رباعياتِ طالب
دنيا ۾ مودت آهي دولت اعليٰ،
جنهن ۾ نه طمع سا آ محبّت اعليٰ،
بي روئي ريا آهي عبادت اعليٰ،
با درد و محبّت به شڪايت اعليٰ.
(•)
دنيا ۾ نه ٻي شئي آهي الفت جهڙي،
نيڪي نه ٻي آهي ڪا رياضت جهڙي،
الله کي راضي جي ڪرڻ چاهي ڪو،
ٻي ڪابه عبادت ناهي خدمت جهڙي.
(•)
بهتر آهي هر وقت رهڻ ٿي مدهوش،
دنيا ۾ رهي ڪو ته رهي ٿي مينوش،
ٿي پنهنجي خيالاتِ محبّت ۾ فنا،
۽ علم جي ڳالهين کان سدائين بيگوش.
(•)
جنهن سر ۾ سدائين ٿي رهي خوئ نياز،
جنهن دل کي هميشہ آ جستجوئ نياز،
ٿي انجي غلامي ۾ وڃي تون داخل،
جن مان ٿي هميشہ ئي اچي بوئ نياز.
(•)
ظاهر نه ڪجي ڪنهن سان محبت جو راز،
هر ڪنهن سان هميشہ ته هجي خوئ نياز،
ناساز ڪڏهن ڪين ڪنهنين ساڻ هجي،
جي ٿي سگهي، دشمن سان به ٿي رهجي ساز.
(•)
تون رازِ محبّت کي عيان ڪج نه ڪڏهن،
هي مال وڃائي ڪو زيان ڪج نه ڪڏهن،
جي سور ۽ سختيون ٿا عجيبن کان اچن،
تن جو به ڪنهنين ساڻ بيان ڪج نه ڪڏهن.
(•)
دنيا ۾ رهي ناهي وفائي هَئي هَئي،
ڏسجي ٿي رڳي ستم و جفائي هَئي هَئي،
هر ڪنهن کي ڏسان ٿو ته آهي چار سؤ ويهه،
ڪنهن ۾ نه رهي آهي سچائي هَئي هَئي.
(•)
دنيا ۾ ڪڏهن ڪر نه وفا جي ڳولا،
ملندي، جي ڪندين يار جفا جي ڳولا،
جي ڀائين ته آرام سدا ٿئي ڪو نصيب،
هر امر تي ڪر پوءِ رضا جي ڳولا.
(•)
دنيا آ مثل باغ ۽ انسان آ گل،
آ جنهنجو هميشہ ته هجڻ هت مشڪل،
هڪ روز ٿيندو شاخ حياتيءَ کان جدا،
هت هن جي فقط رهندي سدا بوئ عمل.
(•)
دنيا جي ڪڏهن عيش کي منظور نه ڪر،
دولت کي ڏسي دل کي تون مغرور نه ڪر،
هر پل ۾ سدائين تون جفاڪش ٿي رهه،
آرام وٺڻ دم جو به دستور نه ڪر.
(•)
ماضي کي ڪري ياد ٿو غمگين ٿجي،
ايندڙ جي خبر ڪانه وري آ ڪنهن کي،
تون ڇو نٿو جاڳڻ سان ڀلا جار رکين،
گذريو ته ادا وقت سمهڻ ۾ به وڃي.
(•)
اڄ حال زماني جو عجب ڏسجي ٿو،
همدرد ڪنهين سان نه مددگار آ ڪو،
خوشدل ته اُهو ساري حياتي رهندو،
هر ڪنهن کان الڳ هوندو هميشہ جيڪو.
(•)
هرگز تون زماني جي اذيّت کان نه ڊڄ
همّت سان سدا ره ۽ مصيبت کان نه ڊڄ،
آرام جهان ۾ نه هميشہ هوندو،
ره شاد اي ”طالب“ ۽ غريبت کان نه ڊڄ.
(•)
گهٻرائين متان رنج و مصيبت کان تون،
هٽجئين نه ڪڏهن يار محبّت کان تون،
دنيا نه اٿئي هرگز فرحت جي جاءِ،
ڪڇجئين نه زماني جي اذيّت کان تون.
(•)
تون آهين سدا جن و ملڪ جو مسجود،
پر رهندين جڏهن بلڪل ٿي لامقصود،
جي دل مان دوئي ڪينڪي ڪڍندين ”طالب“،
هڪدم به گذاريندين نه تون ٿي خوشنود.
(•)
محتاج ڪڏهن پاڻ کي ٻئي جو نه بناءِ،
۽ راز محبّت جو ٻين کي نه ٻڌاءِ،
راضي برضا رهڻ جي رک خوءِ سدا،
تون پاڻ کي ڪوشش ڪري لوڪئون پئو لڪاءِ.
(•)
دنيا جي تڪاليف و اذّيت کي نه ڏس،
ڪنهن مهل به پنهنجي تون مصيبت کي نه ڏس،
يڪرو ٿي لڳو رهه تون سندءِ محنت ۾،
هر هر ڪو نهاريندو غريبت کي نه ڏس.
(•)
دنيا ۾ سدا ڪير ڀلا آهي شاد،
هر دم تون جفا سهه ۽ نڪي ڪر فرياد،
دل پنهنجي اُٿي طالبِ مولا سان ٻڌ،
پوءِ ٿيندين هميشه جي غمن کان آزاد.
(•)
هن مال ۽ زر تي نه ڪڏهن ٿي مغرور،
ڪر ترڪ جهان کي ته ٿئين تون مسرور،
دل لاءِ دل آرام سان ٿي صاحبِ درد،
پي مئ تون محبّت جو سدا ره مخمور.
(•)
دل دارِ فنا ساڻ لڳائڻ ته عبث،
دنيا جي اڳيان سر به نمائڻ ته عبث،
جي دوست اٿئي ڪو ته آهين شاهوڪار،
نه ته عيش وطرب سڀ هي ملهائڻ ته عبث.
(•)
جي ڀائين هميشہ ئي رهين شاهوڪار،
دنيا جي ترانه کان ٿي هڪدم بيزار،
ٿي طالبِ مولا ٻي ڇڏي سڀ لالچ،
پوءِ ملندو سڄڻ توکي گهڻو قرب قرار.
(•)
دنيا ۾ سدا آهي فقط رنج و بلا،
ان ۾ نه رکو ڪڏهن به اميدِ وفا،
پهچي ته رضا ساڻ گذاريو هردم،
مئ نوشِ محبّت ٿي رهو صبح و مسا.
(•)
(وڌيڪ پڙهو)
|