سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص

 

صفحو:4

ساني

سرابَ کان اڳتي

 

رڃَّ ۾ اڃَّ کي لتاڙيون ٿا

هر قدم آ سرابَ کان اڳتي

ننڊ جي نرم خواب کان اڳتي

ساڀيا ــ سُڃَّ کي لتاڙيون

 

ڌوڙ اک کي فريبُ ڇا ڏيندي

پاڻ پنهنجو سفر رکون جاري

واٽ جي ڌُنڌ جي هجي ڪاري

پيرَ تي پيرُ زندگي رکندي

 

آءُ ڊڙون، ڊُڪون هرڻَ وانگي

هاڻ بيهون نه پير کي کوڙي

پاڻ ڊوڙون زمين پڻ ڊوڙي

منزلن تي وَرون وَرڻ وانگي

 

ريت رستي جي آرسي آهي

دل بيابان کي پئي چاهي:

 

سانيٽ

ڌَراڙُ

 

هڪڙي پوڙهي مهانتا ماڻي

ديس جو دلپسند ٿي بيٺو

کيرٿر کان بلند ٿي بيٺو

عشق جي هُن اڏولتا ماڻي

 

ڪنهن نه چوٽيون پهاڙَ جون ماپيون

ڪنهن نظر، ٻاجههَ، پيارَ کي پاتو

جهونڙيءَ دل جي انت کي ڄاتو

ڪنهن لڪيرون نراڙَ جون ماپيون

 

وقت پيغمبري ڏني هُن کي،

وقت هُن کي امانتون ارپيون

وقت پنهنجون امامتون ارپيون

سنڌ جي رهبري ڏني هُن کي.

 

چنڊَ اُڀ تي هنيون پِڙيون، هالا،

هُو هئو هن زمين تي اعليٰ:

 

غزل

اياز جي نانءِ

 

ڪُوڪ ڪوئل جي سُڻي، ڪو سُر سُتل آ جاڳيو،

ڪنٺَ تنهنجي ۾ ڪوي، گيڙو غزل آ جاڳيو!

 

لاڙَ تان لالڻ لهي ويو، سجُ تلاون کي رڱي،

لاهيارين جي اکين ۾، جل ڪجل آ جاڳيو!

 

واءَ واڌايون ڏنيون ۽ سانجهه سرگوشيون ڪيون،

ڪَپَ تنهنجي تي ڪراڙ اَڄ نئون ڪنول آ جاڳيو!

 

رات ڪوهستان جي، پنهنجا پلوَ ويڙهي پئي،

ننڊ مان ڪرچات ۾ شاعر سُتل آ جاڳيو.

 
 

n       مون وٽ آ لُڙڪن جي لَپَ

                                       لڇمڻ ڪومل

 

رابرٽ فراسٽ جو هڪ شعر آهي:

“Oh God, thou’ forgive my little jokes on thee

And I shall forgive your bigger ones on me.’’

(اي ڌڻي! تون مون کي؛ توسان ڪيل ننڍن ڀوڳن لاءِ معاف ڪر ۽ مان توکي؛ مون مٿان ڪيل وڏن ڀوڳن لاءِ معاف ڪري ڇڏيندس.)

رابرٽ فراسٽ جون هي ٻه سٽون خُدا جو هڪ اهڙو تصور پاڻ سان کڻي ٿيون اچن، جنهن ۾ ڪنهن اجنبي ۽ اڄاتي هستيءَ لاءِ مَيار به آهي، شڪايت به آهي ۽ گڏوگڏ هڪ شاعر جي الميي جي باوجود سندس اُداردلي پڻ آهي.

ان ئي پس منظر ۾ مان اڄ جي هن ڏاڍ ڏمر جي دؤر ۾ سنڌيءَ جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جي هيٺ ڏنل سٽن کي پرکيان ٿو ته مون کي هڪ اهڙيءَ شدت جو احساس ٿئي ٿو، جتي رابرٽ فراسٽ ۽ هن جي پيڙهيءَ جي نئين سجاڳيءَ (Renaissance) وارن شاعرن جو اهڙو مانڊاڻو ۽ وسيع وستار نظر اچي ٿو، جيڪو اڄ جي ادب ۽ خاص طور شاعريءَ جو الميو آهي.

۽ جڏهن ٿي شام نارنگي لهي،

ڪنهن جي رَت  جي ٿي مٿان ڪَڻِ ڪَڻِ وسي،

ڪو صليبن تان لهي ۽ ڪو صليبن تي چڙهي،

بدحواسيءَ جو نئون اتهاسُ ٿو  لِکبو رهي!

فراسٽ جي شاعريءَ ۾ هُن جي ذاتي ڀوڳنا ۽ پڇتاءَ جي پيڙا آهي، جيڪا داخلي درد جي اظهار سان سور جي سَٽَ ته اُڀاري ٿي، پر داخلي درد جڏهن هڪ فرد جي ماتم بدران هڪ دؤر جو ماتم بڻجي وڃي ٿو ته، هڪ شاعر جو فن ڪنهن ميزان مان اُڀار پائي بلوغت کي رسي ٿو.

پر سوال آهي ته هڪ سنجيده شاعر پنهنجي لاءِ ڪهڙو ۽ ڪيترو ميزان مقرر ڪري سگهي ٿو؟ خاص ڪري جڏهن تخليقي عمل دوران هُو هڪ طرف خيال جي لئه ۽ ٻئي طرف ٻوليءَ جي روانيءَ کي هڪ ٻئي سان هم آهنگ ڪندي، پنهنجي تخيل جي اُڏام کي پنهنجي گرفت کان ٻاهر اوجهل ٿيڻ نٿو ڏئي.

هر ڪويءَ جي هر ڪوتا هن جي آتم ڪٿا آهي، جيڪا پڙهندڙن آڏو هڪ اهڙو آئينو بڻجي اچي ٿي، جنهن ۾ هُو رچناڪار جو ئي عڪس ڏسن ٿا:

مايا ڇايا موهه،

پهرين پارسُ پاڻ هئاسين،

هاڻي پٿر، لوهه.

خالي سکڻا خوابَ اکين جا،

ڳوڙهن سان ئي ڳوهه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه.

احمد سولنگيءَ جون هي سٽون پڙهندي، بلڪ جهونگاريندي، مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته هُو اهڙين حساس سٽن واري شاعريءَ وٽ پاڻ نه ويو آهي، پر اُها شاعري پاڻ احمد وٽ بارش جي بوندن جيان وسندي آئي آهي.

شاعري هڪ عورت جيان هار سينگار ڪري تقاضائون ڪندي آهي ته ”ڏس، مان ڪيئن ٿي لڳان؟“ ۽ انهن تقاضائن جي پورتيءَ لاءِ احمد سولنگيءَ جهڙي سونهن جي پوڄاري شاعر وٽ موتئي جهڙن ماڪ ڦڙن جي سونهن ڀَري سُرهاڻ آهي.

اَکِڙين جي آلاڻ-

تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

تنهائيءَ جي اونداهيءَ ۾،

يادن جي چانڊاڻ-                             

تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

موتئي جهڙن ماڪ ڦڙن ۾،

هيءَ جا آ سُرهاڻ-

تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

آڌيءَ اُڀَ ۾ هيءَ تارن جي،

جڳ مڳ روح رهاڻ-

تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

پرهه پَريءَ جي پاند کڻڻ سان،

اوڀر ۾ لالاڻ-  

تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

احمد سولنگيءَ جهڙن ستر واري ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ نئين نسل جي شاعرن، نه سنڌي شاعريءَ جو فارسي آميز غزل، رباعي، مخمس ۽ مسدس وغيره وارو دؤر ڏٺو ۽ نه ’من و يزدان خليل و آتش‘ واري ڪنن مان دونهان ڪڍندڙ سنڌي شاعري ٻُڌي، نه ئي هن واري ٽهيءَ جي؛ ترقي پسند دؤر جي نعري بازيءَ واري يلغاري شاعريءَ سان واسطيداري رهي  ۽ نه ئي پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ واري عرصي دوران سنڌي شاعريءَ جي انقلابي ڪردار جي اهميت سان وابستگي ئي رهي. احمد سولنگيءَ جهڙن، آئيندي جي روشن لاٽ جيان چمڪاٽ ڪندڙ شاعريءَ جي تخليقڪارن جنهن وقت جنم ورتو، ان وقت تائين سنڌي شاعريءَ جا الائي ڪيترا در دريچا، جهروڪا ۽ ڳڙکيون کُلي ۽ بند ٿي چُڪيون هيون، ڪيتريون نيون راهون، ڪيترا نوان گهاٽ، گهيڙ ۽ ڪيتريون منزلون هند، سنڌ ۾ طئي ٿي چڪيون هيون. هن پيڙهيءَ جون خلائن ۾ ڄميل حيران نظرون چوڌاري گُهوري نهارڻ لڳيون.

کين لڳي رهيو هئو ته هڪ پلڪ جهپڪڻ سان ڄڻ سهسين صديون گذري ويون آهن. قيامت برپا ڪندڙ ان ڏاڍ ڏمر واري دؤر ۽ ماحول سان نئين ٽهيءَ جي شاعرن جڏهن شاعريءَ سان ڀاڪر ڀَري جيئن ڪنڌُ ورايو ته کين پنهنجي ڌرتي ايئن ڀاسڻ لڳي، ڄڻ سج جي بٺيءَ مان نڪتل هڪ رَکَ جو ڍير سندن سامهون هئو، جيڪو ڌارين سندن ڌرتيءَ تي پکيڙي ڇڏيو هئو.

احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا. ڪاريءَ ڪُک مان ڄاول هن نامراد نسل جو شعور جڏهن بالغ ٿيڻ لڳو ته سندن اڱڻ جي سُڪل ڇٻر تي ماڪ جون ٻه چار بوندون ئي بچيل هيون.

اُتر قطب،

ساندهه برف وسي ٿي.

جبل جبل جي،

هر ڪا چوٽي،

ململ پوتي،

اوڀر، اولهه، اُبتو ڦيرو،

سِجُ اُڀري ٿو،

سال ۾ هڪڙو ڀيرو.

آريا- سٿ جي هڪڙي ناري،

روپ – رُپهرو،

ٻانهن ڪرائيءَ  اُس  ۾ وِگهري،

چوڙيگر جو چوڙو،

ٽڪريءَ ٽڪريءَ پگهري پاڻي،

شور ڪري ٿو جهرڻو،

پکيءَ پکيءَ جو پاڇو  پرکي،

نديءَ نديءَ ويڳاڻو.

رات رَشِي ڪو ڏئي ويو جنهن کي،

ڳوڙها، ڳل- ڳاراڻو.

هاءِ هماليه جيڏا ماڻهو،

ڇَپر ڇاٽون،

جن جون واٽون،

هندوڪش مان نڪتيون.

پنک پنک جيئن پيرَ اُڏامي،

فرش، عرش مان نِڪتيون،

باکون، لاٽون.

پويان آهن اُڀَ ۾ اکيون،

سورج ونسيءَ جون،

پربت پربت،

اُتر قطب.

۽ هوءَ وينگس،

سورجُ پوڄي،

برف پگهاري ڏينهن ڳڻي ٿِي،

ساندهه برف وسي ٿِيِ.

بدقسمتيءَ سان احمد سولنگي هڪ اهڙي مظلوم ٻوليءَ جو شاعر آهي، جنهن جو ساهتڪ سرمايو وسيع ۽ معياري هئڻ باوجود اها ناانصافيءَ، ٻيائيءَ ۽ ويرونجوڳ جو شڪار پئي رهي آهي. اسان جو ساهت ۽ ٻولي نه رڳو ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويا آهن، پر سڄيءَ دنيا ۾ داڻو داڻو ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ان کي پنهنجي ڌرتي آهي، پر قومي سطح تي مڃتا نه ملڻ ڪري ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل نه ٿي سگهيو آهي، ان جي ابتڙ هند ۾ ان کي سرڪاري سطح تي قومي ٻوليءَ طور قبوليت (Recognization) ته ملي چڪي آهي، پر هند ۾ هن کي پنهنجي ڌرتي ناهي. نتيجي طور سنڌ جا شاعر Sons of Soil (ڀومي پُتر) ته آهن، پر قومي سطح تي سندن ڪو والي وارث ناهي ۽ ٻئي طرف هند جا شاعر ڌرتيءَ ڌڪاڻا ٿي پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي ته ياد ڪري رهيا آهن، پر هُو ان مٽيءَ جي مهڪ ڪٿان آڻن، جنهن سان شاعري واسجندي رهندي آهي.

ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجيءَ ئي ڀلاري ڀونءِ اندر گهرائيءَ سان کُتل هونديون آهن ۽ شاعريءَ جو بڻ بنياد ناخواندگي هوندي آهي. هند جو شاعر شهري سڀيتا جي گُهٽ ٻُوساٽ ۽ ڀڄ ڊوڙ واري ماحول ۾ ايئن وڪوڙيل آهي جو سنجيده کان سنجيده شاعر به هِن دؤر کي ’حرامي دؤر‘ سڏي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ٿو. تخليق جي مجبوري هند جي ڪنهن به شاعر کان احمد سولنگيءَ جيان هي سٽون نه چوائي سگهندي:

هير هِندورو، ڪينجهر ڪَپَ،

چنڊُ چُمي پيو، نوريءَ چَپَ.

 

سِپَ ۾ موتي ٿا سِپجن،

من ۾ سرجي، تانگههَ تڙپَ.

 

تنهنجي اهڙي نيڻَ نهارَ،

جهڙي جهرڪيءَ بازَ جهڙپَ.

 

مون کي ويٺا روز ڪَکين،

تنهنجي ساروڻين جا سَپَ.

 

تو وٽ مهنگا موتي کوڙ،

مون وٽ آ لڙڪن جي لَپَ.

 

سنڌ سڄي آ نيزي پاند،

دلبر ڪهڙا ڊِڄَ ۽ ڊَپَ!

سوچ جي سطح تي هند ۾ تخليق ٿيندڙ موزون شاعري توڻي نئين ڪوتا پنهنجو هڪ منفرد معيار قائم ڪري سگهي آهي.

’سئنيٽوريم جي هڪ رات‘ ۽ ’پُرش وئشيا‘ جهڙيون شاعراڻيون تخليقون ذهني سطح تي اڄ جي دغابازيءَ واري دؤر جي علامت ته بڻجي اچن ٿيون پر انهن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي دُکَ کان وڌيڪ داخلي سطح تي من جي مونجهه جو احساس وڌيڪ اُڀري ٿو.

هند جي جديد شاعريءَ ۾ ’سنڌ، سرير ۽ ساههُ‘ جهڙي هم آهنگيءَ جا سيني ۾ سَلا ڦُٽي نه سگهندا. احمد سولنگيءَ جي هن ڪوتا جي سِٽَ سِٽَ خود هند ۾ رهندڙ سنڌ ڄاون جي دلين ۾ سور جو سَٽون اُڀاري سگهي ٿي ۽ اسان کي اهو احساس ڏياري ٿي ته اسان ڇا ڇا وڃايو آهي.

واٽ-

وکيري واءُ،

مٿان ٿو سِجُ تکو ڏئي تاءُ.

 

ريت-

اُلا ۽ آڳ،

وري ڪو وِيرُ ورائي واڳ.

 

ڏينهن-

تِکيري تِکَ،

کڻي ٿو ڪير وڌي هر وِکَ.

 

گهاءَ-

سُهنِ ٿا گهوٽ،

اٿئي هي رِڻ راهي اڻموٽ.

 

ديسَ-

سنڀاريو سَتُ،

گُهري ٿو ڳچيءَ ڳچيءَ جو رَتُ.

 

سنڌ-

سرير ۽ ساهُه،

انهيءَ ۾ وهندو پيو درياهُه.

اڄ عالمي ادب جي رنگَ- منچ تي شاعريءَ جهڙي نفيس ساهتڪ صنف کي پوئينءَ نشست ۾ آڻي ويهاريو ويو آهي. نه رڳو هن ننڍي کنڊ ۾، پر عالمي سطح تي پڻ ناشرن جو بيان آهي ته جديد ادب، پڙهندڙن جو ذائقو ئي بدلائي ڇڏيو آهي. اڄ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب آتم ڪٿائن (آٽو بايو گرافين ۽ بايوگرافين) جا ئي وڪرو ٿي رهيا آهن. ان کان پوءِ آتم ڪٿائي ناول ۽ انهن کان گهٽ ڪهاڻين جا مجموعا.

ڪي نقاد ته ڪهاڻيءَ کي ادبي صنف ئي نٿا مڃين، پوءِ به پڙهندڙن جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي دلچسپي قائم آهي، باقي شاعري-؟ شاعريءَ جي مجموعن جون پنجاهه سٺ ڪاپيون کپائڻ ۾ به سال لڳي ٿا وڃن.

T. S. Eliot جڏهن هڪ وڏي اشاعتي اداري جو ايڊيٽر هئو ۽ هڪ سختگير ايڊيٽر هئو، جو هُن جارج آرويل جي Animal Farm جهڙي ادبي شاهڪار جو مسودو کيس ٽي ڀيرا موٽائي موڪليو هئو ۽ ٻئي اداري طرفان شايع ٿيڻ تي؛ ان ڪتاب تي ڀرپور تبصرو لکيائين، ايليٽ (Eliot) جو ئي چوڻ هئو ته، (خود انگريزيءَ ۾) شاعريءَ جي ڪنهن مجموعي جون جيڪڏهن سؤ ڪاپيون به وڪامن ته ان کي تسلي بخش پذيرائي ڪري مڃڻ گهرجي.

گذريل پندرهن سالن کان شاعريءَ جي ڪنهن ڪتاب کي نوبل پرائيز نه ملي سگهيو آهي. لئٽن امريڪا جي شاعر Octavio Paz کي پويون نوبل پرائيز مليو آهي (منهنجيءَ ڄاڻ موجب)، پر شاعريءَ جهڙي جاودان ۽ اندر جي اڌمن کي اظهاريندڙ صنفِ سخن اڳيان عارضي طور آيل ناموافق ۽ ناسازگار فضا گهڻو عرصو جٽاءُ نه ڪري سگهندي، جو خدا وٽان آيل پهريون پهريون لفظ ’ڪُن فيڪون‘ به شاعراڻي سِٽَ هُئي ۽ ايشور جي مُک مان نڪتل پهرين پهرين سِٽَ ’اوم نمو شواءِ‘ به شاعراڻي تخليق هئي، ان ڪري ئي ’شاعري پيغمبري است‘ جي سچ کي قبول ڪيو ويو آهي.

پر شاعريءَ جا وک وک تي سوين سچ آهن:

سِپَ ساحل جي مٿان،

سمنڊ کي سوگهو ڪيو،

ريت جي ذرڙن منجهان؛

چنڊُ ڪو جاڳِي پيو!

هن پل جو پسمنظر ڏسڻ سان يا محسوس ڪرڻ سان سڄي ڪائنات ڄڻ شاعريءَ جي رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿي، جنهن کي نه رڳو شاعر جي سجاڳ اک پرکيو آهي، پر هر پڙهندڙ آڏو ريت مٿان چانڊوڪيءَ جو سڄو ڪائناتي منظرنامو پنهنجي آب و تاب سان اڇو اُجرو ٿي بيهي ٿو.

جيئن ته احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، ان ڪري اهو سمجهڻ سولو ناهي ته شاعريءَ جي ڏکين ڏاڪن تان هُو ڏاڪو ڏاڪو ٿي مٿي چڙهيو آهي يا ڏاڪو ڏاڪو ٿي هيٺ لٿو آهي. هڪ شاعر جي سلسليوار ارتقا جي صحيح ڪٿ (evaluation) هُن جي ٻن چئن مجموعن جي اشاعت کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر احمد سولنگيءَ جي هن پهرئين ئي مجموعي جي مسودي جي پهرين نظم ’مائيڪل اينجلو‘ کان وٺي آخري نظم ’سيوهڻ مٿان چنڊ‘ تائين جيئن جيئن مان هن جي هڪ هڪ رچنا ٻه ٻه ڀيرا پڙهندو ويس. هڪ ڀيرو خيال جي لئه جو لطف وٺڻ لاءِ ۽ ٻيو ڀيرو روانيءَ جو رسُ ماڻڻ لاءِ ته مون کي رفتگيءَ سان اهو احساس ٿيندو رهيو ته شاعريءَ جي هن وَر وَڪڙ ڏاڪڻ تي ڏاڪو ڏاڪو ٿي چڙهندي نئين نسل جو جيڪو سڀ کان پهريون شاعر مٿي پهتو آهي، اهو ’احمد سولنگي‘ آهي.

تاريخ ساک تي شاهدي ڏني آهي ته، جن قومن جو ماضي شاندار هوندو آهي، انهن قومن کي حال ۽ مستقبل ۾ ڏاڍا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا پوندا آهن. اسان جي قوم پڻ الائي ڪيترن دؤرن جي ماتم مان گُذري آهي. اسان جي ڌرتيءَ مٿان ڌارين ٻولين، ڌارين ثقافتن، ڌارين تهذيبن ۽ ڌارين حاڪمن ۽ حڪومتن جي حملن ۽ انهن جي ڏاڍاين اسان جي قوم کي سنئين لڱين سُکَ سان سُمهڻ نه ڏنو آهي. اهڙين هنگامي حالتن اسان جي ادبي برادري ۽ خاص طور شاعرن کي احتجاجي ۽ مزاحمتي شاعريءَ طرف راغب پئي ڪيو آهي. پوءِ به هڪ ديرپا ۽ اثرائتي ترقي پسند دؤر ۾ تخليق ٿيل شاعري هڪ ته اسان جي پنهنجي ڌرتيءَ مان ڦُٽل شاعري نه هئي پر اشتراڪي ملڪن وٽان امپورٽ ٿي آئي ۽ اڳتي هلي اها ’ادب براءِ ادب‘ ۽ ’ادب براءِ زندگيءَ بدران‘، ’ادب براءِ امپورٽ‘ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي ۽ وقت گُذرئي پنهنجي وقعت ايتري قدر وڃائي ويٺي جو شيخ اياز جهڙي شاعر، جيڪو ڪنهن وقت اهڙي شاعريءَ جو سرواڻ هئو، ان به لکيو ته ”ان دؤر جي سڄي شاعريءَ کي گاڏن ۾ ڀرائي ڪنهن گند جي ڍير ۾ اُڇلايو وڃي.“ جيتوڻيڪ اياز جو اهو هڪ انتهاپسند بيان هئو پر اها حقيقت آهي ته اڄ ترقي پسند دؤر واري شاعري ماضيءَ جي دڙن ۾ دفن ٿي چڪي آهي.

پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ جي ٺهڻ کان ’ون يونٽ‘ جي ڊهڻ تائين، پندرهن سالن جي عرصي دوران پڻ تخليق ٿيل مزاحمتي شاعريءَ سنڌي شعر و ادب جي رنگ- منچ تي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ان ۾ پڻ داخليت بدران خارجيت جو دخل وڌيڪ هئڻ ڪري، اها شاعري پڻ پرچار جي حدن کي ڇهڻ لڳي، پوءِ به مزاحمتي شاعريءَ جي جذباتي توڻي عملي ڪردار جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

ماضي هميشه حال جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي مستقبل طرف قدم سان قدم ملائي مسافتون ۽ منزلون طئي ڪندو رهندو آهي. سنڌ جي نئين نسل جي انهن شاعرن، جن ماضيءَ جي اهڙين مزاحمتي مسافتن بابت رڳو پنهنجي اڀياس ۽ علم معرفت ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، اُهي نئين نِڪوري ذهن ۽ ڪنوارِي دوشيزه جي اڻ ڇُتل انگن جيان پاڻ سان پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان خيال، نئين سوچ، نئين Imagery منظر ڪشي، نئون ڊڪشن ۽ نوان رخ ۽ رويا کڻي آيا. هنن وٽ پنهنجن پيشرُوئن جيان ڪي ٺهيل ٺڪيل يا ’ريڊي ميڊ‘ نظريا نه هئا.

مون جڏهن سنڌ ۾ نئين نسل جي شاعرائن جو ڪلام پڙهيو ته منهنجن پنجن حواسن سان گڏ ڇهين حِس پڻ بيدار ٿي ويئي ۽ مون کي احساس ٿيڻ لڳو ته اسان جهڙي، ظلم سان مهاڏو اٽڪائيندڙ قوم جي مظلوم ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي؛ اهڙي جديد سوچ ۽ شاعريءَ جي روح تائين رسائي ٿي چڪي آهي؟

عالمي ادب جي اڀياس واضح ڪيو آهي ته جڏهن به ڪا ادبي تخليق، خاص طور شاعراڻي تخليق ڪنهن نظريي، ڪنهن اصول، ڪنهن عقيدي يا ڪنهن مَتَ جي معرفت يا ماتحت تحرير ڪئي ويئي آهي ته اها نه ديرپا ثابت ٿي سگهي آهي ۽ نه گهڻو وقت جٽاءُ ڪري سگهي آهي. مان سمجهان ٿو ته هند، سنڌ جي نئين پيڙهيءَ جو نئون شاعر، جيڪو مٿين مڙني حد بندين کان پاڻ کي آجو ڪري چڪو آهي، اهو احمد سولنگيءَ جهڙي نئين سوچ ۽ نئين رخ ۽ رويي جو آئيني عڪس هِنن سٽن اندر سمائيندو:

ڪنهن گلن تان آ چکيو نمڪين سُرهي ءَ ساٽَ کي!

ڪنهن  ڪيو محسوس مُنهنجي درد جي احساس کي!

ڪنهن چکيو پاڻي اکين جو، لڙڪ جي لُوڻاٺ کي!

ڪير ڳوڙهن کي ڳڻيندو؟

وقت جي هيءَ ڌوڙ سڀني جي مٿان وسندي رهي،

ڪير ٿيو بدنام آهي،

ڪير ٿو سوچي اهو،

ڪنهن خواريءَ جو کنيو هي پاڻ تي الزام آهي!

احمد سولنگيءَ جون هي دل ۾ پيهي ويندڙ سٽون، احساس ڏيارن ٿيون ته ’ڪو عڪس نه پوي ته آئينو اُجرو ئي رهندو آهي.‘

احمد سولنگيءَ جي هن مجموعي ۾ شامل هن جي گهڻي تَڻي شاعري پڙهندڙن کي نئين ۽ جديد سوچ سان روشناس ۽ نئين سَچ سان مُنهان مُنهن ڪرائي ٿي. اهڙي نوعيت جي شاعريءَ کي ڪنهن هڪ دؤر يا دائري اندر قيد نٿو ڪري سگهجي، جو اڳتي هلي به اُها ’ڪالهه‘ جي شاعري نه، پر ’اڄ‘ جي شاعري ڪري تسليم ڪئي ويندي. اها شاعري ماضي پرستيءَ وارا لڪ لتاڙي، مستقبل جا اهي روشن شُعاع اُجاڳر ڪندي، جيڪي ڪڏهن به اڳتي هلي ڪنهن به دؤر ۽ جاءِ تي جهڪا نه ٿيندا.

سڀاڻي جو سُچيت ۽ سُجاڳ نقاد جڏهن احمد سولنگيءَ کي سندس سنڌيت واري جذبي لاءِ آفريني ڏيئي کانئس سوال ڪندو ته تو ’وقت، وقت‘، ’جاءِ جاءِ‘ ۽ ’ماڻهو ماڻهو‘ ۾ نراليت پسي، انهن لاءِ انساني قدرن ۽ مُلهن کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ تنهنجي تخليقي عمل ڪهڙو ”شفي“ (Positive) يا ”نفي“ (Negative) ڪردار نباهيو ته، ان سوال جي جواب ۾ احمد سولنگيءَ جي مجموعي جي پهرئين ئي نظم جون هي چار سٽون نه رڳو حوالي طور بلڪه سندَ طور پيش ڪري سگهجن ٿيون:

ديس هر هڪ جي مٽي،

مون ته ڌرتيءَ جي دونهاٽيل،

سُرخ گولي تان کڻي،

پنهنجي خوابن ۾ سنڀالي آ رکي!

پنهنجي ان پهرئين ئي طويل نظم ۾ احمد سولنگيءَ مائيڪل اينجلو، زان ڪازاڪس، آلندي ۽ پبلو نِرودا جي ڪردار نگاريءَ سان گڏوگڏ ڀٽ ڌڻي، ٽئگور، ميران ۽ ڪبير جو تذڪرو ۽ image پيش ڪيو آهي. سڀ کان پهريون ڪردار زان ڪازاڪس عالمي ادب ۾ هن خطاب سان نوازيو ويو آهي.

The Ingenious Gentleman Don Quixote of La Mancha

(لامنچا جو هنرمند ڀلوڙ شخص زان ڪازاڪس)

هي ڪردار اندليسي ادب جو هڪ ٻهڳڻو ڪردار آهي. زان هڪ ئي وقت ’اڌ چريو‘، ’چرچائي‘، ’حاضر جواب‘، ’سمجهو‘، ’چرٻٽ‘

۽ ’پورالو‘ ڪردار آهي، پوءِ به هن جي دانشمدانه ڪارنامن هن کي عالمي ادب جو هڪ جاودان ڪردار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ئي تضادي ڪردار کي احمد سولنگيءَ پنهنجين شاعراڻين سٽن ۾ پيش ڪندي، هن جي ڪردار نگاريءَ جو انوکو رُخ چِٽيو آهي:

منهنجي اک جي دائري جي ويجهڙو،

زان ڪازاڪس، ٿو رهي،

۽ پکي پنهنجي پَرن ۾،

جِئن لڪائي ٿو رکي پنهنجا ٻَچا،

سوچ مُنهنجيءَ ۾ ائين ’محمود‘ جي ڌرتي رهي:

جا ٽُٽل ڪشڪول ۾ ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جيان،

يا نديءَ تي بُوند- بادل جو لڳي ٿو نقش ڪو؛

عشق مون لئه ٿو اُڻي ڄڻ شبنمي ڪا شاعري؛

ساحلن تي، ريگزارن جي مٿان،

۽ وڻن جي جُهنڊ ۾،   

آ خُدا جي جُستجوءَ بيگانگي مون لئه لکي!

احمد سولنگيءَ زان ڪازاڪس جي ڪردار کي پنهنجين شاعراڻين سٽن ۾ سموئي، هن جي سڀني ”شفي“(Positive)  ”نفي“ (Negative) ڪُنڊن کي رِل مِل ڪري هن تي Odoriferous (سرهي ساٿ واريون) سٽون تخليق ڪندي، ڄڻ زان تي ODE (خطاب) جي صورت ۾ خراج پيش ڪيو آهي. پنهنجين ايترين Multiple and Multifaced (صفتن ۽ صورتن) جي باوجود زان ڪازاڪس جي پاڻ بابت راءِ اها رهي ته ”مان ته ڪجهه به نه آهيان.“

زان ڪازاڪس جا اهي احساس ته ”توڻي جو ڪنهن جي هر خواهش تڪميل تي پهچي، ته به ضروري ناهي ته هن جو پاند خوشين سان ڀرپور ٿي وڃي، هُو وڌيڪ خوشحالي ۽ آسودگي ماڻي سگهي، هن جو درجو ۽ رتبو سندس موجوده رتبي کان مٿانهون ٿي وڃي، پر جي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي وڃي ته تون ڪنهن اهڙي اوڙاهه ۾ ڌِڪجي سگهين ٿو، جنهن جو تون تصور به نٿو ڪري سگهين ۽ اهڙي بدنصيبي تو مٿان ڇو نازل ٿي آهي، ان جي تنهنجن ملائڪن کي به خبر نه پئجي سگهندي. تو وٽ رڳو ايترو ئي احساس رهجي ويندو ته آسمان مان نازل ٿيل هر مصيبت تنهنجو ئي گهر پُڇايو آهي.“

انهيءَ ئي حوالي سان هسپانوي شاعر لوئي ٽانسلو (Luigi Tansillo) پنهنجي نظم’Tears of Saint Peter‘ (سنت پيٽر جا ڳوڙها) ۾ لکي ٿو:

No eye was there to see him, well he knew,

Yet, he himself was to himself, a shame,

Exposed to all mens gaze or screened from view.

(هن کي ڀليءَ ڀَت ڄاڻ هئي، ڪائي نگاهه ڪانه ٿي هن تي کُتي،

پوءِ به ڄڻ هُو پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، ڪيڏو نه شرمندو هئو،

هُو هئو هر ڪنهن جي اک ۾، هر نظر هُن کي تڪيندي ٿي رهي!

ترجمو : ل. ڪ)

احمد سولنگي پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل نظم ۾ ڪيتريون نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ علامتون سمائي سگهيو آهي. هڪ طرف هُن جي اک جي فوڪس ۾ زان ڪازاڪس ٿو رهي، جيڪو هڪ اهڙي پکيءَ جي allegory (علامت) بڻجي آيو آهي، جيڪو پنهنجن پَرن ۾ پنهنجا ٻَچا لڪائي ٿو رکي ته هُن جي ذهن جي ڌرتيءَ جي ٽٽل ڪشڪول ۾ ماءُ جا ڳوڙها به آهن ۽ ٻئي طرف نديءَ مٿان ڪرندڙ بوند، هڪ بادل جو نقش بڻجي اُڀري ٿو.

ساڳئي ئي نظم ۾ اڳتي هلي آلندي جهڙي انقلابي ۽ چِليءَ جي شاعر پبلو نرودا جو شاعراڻو تصور احمد سولنگيءَ جي سٽن ۾ سمائجي هن جي شاعريءَ کي نئين پيرائي ۾ پيش ڪري ٿو:

دُور آلندي، نرودا جي چِلي،

باکَ پنهنجي لاکَ برسائي جڏهن ٿي اُن مٿان،

سجَ ازل جي ديوتا سامهون سڀئي،

صُبح جا سورج مُکي ڪن ٿا سجودُ.

احمد سولنگيءَ جون هي سٽون پبلو نرودا جي ڪردار جي ڪيئن عڪاسي ڪن ٿيون؛ ان جو هڪ دلپذير واردات سان واسطو آهي.

سريلنڪا جي هوٽل جي ڪمري ۾ پئبلو نرودا جڏهن هڪ جُوان سنهالي ڀنگياڻيءَ کي هُن جو ڪمرو صاف ڪندو ڏٺو ته هوءَ کيس وينس جي مورتيءَ جيان ڪنهن حسين مجسمي وانگر لڳي ۽ جڏهن هُو هُن جي عريان جسم کي لساڙي رهيو هئو ته هوءَ حيرت وچان ڏسي رهي هئي ته اهڙي شاهاڻي شخصيت وارو شخص هي ڪري ڇا رهيو آهي؟ ان واردات جي پس منظر ۾ احمد سولنگيءَ جون هي سٽون ڪيتريون نه جاذب آهن.

باکَ پنهنجي لاکَ برسائي جڏهن ٿي اُن مٿان.

ان پل؛ اندر ۾ ڪهڙا جذبا ڪَروٽون وٺن ٿا، صبح جا سورج مُکي ڪيئن نه سجدا ڪن ٿا!

مون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي ته دهليءَ ۾ سال اڻويهه سو ڇاونجاهُه جي ’ايشين رائيٽرس ڪانفرنس‘(Asian Writer`s Conference) دوران جڏهن شاعراڻي محفل جي صدارت ڪندي پبلو نرودا، نارايڻ شيام جي نظم ”ڪهڙي آئيني ۾ منهنجي اصلي صورت گم ٿي ويئي؟“  انگريزي ترجمي ۾ ٻُڌي ته هُو حواس باخته ٿي ويو. پبلو نرودا سوال ڪيو: ”ڇا، هڪ غير معروف ٻوليءَ وٽ به اهڙي ڇرڪائيندڙ شاعري موجود آهي؟“

(ساڳيو ئي سوال ڀارتي وزيراعظم آنجهاني اندرا گانڌيءَ ڀوپال ۾ ڀارت ڀوَن جو افتتاح ڪندي، سنڌي سيڪشن جو معائنو ڪندي ڪيو هئو، جڏهن مون هُن کي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جو شيخ اياز جو اردو ترجمو ٻڌايو هئو.)

پئبلو نرودا ان وقت احمد سولنگيءَ جو هي نظم ٻُڌو هجي ها ته هُن کي سندس سوال جو جواب ملي وڃي ها ۽ اوڀر جي آرسيءَ جو اولڙو سندس اکين ۾ ٻهڪي پوي ها!

رات جي منحوسُ ۽ ڪاري هوا،

شهر جي روشن ڏِيئن کي؛

ٿِي وڪوڙيندي رهي.

ڀوڳنائن جي سفر جا پيچرا،

پيرَ پنهنجا؛

ڄڻ چَٽيندا ٿا رهن!

وقت جا پاليل ڪُئا،

ديوتائن، انبيائن،

شاعرن، صوفين ۽ سنتن جي مٽي،

روزُ کوٽيندا رهن ٿا،

۽ ٿا ڪُتريندا رهن،

قيمتي زربفت جهڙي ديسَ جون،

چارئي ڪنڊون!

ڪالهه سورجَ، چنڊَ جيڪي،

هُئا ڦُٽا اوڀر منجهان،

اڄ انهن جي روشني ۽ چاندني ممنوع آهه،

فڪر کي ٻئي دور جو رائج سِڪو سمجهي ڪري،

ڄڻ عجائب گهر اندر تشهير لَـئه سانڍيو ويو،

ڄاڻ ڄڻ ڪوريئڙي جي ڄارَ ۾ ڦاٿي پئي آ،

وقت جي اڀياس بابت،

 ڪنهن به پنهنجيءَ کوجنا کي ڪو نه ٿو ليکيو وڃي!

 

شاعري،

انمول تحفو،

گفتگوءَ جو،

ڪو صَحيفو،

ڌُوڙ وانگي ڄڻ ته ڌرتيءَ تي لَٿو،

ڪوڙ سان ميٽيو  وڃي ٿو،

سچَ جو چهرو سڄو.

 

سنگ تراشي پٿرن ۾ اڄ رهي روپوشُ ٿي،

آڱريون فنڪار جون پڻ،

برفَ وانگي ويون ڄمي،

سچ اجنتا ۽ الورا منجهه ڳوليندو به ڪيرُ؟

ڪامَ جو؛ مندر جي اندر ڪيرُ ڳوليندو به پيرُ؟

 

رقصُ گهايل،

زندگيءَ جي چور دروازن اندر،

هر نظر کان بي نيازُ،

هر خبر کان بي خبر،

 

چِترڪاريءَ منجهه ليڪيل ڪا لڪيرَ،

ڪو تصور سوچ جي تجريدَ جو،

بُرش جي خاموش ڪنهن گفتار سان،

فن نَقاشي جي وسيع معنيٰ اندر،

پنهنجي خنجر سان ڪري ٿو خودڪُشي!

ملڪ اولهه جا سڀئي،

اوڀر تي مڇريا ٿا گهُمن،

دشمنيءَ جي دائمي آڙاههَ هيٺان،

ڪيتريون ڌرتيون سَڙن.

پو به دنيا جي ڌڪاڻيل،      

دُور هڪڙيءَ ڪُنڊَ ۾،

آشتيءَ ۽ امن جو اهڃاڻ بڻجي،

ڪالهه وانگي،

اڄ به آهي،

سنڌ بيٺي!

اڄ به آهي،

سنڌ بيٺي،

سنڌ بيٺي!

ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار نگاري ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن عظيم شاعر وٽ (Epic) رجزنامي يا وِير چترڪٿا جي صورت اختيار ڪري ڇڏيندي آهي. هيلن آف ٽراءِ، هيلن نه هجي ها، جي هُن کي هومر جو قلم نصيب نه ٿئي ها. قلوپطره به قلوپطره نه رهي ها، جيڪڏهن وليم شيڪسپيئر هُن جي ڪردار کي هنن سٽن ۾ نه سموئي ها:

Age cannot wither her nor custom stale,

Her infinite variety: other women cloy

The eppetites they feed, but she makes hungry,

Where most she satisfies:

(عمر هن کي ڪوماٽجڻ نٿي ڏئي،

نه راهه رسم هن جي روپ کي بد زيبو ٿي ڪري،

هن جهڙيون اَپار آنند ڏيندڙ ٻيون حسينائون،

ڍَو تي لطف وٺائين ٿيون،

پر هيءَ ٻهڳڻ،

ڍائيندي به بُکَ وڌائي ٿي.

ــ ترجمو: ل.ڪ)

قلوپطره جي ڪهاڻي هڪ اهڙيءَ دوشيزه جي ڪهاڻي آهي، جنهن ساڳيءَ ئي شدت سان ذاتي توڻي اجتماعي زندگيءَ سان پاڻ کي لاڳاپي رکيو آهي، جتي هڪ ٻئي پويان ٻه مرد هن جي زندگيءَ ۾ آيا. جوليس سيزر ۽ مارڪ ائنٽوني، پر هن جي ڪهاڻي تاريخ جي دل ڇُهندڙ ۽ حيران ڪندڙ ڪهاڻي آهي، جو قلوپطره جيان هن جا ٻيئي عاشق پڻ خاص خوبين جا مالڪ هئا، جن روم جي سلطنت جي سڄي نصيب کي پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪري رکيو هئو. سيزر جي قتل کان پوءِ قلوپطره جو مارڪ ائنٽونيءَ سان بدبخت رشتو ناتو هڪ ئي وقت راز ۽ رمز ڀريو به رهيو ته روحاني پڻ.

قلوپطره جي ڪيترن مصري سوانح نگارن هن جي ڪردار کي نفرت ڀريءَ نگاهه ۽ ناشانائتي رنگ ۾ رڱيو آهي، پر سيزر ۽ ائنٽونيءَ ٻنهي هن کي پنهنجي مانائتي محبوبا، ساٿ ڏيندڙ سنگتياڻي ۽ دل گُهري داشته ڪري قبول ڪيو آهي. ان ڪري ئي قلوپطره کي تاريخ توڻي ادب ۾ ايتري اهميت ملي سگهي آهي.

احمد سولنگيءَ جو نظم قلو پطره هومر جي هيلن آف ٽراءِ جيان يا چندر بردائيءَ جي پرٿوي راج ”سنجو گِتا“ جيان يا نارائن شيام جي ’روپ مايا‘ جي مينڪا اپسرا جيان ڪو  epicته نه آهي، پر هن پنهنجي شاعراڻي تخيل ۽ تخليق سان قلوپطره جي جيڪا imagery ۽ منظرنامو پيش ڪيو آهي، اهو سنڌي شعر و ادب جي دنيا ۾ جوڳي جاءِ اوس والاريندو.

ڪُشادي رات جي ٻيڙي،

رسيون، ساڪا، لنگر لوها،

نماڻن ميربحرن جا،

ٿڌا ڪي خوابَ جا پاڇا،

مٿان فانوسُ فطرت جو،

سمورا منتشر تارا،

حسين ڪنهن حادثي جي لئه،

الئه ڇو منتظر آهن؟

جواني قيمتي تنهنجي،

اکين ۾ چاندني پوکي،

هوا مضبوط تختن تي،

لهي ٿي اپسرا وانگي.

درياءِ نيل جو پاڻي،

ڏسي ٿو اک کڻي توکي،

قلو پطره !!

۽ نظم جون پويون پنج سٽون جن ۾ قلوپطره جي من جو سڄو ڀيدُ ۽ هن جي چِت جي چاهت، هن جو هَٺيلو ۽ مغرور ڪردار پڙهندڙ جي اکين آڏو جيئرو جاڳندو ٿي اُڀري ٿو.

قلو پطره!

مڃون ٿا تون هميشه کان محبت جي اسيريءَ ۾،

اڪيلو ڪونه سيرز کي رکين ٿِي، پر

ڪرين ٿي زلف ڪافر سان، سموري روم کي قابو،

ٻيو ڪهڙو ڀلا ڏَسُ، مصر جي آ چنڊَ جو جادو!

تاريخي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ سموئڻ ڪن ديومالائي (Mythological) ڪردارن کان وڌيڪ رتُ وِلوڙ عمل آهي، جو شاعر ديومالائي ڪردارن ۾ پنهنجي تصور ۽ تخيل جي زور تي انهن کي پنهنجي سوچ ۽ پسنديءَ جي ڍانچي ۾ ڦهڪائي سگهي ٿو ۽ انهن ڪردارن کي خلقيندي هُو ڪنهن سان به ذميدار ناهي، سواءِ ان جي، جو هُن جي تخيل ۾ آهي، پر تاريخي ڪردارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻائڻ لاءِ فني چابڪدستيءَ کان سواءِ سندن تاريخي وجود ۽ اهميت سان هٿ چراند ڪرڻ لاءِ شاعر وٽ تواريخي تلافي نٿي ٿي سگهي. احمد سولنگيءَ قلوپطره جي سڄي ڪردار کي هُن جي چڱاين ۽ لڱاين سان ئي هُن جي تصوير، تصور ۽ منظر کي شاعريءَ جي قالب ۾ ايئن ڦهڪائي پيش ڪيو آهي جو اکين اڳيان سڄو منظر ڪنهن چِتر شالا (Art Gallery) جيان ڦرندو ٿو رهي. چپن جا ياقوت، اکڙين جا الماس، هٿن جا اُجرا ڪنول، سون-سَريکو سينو، ڳلن جا تِر، ڏاهپ، ڪرشما، اهرام ۽ صحرا؛ سڄو منظر ايئن آهي ڄڻ رنگ- منچ تي هڪ ئي وقت قلوپطره پنهنجيءَ هر ادا سان مجسم موجود آهي.

پر ان جي ابتڙ جڏهن اسين Medieval (وچين دؤر) جي شاعريءَ کي ڏسنداسين ته، ان ۾ ديومالائي (Mythological) ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪندي، ان دؤر جي شاعرن نه رڳو مبالغي آرائيءَ کان ڪم ورتو آهي، پر انهن؛ ڪردارن کي پنهنجي تخيل جي اڏام سان يقين ۽ گمان جي حدن کان ٻاهر نڪتل آزادي پڻ ورتي آهي.

احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي مون کي هن جي جدت ۾ پڻ درمياني دؤر جي شاعريءَ جي شرنگهار رَس (جمالياتي رَسُ چَسُ) جون جهلڪون نئين رنگ روپ ۽ رس ۾ رچيل نظر آيون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه جي هيءَ سِٽَ ”رَتِيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايو جَتَ سين“ جمالياتي شاعريءَ جو هڪ جاذب مثال آهي، جيڪو هڪ کان وڌيڪ معنائون ڇڏائي ٿو.

شاهه سائينءَ جي هيءَ سِٽَ سنڌي جمالياتي شاعريءَ جي اُها سِٽَ آهي، جيڪا مختلف رخن کان پرکي وڃي ته ان جون مختلف معنائون ۽ مفهوم نڪري نروار ٿيندا. رَتِي- ماسي- تولي جي جدول موجب هتي ”رَتيءَ جي رهاڻ، هڪ کن، هڪ پل جي رهاڻ ته هڪ عام فهم مطلب ۽ معنيٰ ڇڏائي سگهي ٿي، پر ڪن پارکن جي راءِ موجب  ’رَتِي‘ ڪام ديو (جيڪو sex جو ديوتا آهي) جي پتنيءَ جي ناتي پُرش ۽ اِستريءَ جي سمڀوڳ (جماعَ) جي علامت پڻ بڻجي اچي ٿي.

شاهه جي هڪ ٻئي شارح جي ويچار موجب رَتيءَ جو مطلب رنگ ۾ رَچِي ويل يا ’رتل‘ پڻ آهي. مان پنهنجي پنهوءَ جي رنگ ۾ رچجي ايئن ’رَتِي‘ ٿي ويس جو ان ’رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايو جت سين.‘ اهو شاهه لطيف جهڙي عظيم جمالياتي شاعر جي فن جو ئي ڪمال آهي جو ان هڪ سٽ ۾ جدا جدا رنگ رچجي ٿا وڃن.

شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ۽ اياز کان احمد سولنگيءَ تائين جمالياتي شاعريءَ وڏي مسافت طئي ڪئي آهي. شاعريءَ جي مفهومن جا ٻه الڳ الڳ روپ ۽ رنگ آهن: هڪ سڌو ۽ واضح مفهوم ۽ ٻيو رمزن ساڻ ريجهائڻ وارو. اهو اشارتن مفهوم، جيڪو جمالياتي حِس ۽ حواس ۾ رچجي، انهن کي متاثر ۽ معطر ڪري ٿو، اهوئي شاعريءَ جو روح سان راس رچائيندڙ عمل دخل آهي.

رسيءَ کان مختصر، نازڪ،

سنهيءَ هِن چيلهه تنهنجيءَ کي،

سهارو ٻانهن جو آهي.

مٿان دستُور موجب ئي،

 

چپن تي چَپَ رکيل آهن.

بدن ڄڻ ڊاک جي وَلِ جئن،

بدن تي ئي وريل آهي.

هٿن جون آڱريون ويهه ئي وڃن ڳنڍجي

اِئين ڪنهن طلسماتي موهَه ۾ ٿيون، جو

پتو ئي ڪونه ٿو پئي ڪو،

هَوس ۽ عشق ۾ ڪهڙو،

ازل کان رابطو آهي؟

شرنگهار رس يا جماليات جو سڌو واسطو ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حواسن سان آهي، جن جي نازڪ ۽ لطيف فن تائين رسائي روبرو به آهي ته گفتگو ذريعي پڻ. شاعريءَ ۾ جماليات جو معنوي مفهوم سونهن سوڀيا، رسُ گيان ۽ حسن پرستيءَ جو سوکيم اظهار آهي.

جماليات لطيف فن جي اها فيلسوفي پڻ آهي، جيڪا حواسن جي نفسانيت جي رنگ روپ ۾ انساني حسن کي معراج تائين پهچائي ٿي ڇڏي. ڪاليداس جا epics ’شڪنتلا‘ ۽ ’ڪمار سمڀو‘ ۽ ڀان ڀٽ جو شاهڪار ايپڪ ’ڪادمبري‘ شاعري ۽ رنگ-منچ جو رِل مِل روپ پسائين ٿا.

هن ننڍي کنڊ جي جمالياتي شاعريءَ جو ڀرتري هريءَ کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر چوڏهين صديءَ جو مئٿلي ٻوليءَ جو ڪوي ودياپتي ڪري مڃيو ويو آهي. ودياپتيءَ پنهنجيءَ هڪ ڪوتا ۾ چيو آهي: ”ڪوبه منش تيسين پورڻ (مڪمل) نٿو سمجهيو وڃي، جيسين هُن کي شرنگهار رس (جماليات) جو پورو انڀو نه ٿيو هجي.“

شنڪرآچاريه کي پڻ ’سروگياني‘ جو پد تڏهن پراپت ٿيو، جڏهن هن انهيءَ ڀاوَ جو انڀو ڪيو. ڪاليداس ۽ ڀَو ڀُو وتيءَ جا سنگيت ناٽڪ، جئه ديو جو ’گيت گووند‘ ٽئگور جو ’چترانگدا‘ شاعريءَ ۾ شرنگهار رس کان اڳتي اُڀري وسميءَ ۾ وجهندڙ نفساني ۽ نفسياتي شاعريءَ جو روپ وٺي چڪيون آهن ۽ گڏوگڏ سنگتراشيءَ جي سُندر گهڙت پڻ نظر اچن ٿيون.

ان حوالي ۾ وديا پتيءَ جي هيءَ ڪوتا:

 

هرڻيءَ جهڙين اکين واري راڌا کي،

ڪرشن جي حوالي ڪري،

سڀ ساهيڙيون هليون ويون.

موقعو ملندي ئي ڪرشن جا جذبا ڀڙڪي اٿيا.

هُن پنهنجيءَ راڌا جو هٿ پڪڙيو،

۽ لُڀائيندڙ ڳالهين جي بارش شروع ڪري ڇڏي،

اهڙين ڌُتاريندڙ ڳالهين راڌا جي حياءَ مٿان پردو وجهي ڇڏيو.

سينگاريل ۽ نرم بستر تي،

ٻيئي مباشرت ۾ مصروف ٿي ويا،

ڪرشن، راڌا جي انگ انگ کي چُمڻ لڳو.

چُمڻ جي لذت سان راڌا بيخود بڻجي ڏڪڻ لڳي،

رنگين مزاج ڪرشن شهوت جي تخت تي ويهي،

هُن جي خوف ۽ هراس جي قلعي کي فتح ڪري ورتو.

هاڻي راڌا وٽ ڪو ڊپ ڊاءُ نه هئو،

عزت به بچي ويئي ۽ ترپتي ۽ لذت به حاصل ٿي.

ودياپتي چئي ٿو:

بُکايل کي جيترو کاڌو ملي گهٽ آهي.

اهڙيءَ حالت ۾ ٻنهي جا جسم ۽ جان تڙڦندا ٿا رهن.

بي قراري سُک سُمهڻ نٿي ڏئي.

ــ ترجمو: ل. ڪ)

هيءَ مڌيه ڪالين (وچين دؤر) جي چوڏهين صديءَ جي شاعري آهي. ڇهن صدين گذرڻ بعد سوچ جو توارد ۽ ٽڪراءُ ويهين صديءَ جي هنديءَ جي سرشِٺ (برک) ڪوي وتسانين اگيه (Agya) وٽ نئين نوعيت کڻي آيو آهي:

ڪيترين گوپين ڪيئي ڀيرا ڪنهيي کي پيار ڪيو،

پر هُن پنهنجو سڄو پيار اوتي ڇڏيو،

ان هڪ ئي سُندرتا تي، جنهن جي هُو تلاش ۾ سرگردان رهيو،

جنهن کي هُو ڪڏهن پنهنجو نه ڪري سگهيو.

جيڪڏهن هُو پنهنجو پيار ڪنهن ۾ به ماڻي سگهي ها،

ته ٻئي ڪنهن پيار جا پنڌ ڇو پُڇائي ها؟

شاعر گيت مٿان گيت جوڙيندو رهيو،

پر هڪ ئي موضوع کي وري وري پنهنجن گيتن ۾ ورجائيندو رهيو،

۽ ڪنهن گيت تي هن جي گرفت مضبوط نه ٿي سگهي،

۽ نه ئي ڪو اهڙو گيت جوڙي سگهيو، جيڪو هن جي دل جي ترجماني ڪري سگهي.

جي هُن کي اهڙو ڪو موضوع ملي سگهي ها،

جنهن ۾ هُو پنهنجي سڄي دل پئٽي سگهي ها،

ته ڪويءَ کي ٻئي ڪنهن گيت جوڙڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿئي ها؟

ــ انگريزيءَ مان ترجمو : ل. ڪ)

اگيه جي هيءَ ڪوتا نراشا واد يا قنوطيت پسنديءَ سان پُر آهي، پر گڏوگڏ هن جي ’تخليق جي مجبوري‘ پڻ هن جي اداسُينتا جو هڪ روپُ آهي. گوپيون ۽ ڪنهيو علامتون آهن نئين يُگَ جون، جنهن ۾ ڪيتريون ئي گوپيون، ڪيئي ڀيرا ڪنهيي (ڪرشن) کي پيار ڪن ٿيون، پر ڪرشن جو سڄو پيار هڪ راڌا مٿان ئي اوتيل آهي.

انهيءَ پيرايي ۾ احمد سولنگيءَ وٽ راڌا ۽ ڪرشن جي پريم جو تصور هڪ ڌيمي لئه، لهجي ۽ سانتيڪي سُر ۾ اچي ٿو:

پڳلي راڌا!

تنهنجي شوڀا،

سانجهيءَ ويلا،

ڏيئي وٽِ جان،

لاٽون لاٽون،

روز ٻَري ٿي!

مندر چُپ چُپ،

گهنڊَ ننڊاکا،

سانجهه سهيڙي،

پازيبن جي،

سُر جي ورکا-

گوپيون ڳائن،

بندرا بن ۾-

شيام ڪنهيا!

تو لئه دوها،

خاموشين جا!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org