪنهن شعوري مقصد کان سواءِ اٿي کڙا ٿيا. رڳو ان لاءِ ته هو مٿس ٿيندڙ مصيبتون وڌيڪ نه سهن. انهي ڪري ته انهن وڙهڻ کان سواءِ رڳو گونگن ۽ احمقن وانگر مرڻ ٿي گهريو ڦرمار، ظلم ۽ تڪليفن سان هارين ايڏو جنجال کنيو هو جو اهي زار جي رحم ۽ ڪرم بابت هلڪي افواه تي، کڻي پل لاءِ ئي هجي يقين ڪرڻ کان سواءِ نٿي رهي سگهيا. هو انهي ڳالهه تي يقين ڪرڻ کان سواءِ نٿي رهي سگهيا ته پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ هر شخص ان کي انصاف جي ڳالهه سمجهندو ته اناج بکن ۾ پاهه ٿيندڙ ماڻهن ۾ ورهائڻ گهرجي. انهن مان جن سڄي عمر ٻين لاءِ ڪم ڪيو، جن پوکيو ۽ لڻيو، سي هاڻ بکن ۾ مري رهيا هئا. جڏهن ته اميرن جون گنديون منهن تائين ڀريون پيون هيون. ائين ٿو لڳي ته هارين ان ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي ته سڀ کان سٺي سڄي زمين ۽ فيڪٽرين تي مالدارن، زميندارن ۽ بورجوازين ٺيٺ انهي مقصد لاءِ قبضو ڪيو هو بکن ڪاٽيندڙ ماڻهن کي مجبور ڪيو وڃي ته هو جائيداد جي مالڪن لاءِ ڪم ڪري. اها ڳالهه هاري وساري ويٺا آهن ته مالدار طبقي جي بچاءَ ۾ رڳو پادري ئي واعظ نٿا ڪن پر سڄي زار شاهي حڪومت پنهنجي اڻ ڳڻپ نوڪر شاهي ۽ فوجن سميت سندن بچاءَ لاءِ اچي ٿي. زار شاهي حڪومت هارين کي اها ڳالهه ياد ڏياري ڇڏي. زار شاهي حڪومت جانورن وانگر بي رحمي سان هارين کي اهو ڏيکاري ڇڏيو ته رياستي اقتدار ڇا هوندو آهي، اهي ڪنهن جا خدمتگار ۽ رکوالا آهن. اسان کي ضرورت صرف انهي ڳالهه جي آهي ته هارين کي اهو سبق گهڙي گهڙي ياد ڏياريندا رهون. پوءِ هو آساني سان سمجهي ويندا ته سياسي نظام کي بدلائڻ ڇو ضروري آهي ۽ اسان کي ڇو سياسي آزادي کپي. هاري بغاوتن جو مقصد تڏهن شعوري ٿي ويندو جڏهن ماڻهن جو وڌ ۾ وڌ تعداد انهي کي سمجهي ويندو. جڏهن هر اهو هاري جيڪو پڙهي لکي سگهي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ سوچي سمجهي وٺي ٿو، سو انهن ٽنهي مطالبن کان واقف ٿي ويندو جن لاءِ سڀ کان پهرين جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

پهريون مطالبو:- موجوده آپيشاهي حڪومت جي جاءِ تي روس ۾ چونڊن وسيلي عوامي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ نمائندن جي اسيمبلي ڪوٺائي وڃي.

ٻيو مطالبو:- ڪوبه ڪتاب يا اخبار ڇاپڻ لاءِ سڀني کي آزادي.

ٽيون مطالبو:- ٻين سماجي جاگيرن سان گڏوگڏ هارين جا هڪ جهڙا حق قانون جي ذريعي مهيا وڃن ۽ چونڊن جي ذريعي ٺهيل هاري ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن، جن جو سڀ کان پهريون مقصد هر طرح جي جاگيردارانه ٻنڌڻ جو خاتمو هجي.

هي آهن سوشل ڊيموڪريٽن جا وڌ ۾ وڌ ۽ بنيادي مطالبا هاڻ هارين لاءِ انهن کي سمجهڻ تمام سولو ٿيندو. اهو سمجهڻ ته عوام جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪهڙي شيءِ کان شروع ڪئي وڃي. جڏهن هاري انهن مطالبن کي سمجهي وٺندا ته اهي اها ڳالهه به پروڙي وٺندا ته انهي جدوجهد لاءِ ڊگهي ۽ لڳاتار پير کوڙي تياريون ڪرڻ گهرجن. الڳ رهي نه، پر شهرن جي مزدورن، سوشل ڊيموڪريٽن سان گڏجي.

طبقاتي شعور رکندڙ هر مزدور کي ۽ هاريءَ کي گهرجي ته هو پنهنجي ساٿ ۾ وڌيڪ ذهين، ڀروسي جوڳن ۽ بي ڊپي ساٿين کي گڏ ڪري انهن کي سمجهائڻ گهرجي ته سوشل ڊيموڪريٽ ڇا گهرن ٿا ته جيئن انهن مان هر هڪ اهو سمجهي وٺي ته ڪهڙي جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ مطالبا پيش ڪرڻا آهن. طبقاتي شعور رکندڙ سوشل ڊيموڪريٽن کي آهستي آهستي ۽ خبرداري سان بنا هٻڪ ۽ ٿيڙ کائڻ جي سوشل ڊيموڪريٽي نظريو انهن هارين کي سيکارڻ شروع ڪرڻ گهرجي کين سوشل ڊيموڪريٽي ڪتابڙا پڙهڻ لاءِ ڏيڻ گهرجن ۽ ڀروسي وارن ماڻهن جي ننڍين ننڍين ڪچهرين ۾ انهن ڪتابن جا مضمون سمجهائڻ گهرجن.

پر سوشل ڊيموڪريٽي نظرين جي تعليم رڳو ڪتابن مان ئي ڏيڻ نه گهرجي. هر مثال کي ظلم ۽ بي انصافي جي هر واقعي کي جيڪو اسين آسپاس ڏسون ٿا انهي مقصد ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. سوشل ڊيموڪريٽي نظريو سمورن ظلمن، ڌاڙن جي خلاف سمورين بي انصافين جي خلاف جدوجهد جو نظريو آهي. سچو سوشل ڊيموڪريٽ اهو ئي آهي جيڪو ظلم جا ڪارڻ ڄاڻي ٿو. جيڪو پنهنجي سڄي عمر ظلم جي هر واقعي خلاف وڙهندو رهي ٿو اهو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ طبقاتي شعور رکندڙ سوشل ڊيموڪريٽن کي پنهنجي شهر يا ڳوٺ ۾ گڏ ٿي، پاڻ ۾ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته سڄي مزدور طبقي جي بهترين فائدي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي. اهو ڏيکارڻ لاءِ ائين ڪهڙي ريت ڪري سگهجي ٿو. مان هڪ ٻه مثال ڏيان ٿو. فرض ڪريو ته ڪو سوشل ڊيموڪريٽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ميل ملاقات لاءِ اچي ٿو يا ڪو سوشل ڊيموڪريٽي مزدور ڪنهن به ڳوٺ ۾ آيو آهي، سڄو ڳوٺ پاڙي واري زميندار جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن جيئن مک ڪوريئڙي جي ڄار ۾. اهڙي طرح سڄي زندگي انهن ٻنڌڻن ۾ جڪڙيل رهي ٿو ۽ ان مان آجو نٿو ٿئي. مزدور کي گهرجي ته هو فورن سڀ کان وڌيڪ سمجهدار، ذهين ۽ ڀروسي جوڳن هارين کي کڻي اهڙا ماڻهو جيڪي انصاف جي ڳولا ۾ خفيه پوليس جي پهرين سپاهي جي اچڻ سان نه ڊڄن. انهن کي سمجهائي ته انهن سڃو ڪندڙ ٻنڌڻن جو سبب ڪهڙو آهي. انهن کي ٻڌائڻ گهرجي ته زميندارن هارين کي ڪهڙي طرح دوکو ڏنو. ۽ رئيسن جي ڪميٽين جي مدد سان کين ڦري ڇڏيو. انهن کي ٻڌائڻ کپي ته مالدار ڪيترا طاقتور آهن ۽ ڪهڙي طرح زار شاهي حڪومت انهن جي حمايت ڪري ٿي. کين سوشل ڊيموڪريٽي مزدورن جي مطالبن بابت به ٻڌائڻ گهرجي. جڏهن هو اهڙيون ساديون ۽ سوليون ڳالهيون سمجهي ويندا ته کين گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ انهي تي بحث ڪرڻ گهرجي ته ڇا گڏجي زميندار جو مقابلو ڪرڻ ممڪن آهي يا نه؟ ڇا پهريون وڏا وڏا مطالبا رکڻ ممڪن آهن يا نه (جيئن شهري مزدورن پنهنجا مطالبا فيڪٽري مالڪن جي آڏو رکيا.) جيڪڏهن زميندار جي ٻنڌڻن ۾ ڪو هڪ وڏو ڳوٺ يا ڪئين ڳوٺ هجن ته سڀ کان سٺو طريقو اهو آهي ته ڀروسي وارن ماڻهن جي ذريعي ويجهي سوشل ڊيموڪريٽي ڪمپني کان پمفليٽ ورتا وڃن. انهن پمفليٽن ۾ سوشل ڊيموڪريٽي ڪميٽي بلڪل شروعات وٽان اها ڳالهه صحيح طريقي سان ٻڌائيندي ته هاري ڪهڙن ڪهڙن ٻنڌڻن ۾ ڦاٿل آهن ۽ انهن جا شروعاتي مطالبا ٻڌائيندي. (ڍل ۾ ڪمي، سرهي ۾ پيشگي (15) اجرت جو اگهه پورو هجي اڌ نه، حد بندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري سزا جي سختي ۾ ڪمي يا ٻيا انيڪ مطالبا) اهڙي قسم جي اشتهارن مان انهن سڀني هارين کي جيڪي پڙهڻ ۽ لکڻ ڄاڻن ٿا معلوم ٿي ويندو ته مسئلو ڇا آهي ۽ جيڪي ماڻهو پڙهي نٿا سگهن سي پڙهائي ٻڌي وٺندا. تڏهن هاري چڱيءَ طرح پروڙي وٺندا ته سوشل ڊيموڪريٽ انهن جا دوست آهن. سوشل ڊيموڪريٽ سمورن ڌاڙن جي مذمت ڪن ٿا. هاري پوءِ سمجهڻ لڳندا ته کڻي ٿوري سهي. پر زندگي ۾ ڪهڙي راحت فوري طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر شرط اهو آهي ته سڀ گڏ اٿي کڙا ٿين ۽ ان سان گڏوگڏ شهرن جي سوشل ڊيموڪريٽي مزدورن سان گڏجي جدوجهد جي ذريعي سڄي ملڪ لاءِ ڪهڙا سڌارا آڻڻ گهرجن. پوءِ هاري انهي جدوجهد لاءِ وڌ ۾ وڌ تياريون ڪندا. اهي سکي وٺندا ته ڀروسي وارا ماڻهو ڪيئن ڳوليا وڃن ۽ پنهنجي مطالبن لاءِ هڪ ٿي ڪيئن کڙو ٿجي. شايد ڪڏهن کين اهڙي هڙتال منظم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي وڃي جهڙي شهري مزدور ڪندا آهن. مڃوسين ته ڳوٺن ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ اهو ڪم گهڻو ڏکيو آهي پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ممڪن هوندو آهي. ٻين ملڪن ۾ ڪامياب هڙتالون ٿي چڪيون آهن. مثال طور جڏهن کيڙ يا لڻڻ جي رت چوٽ چڙهيل هجي ۽ جڏهن زميندارن ۽ مالدار هارين کي مزدورن جي سخت ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن ڳوٺن جا غريب هڙتال لاءِ تياري ڪري چڪا هجن، عام مطالبن جي باري ۾ پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو هجي، اشتهارن جي وسيلي انهن مطالبن کي پوري طرح سمجهايو ويو هجي يا جلسن ۾ انهن کي صاف طور تي ٻڌايو ويو هجي ته سڀ گڏ اٿي کڙا ٿين ۽ زميندارن کي مطالبا مڃڻا پوندا يا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي لالچ کي دٻائڻو پوندو. جيڪڏهن هڙتال ۾ سڀ شامل ٿي ويا هجن ۽ اها ڪم جي ڏينهن ۾ ڪئي وڃي ته زميندار لاءِ ۽ ايتري قدر جو فوج وارن حاڪمن لاءِ به ڪجهه ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. ڇاڪاڻ جو وقت ضايع ٿي ويندو زميندارن کي تباهي جو ڊپ رهندو ۽ هو جلدي ئي ڳالهه مڃڻ تي تيار ٿي ويندو. ڳوٺن ۾ هڙتالون بيشڪ نئين ڳالهه آهن ۽ نيون شيون شروع شروع ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪري سٺيون نه لڳنديون آهن. شهري مزدورن کي به پهريائين گڏجي وڙهڻ نه ايندو هو، کين اهو به معلوم نه هو ته ڪهڙا مطالبا آڏو رکيا وڃن. اهي ته بس مشينون ڀڃڻ ۽ فيڪٽريون اکيڙڻ لاءِ نڪتا هئا. پر هاڻي مزدورن گڏجي هڪ ٿي جدوجهد ڪرڻ سکي ورتو آهي. هر نئين ڪم کي پهريون سکڻ گهرجي. مزدور هاڻي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن هو گڏجي وڃن ته بنا دير جي رڳو فوري راحت حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهي دوران ماڻهو مقابلو ڪرڻ سکي رهيا آهن ۽ عظيم فيصلو ڪندڙ جدوجهد لاءِ ڏينهون ڏينهن تياري ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح هاري به بدترين لٽيرن جي خلاف بيهڻ سکي ويندا. راحت جي ڪن اپائن جي مطالبن لاءِ هڪ ٿي ويندا ۽ آزاديءَ جي وڏي لڙائيءَ لاءِ آهسته آهسته هڪ ٻڌي جي هر هنڌ تياري ڪندا. طبقاتي شعور رکندڙ مزدورن ۽ هارين جو تعداد وڌي ويندو ۽ ڳوٺن جي سوشل ڊيموڪريٽن جون يونينون وڌيڪ طاقتور ٿي وينديون. زميندارن جي ٻنڌڻ جو، پادري جي پئسن کائڻ جو، پوليس جي ظلم زيادتي ۽ ڪامورا شاهي جي ڏاڍ جو هر هڪ واقعو ماڻهن جون اکيون کولي ڇڏيندو. انهن کي گڏجي مقابلو ڪرڻ ۽ انهي خيال جو عادي بنائيندو ته سياسي نظام کي طاقت جي زور سان بدلائڻ  ضروري آهي.

هن ڪتابچي جي منڍ ۾ ئي اسان چيو آهي ته شهري مزدورن هاڻ گهٽين، گلين ۽ چوواٽن تي نڪري اچن ٿا. آزاديءَ جو برسرعام مطالبو ڪن ٿا. انهيءَ لاءِ پنهنجي بينرن تي لکن ٿا ۽ نعرا هڻن ٿا ”آپيشاهي مرده باد“ اهڙو ڏينهن به جلدي ايندو جڏهن شهري مزدور نه رڳو گهٽين ۽ رستن ۾ نڪرڻ لاءِ پر عظيم ۽ آخري جدوجهد لاءِ اٿي کڙا ٿيندا، تڏهن مزدور هڪ آواز ٿي اعلان ڪندا ته ”اسان آزادي وٺي رهنداسين يا ان لاءِ وڙهندي جان ڏينداسين“ جڏهن ته هن لڙائي ۾ شهيد ٿيندڙ سون جي جاءِ هزارين تازه دم ۽ ان کان به وڌيڪ پير کوڙي مڙسي سان وڙهندڙ سورما وٺندا ۽ تڏهن هاري به سڄي روس ۾ اٿي کڙا ٿيندا ۽ شهري مزدورن جي مدد لاءِ نڪرندا. مزدورن ۽ هارين جي آزادي لاءِ آخر تائين وڙهندا. زار جون فوجون انهي زيلي جو تاب نه سهي سگهنديون. پورهيت عوام جي جيت ٿيندي ۽ ظلم کان سمورن پورهيتن جي نجات جي شاهي رستي تي مزدور طبقو وک وک سان ملائي وڌندو. مزدور طبقو پنهنجي آزاديءَ کي سوشلزم جي وڙهڻ لاءِ استعمال ڪندو.


 

روسي سوشل ڊيموڪريٽ

ليبر پارٽي جو پروگرام

جيڪو اخبار ”اسڪرا“ (16) رسالي ”زاريا“ 17 سان گڏجي تجويز ڪيو

اسان اڳ ئي سمجهائي چڪا آهيون ته پروگرام ڇا ٿيندو آهي؟ ان جي ڇو ضرورت پوندي آهي ڇو سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي ئي اڪيلي پارٽي آهي جيڪا هڪ صاف ۽ قطعي پروگرام پيش ڪري ٿي، ان پروگرام کي آخري طور تي ته اسان جي پارٽي جي رڳو ڪانگريس يعني پارٽي جي سمورن ڪارڪنن ۽ نمائندن جي گڏجاڻي ئي منظور ڪري سگهي ٿي. تنظيمي ڪميٽي هاڻ هڪ اهڙي ڪانگريس جون تياريون ڪري رهي آهي. پر اسان جي پارٽي جون ڪيتريون ئي ڪميٽيون اسڪرا سان متفق ٿيڻ ۽ اسڪرا کي پنهنجي رهنما اخبار هجڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. انهي لاءِ ڪانگريس کان اڳ اسان جي پروگرام جو مسودو انهي ڳالهه جي صحيح علامت جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو ته سوشل ڊيموڪريٽ ڇا چاهين ٿا ۽ اسان ضروري ٿا سمجهون ته پنهنجي هن ڪتابڙي جي آخر ۾ انهيءَ سڄي مسودي کي شامل ڪريون.

هر مزدور، بيشڪ اهي سموريون ڳالهيون جيڪي پروگرام ۾ پيش ڪيون ويون آهن بنا وضاحت جي نه سمجهندو. ڪيترن ئي عظيم سوشلسٽن، سوشل ڊيموڪريٽي سکيا جي تخليق جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو هو جنهن کي مارڪس ۽ اينگلس مڪمل ڪيو. سڄي دنيا جا مزدور ان تجربي کي جنهن کي اسان ڪم ۾ آڻڻ گهرون ٿا، حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه سمجهي چڪا آهن. انهي ڪري مزدورن کي سوشل ڊيموڪريٽي تعليمات سکڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي پروگرام جدوجهد ۽ پرچم جي هر لفظ کي سمجهي وٺن. سوشل ڊيموڪريٽي پروگرام کي مزدور خاص ڪري آساني سان سکي ۽ سمجهي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهو پروگرام انهن ڳالهين جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي هر سرت ۽ سمجهه رکندڙ مزدور ڏٺيون آهن ۽ اهي سندس تجربي ۾ آيون آهن. انهي پروگرام کي هڪ ڀيري سمجهي وٺڻ ۾ ”ڏکيائي“ ٿيڻ سان ڪو ڊپ نه ٿيڻ گهرجي: هر مزدور ان کي جيترو وڌيڪ پڙهندو ۽ سوچيندو، جدوجهد ۾ جيترو وڌيڪ تجربو حاصل ڪندو اوتروئي پوري طرح هو ان کي سمجهي وٺندو. پرهر ماڻهو کي گهرجي ته هو سوشل ڊيموڪريٽين جي سڄي پروگرام تي سوچي ۽ بحث ڪري ۽ جيڪو پورهيتن جي نجات لاءِ سوشل ڊيموڪريٽ چاهين ٿا، جيڪي هو سوچين ٿا تنهن کي هر شخص ڌيان ۾ رکي، سوشل ڊيموڪريٽ چاهين ٿا ته هر ڪنهن کي سچائي، پوري سچائي، ان ڳالهه جي باري ۾ صاف صاف ۽ صحيح صحيح معلوم ٿي وڃي ته سوشل ڊيموڪريٽ پارٽي ڇا آهي.

هتي اسين سڄو پروگرام اپٽار سان نٿا سمجهائي سگهون. ان لاءِ هڪ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي، اسان ٿوري ۾ رڳو اهو ٻڌائينداسين ته پروگرام ۾ ڇا چيو ويو آهي ۽ پڙهندڙ کي مشورو ڏينداسين ته هو ان لاءِ ٻه ڪتابڙا حاصل ڪري. هڪ ڪتابڙو جرمن سوشل ڊيموڪريٽ ڪارل ڪائوٽسڪي جو لکيل آهي ۽ ان جو عنوان آهي ”ايرو فورٽ پروگرام“. ان جو روسي ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، ٻيو ڪتابڙو روسي سوشل ڊيموڪريٽ مارتوف جو آهي ۽ ان جو عنوان آهي ”روس ۾ مزدورن جو داعيه“ اهي ٻئي ڪتاب پڙهندڙ کي اسان جو سڄو پروگرام سمجهڻ ۾ مدد ڏيندا.

اچو ته اسان پنهنجي پروگرام جي هر حصي کي هڪ الڳ اکر سان ظاهر ڪريون ۽ ڏسون ته هر حصي ۾ ڇا چيو ويو آهي.

(الف) بلڪل شروع ۾ انهي ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ پرولتاريه پنهنجي نجات لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ روسي پرولتاريه سڀني ملڪن جي مزدور طبقي جي عالمي فوج جي رڳو هڪ ايڪائي آهي.

(ب) انهي ۾ وري سمجهايو ويو آهي ته دنيا جي اٽڪل سمورن ملڪن ۾ جن ۾ روس به شامل آهي بورجوا تنظيم ۽ ترتيب ڇا آهي؟ ڪهڙي طرح آبادي جي اڪثريت زميندارن ۽ سرمائيدارن لاءِ ڪم ڪندي غريبي محتاجي جي زندگي بسر ڪري ٿي، ڪهڙي طرح ننڍا ننڍا دستڪار ۽ هاري تباه ۽ برباد ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته وڏيون فيڪٽريون اڃا وڏيون ٿي وڃن ٿيون مزدورن کي سندس زال ۽ ٻارن کي سرمايو ڪهڙي طرح ڪچلي ٿو. مزدور طبقي جون حالتون ڪهڙي طرح بد کان بدتر ٿينديون پيون وڃن ۽ بيروزگاري ۽ محتاجي وڌندي پئي وڃي.

(ٻ) انهيءَ ۾ وري مزدورن جي اتحاد ۽ انهن جي جدوجهد، انهن جي عظيم مقصد جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ سمورن مظلومن کي نجات ڏيارڻ، مالدارن هٿان غريبن سڄي مظلومت جو پوري طرح خاتمو ڪرڻ، انهيءَ حصي ۾ اهو به سمجهايو ويو آهي ته مزدور طبقو ڇو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، ڇو هو پنهنجي سمورن دشمنن، بورجوازي جي سمورن رکوالن کي يقيني طور هارائيندو.

(ڀ) انهيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي ته سڀني ملڪن ۾ سوشل ڊيموڪريٽي پارٽيون ڇو قائم ڪيون ويون آهن. ڪهڙي طرح اهي مزدور طبقي کي پنهنجي جدوجهد ڪرڻ، مزدورن کي متحد ڪرڻ ۽ انهن جي رهبري ڪرڻ ۾ انهن جي ڄاڻ ۽ پروڙ وڌائڻ ۽ وڏي جدوجهد لاءِ کين تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

(ت) اڳتي هلي انهيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي ته روس ۾ ماڻهن جي حالت ٻين ملڪن کان به وڌيڪ خراب ڇو آهي؟ زار شاهي آپيشاهي ڪهڙي زبردست مدائي ۽ بڇڙائي آهي، جو اسان کي سڀ کان اڳ ۽ ان آپيشاهي جو تختو ڇو اونڌو ڪرڻ ۽ روس ۾ عام مقبول، چونڊن وسيلي ٺاهيل حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي.

(ٿ) عام مقبول، چونڊيل حڪومت کي سڀاڻي ڪهڙا چڱا ڪم عوام جي لاءِ ڪرڻ گهرجن؟ اهي اسان پنهنجي ڪتابڙي ۾ سمجهايا آهن ۽ پروگرام ۾ به انهن کي صاف ڪيو ويو آهي.

(ٽ) پروگرام ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي مزدور طبقي لاءِ اسان کي ڇا ڇا فورن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان جي زندگي جون تڪليفون ڪجهه ته گهٽ ٿي سگهن ۽ هو انهي قابل ٿي وڃي ته سوشلزم لاءِ وڌيڪ آزاديءَ سان وڙهي سگهي.

(ٺ) پروگرام ۾ انهيءَ ڳالهه جو خاص حوالو ڏنو ويو آهي ته اهي ڪهڙا سڌارا آهن جيڪي سڀ کان اڳ سمورن هارين لاءِ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڳوٺن جي غريب ماڻهو ۽ ڳوٺاڻي سڄي روسي بورجوازي جي خلاف طبقاتي جدوجهد وڌيڪ آساني ۽ وڌيڪ آزادي سان ڪري سگهن.

(ث) آخر ۾، سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي ماڻهن کي خبردار ٿي ڪري ته اهي پوليس يا ڪامورا شاهي جي واعدن يا مٺين مٺين ڳالهين تي ڀروسو نه ڪن پر نمائندن جي آزاد قومي اسيمبلي فورن گهرائڻ لاءِ پير کوڙي وڙهن.

- ”مارچ 1903ع ۾ لکيو ويو پهريون ڀيرو ڪتابڙي جي شڪل ۾ مئي 1903ع ۾ جنيوا مان پرديس ۾ روسي انقلابي سوشل ڊيموڪريٽن جي انجمن ڇپايو.“

--------


 

سمجهاڻيون

1- ”ڳوٺن جي غريبن کي خطاب“

جي عنوان سان لکيل ڪتابڙي جي مقصد جي باري ۾ لينن مارچ 1903ع ۾ پليخانوف جي نالي هڪ خط ۾ لکيو هو ته زرعي پروگرام تي هارين لاءِ سولي انداز ۾ هڪ ڪتابچو لکي رهيو آهي، جنهن ۾ هو ڳوٺاڻي آبادي جي چئن طبقن يعني زميندارن، هاري بورجوازي، وچولي هاري ۽ نيم پرولتاري ۽ پرولتاريه بابت ٺوس انگن اکرن جي بنياد تي ڳوٺاڻن ضلعن ۾ طبقاتي جدوجهد جي مارڪسي تصور جي وضاحت ڪري رهيو هو.

مئي 1903ع ۾ جنيوا پرديس مان روسي انقلابي سوشل ڊيموڪريٽن جي انجمن اهو ڪتابچو ڇپايو. لينن جو ڪتابچو ڏاڍو مقبول ٿيو. پريس مان لڪچوري ۽ ان جون ڪاپيون روس پهچايون ويون، مختلف شهر ڏي موڪليون ويون جتان ڳوٺن تائين پهتيون خفيه سوشل ڊيموڪريٽي ۽ مزدورن جي حلقن ۾ ان جو اڀياس ڪيو ويو. بري ۽ بحري فوجن جن ۾ به پهچي ويو. ۽ اهڙي طرح پارٽي اسڪول يونيورسٽي جي شاگردن جي هٿن تائين به پهتيون.

2- گادي وارا هنڌ – آڪٽوبر واري انقلاب کان اڳ ماسڪو ۽ پيٽرسبرگ ٻئي روس جا گاديءَ وارا شهر مڃيا ويندا هئا.

3- رياستي ڊيوما: نمائنده ادارو، جيڪو زار جي حڪومت 1905ع جي واقعن سبب قائم ڪرڻ تي مجبور ٿي. رسمي طور رياستي ڊيوما آئين ساز ادارو هو، پر عملي طرح وٽس ڪو امتياز نه هو. سو انهي ڪري جو سڌي طرح ۽ برابري سان عام چونڊون نه ٿيون هيون. پورهيت طبقن ۽ روس جي غير روسي قوميتن جي آبادي جي راءِ ڏيڻ جو حق تمام محدود هو ۽ مزدورن ۽ هارين جي ڪافي وڏن حصن کي راءِ ڏيڻ جو حق ئي نه هو. 11 ڊسمبر 1905ع جي چونڊن واري قانون موجب جاگيردار شهري بورجوازي جي نمائندن جا ٽي ووٽ، هارين جي 15 ووٽن ۽ مزدورن جي 45 ووٽن جي برابر هوا.

4- وولوسٽ: انقلاب کان اڳ روس ۽ روس کان ننڍي انتظامي ايڪائي جيڪو ضلعي جو هڪ حصو هوندي هئي ۽ ضلعو صوبي جو حصو.

5- اميرن جو سردار: زار شاهي روس ۾ صوبي يا ضلعي جي سمورن جو نمائندو جنهن جي چونڊ واسطيدار علائقي جا امير پنهنجي اسيمبليءَ ۾ ڪندا هئا. اميرن جو سردار اميرن جي ملڪيتن جو انتظام ڪندو هو. مقامي انتظامن جو مختار هوندو هو ۽ زيمستوو جي اسيمبلين جو صدر هوندو هو.

6- اهو نعرو ڪميونسٽ ميني فسٽو تان ورتو ويو آهي جيڪو 1848ع ۾ مارڪس ۽ اينگلز لکيو ۽ اهو سائنسي ڪميونزم جي سڀ کان اهم تصنيف آهي.

7- ڪونڪ: ”پنهنجي مڇي مانيءَ وارا هاري جيڪي يا ته کيت مزدور اجرت تي رکي يا وياج تي پئسا قرض ڏيئي ٻين جي محنت جو استحصال ڪن ٿا.“ (لينن)

8- حصي جي زمين، پٽي جي زمين: هي حوالو ان زمين ڏانهن آهي جيڪا 1861ع ۾ روس ۾ زر خريد هارين جي نظام جي پڄاڻي کان پوءِ هارين ۾ ورهائي ويئي هئي. هارين کي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي اجازت نه هئي. روس جي اڪثر علائقن ۾ پٽي جي زمين برادرين جي قبضي ۾ هئي. وقت بوقت زمين جي نئين سر ورڇ جي وسيلي هارين ۾ ورهائي ويندي هئي.

9- زيمسٽوو: هي انهن مقامي انتظامي ڪائونسلن جو نالو آهي، جيڪي 1864ع ۾ زار شاهي روس جي مرڪزي صوبن ۾ اميرن جي سربراهي ۾ قائم ڪيون هيون. زيمسٽوو جون اختياريون قطعي طور مقامي معاشي مسئلن جهڙوڪ اسپتالن رستن جي اڏاوت انگن اکرن ۽ ويمي وغيره تائين محدود هئا. انهن جون سڀ ڪارروايون گورنرن ۽ گهريلو معاملن جي وزير جي هٿ هيٺ هيون جيڪو حڪومت لاءِ اڻ وڻندڙ تجويزن کي روڪي سگهيو ٿي.

10- ڪٽيل زمين: جا اهي حصا جيڪي 1861ع جي سڌارن موجب زميندارن جي حق ۾ هارين جي ٻنين مان الڳ ڪيا ويا هئا. خاص ڪري اهي هارين وارن زمين جي ٽڪرن کان سٺا هئا. جن ۾ چراگاهون، ٻيلا، مال کي پاڻي پيارڻ وارا گهاٽ شامل هئا ۽ انهن کان سواءِ هاري پنهنجي معيشت خودمختيارانه نٿي ڪري سگهيا.

11- سوشلسٽ انقلابي: روس ۾ پيٽي بورجوا پارٽي هئي جيڪا 1901ع جي آخر ۾ 1902ع جي شروع ۾ مختلف نروديڪ گروهن ۽ حلقن جي گڏجڻ سان ٺهي.

سوشلسٽ انقلابي، پرولتاريه ۽ هارين جي وچ ۾ طبقاتي فرق نه سمجهندا هئا. هارين جي اندر طبقاتي ڏاڪن کي گهٽ ۽ تضاد کي هلڪو ڪري ڏيکاريندا هئا ۽ انقلاب ۽ پرولتاريه جي اڳواڻ هجڻ کي نه مڃيندا هئا.

سوشلسٽ انقلابين جي زرعي پروگرام ۾ زميندارن جي جاگيرن زمين جي نجي ملڪيت جي خاتمي ۽ ان کي برادرين جي حوالي ڪري برابر ورهائڻ هو. ۽ اهڙي طرح هر قسم جي امداد باهمي جي به هئي. انهي پروگرام ۾ جنهن کي سوشل انقلابي سماجي ملڪيت ڪرڻ جي پروگرام جي حيثيت سان ڀيٽ ڪندا هئا، انهن مان ڪنهن به ڳالهه ۾ سوشلسٽ ڪردار نه هو. ڇاڪاڻ ته (جيئن لينن ٻڌايو آهي). مزدور طبقي جي حڪومت قائم ڪرڻ کان سواءِ ۽ پيداوار جا سمورا ذريعا جهڙوڪ بئنڪون وڏا ڪارخانا ۽ ريلون انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ کان سواءِ رڳو زمين جي ذاتي ملڪيت جو خاتمو سرمائي جي حڪومت ۽ عوام جي غريبي کي ختم نٿو ڪري سگهي. سوشلسٽ انقلابين جي زرعي پروگرام حقيقي ۽ تاريخي لحاظ کان ترقي يافته ڳالهه زميندارن جي خاتمي لاءِ جدوجهد هئي. اهو مطالبو بورجوا جمهوري انقلاب جي دوران معروضي طور تي هارين جي مفادن ۽ تمنائن جو اظهار ڪندو آهي.

12- نرودازم: روسي انقلابي تحريڪ ۾ پيٽي بورجوا رجحان جيڪو اڻويهين صدي جي ستين اٺين ڏهاڪي ۾ پيد اٿيو. نرودنڪ آپيشاهي جي خاتمي ۽ زميندارن جون زمينون هارين کي ڏيڻ جي حق ۾ هئا. ان سان گڏوگڏ روس ۾ سرمائيدارانه  لاڳاپن جي اوسر واري لازمي قانون کي نه مڃيندا هئا ۽ انهيءَ موجب اهي پرولتاريه جي بدران هارين کي خاص انقلابي طاقت مڃيندا هئا ۽ ڳوٺاڻي برادري ۾ سوشلزم جون ابتدائي نشانيون ڏسيندا هئا. آپيشاهي جي خلاف هارين کي جدوجهد لاءِ اڀارڻ واسطي نرودينڪ ڳوٺن ۾ ويا پر نرود (ماڻهو، عوام) ۾ کين حامي نه مليا.

پنهنجي ترقي ۾ نرودازم ۾ ڪئين منزلون طي ڪيون آهن انقلابي جمهوريت پسندي کان وٺي اعتدال پسندي تائين اڻويهين صدي جي نائين ۽ ڏهين ڏهاڪي ۾ هو زار سان ٺاهه واري لڳ ڀڳ ويا. مالدار هارين جي مفادن جو اظهار ۽ مارڪسزم جي خلاف جدوجهد ڪرڻ لڳا.

13- قاعدن ۽ ضابطن جو پڌرنامو: اهي دستاويز جيڪي 1861ع ۾ سڌارن موجب زر خريد هارين جي ”نجات“ مهل زميندارن ٺاهيا، انهن پڌرنامن ۾ سڌارن کان اڳ هر هاري جي قبضي ۾ جا زمين هئي ان جي مقدار ۽ ”آجي ٿيل“ واپس آيل هاري وٽ جا زمين ٻيلا، چراگاهه وغيره ڇڏي ڏني وئي هئي تنهن جو تفصيل لکيل هو. پڌرنامن ۾ انهن قرضن جو تفصيل پڻ هو جيڪي اڃا هارين کي زميندارن لاءِ سر انجام ڏيڻا هئا. اهي پڌرناما زمين جي ان معاوضي جي حساب لڳائڻ جي بنياد تي هئا جيڪو هارين کي ڀرڻو هو.

14- گڏيل ذميواري: ڳوٺ جي هر برادري روڪ واجبات جي بروقت ۽ پوري ادائگين لاءِ مٿس رياست ۽ زميندارن طرفان لاڳو ڪيل ذميوارين کي جهڙوڪ ٽيڪس، معاوضي جون ادائگيون، فوج لاءِ رنگروٽن جي ڀرتي وغيره کي پوري ڪرڻ لاءِ گڏيل طور ذميوار هوندي آهي. هارين تي اهڙا ٻنڌڻ روس ۾ زر خريد هارين واري نظام جي خاتمي کان پوءِ به برقرار رهيا ۽ انهن کي 1906ع ۾ مس مس وڃي ختم ڪيو ويو.

15- سردين لاءِ سوٿي: زميندارن ۽ ڪولڪن جو اهو رواج آهي ته اهي سرگرمين ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ هارين کي سردين ۾ ئي ملازم رکي ڇڏيندا هئا. سردين ۾ هارين کي روڪ پئسي پنجڙ جي لوڙ هوندي هئي. زميندار لاءِ ڪولڪ ان جو فائدو وٺي مزوري جو اگهه گهٽائي ڏيندا هئا.

16- اسڪرا: (چڻنگ) پهرين ڪل روسي غير قانوني مارڪسي اخبار جنهن جو بنياد ڊسمبر 1900ع ۾ ولاديمير الئيچ لينن وڌو. اهو پرديس ۾ ڇپيو هو ۽ خفيه طور روس ۾ آندو ويندو هو. 17- زاريا (باک ڦٽي) هڪ مارڪسي علمي ۽ سياسي رسالو جيڪو اسڪرا جو ادارو 1901ع- 1902ع ۾ اشٽٽ گارٽ مان ڇاپيندو هو.

 

ختم شد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org