آخر ۾ پوري قوم لاءِ ۽ خاص ڪري ڳوٺن جي غريبن لاءِ
هڪ نهايت ضروري سڌارو ٿيندو ٻارن لاءِ مفت تعليم
جو، جنهن جي سوشلسٽ ڊيموڪريٽ گهر ڪن ٿا، اڄ شهرن
جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ڪي ٿورا اسڪول آهن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن
ٻنهي ۾ امير طبقا يعني بورجوازي (مفتخور) ئي
پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري سگهن ٿا. سمورن
ٻارن کي مفت ۽ لازمي تعليم ئي ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ
ڪنهن حد تائين سندن موجوده جهالت مان ڪڍي سگهي ٿي،
ڳوٺن جي غريبن لاءِ اها جهالت وڏي ۾ وڏي مصيبت آهي
۽ کين تعليم جي سخت ضرورت آهي. پر پڪ اسان کي
اصلي، روشن خيال تعليم جي گهرج آهي. ۽ ان جي نه
جيڪا ڪامورا ۽ پادري ڏين ٿا. سوشل ڊيموڪريٽن جي
اها به گهر آهي ته هر ماڻهو کي پورو پورو ۽ بنا
ڪنهن روڪ جي اهو حق هئڻ گهرجي ته هو جنهن مذهب کي
وڻي ان تي ويساه رکي، يورپي ملڪن مان*
روس ۽ ترڪي اهڙا ملڪ آهن جن اهي شرمناڪ قانون باقي
رکيا آهن ۽ انهن ماڻهن جي خلاف آهن جيڪي تقليدي
مذهب کان سواءِ ڪنهن ٻئي مذهب سان واسطو رکن ٿا.
اختلاف رکندڙن جي انڌي پوئلڳي نه ڪندڙن جي ۽
يهودين جي خلاف قانون، اهڙا قانون يا ته ڪنهن خاص
مذهب تي پوري طرح پائبندي لڳائي ڇڏين ٿا يا ان جي
پرچار تي بندش وجهي ڇڏين ٿا يا انهيءَ مذهب سان
تعلق رکندڙن جا ڪجهه حق کسي وٺن ٿا. اهي سمورا
قانون بي انصافي وارا آهن ۽ انتها درجي جي ارڏائي
۽ ذليل ۽ خوار ڪرڻ وارا آهن. هر ماڻهو کي پوري
پوري آزادي هئڻ گهرجي ته رڳو هو پاڻ جيڪو مذهب وڻي
سو اختيار ڪري. پر ان جي پرچار به ڪري ۽ پنهنجو
بدلائي به سگهي ڪنهن ڪاموري کي اهو حق به حاصل نه
هئڻ گهرجي. ته هو ڪنهن مذهب جي باري ۾ پڇا ڳاڇا
ڪري ته اها ڳالهه هر ڪنهن جي ضمير جي آهي ۽ ڪنهن
جي ان ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو حق نه آهي، ڪنهن مذهب يا
ڪليسا کي ”قنڌار“ جو درجو هئڻ نه گهرجي قانون
اڳيان سمورن مذهبن کي سمورن ڪليسائن کي برابر هئڻ
گهرجي، مختلف مذهبن جي عبادت گاهن جي ڪارڪنن کي
پگهارون انهن ماڻهن کي ڏيڻ گهرجن جيڪي انهن مذهبن
سان واسطو رکن ٿا. پر رياست کي رياستي خزاني مان
ڪنهن به لاءِ کڻي اهو ڪهڙو به هجي مدد نه ڪرڻ
گهرجي، ڪنهن به ڪليسا (مذهبي) ڪامورن لاءِ پئسا
منظور نه ڪرڻ گهرجن کڻي اهو تقليدي هجي يا غير
تقليدي منڪر هجي يا ٻيو ڪو. انهيءَ لاءِ سوشل
ڊيموڪريٽ ۾ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ جيستائين انهن
اُپائن تي بنا ڪنهن شرط جي بنا ڪنهن قسم جي اجاين
بحثن جي عمل نه ٿيندو تيستائين پوليس جي وسيلي
مذهب ئي ٿيندڙ شرمناڪ ظلم جو نه ئي انهن مذهبن مان
ڪنهن هڪ کي پوليس جي ڏنل امداد جو جيڪا ان کان ڪا
گهٽ شرمناڪ ڳالهه نه ٿي ٿئي خاتمو نه ٿيندو.
اسان ڏٺوسين ته سمورن ماڻهن لاءِ ۽ خاص ڪري غريبن
لاءِ سوشل ڊيموڪريٽ ڪهڙن سڌارن جي گهر ڪن ٿا. هاڻ
اچو ته اسان اهو ڏسون ته اهي مزدورن لاءِ لاڳو
فيڪٽرين ۽ شهرن جي مزدورن لاءِ ئي نه، پر زرعي
مزدورن لاءِ به ڪهڙا سڌارا آڻڻ گهرن ٿا. فيڪٽرين
جا مزدور هڪ هنڌ وڌ ۾ وڌ گڏ ٿين ٿا. اهي وڏن وڏن
ورڪشاپن ۾ ڪم ڪن ٿا. انهن لاءِ هر تعليم پرايل
سوشل ڊيموڪريٽن کان مدد مان فائدو وٺڻ وڌيڪ آسان
هوندو آهي. انهن سمورن سببن ڪري شهري مزدورن مالڪن
جي خلاف جدوجهد ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳ شروع ڪري ڇڏي
هئي ۽ اهي چڱا خاصا سڌارا آڻڻ ۾ ڪامياب ويا آهن.
انهن فيڪٽرين جا قانون پاس ڪرائي ورتا آهن. ليڪن
سوشل ڊيموڪريٽ انهي ڳالهه لاءِ وڙهي رهيا آهن ته
اهي سڌارا وڌائي سمورن مزدورن تي لاڳو ڪيا وڃن
شهري ڳوٺاڻن ٻنهي دستڪارن تي جيڪي مالڪن وٽ گهرن ۾
ڪم ڪن ٿا انهن اجر تي مزدورن تي جن کي ڪاريگر ۽
دستڪار پاڻ وٽ ملازم رکن ٿا. اڏاوتي ڌنڌن جي
مزدورن (واڍن وغيره) ڪاٺير ۽ غير هنرمند مزدور تي
۽ زراعتي مزدورن تي به سڄي روس ۾ اهي مزدور
فيڪٽرين جي مزدورن جي قائم ڪيل مثال تي هلندي انهن
جي ئي مدد سان متحد ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. زندگي جي
بهتر حالتن، ڪم ڪرڻ جي ننڍي ڏينهن ۽ وڌيڪ اجرت
لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي متحد ٿي ويا آهن. سوشل
ڊيموڪريٽي پارٽي پنهنجو اهو فرض ڪري کنيو آهي ته
هو بهتر زندگي لاءِ سمورن مزدورن جي حمايت ڪندي.
طاقتور اتحادن ۾ وڌيڪ جاندار سڀ کان وڌيڪ ڀروسي
جوڳن مزدورن کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. ڪتابڙا ۽
اشتهار ورهائي، جيڪي ماڻهو نوان آهن تن وٽ
تجربيڪار ڪارڪن موڪلي انهن جي مدد ڪندي. اهڙي طرح
ممڪن طريقي سان سندن مدد ڪندي. جڏهن اسين سياسي
آزادي حاصل ڪري وٺنداسين ته چونڊيل قومي اسيمبلي ۾
اسان جا نمائندا ويندا. مزدورن جا نمائندا سوشل
ڊيموڪريٽ هوندا ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي ساٿين وانگر
اهي مزدورن جي ڀلائي لاءِ قانون ٺاهڻ جو مطالبو
ڪندا.
سوشل ڊيموڪريٽ پارٽي مزدورن لاءِ جيڪي سڌارا آڻڻ
جي ڪوشش ڪري رهي آهي سي سڀ اسين هت هڪ هڪ ڪري نٿا
ڳڻايون. اهي اسان جي پروگرام ۾ ڏنا ويا آهن. ”روس
جي مزدورن جو مول متو“ جي نالي سان ڪتابڙي ۾ اهي
اپٽار سان سمجهايا ويا آهن. انهن سڌارن مان جيڪي
اهم آهن صرف انهن جو ئي ذڪر هتي ڪرڻ ڪافي ٿيندو.
ڪم ڪرڻ جو ڏينهن اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي.
هفتي ۾ هڪ ڏينهن آرام جو هئڻ گهرجي، اوور ٽائيم تي
صفا بندش وڌي وڃي ۽ اهڙي طرح رات جي وقت ڪم تي به،
سورهن سالن جي عمر جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ
گهرجي. ان جي نتيجي ۾ انهن کي انهيءَ عمر تائين
اجرت تي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي جيڪي سندن
صحت لاءِ نقصانڪار هجن. ڪم دوران مثال طور ان ڳاهڻ
جي مشين، ان ڏرڻ جي مشين ۽ اهڙين ٻين مشينن تي ڪم
ڪندي صحت کي نقصان رسي يا ڌڪ لڳي ته مالڪ کي ان جو
معاوضو ڏيڻ گهرجي. اجرت تي ڪم ڪندڙ سمورن مزدورن
کي هر هفتي مزدوري ملڻ گهرجي ۽ ائين نه هجي ته ٻن
يا ٽن مهينن ۾ هڪ دفعو ملي، جيئن زرعي مزدورن سان
گهڻو ڪري ٿيندو آهي. مزدورن لاءِ اها ڳالهه تمام
ضروري آهي ته کين باقاعده هر هفتي مزدوري ملي، ۽
روڪ پئسن جي شڪل ۾ ملي. جنس جي صورت ۾ به مالڪن کي
ان ڳالهه جو ڏاڍو شوق هوندو آهي ته هر قسم جو
بيڪار مال مهانگي اگهه تي مزدوري جي شڪل ۾ مزدورن
کي وٺڻ تي مجبور ڪن. انهيءَ شرمناڪ طريقي جو انت
آڻڻ ضروري آهي ته جنس جي شڪل ۾ مزدوري ڏيڻ تي
قانوني طور مڪمل بندش لڳائي وڃي.
ان کان علاوه پوڙهن مزدورن کي رياست کان پينشن ملڻ
گهرجي. مزدور پنهنجي پورهئي سان سمورن مالدار
طبقن، سڄي رياست جو هلٽ هلائين ٿا ۽ کين اتان
پينشن وٺڻ جو اوتروئي حق آهي جيترو حڪومت جي
آفيسرن کي مزدورن جي حفاظت لاءِ جيڪي قانون نافذ
ڪيا وڃن تن کي نه مڃڻ لاءِ مالڪ پنهنجي حيثيت جو
فائدو وٺي نه سگهن. انهي ڪم لاءِ انسپيڪٽر مقرر
ڪيا وڃن، جيڪي نه رڳو فيڪٽرين جي پر زميندارن جي
وڏن وڏن فارمن ۽ عام طور تي انهن سمورن ڪاروبارن
جي نگراني ڪن جتي اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور لڳايا ويا
آهن. پر اهي انسپيڪٽر سرڪاري ڪامورا نه هئڻ گهرجن.
اهي وزيرن ۽ گورنر جا مقرر ڪيل نه هئڻ گهرجن ۽ نه
ئي پوليس کاتي جا ملازم هجن. اهي انسپيڪٽر مزدورن
جا چونڊيل هئڻ گهرجن. رياست کي کپي ته انهن ماڻهن
کي پگهارون ڏئي، جن کي مزدورن جو اعتماد حاصل هجي
۽ جن کي انهن آزاديءَ سان چونڊيو هجي. مزدورن جي
چونڊيل نمائندن کي اهو ڏسڻو پوندو ته مزدورن کي
رهڻ لاءِ گهر صحيح حالت ۾ آهن، مالڪ مزدورن کي
انهي ڳالهه تي مجبور نه ڪري سگهي ته هو اهڙن هنڌن
تي رهن جيڪي ڪڪڙن جي کڏين وانگر هجن يا زمين اندر
کوٽيل غار هجن (جيئن زراعتي مزدورن سان ٿيندو آهي)
مزدورن جي آرام واري ڏينهن بابت قانون تي عمل
ٿيندو هجي وغيره وغيره. پر اها ڳالهه هرگز نه
وسارڻ گهرجي ته مزدورن جا چونڊيل نمائندا تيستائين
ڪنهن ڪم جا نه آهن جيستائين سياسي آزادي حاصل نه
هوندي. جيستائين پوليس کي وڏيون اختياريون هونديون
۽ اها عوام اڳيان ذميدار نه هوندي. هرڪو ڄاڻي ٿو
ته اڄ ڪلهه پوليس ڪيس هلائڻ کان سواءِ نه رڳو
مزدورن جي نمائندن کي پر هر ان مزدور کي گرفتار
ڪري وٺي ٿي جيڪو پنهنجي سمورن ساٿي مزدورن جي پاسي
ٿي ڳالهائڻ جي همت ڪري ٿو، جيڪو قانون جي ڀڃڪڙين
جي قلعي لاهڻ جي جرئت ڪري ٿو يا جيڪو مزدورن کي
ٻڌائي ٿو ته متحد ٿي وڃو. پر جڏهن اسان کي سياسي
آزادي ملي ويندي ته، مزدورن جا نمائندا وڏا ڪم
ڪندا.
سمورن مالڪن (فيڪٽرين جي مالڪن، زميندارن،
ٺيڪيدارن، مالدارن ۽ هارين) کي پنهنجي مزدورن جي
اجرتن ۾ ارڏائي، ڪٽوتي تي بلڪل بندش هئڻ گهرجي
مثال طور خراب مال جي ڪٽوتي، ڏنڊ جي شڪل ۾ ڪٽوتيون
وغيره. مزدورن جي اجرتن ۾ پاڻ مرادو ارڏائي سان
ڪٽوتيون ڪرڻ مالڪن جي غير قانوني ۽ ظالماڻي ڳالهه
آهي. ڏنڊ ۽ ڪٽوتين يا ٻئي ڪنهن طريقي سان مزدور جي
اجرت مالڪ کي بلڪل نه گهٽائڻ گهرجي. مالڪ انصاف
ڪندڙ ۽ سزا ڏيڻ واري طور ڪم نٿو ڪري سگهي (واه جو
انصاف ٿو ڪري جو مزدور جي مزدوري مان ڪٽوتي ڪري
پنهنجو کيسو ٿو ڀري!) کيس مناسب عدالت ۾ وڃڻ گهرجي
۽ انهيءَ عدالت ۾ مزدورن ۽ مالڪن جا چونڊيل هڪ
جيترا نمائندا هئڻ گهرجن. صرف اهڙي ئي عدالت
مزدورن جي خلاف مالڪن ۽ مالڪن جي خلاف مزدورن جي
شڪايتن تي انصاف سان غور ڪري سگهندي.
اهي آهن اهي سڌارا جيڪي سڄي مزدور طبقي لاءِ سوشل
ڊيموڪريٽ لاڳو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هر
جاگير، هر فارم ۽ هر ٺيڪيدار جو ڪم ڪندڙ مزدورن کي
هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ ڀروسي جي ماڻهن سان بحث
مباحثو ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙن سڌارن جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي
۽ ڪهڙا مطالبا پيش ڪرڻ گهرجن (ڇاڪاڻ ته مزدورن جا
مطالبا مختلف فيڪٽرين، مختلف فارمن ۽ مختلف
ٺيڪيدارن وٽ الڳ الڳ هوندا).
سڄي روس ۾ سوشل ڊيموڪريٽي ڪميٽيون مزدورن جي مدد
ڪري رهيون آهن ته اهي پنهنجا مطالبا صاف صاف ۽
ٿورن لفظن ۾ پيش ڪن ۽ جتي اهي سمورا مطالبا ترتيب
وار ڏنا ويا آهن، اتي انهن کي اشتهارن جي شڪل ۾
ڇاپڻ ۾ مدد ڏيئي رهيا آهن. ته جيئن اهي سمورن
مزدورن، مالڪن ۽ حڪومت جي آفيسرن کي معلوم ٿين.
جڏهن پنهنجي مطالبن جي حمايت ۾ مزدور متحد ٿي هڪ
ٿي وڃن ٿا ته مالڪن کي هميشہ هٽڻو ٿو پوي، پوءِ
سندن مطالبا مڃڻا پون ٿا. شهرن ۾ مزدور اهڙي طرح
ڪيترائي سڌارا آڻي چڪا آهن ۽ هاڻ ڳوٺن جا دستڪار،
ڪاريگر ۽ زراعتي مزدور به منظم ٿيڻ شروع ٿي ويا
آهن ۽ پنهنجن مطالبن لاءِ انهن جنگ جوٽي ڏني آهي.
جيستائين اسان کي سياسي آزادي حاصل نه ٿيندي اها
لڙائي اسان خفيه طور يعني پوليس کان لڪي جاري
رکنداسين. جيڪا اشتهار ڇپائڻ ۽ مزدورن جي جلسن جي
لاءِ منع ڪري ٿي. ليڪن جڏهن اسان کي سياسي آزادي
ملي ويندي ته اسان اها لڙائي وڌيڪ وسيع پيماني تي
۽ کليو کلايو جاري رکنداسين ته جيئن سڄي روس جا
پورهيت عوام متحد ٿي سگهن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ
زوردار طريقي سان ظلم کان بچائي سگهن. مزدورن جي
سوشل ڊيموڪريٽي ۾ متحد ٿيندڙ مزدورن جو تعداد
جيترو وڌيڪ هوندو اوترو ئي وڌيڪ طاقتور ٿيندي.
اوترو ئي جلد اها مزدور طبقي جي سمورن ظلمن ۽ ستم
کان سڄي اجرتي محنت کان بورجوازي جي محنت کان مڪمل
نجات ڏياري سگهندي.
* * * *
اسان اڳ به ٻڌائي آيا آهيون ته سوشل ڊيموڪريٽي نه
رڳو مزدورن جي لاءِ پر سمورن هارين لاءِ به سڌارا
آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اچو ته هاڻ ڏسون ته اها
هارين لاءِ ڪهڙا سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
-----
|