رباعياتِ طالب
اي بارِ خدا آئون گنهگار آهيان،
مون ڪونه چڱو ڪم ڪيو بدڪار آهيان،
هن نفس جي غلبي کان ته لاچار آهيان
ته به تنهنجي عنايت جو طلبگار آهيان.
(•)
تون ربّ رحيم آئون گنهگار آهيان،
ڪر مون تي ڪرم لطف، جو بدڪار آهيان
آ درد مونکي منهنجو تون درمان آهين،
ڪامل! ڪا شفا ڏي آئون بيمار آهيان.
(•)
بيمار محبّت جي دوا تنهنجي هٿ،
تون منهنجو طبيب آهين شفا تنهنجي هٿ،
مختار آهين جيئَن تون ڪرين تيئن بهتر،
”طالب“ آهي راضي برضا تنهنجي هٿ.
(•)
شاها بکرم طالب خود را بخشائ،
رخ روشنِ خود بندهء اين را به نمائ،
از لطف و ڪرم کن نظري سوئ غريب،
هر چند که من مشکل دارم بکشائ.
(•)
يا رب! نه مونکي تخت نه ڪو تاج کپي،
يا رب! نه مونکي دنيا سندو راج کپي،
مان تنهنجي ڪرم، قرب جو ”طالب“ آهيان،
هن دار دورنگي جو نه ڪو ڪاج کپي.
(•)
الله جو دلدار رسولِؐ عربي،
مخلوق جو مهندار رسولِؐ عربي،
مون طالبِ ديدار جو مطلوب آهي،
ڪونين جو سردار رسولِؐ عربي.
(•)
اي محب! ملڻ لاءِ ته دل آهي اداس،
مئ وصل جي محبوب مونکي آهي پياس،
موسم به عجب آهي اچي وئي هاڻي
اچ گڏجي پيئون مي جا گلاسن تي گلاس.
(•)
اي منهنجا مسيحا! اچي بيمار کي ڏس،
هن پنهنجي محبّت جي گنهگار کي ڏس،
تنهنجي ئي نگاهن جو ڪيل مست الست،
هڪوار انهيءَ تشنهء ديدار کي ڏس.
(•)
مخانهء وحدت ۾ مان مخمور آهيان،
هر وقت تي دل شاد ۽ مسرور آهيان،
اميد اٿم ساقي ڪوثر ۾ وڏي،
دل سان ٿو چوان ان وٽ منظور آهيان
(•)
اي يار! بده جام شرابِ گلگون،
بدمست شوم فتنئه دنياست فزون،
آن روز که من بارِ دگر برخيزم،
هرگز نه دران جا من باشم محزون
(•)
مچ تنهنجي محبّت جو مچايو طالبَ،
جيءُ پنهنجو گهڻو آهه جلايو طالبَ،
ٻئي ڪنهن جي اڳيان سر نه ڪڏهن هي نمندو،
جو تنهنجي حضور آهي نمايو طالبَ.
(•)
محشر ۾ به تو لاءِ پريشان هوندس،
دلدار جي ديدار لءِ حيران هوندس،
هڪ ٻي به نشاني ٿو ٻڌايان پنهنجي،
مجنون مثل چاڪ گريبان هوندس.
(•)
تو پهرين پيارا هو مونسان پيار ڪيو،
ڏئي باه بره جي توئي بيمار ڪيو،
وئين پاڻ ڪڍي مونکي بنائي طالب،
فرقت آ تنهنجي جان کان بيزار ڪيو.
(•)
مجنون ٿيس زلف پريشان جو قسم،
مخمور ڪيئي چشمِ غزالان جو قسم،
تون نيٺ ڪڏهن ٿيندين پشيمان دلبر!
محبوب مٺا! آههِ غريبان جو قسم.
(•)
سرڪار محبّت جو آئون آهيان غلام،
آندو آ هتي مونکي محبّت جي دام،
پرواه آ هتي مونکي محبّت جي دام،
پرواه رهي ٿي نه ڪنهن جي ڪائي،
آزاد حڪومت ۾ رهان ٿو هرگام.
(•)
ديدار جي خواهش ٿي سدا دل ۾ رهي،
مشڪل ٿو سدا منهنجي هي مشڪل ۾ رهي،
هر وقت تصوّر ۾ سندم هيءَ حالت،
پروانو جيئن شمع جي محفل ۾ رهي.
(•)
آغاز محبّت جو ٿيو سورن سان،
سورن جي سڄي رات لنگهي پورن سان،
پُورن جي حياتي آ عجب اي طالب!
هي حال ڏسو ناز جي مزدورن سان.
(•)
دردن آ مونکي دهر ۾ دلگير ڪيو،
وس آهي ڪنهنيجو نه، هي تقدير ڪيو،
مون تنهنجي حضور آهي نمايو سر کي،
هن رمز مٺا مونکي آ بي پير ڪيو.
(•)
ساقي جي نگاهن آهي مخمور ڪيو،
دنيا کان ادا مونکي گهڻو دور ڪيو،
مون اُنجي غلامي آ قبولي دل سان،
هي قيد اکين ساڻ مون منظور ڪيو.
(•)
هن درد سندم دل کي دکايو بيحد،
سورن آ سدائين ته ستايو بيحد،
پهرين ته ڪريو وصل جو وعدو جاني،
پوءِ جان ڀلي منهنجي جلايو بيحد.
(•)
هڪ ڏينهن مليو مونکي منهنجو غيرتِ ماه،
هن مونڏي ۽ مون هن ڏي ڪئي نيڪ نگاه،
ناصح جو اچي لنگهيو ڏسي مونڏي چيئين،
لَا حَولَ وَلَا قُوّةَ اِلاﱞ بِاللهِ.
(•)
ميلي ۾ ملي محب ويو دل کي ڦري،
هو ماههِ لقا مونکي ويو مست ڪري،
اُميّد اڃا وصل جي آهي ”طالب“،
من منهنجو انهي فڪر ۾ هردم ٿو ڳري.
(•)
مئ اُلفتِ محبوب آ مخمور ڪيو،
دنيا ۾ انهي رمز آ مشهور ڪيو،
ڪو لطف زماني ۾ نٿو مون کي اچي،
خلوت جو مزو آهي مون منظور ڪيو.
(•)
مجبور محبّت ڪري مهميرن کي،
جا ٽيڪ وڏي آهي ته دلگيرن کي،
هيءُ دردِ محبّت آهي اهڙو ”طالب“،
هڪ پل ۾ ٿو پينار ڪري پيرن کي.
(•)
(وڌيڪ پڙهو)
|