سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
گلدسته اقوال |
باب:
-- |
صفحو :11 |
نسواني تعليم
هيءَ فاني دنيا به هڪ عجب سراءِ آهي، جنهن جي
اندر ڪو خوش نظر اچي ٿو، ته ڪو رنج. ڪنهن جي
گهر شادي آهي، ته ڪنهن جي گهر غمي. ڪو امير
آهي، ته ڪو غريب. ڪو تندرست سالم اعضا آهي، ته
ڪو ناتوان انڌو، منڊو يا پنگلو آهي. ڪو مال ۽
اولاد جي نعمتن
سان معمور آهي، ته ڪو انهن جي سڪ ۾ جان بلب
آهي. ڪو محل محلاتن جو جائزين
آهي، ته ڪو جهوپڙين جو مسڪين آهي. ڪو قيمتي
پوشاڪن ۾ ملبوس آهي، ته ڪو برهنه بدن ننگو
آهي. ڪنهن جي خوراڪ لاءِ هر وقت ست رڇي موجود
آهي، ته ڪو سڪل ٽڪر لاءِ هڪ ويلي جو محتاج
آهي. ساڳئي شهر ۾ ساڳئي ڳوٺ ۾ ساڳئي محله ۾،
ساڳئي گهٽيءَ يا گهر ۾ ڪو ڪنهن حال ۾ آهي ته
ڪو ڪنهن حال ۾ نظر اچي رهيو آهي.
عجب سرائـﻶ هـﻶ يه دنيا که جس مين شام و سحر
کسي
کا کوچ کسي
کا مقام هوتا هـﻶ
طاهر آباد جي عظيم الشان شهر جي امير آباد
واري حصه ۾ هڪ طرف، جڏهن اسان جا دولتمند ۽
عيش پرست تعليم يافته صاحب ملڪي ضرورتن جو
احساس رکندي پنهنجي آرمگاهن مان نڪري عاليشان
پنڊالن ۾ بخمل جي نرم ڪرسين جي آسپاس جمع پئي
ٿيا ۽ اسان جا قومي رهنما هڪ ٻئي ۾ رسڪ ۽
رقابت سبب دست بگريبان ٿي، خوني کيل کيڏي رهيا
هوا ۽ اسان جا ليڊر صاحب متوانر پنهنجي تقرير
ڪمالات ۽ جوش خروش جو جوهر ڏيکاري رهيا هوا ۽
دنيا ۾ ڪمزورن ۽ غريبن کي عزت سان رهڻ جو حق
تسليم ڪرائڻ جو سوال سندن درپيش هو ۽ قومي
اصلاح جي مسئلن تي غور ڪرڻ، قوم جي ابتريءَ جو
نقشه الفاظن ۾ پوريءَ طرح چٽڻ، ملڪ
جي حالت زار تي همدرديءَ جي جذبات جو طوفان
برپا ڪرڻ ۽ خوشنما لفظن ۽ قيمتي محاورن ۽
خيالن سان ٻڌندڙن کي متاثر ڪرڻ ۽ بيداري ۽
تنظيم جو روح عوام ۾ ڦوڪڻ جا فرائض انجام ڏئي
رهيا هوا، تڏهن ٻي طرف وري غريب آباد واري حصه
۾ دکه درد، غم و الم، اضطراب ۽ بي چينيءَ جي
هڪڙي خاموش ۽ بي زبان تصوير نظر اچي رهي هئي،
جا انهن قبرن ۾ دفن ٿي چڪي هئي جنهن کي عام
اصطلاح ۾ گهر جي چؤديواري چيو
ويندو
آهي.
ويچاري سليمه، هڪڙي خوشحال ۽ قدامت پسند
خاندان جي ڇوڪري هئي، جنهن خاندان ۾ عورت جو
لفط فقط انهيءَ مرغ اسير جو نالو هو، جنهن کي
هڪ دفعه پڃري ۾ بند ڪرڻ بعد ٻيو دفعو وري تڏهن
ٻاهر ڪڍيو ويندو هو، جڏهن ان کي ڪنج لحد ۾
منتقل ڪرڻ جي ضرورت درپيش ايندي هئي. بهرحال
سٻاجهي سليمه انهيءَ خاندان ۾ وڏي ناز و نعم
سان نپائي ويئي هئي ۽ پرورش پائي جوان ٿي هئي.
سليمه جو خاندان نه صرف عورتن جي حق ۾ رسم و
رواج جو هامي هو، مگر مردن جي حق ۾ پڻ قديم
رواجن جو اهڙو ئي پابند هو. شادين غمين، عيدن
برادن، عرصن يارهين، پيراڻين چنڊاڻين، جهنڊن
منڻن، پڙن باسن، زيارتن عقيدتمندين، نذرن
نيازن، رسمن رواجن، ننگن ناموسن، ختمن درودن،
شغلن
مولودن،
مريدين خادمين شربتن شيرينين، دعوتن تڪلفن،
ٽوڻن ڦيڻن، تعويذن ڦلن، جنن ڀوتن،
ڌاڳن
ڳنڍين، مطلب ته هر قسم جي بدآعتن ۾ سليمه جو
خاندان نهايت ئي عقيدتمند ئي سان پابند ۽ عادي
هو. رفته رفته هيءُ سڄو خاندان صرف آباڻي
اجداڻي رسم و رواج کي شان شوڪت سان برقرار رکڻ
جي عشق ۾ خدا ڄاڻي ته ايترين بداعتدالين کان
ڪم ورتو هو، جو سليمه جي جوان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي
مفلس ٿي چڪو هو. مگر شڪر جو وري به اهڙي وقت ۾
ڇوڪريءَ جي شاديءَ جي گران بار کان سبڪدوشي
حاصل
ڪئي هئائين.
سليمه ويچاريءَ جو پلئو
هينئر نصير جي دامن سان اٽڪيل هو. سليمه جي
وڏن نصير جي مزاج ۾ پنهنجي خاندان وارا ساڳيا
قديم خيال ڏسي، پوءِ ته سليمه جو سڱ ڪيو هو،
تنهنڪري ازدواجي زندگيءَ ۾ قدم رکڻ بعد به
سليمه ۾ ڪو ذهني يا دماغي
انقلاب پئدا ٿي ڪونه سگهيو. مرڳو جنهن ماحول ۾
هن جي تربيت ٿي هئي ۽ جي نقش سندس دماغ
۾
ويٺل هوا سي سڀ هينئر پوريءَ قوت سان پخته ٿيڻ
لڳا.
سليمه ٿوري ئي عرصه اندر ٻن ٻارن جي ماءُ ٿي
پئي ۽ اهي سموريون بي اصوليون ۽ بي اعتداليون
جن جي ڪري ڪو به خاندان تباهيءَ جي ڪن ۾ غرق
ٿي سگهي ٿو، سي هنن وٽ اوجهه
تي پهچي چڪيون هيون. بي اعتدالين ۾ اهي سڀ
ڳالهيون اچي وڃن ٿيون، جن ۾ حد کان تجاوز ڪرڻو
پوي ٿو: مثلا قدم قدم تي اهي پراڻيون بند ٿيل
سواريءَ جون ڏوليون جي فقط پردن جي سبب
استعمال ڪبيون آهن، اهي اجايون رسمون جي وڏن
جو يادگار قائم رکڻ لاءِ ڪيون وڃن، اهي پراڻن
زيورن جا نمونا، اهي جهوني نموني جون پشاڪون،
اهي قديم غذائن جا نمونا وغيره جي هن وقت جي
تهذيب ۽ ڪلچر ۾ داخل نه آهن.
سمجهه ۾ نٿو اچي ته عصمت جي معيار جي بلندي جو
تعلق موجوده رواجي پرده سان آهي يا تعليم ۽
تربيت سان! خوش قسمتي سان ميان نصير جو گهر هڪ
اهڙي محلي ۾ واقع هو، جتي پڙدي جو رواجي
احترام آهسته آهسته ترڪ ٿي رهيو هو ۽ محلي جي
جديد طرز کي تعمير ٿيل جاين ۾ پرده جي پراڻين
رسمن کي صحت جي خيال کان غير مفيد سمجهيو ويو
ٿي. مگر زماني جون هي ترقيون ۽ تبديليون اسان
جي دوست نصير ۽ سندن گهر تي ابتو اثر ڪري
رهيون هيون. جيئن جيئن آسپاس جون جايون روشن،
بلند ۽ هوادار تيار
ٿي رهيون هيون، تيئن تيئن ميان نصير پنهنجي
گهر جي درين ۽ دروازن کي ويو بند ڪندو ۽ تاريڪ
بنائيندو، تان جو ائين ڪندي ڪندي سندس
گهر قديم غارن ۽ غفائن جو يادگار بنجي پيو.
اهو سڀ انهيءَ عصمت جي معيار جي بلندي يعني
پرده کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪيو پئي ويو.
ڪجهه به هجي مگر ڏسڻو ته فقط اهو آهي ته ميان
نصير، زندگيءَ جي ڪهڙين ڪهڙين مسرتن سان
همڪنار هو! درحقيقت هو موجوده طرز معاشرت کان
۽ روزگاريءَ جي تنگيءَ بي حد پريشان، مقروض ۽
متفڪر رهندو هو. زماني جون گردشون دستور موجب
جاري رهنديون آيون. هن دنيا جي سطح تي، جڏهن
هڪڙو ٻئي کان ايجادات وغيره ۾ سبقت کڻڻ ۾
ڪوشان هو ۽ جڏهن دنيا ۾ هڪ اضطراب پکڙي چڪو
هو، انسانن جون جماعتون هڪ ٻئي ۾ متصادم ٿي
رهنديون هيون، قومن جون جدا جدا تهذيبون ٺهي
رهيون هيون، ڪيتريون آباد بستيون اجڙ ٿي رهيون
هيون ۽ وري برباد بستيون وسايون پئي ويون،
تڏهن هڪ وقت اهڙو به آيو جو نصير ويچارو هڪ
اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو جو ساندهه هڪ سال جي
علاج مطالج ۽ ڪوششن جي باوجود ۽ سوين
روپيه
خرچ ڪرڻ هوندي به، زنده رهي نه سگهيو ۽ نيٺ
هڪڙي ڏينهن زال ۽ ٻارن کي الوداع چئي، رخصت
ورتائين.
سليمه ويچاري جي زندگيءَ ۾ هڪ عجيب انقلاب
پئدا ٿي ويو. ٻار سڀ صغير هوس ۽ سندس سرپرست
ڪو به ڪونه هو. سندس مائٽن ۾ به فقط هڪ ٻڍڙو
پيءُ
باقي بچيل هو، جنهن جي حيثيت هينئر چراخ سحري
جي مثال هئي.تنهن هوندي به هوءَ ويچاري پنهنجي
بيوسيءَ جا ڏهاڙا هن جي سرپرستيءَ هيٺ گذاري
رهي هئي. سندس حياتيءَ جون اڳيون مصروفيتون ۽
شاندار هلت چلت ختم ٿي چڪي هئي، فقط معمولي
طرح پنهنجي ٻچڙن جي نظرداري ۽ ضعيف ٻڍڙي پيءَ
جي خاموش خدمت ۾ دل ۾ سوين ارمان سانڍيندي
افسردگيءَ سان وقت گذاري رهي هئي. مگر هن فطرت
جو قانون جمود ۽ يڪسانيت تي هرگز ٻڌل نه آهي.
هڪ اردو شاعر چيو آهي ته:
کهان سکون هـﻶ قدرت کـﻶ کارخانه مين
ثبات ايک تغير کو هـﻶ زمانـﻶ مين.
اهو زندگيءَ جو دور به زياده عرصي تائين قائم
نه رهي سگهيو ۽ سليمه جو پيءُ به کيس جلد ئي
انهيءَ تنهائيءَ ۽ بيڪسيءَ جي حالت ۾ ڇڏي داغ
مفارقت ڏئي ويو. هاڻي سليمه جي حياتيءَ جي ڏور
زمانه جي حادثن جي طوفان جي حواله هئي، ته
انهن طوفاني ڇولين کي جيڏانهن وڻي تيڏانهن
سندس قسمت جي ڪشتيءَ کي ڇڪي وڃن. هڪ اردو شاعر
چيو آهي ته:
لـﻶ جائين جهان موجين، پهنچائين
جدهر لهرين
کشتي ميري قسمت وابستهء طوفان هـﻶ
دنيا ۾ اهڙن شخصن يا اهڙين جماعتن جي هرگز
ڪمي ڪانهي، جن جو پيشو ئي ڪمزورن ۽ ضعيفن جي
ڪمزوريءَ ۽ ضعف مان فائدو حاصل ڪرڻ هوندو آهي.
اهڙا شخص هميشه
غريبن
جي ڦٽل نصيب جا منتظر هوندا آهن ۽ پنهنجا غرض
۽ فائدا صرف مصيبتزدن وٽان ئي پورا ڪندا آهن.
ٻين جي تنزل مان پنهنجي عروج جو وجهه وٺندا
آهن. ٻين جو گهر ڊاهي پنهنجو تعمير ڪندا آهن ۽
جيري لاءِ ٻڪري ڪهندا آهن. ٻين جي رنج غم جي
بنياد تي پنهنجي خوشين جي عمارت اڏڻ هنن جو
روزانه ڌنڌو هوندو آهي. اهڙن ڪمينن انسانن کي
جڏهن پنهنجو شڪار ڳولڻو هوندو آهي، تڏهن
همدرديءَ ۽ غمخواريءَ جا مجسما بنجي رحم ۽
انسانيت جا علمبرادر ٿي، پنهنجي حرص ۽ طمع جي
تيرن کي شرافت جي جامي ۾ لڪائي تلاش ڪندا آهن.
ويچاري سليمه کي پنهنجي زندگيءَ جي معمولي
ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون رسمي رواجي
دقتون پيش اينديون هيون، ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين
لاءِ ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ طرح مجبور ٿيڻو پوندو هو،
اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي تشريح ۽ تصور
دردمند دلين جي لاءِ نهايت روح فرما آهي ۽
انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ درس عبرت آهي، جي سمجهن
ٿا ته مردن جي سهاري کان سواءِ عورتن کي دنيا
۾ زندگي بسر ڪرڻ اخلاقي خرابين لاءِ ذميوار
آهي. اهي ماڻهو ائين هرگز ڪونه ٿا سمجهن، ته
قومي اخلاقن جي تباهيءَ ۾ مرد جو عورت کان
زياده حصو آهي. ٻڌايو ته عورت جي موجوده
جهالت، قيد ۾ رهڻ، ڪمزوريءَ ۽ مجبوريءَ لاءِ،
اخلاقي طرح، مرد وڌيڪ جوابدار آهي يا عورت؟
دراصل اسان جي قومي ۽ ملڪي زندگيءَ جو موجوده
دور انهن خطرن لاءِ تياري آهي، جي هر وقت اسان
جي سامهون آهن ۽ اسان کي انهن جو مقابلو ڪرڻو
آهي. موجده رواجي پردو فقط انهيءَ امن ۽ سڪون
واري زمانه جو يادگار آهي، جڏهن دنيا پر امان
هئي. پر موجوده دور هڪ عظيم اضطراب جو دور
آهي، جنهن ۾ سڪون ۽ اطمينان عنقا پکيءَ وانگر
نا پيدا آهي. عورتن، اسان جي قومي جسم جي نصف
حصي جو بيڪار ٿي وڃڻ
ٻئي
اڌ کي به فالج زده ڪري وجهندو. بزدل مرد کي
بهادر ۽ بهادر کي بزدل ۽ ڪمزور ڪرڻ جو عورت کي
ئي جادو آهي. در حقيقت جن عورتن، مردن کي قومي
جدوجهد ۾ حصو وٺڻ ۽ هر قسم جي قرباني ۽ ايثار
لاءِ کين مشڪي ۽ مرڪي آماده ڪيو ۽ انهن سان
وڏيءَ خوشيءَ سان علحدگي اختيار ڪئي، اهي
عورتون گهرن ۾ بند رهڻ واريون بي خبر ۽ جاهل
نه هيون. بهر صورت هتي فقط سليمه جو ئي قصو
پيش ڪرڻ مقصود آهي، جنهن کان ٻاهر وڃڻ جي
ضرورت ڪانهي.
سليمه ويچاري پنهنجي
آسماني
مصيبتن ۾ مبتلا هئي. اڃان ٿورو عرصو ئي ڪين
گذريو ته هن سستي ۽ سولي شڪار
تي
هر هڪ شڪاريءَ جي نظر پوڻ لڳي. انهن شڪارين
مان هڪڙو شڪاري زياده نشانه باز هو، جنهن
پهريائين قدم اڳتي وڌايو ۽ سليمه کي هڪ نياپو
موڪلي پاڻ کي ٻارن جو معلم ظاهر ڪيو ۽ يتيم
ٻارن جي حالت تي دردمندانه ڳوڙها ڳاڙيا.
همدرد يا بي درد، يگانه يا بيگانه، نفعه يا
نقصان، نشيب يا فراز کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي
صلاحيت به هڪ خاص وقت تائين انسان سان همراه
رهندي آهي. ٻڏندڙ
انسان ٻوڙن
کي جهليندو آهي. هو اهو خيال نه ڪندو آهي ته
بچائڻ وارو هٿ منهنجي طرف ڪهڙيءَ نيت يا خيال
کان ڊگهيريو ويو آهي. مصيبت وڏن وڏن دانائن جا
هوش به گم ڪري ڇڏيندي آهي.
سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي، ته ”بک بڇڙو ٽول، دانا
ديوانا ڪري“ اهڙيءَ حالت ۾ سليمه نه صرف هڪ
ڪمزور عورت هئي. هن ويهين صديءَ ۾ هيءَ جاهل
ناقص العقل ۽ نا فهم عورت ڇو اهڙي پيغام کان
متاثر ٿي، ان کي پنهنجي لاءِ غيبي امداد نه
سمجهي؟ ۽ ڪهڙي طرح پيغام موڪليندڙ کي هڪ رحمت
جو فرشته نه تصور ڪري؟ در حقيقت هن جي
زندگيءَ جا سڀ سهارا ختم ٿي چڪا هوا هاڻي هوءَ
پنهنجي لاءِ ڪونه ٿي جئي، مگر ٻچن لاءِ جئي
رهي هئي ۽ فقط پنهنجي ٻچن جي مستقبل کي ئي
بهتر بنائڻ وارو شخص سندس بهترين رفيق ٿي
سگهيو ٿي. قصو ڪوتاه، ته اهو معلم صاحب، جو
پاڻ کي مولوي صاحب سڏائيندو هو، جيتوڻيڪ عمر
جو ايترو وڏو به ڪين هو، تاهم يڪمشت دو انگشت
نه ته به ٻن ٽن آڱرين جيتري فرينچ ڪٽ ڏاڙهي
رکيل هيس. سو ڇو؟ هن سمجهيو ٿي، ته هيءُ
ٻاهريون چهري جو نور، دل جي سياهيءَ لاءِ، هڪ
قسم جو عيب پوش ٿي سگهي ٿو. بهرحال اسان جي
معلم صاحب جون همدرديون روز بروز وڌنديون
رهيون ۽ هو پنهنجي شڪار کي پنهنجي ويجهو ڇڪڻ
جي ڪوشش ڪندو رهيو، تان جو هو انهيءَ ضعيف ۽
لاغر شڪار کي مغلوب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. معلم
صاحب هڪ سياه دل انسان هو ۽ دراصل سندس مرضي
هئي، ته جيڪو وقت هتي رهان، اهو وقت هن تعلق
کي قائم ڪري، دل سير ڪريان، پوءِ جڏهن موقعو
ملي، تڏهن سفر اختيار ڪريان! انهيءَ خيال کان
هو اصلي واقعات عوام الناس جي نگاه کان لڪائڻ
جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. مگر بدقسمتيءَ سان هو ائين
ڪري نه سگهيو. سندس همه پيشه شڪاري، جي سندس
نقل و حرڪت کي غور سان ڏسندا رهندا هئا تن هن
کي هڪڙيءَ ڪاميابيءَ بعد وري ٻيو قدم کڻڻ نه
ڏنو.
بهر صورت دنيا ۾ سڀ ڪنهن ڪمزوريءَ کان پوءِ،
چاهي اها انفرادي هجي يا جماعتي هجي، نفع حاصل
ڪرڻ جو هڪ عام رواج ٿي ويو آهي، ۽ جيستائين
انساني سوسائٽيءَ ۾ خود غرضي، هوس، حرص ۽ طمع
باقي هوندا، تيستائين اهو رواج قائم رهندو.
وري جيڪڏهن طمع فردن مان نڪري جماعتن ۾ پکڙي
ٿي، تڏهن جيڪي جيڪي ٽوليون هڪٻئي جي مقابلي
لاءِ تيار ٿين ٿيون ۽ وڙهڻ لڳن ٿيون. سي
پنهنجي حرص ۽ هوس جي پياس هڪ ٻئي جي خون مان
پوري ڪن ٿيون. جڏهن به خود غرض انسان پاڻ ۾
وڙهن ٿا، هڪ شڪار لاءِ چند شڪاري تڪرار ڪن ٿا،
ٻه حريص طامع پاڻ ۾ تصادم ڪن ٿا، ته ان وقت
ڏسو، ته ڪهڙيءَ طرح نه هڪٻئي جا پول پڌرا ڪن
ٿا ۽ اخلاق ۽ انسانيت جا مصنوعي نقاب سندن
چهرن تان ڪهڙيءَ طرح کلي ظاهر ٿين ٿا. ان وقت
سچ پچ ائين نظر ايندو آهي، جيئن ٻه اگهاڙا شخص
هڪ چادر کي پنهنجي پنهنجي طرف وٺي ڇڪين ۽ هر
هڪ کي پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ جو فڪر دامنگر هجي.
غرض ته اسانجي شڪاري معلم کي ماڻهو گهيرو ڪري
ويا. ڪجهه هن جا طرفدار اُٿيا، ته ڪجهه سندس
مخالفن جي جماعت مان کڙا ٿيا، تان جو معاملو
وڃي باهمي جنگ و جدال جي نوبت تائين پهتو.
هينئر حالت اها وڃي رهي، جو يڪ اياز صد بيمار
يا يڪ انگور صد زنبور وارو معامله وڃي ٿيو.
جڏهن وڙهندي وڙهندي غالب ۽ مغلوب جو فيصله
ناممڪن ٿيندو آهي ته پوءِ صلح جا سنيها اچڻ
لڳندا آهن ۽ جنهن شي تان تنازع ٿيندو آهي، ان
جي حصن پتين ڪرڻ جون تدبيرون سوچيون وينديون
آهن. اهڙيءَ طرح هن معاملي جو به اهو فيصلو
ٿيو، ته شڪار کان پڇي رضامندي وٺجي، ته هو
سڀني مان ڪنهن سان نسبت ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي
ٿو، ڪنهن جي دام ۾ ڪنڌ نوائي ٿو ۽ ڪنهن جي
دائمي غلاميءَ جو پٽو قبول ڪرڻ ۾ خوش آهي.
آخرڪار معلم صاحب انهيءَ رضامنديءَ حاصل ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿيو، ليڪن اها ڪاميابي سندس عين
ناڪامي هئي ۽ انهيءَ فتح ۾ سندس انتهائي شڪست
هئي، ڇو ته هو هاڻي هڪدم ٻن ٻارن جو پيءُ ۽ هڪ
زال جو باقاعده شوهر بنجي پيو ۽ اها سنت پيغمبر
هن جي گلي جو هار ٿي پيئي. بي روزگاريءَ ۽
مسافريءَ ۾ اهو هڪ اهڙو بوجو سوسائٽيءَ جي
پابندين سندس ڪنڌ تي لاهي وڌو، جنهن ڪري هو
ويچارو نهايت پريشان گذارڻ لڳو.
بهرصورت سنجيده ۽ دردمند دليون فقط واقعات جي
تفصيل ۾ گم ڪونه ٿي وينديون آهن، مگر اهي
نتيجي جو خيال به رکنديون آهن. وڄ ڇو ڪري؟
سيلاب ڪيئن آيو؟ اهو سوال بحث هيٺ نه ايندو
آهي. ڏسڻو اهو پوندو آهي ته جنهن تي وڄ ڪري،
اُن جو ڪهڙو حال ٿيو، سيلاب ۾ وهڻ واري ٻيڙي
پرزا پرزا ته ڪين ٿي ويئي!
غريب سليمه جي زندگيءَ جي ڪشتي
به حادثن جي طوفان ۾ ڀٽڪندي رهي؛ مگر هن
ويچاريءَ کي ڪجهه به خبر نه رهي، ته آخر هي سڀ
ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟
آخرڪار هيءَ روئداد به ٿي گذري. سليمه ويچاري
هاڻي سمجهي چڪي هئي، ته انسانيت جي هن نقلي
پوشاڪ ۾ ڪيتري حيوانيت آهي ۽ همدرديءَ جي چولي
۾ ڪيتريون خود غرضيون پوشيده آهن. هوءَ هاڻي
هن زندگيءَ کان ڪڪ ٿي چڪي هئي ۽ پنهنجي ٻارن
کي به پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو
هئائين، ڇاڪاڻ ته هوءَ ڏسي رهي هئي ته سندس
موجوده شوهر تي ٽن انسانن جو هڪ ناقابل برداشت
بار آهي، جنهن کان هو بيزار ۽ پريشان ٿي رهيو
آهي ۽ انهي ئي سبب کان زال مڙس جي باهمي
تعلقات جون خرابيون، روز روز جي هاءِ گهوڙا،
ٻارن جي ڪسمپرسي، بکون ۽ فاقا ظاهر ٿيڻ لڳا.
هڪ ڏينهن پنهنجي مڙس جي طعنن تنڪن کان متاثر
ٿي، پنهنجي دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري نه سگهي ۽
هڪ وحشيانه نمونه ۾ برقعو ڍڪي گهر کان ٻاهر
هڪڙو منهن ڪري نڪري ويئي ۽ خودڪشيءَ جو پڪو
ارادو ڪري، مدهوشي ۽ ديوانه وار گهٽين جي رستن
تان هلندي ويئي ۽ معلوم نه هوس ته سندس منزل
ڪٿي آهي ۽ انجو رستو ڪهڙو آهي.
زينب بي بي هڪ سڪول جي ماسترياڻي هئي. هوءَ
نهايت نيڪدل، خوش مزاج ۽ پڪي اصلاح پسند
پنهنجي صنف نازڪ جي انسانن جي انتهائي همدرد
هوندي هئي. سڪول جي وقت کانسواءِ باقي سمورو
عرصو عورتن جي ترقي ۽ اصلاح، بهبوديءَ ۽ فلاح
جي ڪمن ۾ صرف ڪندي هئي. هوءَ هڪ اهڙي باعمل
جماعت سان تعلق رکندڙ هئي، جنهن جا اغراض ۽
مقاصد شهري فضا ۾ خاموشيءَ سان تعميري ۽ عملي
ڪاروبار سان تعلق رکندڙ هئا.
انهيءَ جماعت جا رڪن عام خاص ۾ بيحد مقبول ۽
هر دلعزيز هوندا هئا. سندن هر دلعزيزيءَ جو
راز هيءُ هو ته هو ڪنهن معموليءَ کان معمولي
شڪايت يا واقعي کي به نظر انداز نه ڪندا هوا ۽
حتي الامڪان اهڙين سڀني شڪايتن کي رفع ڪرڻ جي
دل و جان سان هو ڪوشش ڪندا هوا. جن شڪايتن جو
تعلق اهڙين بڇڙاين سان هو، جنهنڪري قومي تهذيب
۽ اخلاق تي داغ لڳندو هجي يا اهڙي رسم رواج
سان جنهن سان قومي نقصان ٿئي يا قومي ترقيءَ
جي راه ۾ اهڙيون رسمون هڪ گران پٿر ثابت ٿيون
هجن ته اهڙين سڀني اوڻاين کي دور ڪرڻ جي
انتهائي ڪوشش ڪندا هئا. هو سڀني براين جا سبب
جاچيندا هئا ۽ انهن جو اصلاح ڪندا هئا، بڇڙاين
کان نفرت ڪندا هئا ۽ نفرت ڏياريندا هئا. مگر
برائي ڪندڙن کان نفرت نه ڪندا هئا ۽ نه انهن
جي تحقمر يا بدنامي ڪندا هئا. البته جدا جدا
فردن جي عملن ۽ فعلن تي نگراني ضرور ڪندا هئا،
ان لاءِ ته اهڙيون برايون وڌيڪ پيدا نه ٿين.
انهن فرضن کي ادا ڪرڻ لاءِ هو ماڻهن جي گهرن
ويندا هئا، انهن جا دک سک ٻڌندا هئا ۽ انهن جي
مشڪلات کي هلڪو ۽ آسان ڪرڻ جي لاءِ انهن جي
رنج و راحت ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ کين مناسب
صلاحون ۽ مشورا ڏيندا هئا. ناواقف جاهل ۽ غريب
عوام کي صحيح تربيت ڏيندا هئا ۽ انهن جا
صلاحڪار ٿي سندن گهٽتاين جي اصلاح ڪندا هئا.
انهن جا بگڙيل ڪاروبار سڌاريندا هئا. اجوڳه
عادتن تي کلندي کلندي، انهن کي درست ڪندا هئا.
سندن جماعت جو نالو بيداري يا تنظيم رکيل هو.
هو نيڪيءَ جي عيوض نيڪي ڪندا هئا. هو خدمت کي
خدمت جي لاءِ ئي ڪندا هئا. هنن کي ليڊريءَ جو
خيال ڪونه هوندو هو. ان سبب منجهن باهمين
اختلاف بلڪل ڪونه هوندا هئا. هنن جو مقصد صرف
تعميري ڪم هو. هڪٻئي جي خانه خرابيءَ تي آماده
ڪونه هوندا هئا. مطلب ته هن جماعت جي فرد هجڻ
ڪري، زينب بيبي عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪندي رهندي
هئي.
هڪ ڏينهن شام جي وقت زينب بيبي پنهنجي شوهر
سان گڏ شهر کان ٻاهر درياه جو سير ڪرڻ وئي
هئي. صاف شفاف پاڻيءَ جي روانيءَ ۾ شفق جي
نظاري مان جئن ٻئي ڄڻا دل وندرائي رهيا هئا
تيئن اوچتو ئي اوچتو هڪ طرف کان ”ڌو“ جو آواز
پاڻي مان پيدا ٿيو. هي ٻئي ڄڻا حيرت ۾ پئجي ان
طرف نهارڻ لڳا ۽ غور سان ڏٺائون، ته معلوم ٿين
ته ڪو انسان پاڻيءَ ۾ ڪري پيو آهي. انساني
همدرديءَ وچان زينب بيبيءَ جو شوهر پاڻيءَ ۾
ٽپي پيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بيڪسيءَ جو هڪ بيهوش
مجسمو ڪناري تي اُڪاري آندائين. زينب بيبيءَ
جي دل هڪ انساني دل هئي، پنهنجي هم جنس کي ڏسي
نهايت گهڻو ڏک محسوس ڪيائين ۽ هڪدم کيس پنهنجي
گاڏيءَ ۾ کڻي گهر آندائون ۽ بنا دير جي ڊاڪٽري
امداد موجود ڪري، کيس هوش ۾ آندائون. ڪجهه
ڏهاڙن جي علاج بعد هوءَ بلڪل تندرست ٿي. زينب
بيبيءَ کي هن سان نهايت محبت ٿي ويئي ۽ هن کان
سندس سڀ حال معلوم ڪيائين. حال پڇيائين بعد
زينب بيبيءَ جي سليمه سان نهايت همدردي ٿي
ويئي ۽ سدائين هن جون گذريل تڪليفون کانئس
فراموش ڪرائڻ جي فڪر ۾ هوندي هئي.
سيلمه هاڻي رات ڏينهن زينب جي رفيقه هوندي هئي
۽ بلڪل نئين دنيا سندس پيش نظر هوندي هئي. هن
جون اکيون کلي وييون هيون.زينب جا خيالات سندس
دماغ ۾ جاءِ ڪري ويا. هڪ ڏينهن مئريج رفارم
ڪانفرنس ۾ زينب سان گڏ وڃڻ جو اتفاق ٿيس ۽
پهريون ئي دفعه سڄي حياتيءَ ۾ هي الفاظ غور
سان ٻڌائين ته:-
”ملڪ جي قومي زندگيءَ کي تعليم يافته عورتن
کان تمام گهڻي امداد ملي سگهي ٿي. تعليم يافته
نياڻي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ۽ تعليم يافته زال
پنهنجي خاوند جي لاءِ بار نه آهي، بلڪ سرمايو
آهن.“
هنن لفظن سليمه جي دل تي هڪ عجيب انقلابي اثر
پيدا ڪيو. هوءَ ڪجهه وقت ته پنهنجي ماضيءَ کي
انهيءَ اثر جي روشنيءَ ۾ ڏسندي رهي. اهو
پهريون ئي احساس هو، جو هن پنهنجي گذريل
زندگيءَ جي نقصانن جو اندازو لڳايو. منجهس
صلاحيت موجود هئي، مگر اها معطل ٿي ويئي هئي.
سندس ستل ادراڪ ۾ بيداري پئدا ٿيڻ لڳي، جڏهن
هن ڪانفرنس ۾ هي الفاظ ٻڌا ته:-
”عورتن جي لاءِ ٿوري تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪجهه
دستڪاري سکڻ بلڪل ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته نه صرف
انڪري عورتن جي قابليت ۾ اضافو ٿيندو، بلڪ هو
پنهنجي روزي به پاڻ ڪمائي سگهنديون. اسان کي
گهرجي ته ڇوڪرين کي اسين اهڙي وقت لاءِ تيار
ڪريون جو هو مردن جي دستگيريءَ کانسواءِ به
زندگي بسر ڪري سگهن.“
سليمه پنهنجي محسنه زينب جي مدد سان لکڻ پڙهڻ
شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصه ۾ سخت محنت ۽ ڪوشش
سان لکڻ پڙهڻ ۽ حساب ڪتاب ۾ ڪافي مهارت حاصل
ڪيائين. زينب بي بي پنهنجي اثر ۽ ڪوشش سان کيس
پنهنجي سڪول ۾ ماسترياڻيءَ جي خالي جڳهه تي
مقرر ڪرايو. سليمه اڄ سڪول جي نياڻين کي تعليم
ڏيئي ويهه روپيه ماهوار پگهار حاصل ڪري رهي
هئي.
هاڻي هن پنهنجي ٻارن کي به ڳولي هٿ ڪيو، اُهي
پنهنجي ماٽي جي پيءُ کي ڇڏي، ڪنهن پراهين عزيز
جي گهر ۾ پناهه وٺي رهيا هئا. هوءَ هاڻي بلڪل
خوش ۽ آسودي زندگي گذاري رهي هئي. هاڻي هن کي
گهڻي سمجهه ۽ عقل حاصل ٿي چڪو هو. زندگيءَ جي
انقلاب ۽ قسمت جي ٺوڪرن هن کي گهڻو ئي سبق
سيکاريو هو.
هو هاڻي پنهنجون ضرورتون، سواءِ ٻئي جي مدد ۽
احسان جي، پوريون ڪري سگهي ٿي. هوءَ پنهنجي
بچاءَ لاءِ سوسائٽيءَ جي سنجيده شخصن ۽ قانوني
امداد کي ڪافي سمجهي رهي هئي. هوءَ بيمار ٿئي
ٿي ته ڊاڪٽري امداد بروقت حاصل ڪري سگهي ٿي.
غرض ته مردن جي سوسائٽيءَ
مٿان
پنهنجي
بار
کي هڪ حد تائين هلڪو ڪري ڇڏيو هئائين. سندس
اڳيان انسانيت اخلاق همدردي ۽ شرافت سڀ کان
وڏو مذهب آهي.