سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :8

 

غربت

 

دنيا ۾ ڪي غريب، ته ڪي مالدار. خدا تعالى سڀ ڪنهن کي هڪ ئي نموني ۾ پيدا ڪري ٿو، پر ڪن خوش نصيب انسانن کي هوند وارن جي هنج ۾ پالي ٿو ۽ ڪن کي اڻ هوند وارن جي گود ۾ وڏو ڪري ٿو. ڪيترن شاهوڪار ماڻهن جو اولاد ننڍي هوندي سون ۽ روپي سان رانديون ڪندي وڏو ٿئي، پر پوءِ بدبختيءَ سبب هن جي هٿن مان ملڪيت ۽ مال ائين وهيو وڃي جيئن واري  پرڻ مان. جيڪي بي گوندرائي ۽ لاپرواهيءَ ۾ پلجي وڏا ٿيا هجن، تن وٽ ڪوڙي ڪوڏي نه هجڻ، اڻ هوندو يا غربت جو بدترين نظارو آهي. توهان ڪيترا اهڙا ماڻهو ڏٺا هوندا جي کٽ تان ڪري اچي پٽ تي پيا هوندا ۽ انهن تي توهان تي رحم کاڌو هوندو ۽ قياس آندو هوندو. اها غربت وهشتناڪ آهي، ڇاڪاڻ جو چوندا آهن ته شل بيٺل نه ڪري. انهي جي برعڪس توهان هزارين غريب مسلسل محنت ڪري اعلى مرتبه تي ڏٺا هوندا، انهن جا گوندر وڏي پد تي پهچڻ ڪري ميٽجي وڃن ٿا.مطلب ته شاهوڪارن مان غريب ۽ غريبن مان شاهوڪار پيا ٿين.

ڪيترا غريب، مفلسي کي لڪائڻ ۽ اڻ هوند هوندي پاڻ کي پئسي وارو ظاهر ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهن. هنن کي پاڻ کي غريب ليکڻ يا چوائڻ ۾ لڇ ايندي آهي. خدا هنن کي غربت جي حالت ۾ رکڻ پسند فرمايو آهي، پر هو ڪوشش ڪن ٿا، ته اسين ماڻهن کي ڏيکاريون، ته اسين اهڙي خدا داد حالت ۾ نه آهيون. اها ڪوشش ڪرڻ، خدا سان جنگ جوٽڻ آهي. خدا تعالى سڀني شين تي قادر آهي. خدا هنن کي جنهن حال ۾ رکيو آهي، تنهن حالت کان بهتر حالت ۾ اچڻ جي ڪوشش، فضول آهي، اڇي پڳ ۾ پس اندر مڙيوئي اڳڙيون، جي مصداق موجب هو پيٽ کي پٿر ٻڌيو ٻاهريون ڀڀڪو رکندا آهن. هنن جو ڪيترو پئسو ۽ وقت فقط انهي فڪر ۾ ضايع ٿئي ٿو، ته ڪيئن پنهنجي غربت لڪايون ۽ ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان، جي قول کي عملي جامو پهرايون. غريب هوندي خود داري ۽ عزت ايمانداري قائم رکڻ  نهايت تحسين جوڳو ڪم آهي، پر ساڳئي وقت غربت ڪري شرمسار ۽ لڄي ٿيڻ نهايت غير ضروري ۽ اجايو آهي. جيڪو خلوص نيتي کان ڪم وٺي، غربت کي شرمساري جو باعث نه سمجهندو، سو غربت جي نهايت تيز ڏنگه کي بي اثر بنائي ڇڏيندو، ڇاڪاڻ جو غربت تڏهين وڇونءَ وانگي ڏنگيندي، جڏهن غربت کي اوگڻ ڪري ليکبو.

غربت ڪن حالتن ۾ گناهن جو ڪفارو آهي ڪيترا بدخصال ڀوڳين ٿا جنجال، جڏهن لٽين ٿا مال، ماڻي موجون ڪيترا سال. جيتوڻيڪ، ڀلائي ڀال، خدا ڏئين ٿو ملڪيت ۽ مال، ته به ڪري تال، وراهين ٿا ناڻي جا ٿال. توهان ڏٺو هوندو، ته ڪيترا شاهوڪار، ٿين ٿا گنهگار، جنهن ڪري تخت تان ڪرن ٿا ۽ اچيو فرش تي پون ٿا، پنهنجين بدڪارين جي عيوض، گهڻو عرصو غربت ۾ گهارين ٿا ۽ سندن بدعمالن جي شامت غربت جي صورت ۾ نمودار ٿئي ٿي. مائٽاڻي ملڪيت دف ڪرڻ جو آسان طريقو آهي ويهي کائڻ يا شراب خوري ۽ ازين قسم گناه جهڙن ڪمن ۾ اڏائڻ. کاڌي کوهه به کٽيو وڃن. بي روزگار ويهي وڏا خرچ ڪبا، ته ضرور هڪڙي ڏينهن هٿ آيل ملڪيت کٽي ويندي جيڪي پيڙهائتا شاهوڪار بدعملن  جي ڪري مفلسي جي گهاڻي ۾ پيڙهجن ٿا، تن کي نفرت جي نگاه سان ڏسڻ نه گهرجي بلڪ انهن تي رحم کائڻ گهرجي ۽ عبرت وٺي پاڻ کي اهڙي حالت کان بچائڻ گهرجي.

 غربت الاهي رحمت آهي. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي، ته غربت کي ملڪ مان تڙي ڪڍجي، پر ٿوري خيال ڪرڻ سان، انهي نتيجي تي پهچي سگهبو، ته غربت مان ڪئين فائدا آهن ۽ مفلسيءَ کي تڙڻ مان ڪئين نقصان ٿيندا، تنهن ڪري غربت کي شهر نيڪالي ڏيڻ نه گهرجي. اهو غريب طبقو آهي، جو دنيا جو واڌارو ۽ سڌارو ڪري ٿو. امير طبقي جا فرد ٿورا ۽ نڪما اهن. دنيا ۾ جيڪي اعلى هستيون ٿي گذريون آهن ۽ جن دنيا ۾ وڏا ڪارناما ڪيا آهن، سي غربت جي گود ۾ پلجي وڏا ٿيا آهن، غربت جا ڏنگيل حتي المقدور ڪوشش ۽ انتهائي محنت ڪري، پنهنجو خداداد جوهر ڏيکارين ٿا. شاهوڪارن کي لڪل قابليتن ظاهر ڪرڻ ۽ خدائي ڏنل ڏاتن  ڏيکارڻ لاءِ ضرور ئي ڪونه ٿو ٿئي. هو عيش عشرت جي زندگي بسر ڪن ٿا ۽ موجن ماڻڻ ۾ ئي پورا آهن. سستي مالدار ماڻهن جو ڏاجو آهي، چستي غريبن ۽ مفلسن جو مرڪ آهي. تاريخ شاهد آهي، ته وڏي مرتبي تي پهتل ۽ دنيا جا مشهور ۽ ناميارا شخص، غريبن جي جهوپڙين ۾ پرورش پائي، چستي ۽ جفاڪشي ڪري، انهي پد تي پهتا آهن. توهان کي ڪي تمام ٿورا مثال ملندا. جن ۾ موروثي ملڪيت ماڻڻ واري شخص ڪو اٿي ڪمرڪشي دنيا جي بهبوديءَ لاءِ قدم کنيو هوندو.

حياتي، ڪشمڪش جو ٻيو نالو آهي. جنهن به ماڻهو جي زندگيءَ ۾ ڪشمڪش گهٽ هوندي، سو زندگيءَ جو لطف حاصل ڪري ڪونه سگهندو. هو زندگي جو لطف ايتري ئي قدر ماڻي سگهندو، جيتري قدر هن جي حياتي ۽ ڇڪتڻ ٿيندي، ڇاڪاڻ جو جيڪا شي مشڪلات ۽ محنت بعد دستياب ٿئي ٿي، سا نهايت حظ ڏئي ٿي. پائي پائي ڪري هزار رپيا گڏ ڪرڻ مان جا خوشي حاصل ٿئي ٿي. سا يڪلخت هزار رپين ملڻ مان ڪان ٿي ملي. غربت مان اُسري وڏي مرتبه تي پهچڻ ڪري، جا مرت مهيا ٿئي ٿي، سا شاهوڪاري مان اعلى پد تي پهچڻ ڪري حاصل ڪانه ٿئي ٿي. غربت چڱين شين جو قدر وڌائي ٿي ۽ سٺين شين جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي تمنا  پيدا ڪري ٿي.

خدا تعالى دنيا ۾ سڀ ڪنهن شي جو ضد مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چڱائي جو ضد آهي بڇڙائي جي بچڙائي نه هجي، ته چڱائي لاءِ ڪير ڪوشش ڪري؟ جي ڪڏهن غم نه هجي ته خوشي لاءِ ڪير تڙڦي؟ جيڪڏهن گدلائي نه هجي ته صفائي جو ڪير قدر ڪري؟ ساڳي طرح سان جيڪڏهن غربت نه هجي، ته شاهوڪاري ۽ خوشحالي جو ايترو قدر ڪير ڪري؟

 


 


 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org