ڇپائيندڙ
پاران
سنڌي شاعريءَ جو نهايت ڊگهو سفر آهي ۽ سنڌ ان
حوالي سان شاهوڪار آهي، جتي ڪيترن ئي اعليٰ شاعرن
جنم ورتو آهي. انهن مان هڪ نوجوان شاعر احمد
سولنگي به آهي. جنهن جي شاعري ۽ شخصيت بابت سنڌي
ادبي بورڊ پنهنجي روايت برقرار رکندي هيءَ
اينٿالاجي ”شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص“شايع ڪرائي رهيو
آهي.
بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ، تحقيق، تخليق ۽ ٻوليءَ
بابت ڪيترائي ڪتاب
شايع ڪرايا
آهن، ۽ دنيا جي ٻين ٻولين مان ادب جا شاهڪار ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائي سنڌي ادب جي جوڳي
خدمت ڪئي آهي. ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ جي
بزرگ عالمن، اديبن ۽ محققن جي سوانح بابت ڪيترائي
اڻ لڀ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايا آهن، جن ۾
ڪيترائي اهم نالا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ رٿا هيٺ ڪجهه اديبن عالمن
بابت اينٿالاجيز جوڙڻ لاءِ مختلف اديب دوستن کي ڪم
ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، جنهن سلسلي تحت نوجوان شاعر
احمد سولنگيءَ بابت اينٿالاجيءَ جو ڪم ناليواري
شاعر ۽ اديب محترم رکيل مورائي صاحب جي حوالي ڪيو
ويو هو. جنهن خوشيءَ سان اهو ڪم کنيو ۽ اينٿالاجي
مڪمل ڪري بورڊ جي حوالي ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران هيءُ پهرين اينٿالاجي آهي
جيڪا هڪ نوجوان شاعر بابت شايع ٿي رهي آهي. اداري
جي ڪوشش رهندي ته هن قسم جا ڪتاب نه فقط اسان جي
انهن عالمن اديبن شاعرن بابت ڇپجن جيڪي هن جهان ۾
نه رهيا آهن، پر اڄ جي موجود ۽ نمائنده عالمن،
اديبن ۽ شاعرن بابت پڻ اهڙا ڪتاب اچڻ گهرجن، جن جي
شروعات منهنجي ئي ايامڪاريءَ ۾ ٿي آهي، جنهن لاءِ
آءٌ پاڻ کي ڀاڳوارو سمجهان ٿو.
هيءُ ڪتاب ڇپائي آءٌ سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان،
جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب
مخدوم جميل الزمان صاحب جن جو نهايت ئي شڪرگذار
آهيان، جن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي
ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.
مون کي اميد آهي ته اسان جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي
عالمن، اديبن، اڪابرن ۽ تخليقڪارن وٽ مانُ
ماڻيندي.
03 ربيع الثاني 1440هه
الهڏتو وگهيو
11- ڊسمبر
2018ع
سيڪريٽري
شخص،
شاعر ۽ ڪتاب
]مقدمو[
ضلعو نوشهرو فيروز ساهتي پرڳڻي جو مُکُ
شهر رهيو آهي، جنهن ساهت (ادب) ۾ نهايت اهم نالا
پيدا ڪيا آهن. ادب جي الڳ الڳ پهلوئن جو اڀياس ڪرڻ
سان اها ڳالهه سج جيان روشن ٿي پوندي ته هن پرڳڻي،
سنڌ جي ادبي تاريخ کي پنهنجي حصي کان گهڻو
گهڻو وڌيڪ ادب ڏنو آهي.
احمد سولنگي اڄ جي نئين شعري ادب ۾ هن ساهتي پرڳڻي
جي اهڙي سڃاڻ آهي،
جنهن تي هيءُ پرڳڻو هڪ ڀيرو وڌيڪ فخر جو
سبب بڻبو.
ساهتي پرڳڻي جو ۽ ضلعي نوشهري فيروز جو
هڪ اهم تعلقو مورو آهي. هي تعلقو جاگرافيائي لحاظ
کان سنڌ جي دل ڪري ليکيو ويندو آهي، سنڌ جي وچ
وارو هي شهر جيڪو پڻ ادب جي تاريخ ۾ صدين جو ڊگهو
سفر ڪري چڪو آهي ۽ جيڪو ايندڙ صدين تائين پنهنجي
ادبي سفر جا نشان تاريخ جي صفحن تي ظاهر ڪري
بيهندو،ان شهر جي هڪ خاموش ڪنڊ ۾ رهندڙ هڪ نيڪ
سيرت ۽ حسين صورت واري شخص رسول بخش سولنگيءَ جي
گهر ۾ جيڪو (ٽيون) ٻار پيدا ٿيو ان جو نالو
نقشبندي سلسلي جي حضرت الحاج الله بخش الله آبادي،
غفاري، المعروف سهڻا سائين جن جي هدايت، موجب
احمد حسين رکيو ويو. هي نالو اسلام جي عظيم رهبر
جي نسبت سان جڙيل آهي جنهن ڪري مسلمان گهراڻن ۾
احترام طور رکيو ويندو آهي. ائين سنڌي ماڻهون به
هي نالو احترام سان پنهنجي اولاد تي رکندا آهن.
احمد جا ٻه وڏا ڀائر اڳ پنهنجي ننڍ پڻ ۾ ئي هن
فاني جهان منجهان موڪلائي چڪا هئا. هن صدي جي سنڌي
ٻولي جي بيمثال نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ پنجين
جنوري 1971ع تي جنم ورتو، جنهن کان پوءِ سندس امڙ
چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ کي جنم ڏنو ائين احمد سولنگي
چئين ڀينرن ۽ هڪ ڀاءُ جو وارث بڻيو. اڳتي هلي اهي
سمورا وارثيءَ وارا فرض هن نڀايا، جيڪي سندس والد
نڀائڻ کان اڳ ۾ ئي جواني ۾ وفات ڪري وڃڻ سبب سندس
ڪلهن تي رکي ويو هئو. اڳتي هلي احمد نالي واور
نينگر سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بيمثال شاعر ٿيندو، اهو
ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ان
خاندان ۾ نه ئي ڪو اڳ شاعر، اديب پيدا ٿيو هئو ۽
نه ئي ان خاندان جون معروضي حالتون اهڙيون هيون،
جنهن طرف اڳتي هلي احمد نالي ان نينگر کي وڃڻو
هئو، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته پنجين جنوري نئين
سنڌي شاعريءَ لاءِ سڀاڳ جو ڏينهن آهي.
احمد سولنگيءَ پرائمري تعليم1979ع ۾ مين
پرائمري اسڪول موري ۾ حاصل ڪئي.
ميئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول موري ۾
پڙهيو، هن 1985ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر مهراڻ
ڪالج موري مان 1987ع ۾ پاس ڪئي بي،اي ۽ ايم اي
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1993ع ۾ پاس ڪئي.
نوجواني ڏانهن سفر ڪندڙ احمد سولنگيءَ جي والد گذر
ڪري وڃڻ کان پوءِ کيس پالڻ، نپائڻ ۽ پڙهائڻ جو ذمو
سندس ڏاڏي محمد سومر سولنگي تي آيو ۽ سندس تربيت
سندس امڙ جي ذميواري بڻي جنهن سندس اهڙي تربيت
ڪئي جو اڄ کيس فخر ٿيندو آهي ته سندس اوجاڳا
اگهاميا آهن. ڏٺو وڃي ته احمد سولنگي اڄ جيڪي به
ڪجهه آهي اهو پنهنجي ڏاڏي جي پورهيي جي پالنا ۽ ان
امڙ جي تربيت ۽ اڻ ڳڻين دعائن جو ثمر آهي.
ٻيءَ طرح سندس طبيعت تي پنهنجي والد کان
وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي جي مزاج جو اثر آهي.
احمد جنهن گهر ۾ جنم ورتو اهو هڪ نيڪ
پورهيت جو گهر هئو، جنهن ڪري ڏکن ۽ تڪليفن جو
مکاميلو احمد سان ننڍپڻ ۾ ئي ٿيو، جنهن سبب پورهيت
دوستي، انسان دوستي ۽ وطن دوستي سندس رت ۾ شامل
آهي ۽ شعوري طور هو جن حالتن مان سفر ڪري آيو آهي،
انهن حالتن جو اولڙو هن جي شخصيت جي الڳ الڳ حصن ۾
گهر ڪري ويٺل آهي، هُو سيرت ۾ پنهنجي امڙ جهڙو،
صورت ۾ پنهنجي پيءُ جهڙو آهي ۽ مزاج ۾ گهڻي
حدتائين پنهنجي ڏاڏي جهڙو آهي. هن جي خاندان ۾ ڪي
لکيل پڙهيل شخص ته ضرور آهن پر ڪابه علمي ۽ ادبي
شخصيت هن جي خاندان ۾ نه رهي آهي، جنهن ڪري اهو
چوڻ مناسب ٿيندو ته سنڌي ادب ۾ اڳتي هلي جيڪا سندس
خاندان جي تاريخ جڙڻ واري آهي، ان جي شروعات سندس
نالي سان ٿيڻي آهي. سندس ننڍپڻ جي شخصي دوستن ۾
ٻيا به ڪيترائي شخص هوندا پر هڪ شخص نهايت اهم
آهي،
جنهن جو نالو غلام نبي جويو آهي، جنهن کي
گهر وارا ۽
احمد ”گڏو“
سڏيندا آهن. احمد جي پسند جي شهرن ۾ سڀ
کان اوليت حيدرآباد شهر رکي ٿو، جيڪو هن جي ماسيءَ
جو شهر به آهي ۽ محبوبا جو شهر به آهي، هن جي
خوابن جو شهر به آهي ته هن جي ٻارڙن جو شهر به
آهي، جتي ئي هو اڄ ڪلهه پنهنجي بي سڪون روح ساڻ،
هڪ پر سڪون گهر ۾ رهائش پزير آهي. هن زندگيءَ ۾
ڪيترائي عشق ڪيا آهن پر سندس شخصي زندگيءَ ۾ ٻه
عشق مٿانهون درجو رکن ٿا، ٻاراڻي عمر ۾ ڪبوترن سان
عشق ۽ وڏيءَ عمر ۾ ڪتابن سان عشق سندس اهم سڃاڻپ
طور ياد رکيا ويندا. هو پنهنجي سخت طبيعت رکندي به
پنهنجي لباس جي حوالي نهايت نفيس شخص رهيو آهي. اڄ
جڏهن هو پنهنجي خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي، تڏهن
سندس ان خوش لباسيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آيو آهي،
خوبصورت ڪپڙا ۽ بوٽ هُن جي ڪمزورين واري لسٽ ۾
شامل آهن.
احمد سولنگيءَ ايم-اي ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن توڙي ٻين ادارن ۾ نوڪريون ڪيون
پر کيس مناسب نوڪري سنڌ جي اڳوڻي وزيراعلٰي سيد
عبدالله شاهه مرحوم ڏني، جنهن کيس 1994ع ۾ وزيراعلٰي هائوس ۾ پروٽوڪول
آفيسر ڪري رکيو. هي نوڪري سندس زندگيءَ جو اهم موڙ
ثابت ٿي، جنهن کيس شديد اداسائي جي ڪيفيت کان ۽
خودڪشيءَ جي رومانس کان ٻاهر آندو، سيد صاحب جي
حڪومت وڃڻ کان پوءِ، نئين ايندڙ وزير اعليٰ 1996ع
۾ هن کي نوڪري کان فارغ ڪيو ۽ ائين هڪ ڊگهو عرصو
وري هو نوڪريءَ کان الڳ رهيو، پر پنهنجي شاعري کان
هڪ پل به پري نه ٿيو.
انهيءَ وقت ۾ پاڪستان جو اڳوڻو صدر مملڪت
آصف علي زرداري جڏهن جيل ۾ هئو ته ان اڪائونٽ بلٽي
ڪورٽ راولپنڊي ءَ ۾ پنهنجي مشهور وڪيل بابر اعواڻ
معرفت هڪ پٽيشن داخل ڪئي جنهن ۾ هن گهر ڪئي ته
مون کي جيل اندر هڪ استاد ڏنو وڃي ۽ ائين احمد
سولنگيءَ کي ڪورٽ پاران آصف علي زرداريءَ جو جيل
اندر استاد مقرر ڪيو ويو ۽ ائين احمد سولنگي آصف
علي زرداريءَ جي اسيريءَ، آزاديءَ ۽ پاڪستان جي
صدارت جي قسم کڻڻ تائين ساڻس گڏ رهيو. هن 11آڪٽوبر
1996ع تي سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس
ماهتاب محبوب جي ٻيو نمبر نياڻي زمر سان شادي
ڪئي، جنهن مان کيس ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو:
(1)
مشعال حسين-
23
آڪٽوبر 1997ع،
(2) نظم حسين-
13نومبر 2000ع ۽ (3) رمل حسين-
14
مارچ 2002 ۾ جنم ورتو. قدرت جا ۽ وقت جا
فيصلا پنهنجا ٿين ٿا جيڪي انسان جي پهچ کان گهڻو
گهڻو ڏور آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن
ائين ئي اڳتي هلي اهو رشتو ٽٽڻ لڳو ۽ آخر ٽٽي ئي
ويو.
سندس زندگيءَ ۾ هي حادثو اهڙو هو، جنهن
سندس روح کي بنهه رهڙي ڇڏيو. هن حادثي جي پيڙا کي
هُن ڪئين ڀوڳيو، اهو فقط هن جا ڪجهه شخصي دوست ئي
ڄاڻن ٿا ۽ ان پيڙا کي هن پنهنجي شاعري ۾ ڪئين
اظهاريو آهي، اهو سندس شاعري پڙهندڙ ئي ڄاڻي
سگهندا. اڳتي هلي هن شهناز نالي خاتون سان 20
نومبر 2005ع تي شادي ڪئي، جنهن کيس ٽن
پٽن جو اولاد ۽ هڪ خوبصورت نصيب بخشيو، جيڪو اڄ
تائين ساڻس ساڻ آهي. سندس ٽن پٽن: (1) چيزل حسين 30 آگسٽ 2006ع، (2) ساحل
حسين 26
سيپٽمبر 2008ع ۽ (3) نازل حسين 31 آڪٽوبر 2011 ع
تي جنم ورتو .
ڊگهي عرصي کان پوءِ 2008ع ۾ آيل پيپلز
پارٽي جي سرڪار کيس ٻيهر نوڪري تي بحال ڪيو ۽
گذريل سرڪار پاران ساڻس ٿيل ناانصافي جو ازالو
ڪندي، کيس هڪ گريڊ جي پروموشن سان گڏ، سنڌ
سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي پد تي ويهاريو،
جتان هو، ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن
حيدرآباد، لاڙڪاڻُو ۽ سکر ڊويزن جي عهدن تي رهي،
اڄ ڪلهه وري پنهنجي اصل پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
احمد سولنگيءَ جي شخصي زندگيءَ ۾ جيڪي به
حادثا، اتفاق، پريشانيون ۽ خوشحاليون آيون آهن،
انهن سڀني کي هو پنهنجي خوشگوار مزاج ۽ بردباريءَ
سان منهن ڏيندو رهيو آهي ۽ هاڻ زندگيءَ جي ڪڙن ۽
مٺن تجربن مان هن اهو سکي ورتو آهي ته،
سج ٻه پاسا آهي. ان جو هڪ پاسو اڀرڻ وارو
آهي ۽ ٻيو پاسو اُلهڻ وارو آهي.
هو اڄ پنهنجي شخصي زندگيءَ مان ڪيترو خوش
آهي ۽ ڪيترو نا خوش آهي، اُهو عام آڏو ظاهر ڪرڻ
اجايو سمجهي ٿو. جنهن به شخص ۾ اهڙي طرح جيئڻ جو
حوصلو آهي، اهو اڄ جو ڪامياب ترين شخص آهي، شايد
احمد سولنگي به انهن ڪامياب سمجهو ويندڙ شخصن جي
لسٽ ۾ شامل آهي.
پنهنجي امڙ جي آسيس وٺڻ کان سواءِ ڪوبه
ڪم نه ڪندڙ احمد سولنگي، ان جي دعائن جي ڇانو ۾ ئي
پاڻ کي گهڻي ۾ گهڻو محفوظ سمجهندو آهي. اڻ ڳڻين
تضادن وارو مزاج رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو هي حسين
شاعر ۽ شخص ڏينهن ۾ ٽي وڳا به مٽائيندو آهي ته هڪ
ئي وڳي ۾ اسلام آباد، لاهور ۽ حيدرآباد جو هفتي جو
سفر به ڪري سگهندو آهي.
اڄ ڪلهه جهاز ۾ سفر ڪندڙ هي شخص دوستن
يارن سان گڏ ميلن جا ميل پنڌ ڪري گهمڻ وارو مزاج
به رکندو آهي.
حاصل ڪيل آسائشن کي ماڻيندڙ هي شخص دل
وارن دوستن سان زمين تي ٿڏو وڇائي، مٿي هيٺان
ٻانهن ڏئي راتيون به گذاري سگهندو آهي. قصرِ شاهي
جي مصنوعي ماحول کان بيزار ٿي پنهنجي دل وارن ۽
پراڻن دوستن سان ملڻ لاءِ ڪنهن به تڪلف کان ڪم نه
وٺندو آهي. ڪيترن ئي موقعن تي دوستن کان ڪيتريون
ئي صلاحون وٺندڙ هي شخص فقط پنهنجي عقل سان ئي ڪو
فيصلو يا ڪم ڪار ڪندو آهي جنهن سندس ٻيڙو ڪڏهن
تاريو آهي ته ڪڏهن ٻيڙو ٻوڙيو به آهي. پر هيءَ
سدائين ساڳيو رهيو آهي.
بيوروڪريٽ جو ڏيکاءُ ڏيندڙ هيءُ شخص
پنهنجي مزاج ۾ بنهه ان جي ابتڙ آهي. مذهبِ اسلام ۾
اعتقاف اندر فقط هفتو ڏهه ڏينهن ويهڻو پوندو آهي،
پر هن جي ويجهن دوستن کي سُڌِ آهي ته هيءُ ڪن
حالتن ۾، ڇهه ڇهه مهينا به پنهنجي اندر جي آڏو
اعتقاف ۾ ويٺل هوندو آهي ۽ دوست سندس منهن ڏسڻ
لاءِ سڪندا آهن. اهڙي صورت حال ۾ هر دوست الڳ
انومان ڪڍي تبصرو ڪندو آهي. هي شخص جنهن سان ملڻ
چاهي، ان سان ڪهڙي به وقت ملي سگهندو آهي ، جنهن
سان ملڻ نه چاهيندو آهي، ان سان سالن پڄاڻان به نه
ملندو آهي ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ان سان ملي ويندو
آهي ته ان جون سڀ شڪايتون دور ٿي وينديون آهن ۽
وري سالن تائين اهو شخص کيس ڏسڻ لاءِ سِڪندو آهي.
هيءُ اهو شخص آهي جنهن جو روح سدائين بي چين
رهندو آهي، اهو ڪنهن به هنڌ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندو
آهي. ڪنهن به ماحول ۾ هيءُ ڊگهو وقت گذاري نه
سگهندو آهي. سندس مزاج ۾ مستقل رهندڙ اهي تضاد فقط
سندس ڪي شخصي ۽ ويجها دوست ئي ڄاڻن ٿا.
هڪ دوست جي ناتي دعا آهي ته هو سٺي صحت
سان گڏ وڏي ڄمار ماڻي پر قدرت جي اٽل قانون موجب
هر شخص کي قبر ۾ وڃڻو آهي، هيءُ بندو (راقم
الحروف) پريشان آهي ته ڇهن فٽن جي سوڙهي قبر ۾ سنڌ
جو هي شاعر گذارو ڪئين ڪندو، ڇو ته اتي ڊگهو عرصو
رهڻ به هن جي بي چين روح جي ابتڙ ٿي پوندو.
هر شخص جي اندر ۾ ڪيئي ڪائناتون موجود
هونديو آهن، ڪيئي مفاهمتون ۽ ڪيئي مخالفتون موجود
آهن ۽ انسان انهن سڀني جو گڏيل مجموعو آهي پر
ماڻهو سڀ کان پهرين ماڻهو آهي ۽ پوءَ ٻيو ڪجهه، ان
ڪري ان لاءَ ماڻهپي جو هجڻ پهريون شرط آهي جيڪو ئي
ان جي اولين ۽ آخرين سڃاڻپ آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي هن نوجوان شاعر احمد
سولنگيءَ جڏهن شعور جي اک کولي ته هن ملڪ تي بد
ترين مارشل لا لڳل هئي. سڄي ملڪ سان گڏ سنڌ ان
فوجي راڄ ۾ جلي رهي هئي، چئني پاسي جلسا، جلوس،
گولين جا آواز ۽ فوجي لانگ بوٽن جي ٺڪ ٺڪ موجود
هئي. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول سندس ذهن تي جيڪي
پهريان اثر وڌا، اهي اڄ تائين سندس شاعريءَ ۾
موجود آهن. سندس شاعراڻي سفر ايڪيهين صديءَ جي ٻئي
ڏهاڪي ۾ داخل ٿيندي جيڪو پنهنجو چهرو ظاهر ڪيو آهي
يا سڃاڻپ ڏني آهي،
اها هڪ گهڻ رُخي يا گهڻ پاسائين شاعر واري آهي. پر
اهو چوڻ مناسب آهي ته سندس اصلي ۽ پهرئين سڃاڻپ هڪ
نج شاعر واري آهي. ان سچ کي سنڌي ادب جي تاريخ پاڻ
وٽ سدائين لاءِ سانڍي رکندي.
نئين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ احمد سولنگيءَ
جي شاعريءَ کي جنهن تخليقي ۽ تنقيدي اڀياس جي گهرج
آهي، اهڙو اڀياسي/ نقاد شايد سنڌ کي اڳتي هلي پيدا
ڪرڻو آهي پر هڪ اهم تخليقي شاعر جي حوالي ۾ احمد
سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس هن صدي جي اهم گهرج
بڻبواهڙي پڪ آهي. کيس بابت هي لکڻ ان اڀياس جي
لکندڙن لاءِ پهرين ڪڙي ثابت ٿيندي ۽
پڙهندڙن/لکندڙن لاءِ اڳتي هلي هڪ بنياد فراهم
ڪندي، ايڪيهين صدي جي هڪ ننڍي عمر واري وڏي شاعر
جي اڀياس لکڻ لاءِ.
احمد سولنگيءَ جو مزاحمتي مزاج، سنڌ جون
ٻرندڙ حالتون، قومي ڦرلٽ، طبقاتي ويڇا، انساني حقن
جي لتاڙ ۽ جمهوري قدرن جي پائيمالي،
اهي سڀ اهڙا موضوع آهن جيڪي احمد جي ذهني ارتقا
وارن شرعاتي ڏينهن ۾ سندس آس پاس موجود هئا، سندس
ذهني ارتقا انهن ڳنڀير حالتن ۾ ٿي آهي ۽ ڪنهن به
حساس ۽ غير رواجي ليکڪ توڻي شخص جو انهن حالتن جو
اثر قبولڻ فطري ڳالهه هئي. احمد تي به اهي اثر ڇتي
نموني پيا جنهن جي ردِ عمل ۾
هن پنهنجو پهريون شعر رچيو جيڪو هڪ مزاحمتي نظم
هئو. غالبن اهو اَسي جي ڏهاڪي جو ڇهون سال هئو، سندس اهو شاعراڻو سفر اڄ تائين
جاري آهي.
هن جي سموري شاعراڻي سفر جي باريڪين کي
سموهڻ شايد ڊيگهه جو سبب بڻجي پر ڪي حقيقتون ۽
واقعا اهڙا آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ شايد هن
جي شاعراڻي سفر جو احوال اڻ پورو رهجي وڃي.
1983ع
۾ ملڪ اندر عام طور ۽ سنڌ اندر خاص طور جمهوريت جي
بحاليءَ لاءِ هلايل تحريڪ پهريون محرڪ هو جيڪو
احمد سولنگيءَ جي شاعري لاءِ اهم ڳڻي سگهجي ٿو،
ڇاڪاڻ ته هن ان تحريڪ جي اثر هيٺ ئي شاعري جي
شروعات ڪئي. ٻاراڻي عمر کان نوجواني ڏانهن ايندي،
هن جيڪي شروعاتي شعر لکيا، اهي ان وقت موري شهر ۾
رهندڙ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر سائين راشد
مورائيءَ کان اصلاح وٺڻ لاءَ ڏيکاريل آهن. دراصل
هي اهووقت هوجڏهن احمد جي شاعريءَ جي شروعات هئي ۽
جئين شروعات ۾ هر نئون شاعر پنهنجي ڪنهن/ڪن سينيئر
شاعر/
شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي تيئن احمد به
ان وقت سائين راشد مورائي،
عبدالحڪيم ارشد، مير محمد پيرزادي، خاڪي جويي، تاج
جويي ، مشتاق باگاڻي
۽ ٻين شاعرن کان متاثر هو.
اڳتي هلي هن جي دل ۾ استاد بخاريءَ، ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ. شمشير الحيدريءَ، نياز همايونيءَ ۽
امدا حسينيءَ جڳهه والاري ۽ جڏهن هن پنهنجي شعوري
عمر ۾ شيخ اياز کي پڙهيو ته هو ان جوئي ٿي ويو.
سندس شاعريءَ جو ٻيو دور اهو آهي، جڏهن هو پاڻ کان
ٿورو سينيئر شاعرن، حليم باغي، نماڻي سنڌي، گدا
خاصخيلي ۽ ڪجهه ٻين جي اثر هيٺ رهڻ لڳو. اسيءَ
وارو سمورو ڏهاڪو سندس شعوري طور واڌ ويجهه وارو
عرصو آهي، پر ان وقت به سندس باري ۾ اها ڳالهه
آخري آهي ته هن جڏهن اياز کي پڙهڻ شروع ڪيو ته اهو
سندس آخري ڏاڪو هو.
اڳتي هلي احمد جڏهن شخصي ۽ شاعراڻو چڱوئي
مرتبو حاصل ڪري ورتو ۽ اياز سان سندس شخصي
ويجهڙائي ٿي ته اياز کيس ڏسي ۽ ملي چهري تي
خوشگوار تاثر آڻيندي چيو هئو ته ”احمد توکي منهنجي
دعا آهي“ ۽ مان سوچيان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي
مهاڪويءَ جي اها دعا نه رڳو احمد جي هن ڪتاب سان
گڏ آهي، پر شايد اها دعا سندس شاعريءَ سان سدائين
گڏ رهي. اياز هن جو جنون به هو ته پڙهڻ جي عشق جي
انتها به. اياز جي ڪتابن کي هن محبوبا جيان
سنڀاليو ان وقت اياز جا جيڪي به ڪتاب اڻ لڀ هئا.
اهي هن وڏي جاکوڙ ڪري هٿ ڪيا. اياز کي گهرو پڙهڻ ۽
سمجهڻ لاءَ هن پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ لوڪ
شاعريءَ کي نهايت سنجيدگيءَ ۽ ڌيان سان پڙهڻ شروع
ڪيو. جيڪڏهن ائين چئجي ته هن پنهنجي سنڌي
ڪلاسيڪي/اساسي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کي ايتري
ڌيان سان پڙهيو آهي جيتري ڌيان سان سندس ڪنهن به
همعمر ۽ همعصر شايد ئي پڙهيو هجي، ته غلط نه
ٿيندو.
احمد جي شاعراڻي اڻت ۾ سنڌي ڪلاسيڪي/اساسي
شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ جي مطالعي جو گهڻو عمل دخل
آهي. هو اڄ به سنڌي ٻوليءَ
جي اصليت ۽ سونهن سلامت رکڻ لاءِ پنهنجي ڪلاسيڪل
شاعرن ۽ لوڪ شاعرن کي پڙهندو رهندو آهي، جنهن کان
پوءِ ئي هن جي مطالعي ۾ جديد شاعريءَ جو وارو اچي
ٿو. سندس شاعري ۾ مغربي شاعري جا حوالا ٽئين نمبر
تي اچن ٿا. سڀ گڏي ائين چوڻ وڌيڪ چٽو آهي ته احمد
سولنگيءَ جو شاعراڻو شعور سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ،
سنڌي جديد شاعريءَ ۽ عالمي جديد شاعريءَ تي بيٺل
آهي. هن وٽ تخليقي قوتون قدرتي ڏات آهن. هن جي
شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سونهن سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ
جي ڪري آهي ۽ هن جي شاعريءَ جي آفاقيت جديد عالمي
شاعريءَ جي مطالعي جو ثمر آهي.
اسي واري ڏهاڪي ۾ احمد جي تربيت سنڌي ادبي
سنگت موري جي گڏجاڻين ۾ ٿي، ادبي طور موري جي ادبي
ماحول ۾ ٽن ماڻهن جا نالا احمد سولنگيءَ جي حوالي
۾ اهم آهن. راشد مورائي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي ۽
عظيم سنڌي، جنهن کان پوءِ سڪرنڊ اچي ٿو، جنهن سان
پڻ احمد جي گهڻي ادبي ويجهڙائي رهي آهي، جتي کيس
مير محمد پيرزادي، خاڪي جوئي ۽ تاج جوئي سان صحبت
رهي، سندس همعصر اديبن دوستن ادريس جتوئي، خادم
ٻگهئي ۽ راقم الحروف جو
به ساڻس ساٿ رهيو سندس ارتقائي دور ۾. پر سندس ادبي واڌ
ويجهه ۽ سندس شعوري واڌ ويجهه ۾ سندس مطالعي جو
گهڻو عمل آهي، جيڪو ئي کيس هڪ قد آور شاعر طور مٿي
کڻي آيو.
موري جي ادبي ماحول، سنڌي ادبي سنگت جي
گڏجاڻين ۽ سندس شخصي طور ڪتابن پڙهڻ واري شوق
منجهس ۾ نکار آندو. اڳتي هلي هو موري جي سنگت جو
ٻه ڀيرا 1987 ۽ 1988 ۾ سيڪريٽري به بڻيو، ۽ جيئن
ئي اسيءَ جو ڏهاڪو پڄاڻيءَ تي پڳو ته احمد جي شخصي
توڻي ادبي اڏام شروع ٿي.
هن روزگار جي تلاش ۾ مورو ڇڏيو ۽ مستقل
حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو، جتي هن هڪ کان وڌيڪ سنڌي
اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هو ڪراچيءَ ۾ آيو
پر هن شهر هن لاءِ سازگار ماحول پيدا نه ڪيو، ۽ هو
وري حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو، حيدرآباد شهر کيس ڇا ڏنو،
۽ ڇا نه ڏنو، اهو هڪ الڳ داستان آهي، جيڪو هن جي
ڪنهن به وقت لکڻ واري آتم ڪٿا لاءِ ڇڏيندي، هت فقط
ايترو لکڻ تي قناعت ڪجي ٿي ته هن شهر کيس زمين تان
کڻي آسمان تي پڄايو، جيڪا طاقت يا قوت موري شهر ۾
نه هئي.
مناسب ٿيندو ۽ اهو قبول ڪيو وڃي ته احمد
سولنگيءَ جي هڪ تخليقي شاعر واري سڃاڻپ 1990ع کان
پوءِ ٿي آهي، جڏهن هو نج پج هڪ شاعر طور سامهون
آيو آهي. جيتوڻيڪ هو ان کان اڳ ئي، هند جي مشهور
رسالي ”ڪونج“ ۾ ڇپجي پنهنجي شاعر واري سڃاڻپ ڪرائي
چڪو هئو، ۽ سنڌ جي ڪن رسالن ۾ به هو شايع ٿيندو
رهيو پر هن جي شاعراڻي مزاج ۽ بي پرواهه طبعيت کيس
رسالن ۾ شاعري ڇپائڻ واري ڊوڙ کان گهڻو پري رکيو
آهي. هو بنهه ٿورو ڇپيو آهي. جنهن ڪري، سنڌي
شاعريءَ بابت لکيل ٿورن گهڻن اڀياسن ۾ به هن جي
موجودگي ڪا اهم نه ليکي وئي آهي. ٻيءَ طرح هن جي
هر نظم پنهنجي وقت ۾ جڏهن به هن اها ڪنهن موقعي تي
پڙهي آهي، يا ڇپي آهي ته پنهنجي مڪمل سڃاڻپ ڇڏي
وئي آهي. هڪ اهڙي سڃاڻپ جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ جي
شاعر لاءِ اهم سڃاڻپ هوندي آهي ۽ جنهن شاعريءَ تي
اهاٻولي، اها قوم ۽ اها مٽي فخر ڪندي آهي.
احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ تي ايندڙ وقت ۾
سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم فخر ڪندي اهڙي پڪ
هن جي شاعري ڏياري ٿي. هو ايندڙ دور جو
هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو سنڌ جي جديد شاعريءَ کي
عالمگير سطح تي کڻي ويندو، جيڪڏهن سندس شاعريءَ کي
مناسب مترجم ملي سگهيو ته. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ
ٻوليءَ ۽ قومي پيڙا، ڏک، غصو ۽ تهذيب توڻي ثقافت ۽
جديد قدر گڏجي هڪ اهڙو سنگم پيدا ڪري بيٺا آهن، جو
شايد ئي اڄ جي سنڌي شاعريءَ ۾ هن جي شاعريءَ کان
ٻاهر ملي سگهن.
نوي واري ڏهاڪي کان هو لکندو رهيو آهي ۽
ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هو پنهنجي ڪلاسيڪي
شاعري، لوڪ شاعري، همعصر شاعري ۽ ترجمن جي صورت ۾
عالمي شاعري پڙهندو رهيو آهي، مجموعي طور ادب جون
ٻيون نثري صنفون جن ۾ سمورو لٽريچر شامل آهي، ان
سان هو جڙيل رهيو آهي، جنهن جا سڀ رنگ، هن جي شخصي
پيڙا سان گڏجي سندس شاعريءَ ۾ نکري بيٺا آهن.
احمد سولنگيءَ جا ويجها دوست ڄاڻن ٿا ته
هن ڪڏهن به پاڻ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن
هو ڪيترن ئي مهينن ۾ هڪ سٽ لکي نه سگهندو آهي ۽
ڪڏهن ڪڏهن شاعري هن تي سانوڻ جي مينهن جيان اوڙڪون
ڪري وسندي آهي، ٻي جيڪا اهم ڳالهه سندس حوالي ۾
اچڻ گهرجي، اها هيءَ ته هن زندگيءَ ۾ جيترو وقت
پنهنجي شاعريءَ کي ڏنو آهي، اوترو ٻئي ڪنهن به عمل
کي نه ڏنو آهي. شاعري هن جي محبوبه ته آهي ئي پر
شايد سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ پهريون نوجوان آهي، جنهن
پنهنجي شاعريءَ کي ماءُ وارو مان ڏنو آهي. مان
احمد جي باري ۾ هڪ ٻي به ڳالهه اوس آڻڻ چاهيندس،
اها هيءَ آهي ته عشق شاعر بڻائيندو آهي، پر احمد
کي شاعريءَ عشق عطا ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه شايد،
سنڌي توڻي عالمي ادب ۾ ذڪر ڪرڻ جهڙي آهي، هن
سدائين شاعريءَ لاءِ عشق ڪيا آهن ۽ پوءِ عشق جي
ڪرشمن جو اوسيئڙو ڪيو آهي، جن اوسيئڙن جو نتيجو
احمد جي شاعري آهي.
هو پنهنجي ديس ۾ ۽ ديس کان ٻاهر سرجندڙ
ادب تي نهايت گهري اک رکندو آيو آهي، نوي تائين هن
جي پسند جي ڪتابن ۾ ڪي نظرياتي ڪتاب به هئا، پر
مزاج ۾ هو هڪ تخليقڪار آهي، جنهن گهڻي اهميت
تخليقي ادب کي ڏني آهي. ائين ڪبير کان ميران،
تائين ڀٽائي کان اياز ۽ اياز کان اياز گل تائين،
ٽالسٽاءِ کان پائلو ڪولهو تائين، پئبلو
نرودا کان ناظم حڪمت تائين، غالب کان ٽئگور تائين
فيض کان احمد فراز ۽ پروين شاڪر کان نوشي گيلاني
تائين سڀ ليکڪ اڪثر ساڻس رات جو گڏ هوندا آهن، جن
مان هن جيڪو فيض پرايو آهي، اهو هن پنهنجي شاعريءَ
۾ سنڌ کي موٽايو آهي، هو ڀلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ
شاعر آهي پر هن جي شاعريءَ جو دائرو فقط سنڌ نه
آهي، جڏهن سنڌ، هن جي شاعري ۾ ڳولبي ته اها پنهنجي
سموري تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي سونهن سميت نڪري
نروار ٿيندي ۽ جڏهن سنڌ کان ٻاهر جي دنيا هن جي
شاعري ۾ گولبي ته اها دنيا پنهنجي سمورن جمالياتي
توڻي المياتي تصورن سميت اسان جي آڏو اچي بيهندي.
اهڙي شاعري ايڪهين صديءَ ۾، مون کي چوڻ ڏيو ته مان
چوان ته سنڌيءَ ۾ فقط احمد سولنگيءَ جي آهي، سندس
همعصر کانئس ڪيئي ٻرانگهون پوئتي آهن! تخليقي طور
به ته شعوري طور به. ۽ ايندڙ دور ۾ سنڌي شاعري،
تخليقي طور جنهن تيزيءَ سان پٺ تي وڃي رهي آهي اها
نهايت مايوس ڪندڙ آهي، جنهن جو اظهار ڊاڪٽر تبوير
عباسي، امداد حسيني ۽ ٻيا ذهين لکندڙ پڻ الڳ الڳ
وقتن تي ڪري چڪا آهن. اڄ سنڌيءَ ۾ سرجندڙ شاعريءَ
جو گهڻو گهڻو حصو ورجاءَ کان سواءِ ڪجهه به نه
رهيو آهي ۽ جيڪا نئين ٽهي اچي رهي آهي، ان مان
شخصي طور مان سمجهان ٿو ته سنڌ کي اڌ صدي کن ڪا به
اميد نه آهي، جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ کي اڌ صديءَ ۾
ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، غير معمولي شاعر
مليا ته اهو هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو معجزو هوندو،
جنهن جي ٿيڻ ۾ مون کي اميد بنهه گهٽ آهي.
خير!
1990ع
کان احمد حيدرآباد رهڻ لڳو.
حيدرآباد سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي شهر جو اعزاز رکندڙ
شهر آهي، هن شهر ۾ احمد کي دوستن جو هڪ وسيع حلقو
مليو، جنهن سندس شخصي توڻي ادبي زندگيءَ ۾ وڌيڪ
نکار آندو، نصير مرزا، مولا بخش چانڊيو، حسن درس،
جامي چانڊيو، تاج جويو، زيب سنڌي ۽ ٻيا انيڪ شخص
سندس ان دور جا اهم دوست آهن. ان کان اڳتي هلي
سندس دوستن ۾ وڌيڪ اضافو آيو، جن سندس رهبري پڻ
ڪئي ته سهڪار پڻ! هن حيدرآباد ۾ صحافتي زندگي
اختيار ڪئي، ايستائين جيستائين کيس سنڌ حڪومت هڪ
معتبر نوڪري ڏني، ۽ اردوءَ جي هن شعر وانگر هن
زندگيءَ کي استعمال ڪيو ته:
"خدا جب حسن دیتا ہے، نزاکت آ ہی جاتی ہے۔"
جيتوڻيڪ هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين
انهن دوستن کي ياد رکڻ وارو آهي، جن سندس شخصي
زندگي سنوارڻ ۾ ساڻس سهڪار ڪيو ۽ جن سندس ادبي
زندگي سنوارڻ ۾ سهڪار ڪيو، جيڪو هر لکندڙ کي
زندگيءَ جي هڪ موڙ تي گهرجي ٿو، البت هن ۾ پنهنجون
صلاحيتون هجڻ اولين شرط آهي ۽ احمد سولنگيءَ ۾
جيڪي صلاحيتون هيون، اهي انهيءَ دور ۾ وڌيڪ ظاهر
ٿيون ۽ هو هڪ اهڙو شاعر ٿي آڏو آيو، جنهن کي
پنهنجي ٽهيءَ ۾ اڳواڻ شاعر جو اعزاز ڏئي سگهجي ٿو.
ان ئي دور ۾ هن جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو
بابت لکيل نظم سنڌ ۾ اعلي مرتبي تي پهتو ۽ پيپلز
پارٽيءَ طرفان ان نظم کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي،
ان نيشنل اسيمبليءَ ۾ ورهايو ويو، جنهن نيشنل
اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي حزب اختلاف جو ڪردار ادا
ڪري رهي هئي، ان نظم شهيد محترمه کي موهي وڌو ۽
احمد محترمه مان اتساهه وٺي جيڪي مزاحمتي نظم
لکيا، اهي سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو ۽ سنڌي شاعريءَ
جو املهه حصو ٿي رهندا.
ائين سندس شاعراڻو سفر ڪڏهن تيزيءَ سان،
ڪڏهن آهستگيءَ سان جاري رهيو ۽ آخر ان صديءَ جي
پڄاڻي ٿي، جنهن صديءَ ۾ احمد سولنگيءَ جنم ورتو.
نئين صدي ادبي حوالي سان سنڌي ادب لاءِ ۽
احمد سولنگيءَ جي زندگي توڻي شاعريءَ لاءِ هڪ نئين
اتساهه سان گڏ، هڪ سڀاڳُ پڻ کڻي آئي. هن جي
زندگيءَ جون اهم حاصلاتون ايڪهين صديءَ جي دين
آهن، ساڳئي وقت هيءَ اهڙي صدي آهي، جنهن کي مان
پنهنجي ننڍڙي مطالعي، سنڌ جي ننڍڙي ادبي دائري،
سنڌي شاعريءَ جي، محدود ويچار جي ۽ سنڌي شاعريءَ
جي بيحد گهڻي ورجاءَ واري غربت جي آڌار تي، احمد
سولنگيءَ جي شاعريءَ جي صدي ڪوٺيان ٿو. احمد جا
همعمر ۽ همعصر، شاعراڻي سفر ۾ جيڪي ڪجهه ڏيئي
سگهيا آهن اهي نهايت سچائيءَ سان ۽ پنهنجي تخليقي
قوتن جي آڌار تي ڏيئي سگهيا آهن، کانئس سينيئر،
هڪڙا لکڻ ڇڏي چڪا آهن ته ٻيا پڙهڻ کان پري آهن.
ڳالهيون سنڌي شاعراڻي ادب کي عالمي ليول تي کڻي
وينديون يا ان کي بچائي سگهنديون ائين ٿيڻو نه
آهي. تخليق ۽ ان ۾ اعلي ويچارُ اڄ جي اڪثر سنڌي
نوجوانن جي شاعريءَ کان ڪوهين ڏور آهي، جن ۾ ڪي
تخليقي قوتون هيون انهن پنهنجون تخليقي قوتون،
تخليق جي بجاءِ، تخليق جي ثانوي پاسي، فارسيءَ جي
علم عروض تي مشق ڪري ضايع ڪيون آهن، ٻئي طرف سرحد
جي هُن پار رهندڙ سنڌي لکندڙن جي نئين نسل، سنڌي
ادب کان علحدگيءَ جو اظهار ڪندي، پنهنجي اظهار جا
نوان طريقا چونڊيا آهن، جنهن ۾ اڄ ڪمپيوٽر ساڻن
شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ احمد سولنگي، هن نيئن
صديءَ ۾ پنهنجي نئين اظهار، نئين احساس ۽ نئين
ويچار سان پنهنجي ڀرپور تخليقي قوتن جي آڌار تي،
سنڌي شاعريءَ جي وارثي ڪري ته اهو سنڌي شاعريءَ جو
سڀاڳ ٿيندو، ساڳئي وقت اڄ جي ڪمپيوٽر
يُگ ۾ هو دنيا جي سموري ادب سان عام طور ۽ شاعراڻي ادب سان
خاص طور جڙيل رهي ته هو سنڌي ٻوليءَ معرفت دنيا کي
اعليٰ شاعري ڏيئي سگهي ٿو، اهڙو منهنجو پختو يقين
به آهي ته احمد جي تخليقي ۽ علمي صلاحيتن تي
اعتماد به آهي.
هن صديءَ ۾ نئين سنڌي شاعريءَ جو هو اڪيلو
وارث آهي. ان جي مثال لاءِ مٿي ڄاڻايل سبب موجود
آهن. ۽ سنڌيءَ ۾ لکندڙن جون تخليقي ۽ علمي قوتون
به اکين اڳيان ۽ سوچ اندر موجود آهن، نئين صديءَ
جي ٻئي ڏهاڪي کان پوءِ جيڪو نسل پيدا ٿيندو،
جيڪڏهن ان اهڙو معجزو ڪري ڏيکاريو ته سنڌ پنهنجي
نئين شاعريءَ تي وڌيڪ فخر ڪندي، ساڻس گڏ دنيا جو
ادب پڻ فخر ڪندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب، ان دنيا جي
ادب جو اٽوٽ حصو هوندو، جيستائين اهڙو معجزو ٿئي،
تيسائين سنڌ جي فخر جو سبب نئين صديءَ ۾ احمد
سولنگيءَ جي شاعري آهي. ٻيا سبب واڌو سبب هوندا
جيڪي واڌو فخر ڏياريندا.
هن صديءَ ۾ احمد سولنگي پنهنجي اظهار توڻي
ويچار ۾ گهڻو گهڻو نجپڻو کڻي ظاهر ٿيو آهي، هن جي
شاعري سندس نالي سان هڪ خاص سڃاڻپ کڻي سنڌ جي شعري
ادب ۾ نروار ٿي آهي. اها هڪ شاعر لاءِ وڏي ۾ وڏي
حاصلات آهي. احمد پنهنجي شاعريءَ لاءِ ٻولي، لهجو
۽ ويچار سڀ نئون ۽ پنهنجو کڻي آيو آهي، جنهن ڪري
سندس نظم ڪنهن به لهجي ۾ پڙهيو وڃي ، ڪنهن به
انداز سان پڙهيو وڃي ۽ ڪنهن جي به آواز ۾ پڙهيو
وڃي، جڏهن اهو پني تي لکيو ويندو ته پنهنجو تعارف
پاڻ ڪرائيندو، اهڙو اعزاز هن نئين صديءَ ۾ نوجوان
شاعرن مان احمد سولنگي کي حاصل آهي. ها! ٻين جن
نوجوان شاعرن کي اهڙو اعزاز حاصل آهي، انهن جو ذڪر
سندن حوالي ۾ لکيل اڀياسن ۾ اچڻ نهايت ضروري آهي ۽
اهڙو احوال خاص طور سنڌي شعري ادب ۾ آڻڻ، اڄ جي
سنڌي شاعريءَ جي نقادن جي اهم ذميواري آهي، ائين
ڪري هو سنڌي شعري ادب جي هڪ پاسخاطريءَ کان سواءِ
نج ادبي/تنقيدي/تخليقي تاريخ مرتب ڪندا. جيڪا ئي
ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌي ادب کي عالمي ادب ۾ نه رڳو
مناسب حصو ڏياريندي پر فخر جوڳي جڳهه به
ڏياريندي.
اڄ دنيا جو ادب ترجمن جي معرفت جنهن
تيزيءَ سان ، سائنس جي نئين ايجادن وسيلي پڙهندڙن
تائين پهچي رهيو آهي، ان مان اها اميد جاڳي آهي ته
سنڌي ادب کي عالمي ادب جو حصو
بڻجڻ ۾ ڪو گهڻو عرصو نه لڳندو ۽ جڏهن ائين ٿيو ته پڪ سان
احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو عالمي شاعريءَ ۾
حوالو اُهي نظم بڻجندا جيڪي هن مشرقي قدرن هيٺ لکيا آهن، جيڪي قدر
مغربي علمن جي اظهار ۾ گهٽ ئي سهي پر آيا ضرور
آهن. ٻن ڏهاڪن ۾انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل مشرقي قدرن
واري ادب کي هڪ نوبل پرائيز ۽ ٻه بوڪر پرائيز ماڻڻ
جو اصل سبب اهي مشرقي قدرئي آهن، جن جي اثر هيٺ
اهي ڪتاب لکيل آهن، جيڪي مغربي قدرن کان ڪوهين
ڏور، هڪ ٻئي جي ڇيڙي تي بيٺل آهن .
احمد سولنگيءَ جا نظم مائيڪل اينجلو، اتر
قطب خُدا
جا خليفا، هڪڙي يهودي ڇوڪري، هميرو ڪولهي ، هڪ
بوند مان مصور، رنگ رتي تنهائي، قلو پطرا، لهين ٿي
خواب تون جڏهين، اوڀر جي آرسي، قرت العين طاهره/
پوپ کي ڪهڙي خبر/ ۽ سڀ کي پنهنجو گوتم آ. مشرقي
قدرن تي ٻڌل مغربي اسٽائيل ۽ ويچار وارا نظم آهن،
جيڪي جڏهن به مغربي ٻولين ۾ ترجمون ٿيندا ته عالمي
شاعراڻي ادب جو هڪ اٽوٽ انگ بڻبا، جنهن کي الڳ ڪري
نه سگهبو، ساڳئي وقت اهي نظم سنڌي ٻولي جو اهڙو
حصو هوندا، جيڪو حصو سنڌ ۽ سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻ
بڻجندي ئي عالمي شاعريءَ جو حصو بڻجندو.
اسان جي سوچڻ جو ۽ ڳڻتيءَ جو مسئلو هي آهي
ته، هن نئين صديءَ ۾ سنڌ، سنڌي ۽ سنڌي ادب اڄ جي
تيز رفتاريءَ ۾ ڪيترو ڊوڙي سگهڻ جي سگهه رکي
ٿو_ ان سوال تي سوچيندي ۽ وري احمد سولنگيءَ
جي شاعري کي پڙهندي، هڪ اعتماد اندر ۾ جاڳي ٿو ته
هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي نئين شاعري، پنهنجي اندر ۾
ايتري سگهه ضرور رکي ٿي ته اها هڪ صديءَ جو تحفظ
ڪري سگهي پر اهو مڃڻ اوس آهي ته هن نئين شاعريءَ
کي مغربي ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ جو ڪم هن ملڪ جي
سرڪاري ادارن کي ڪرڻ گهرجي، اها اسان جي اولين
گُهر آهي
احمد سولنگيءَ نئين صديءَ ۾ پنهنجي اظهار
۾ جيڪو نئون ويچار ڏنو آهي. اهو فقط هو اڪيلو ئي
ڏيندڙ آهي. اهو ڏسڻ لاءِ نئين صديءَ ۾ ڇپيل سڀ
سنڌي شاعراڻا ڪتاب، ادب ۽ احترام سان مطالعي هيٺ
آڻي، ڏسي، پڙهي ۽ پروڙي، ڪوبه فيصلو ڪرڻ گهڻو ڏکيو
ڪم نه آهي، ڪنهن به سنجيدي اڀياسيءَ يا نقاد لاءِ
.
احمد سولنگيءَ پهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي
استعمال ڪئي آهي، ان جو هڪ حصو هن پنهنجي ڪلاسيڪي
شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کان ورتو آهي، هڪ حصو
پنهنجي جديد دور کان ورتو آهي ، هڪ حصو هن ملڪ جي
ٻين ٻولين جي ادب کان ورتو آهي ۽ باقي عالمي ادب
مان، انهن ترجمن جي صورت ۾ پڙهيل ادب کان ورتو
آهي، جيڪو ادب هن مسلسل پنهنجي مطالعي هيٺ رکيو
آهي. ان سڀ مان، سندس شاعريءَ جو ظاهر ٿيل اڄوڪو
چهرو بڻيو آهي جيڪو هڪ خوبصورت جديد سنڌي شاعر
وارو آهي ۽ جيڪو هن نئين صديءَ جي سڃاڻپ بڻجڻ وارو
آهي اهڙي پڪ آهي.
سندس شاعريءَ جو اڄوڪو چهرو پڪو ، پختو ۽
هڪ خاص سڃاڻپ ڏيندڙ آهي ۽ ان سڃاڻپ ڏيارڻ واري
يقين جي پٺ ۾ جيڪا سندس تپسيا/رياض آهي ان جو عمل
دخل آهي. هن جي اکين جا اوجاڳا، دل جو درد ۽ پيرن
جو پنڌ، سندس نظمن، غزلن، گيتن ۽ واين جي هر سٽ
مان ظاهر ٿئي ٿو . ڪنهن به اعليٰ تخليقڪار کي سندس
تخليقن ۾ آسانيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو. ائين احمد کي
به سندس شاعريءَ ۾ ڳولڻ گهڻو ڏکيو نه آهي. هن جي
شاعريءَ جي سِٽ سِٽ ۾ سندس ڪونه ڪو سُور
سمايل آهي.
هن جي ڪنهن نظم ۾ هن جي اکين جا ڳوڙها آهن
ته ڪنهن ۾ سُور
جا سڏ آهن، ڪنهن ۾ هن جي عشق جو الميو آهي ته ڪنهن
۾ وڇوڙي جو وڍ. ڪنهن ۾ وصال جا
لمحا آهن ته ڪنهن ۾ جدائي جا شوال. ڪنهن ۾
محبت جون موسمون آهن ته ڪنهن ۾ الفت جا اهڃاڻ.
ائين هو پنهنجي شاعريءَ ۾ مڪمل طور تي موجود آهي، ڇاڪاڻ ته
هن جي سموري شاعري، سندس ماڻيل يا ڀوڳيل گهڙين جو
اهڙو داستان آهي، جنهن کي هن ڪمال اظهار سان
شاعراڻو روپ ڏنو آهي. هڪ اهڙو روپ جيڪو سنڌي
شاعراڻي ادب ۾ سندس نالي سان ئي پنهنجي سڃاڻپ
رکندو.
احمد پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌي شاعرن
۾،
۽ هن ننڍي کنڊ جي وڏن شاعرن ۾ هڪ اهم
سڃاڻپ رکندڙ جي حيثيت ماڻي وٺندو، اهڙي هن جي
شاعريءَ ۾ قوت به آهي ته سندس شاعراڻي روايت به،
روايت جيڪا ڪبير کان ميران تائين، بلي کان ڀٽائي
تائين ، ٽيگور کان اياز تائين، ۽ اياز کان احمد
تائين ساڳئي تاڃي پيٽي سان اڻيل آهي. نسبت اها آهي
ته مٿين سڀني مها ڪَـوَين جو واسطو ان ساڳئي ڏک سان آهي، جنهن ڏک
جي حوالي سان هيءُ ننڍو کنڊ عام طور ۽ ان کنڊ جو
هيءُ ننڍڙو ديس سنڌ، خاص طور سڃاپي ٿو. ننڍي کنڊ
جو هي ننڍڙو ديس، جنهن مان سنڌو درياهه وهي ٿو اهو
سندس ادبي سڃاڻ به آهي، روايت به آهي، ته بنياد به
آهي، جيڪو ويدن جي روپ ۾ موجود آهي. جيڪي ان ئي
سنڌوءَ جي ڪناري تي لکيا ويا هئا. جنهن سنڌوءَ جو
پاڻي پي احمد وڏو ٿيو آهي ۽ اڄ پنهنجي ان روايت جي
پاسداري ڪندي هو سنڌي ادب جي هڪ حصي شاعريءَ جي
وارثي ڪري رهيو آهي. هو نه رڳو ان جي وارثي ڪري
رهيو آهي پر پنهنجي سمورين شاعراڻين روايتن جي
باريڪين بابت به ڄاڻي ٿو ته جديد شاعراڻي علم ۽ فن
کان به بخوبي واقف آهي، جنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾
نه فقط روايتن سان نڀاءُ آهي پر،
فن طرف به هو گهڻو سچيت آهي، ايترو جيترو هڪ ذهين
۽ سنجيده شاعر کي پاڻ ۽ پنهنجي تخليق ڏانهن هجڻ
گهرجي.
غزل جو عروض هجي يا بيت جو ڇند، گيت جي
ملائميت هجي يا نظم جي پر جوش اڏار. وائي جو واڪو
هجي يا دوهي جو درد، هو سڀني کان واقف آهي ۽ جڏهن
اهو سڀ پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي ٿو ته سندس شاعري هڪ
حسين روپ ڌاري ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي
سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿي. ها! سندس شاعريءَ جا
حوالا مون هن لکڻ جي حدن کان بنهه پري رکيا آهن،
ڇاڪاڻ ته اهي سڀ هن ڪتاب/انٿالاجيءَ ۾ موجود آهن،
جيڪي پنهنجي پنهنجي صفحي تي پڙهڻ وقت وڌيڪ اهم
لڳندا.
انهن جي ڪٿ سندس دور جي نهايت اهم لکندڙن، عالمن،
اديبن، شاعرن ۽ سندس دوستن جي ليکن ۾ موجود آهي.
... ۽ هاڻ ڪجهه هن ڪتاب بابت ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو.
ٽي سال کن اڳ اسان جي آبرودار اداري سنڌي ادبي
بورڊ جي سربراهه منهنجي دوست ۽ بورڊ جي گهڻ گُهري
الهڏتي وگهئي صاحب جو خط اچي پهتو هُئو، جنهن ۾
ڄاڻايل هُئو ته مان (رکيل مورائي) سنڌي ادبي بورڊ
پاران نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ بابت هڪ
اينٿالاجي ترتيب ڏيان، منهنجو نالو بورڊ کي به
قبول هئو ته احمد سولنگيءَ کي به ۽ مون هڪدم جوابي
خط ۾ پنهنجي رضامندي لکي موڪلي هئي.
مون لاءِ هي اينٿالاجي سهيڙڻ جا پڻ مٿان ٻئي سبب
هئا.
پهريون ته، هيءَ اينٿالاجي بورڊ جهڙو آبرودار
ادارو ترتيب ڏياري رهيو آهي ۽ ٻيو ته اها احمد
سولنگيءَ بابت آهي. احمد سولنگي نه فقط اڄ جي
نوجوانن ۾ نهايت اهم شاعر آهي پر هو منهنجو دوست
به آهي ته اسان زندگيءَ جو وڏو حصو گڏ به گذاريو
آهي.
انهن ڳالهين کان وڌيڪ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اِها هُئي
ته بورڊ ڪنهن نوجوان تخليقڪار بابت اينٿالاجي
ترتيب ڏياري رهيو آهي، اها بورڊ جي هڪ نئين روايت
هئي.
ٻيءَ طرح بورڊ اسان جي بزرگ شاعرن، اديبن ۽ عالمن
بابت نه رڳو سانڍڻ جهڙا ”مهراڻ“ جا شخصيت نمبر
ڇپيا آهن پر ڪن اديبن عالمن تي اينٿالاجيز پڻ شايع
ڪيون آهن، ائين بورڊ پنهنجو مرتبو وڌايو آهي پر
هيءَ اينٿالاجي نئون قدم هُئي.
ائين مون پنهنجي طور تي ڪن ليکڪن دوستن سان رابطو
ڪيو. ۽ اهڙو اظهار ڪيو. ايستائين احمد جي شاعريءَ
جو ڪتاب ”خواب آوارا پکي“ به ڇپجي آيو ته لکندڙن
لاءِ وڌيڪ آساني ٿي پئي ۽ چڱو چوکو مواد ملي ويو.
جنهن کي مون ڪمپوز ڪرائڻ شروع ڪيو.
سرحد جي پار عالمن ۽ اديبن مان، جن جا ليک هن
اينٿالاجيءَ ۾ شامل آهن انهن سان رابطو رهندو آيو
۽ مواد تيار ٿيندو ويو.
سچ اهو آهي ته ڪجهه دوستن/لکندڙن کان سواءِ جن به
عالمن اديبن کي مون عرض ڪيو، انهن سڀني پنهنجا ليک
ڏنا ۽ خوشي سان لکي ڏنا، جنهن ڪري مان سندن نهايت
ئي ٿورائتو آهيان.
اينٿالاجيءَ کي ترتيب ڏيڻ وقت مون ڏٺو ته سمورو
مواد مختلف رخن ۽ حوالن جو آهي، ڪي مضمون اڀياسي
آهن، ڪي ليک تاثراتي آهن، ڪي شخصي آهن ۽ ڪي تنقيدي
پڻ! پر اُهي جيئن ته احمد سولنگيءَ جي آس پاس ۽ آر
پار آهن ان ڪري انهن سڀني جو هن اينٿالاجيءَ ۾ هجڻ
بنهه ضروري هُئو. سنڌي ادب ۾ جيئن ته تنقيد جو
رواج نه آهي يا گهٽ آهي، ان ڪري اهڙا ليک به گهٽ
آهن.
هن اينٿالاجيءَ ۾ شامل ليکن تي ڪنهن به راءِ جو
اظهار ڪرڻ مون لاءِ ٺيڪ نه آهي، انهن تي پڙهندڙ ۽
اسان جا عالم اديب ئي پاڻ راءِ ڏيندا، منهنجي انهن
سان سهمتي/اسهمتي منهنجو هڪ مرتب طور شخصي معاملو
آهي. ان ڪري جن به ليکڪن، عالمن، اديبن ۽ دوستن،
جيئن لکيو آهي. پنهنجي ذميواريءَ تي لکيو آهي. ڪن
ليکن جي نوڪ پلڪ ٺيڪ ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شمار آهي،
جنهن جو مان حق مان اوس رکان ٿو ڇاڪاڻ ته اهي ليک
منهنجي همعمر يا همعصر دوستن جا آهن. ان کان سواءِ
منهنجا بزرگ آهن، جن جا ليک ڪاما ۽ بريئڪيٽ سميت
جيئن آهن، ائين رکيا ويا آهن.
پڪ اٿم ته هيءَ اينٿالاجي پڙهي به ويندي ۽ ان تي
ڳالهايو ۽ لکيو به ويندو. اهڙا سبب هيءَ اينٿالاجي
پاڻ پيدا ڪندي، جن مان شايد هڪ سبب اهو به هجي ته،
بورڊ پاران هڪ نوجوان تي اينٿالاجي ڇپائي پئي وڃي،
جڏهن ته ڪيترائي بزرگ اديب آهن، جن تي هن قسم جو
ڪم ٿيڻ گهرجي.
اتي شايد مان اهو چوڻ چاهيان ته، بورڊ جي تاريخ ۾
هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو هڪ نوجوان تخليقڪار تي هڪ
اينٿالاجي/ڪتاب اچي رهيو آهي. وسارڻ نه گهرجي ته
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم ۾، تاريخ سهيڙڻ ۽ ترجما
ڪرائڻ سان گڏ تخليقي ادب ڇاپڻ به شامل آهي، ان ڪري
هڪ نوجوان تخليقڪار بابت هيءُ ڪتاب آڻي ۽ جيئن مون
پهريان به چيو ته بورڊ هڪ نئين روايت وڌي آهي.
منهنجي خواهش به آهي ته هڪ رٿ به ته، بزرگ اديبن
بابت ته ڪم ٿيڻ گهرجي ئي، پر هن قسم جا ڪتاب گهٽ ۾
گهٽ اسان جي ٽن نوجوان شاعرن بابت ضرور آندا وڃن،
ته جيئن اسان انهن کي ياد رکي سگهون، ڇاڪاڻ ته اهي
اسان کان وقت کان اڳ ۽ ساڳئي وقت نوجوانيءَ ۾ وڇڙي
ويا آهن، جيڪي آهن، حسن درس، اياز جاني ۽ سعيد
ميمڻ، مون کي اميد آهي ته بورڊ منهنجي ان رٿ ڏانهن
جوڳو ڌيان ڏيندو!
وري به مان هن ڪتاب ۾ شامل پنهنجي بزرگ اديبن،
عالمن ۽ شاعرن، ساڳئي وقت پنهنجي هڪ جيڏن دوستن جو
به نهايت ٿورائتو آهيان جن مون کي هنن ليکن معرفت
عزت ڏني ۽ هڪ نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ بابت
پنهنجي ويچارن کي وقت ڪڍي لکت ۾ آندو. احمد سولنگي
ڪيترو لهڻي ٿو، اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر هيءَ
اينٿالاجي کيس لاءِ بورڊ پاران هڪ مڃتا ضرور آهي.
جيڪا ياد رکي ويندي.
۽ هاڻ ٻه لفظ خاص، سنڌي ادبي بورڊ بابت، جنهن
نهايت سهپ ۽ بردباريءَ جو مظاهور ڪندي، مون کي ٻن
سالن کان وڌيڪ وقت لڳي وڃڻ باوجود هن اينٿالاجيءَ
کي ڇاپڻ تان هٿ نه کنيون، منهنجي شخصي مصروفيتن ۽
ان سان گڏ ڪي ننڍيون وڏيون پريشانيون جيڪي هر شخص
سان لاڳو هونديون آهن، هن ڪتاب/اينٿالاجيءَ جي
ڇپجڻ ۾ دير جو سبب بڻيون، شاهه سائينءَ جا لفظ
منهنجي شايد ترجماني ٿا ڪن:
مڙيئي مون ڏانهن، هوتن ڏانهن نه
هڪڙي.
۽ هر وقت نهايت پيار ۽ احترام سان، پياري ڀاءُ
الهڏتي وگهئي جو چوڻ ته ”سائين! دير ٿي وئي آهي.“
مون لاءِ لڄ جو سبب بڻبا رهيا. سچ پچ دير گهڻي ٿي
آهي، مون کي احساس آهي. اڄ جڏهن هيءَ اينٿالاجي
مڪمل ٿي آهي ته بيحد خوش آهيان ۽ ٿورائتو آهيان
بورڊ جي سربراهن سميت سموري اداري جو، جنهن هيءَ
اينٿالاجي سهڻي ڪري ڇاپي آهي ۽ بس!
16-
آگسٽ 2018ع
ـــ
رکيل مورائي
ڪراچي. |