اسان جي لوڪ داستانن جا هيروز گهڻي ڀاڱي
passive آهن . اسين هنن سان سڌوسنئون متعارف نٿا ٿيون، پر داستانن جي هيروئنز جي
معرفت متعارف ٿا ٿيون. پڙهندڙ جي ذهن ۾ پنهونءَ جو
جيڪو ڪردار ٿو ٺهي، سو بري ڀنڀور کي اجارڻ واري جو
ڪردار آهي.
برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اجاريو،
ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
لاٿو ساري لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏک ويهاريون.
پر اياز جي سر سسئي جو پنهون پاڻ پنهنجو تعارف
آهي. پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري پنهنجو ڪردار پاڻ
ٿو چٽي. هي اهو پنهون آهي، جنهن ڪيئي ڪامڻيون
ماڻيون آهن، جنهن لان ڪا به ڪنواري نٿ منهن نٿي
موڙي:
هونءَ ته ڪيڏيون ڪامڻيون، ماڻيون آهن مون،
پر سڀني کان، سسئي آنهه انوکي تون،
مون ايئن ڀانيو ڀون، پيرن کان نڪري وئي.
مون جو ڦيريا هٿّ َ، ڪيئي ڳــَر َ ڳري پيا،
ڪنهن به ڪنواريءَ نٿ، مون کان منهن نه موڙيو.
پنهون به ڄڻ ته جڳن کان سسئيءَ کي ڳولهيندو رهيو
آهي ۽ هر عورت ۾ هن سسئي کي پئي ڏٺو آهي ۽ سسئي کي
ڏسي هن پنهنجي پاڻ کي وڃائي پاڻ کي ڳولهي لڌو.
ڌوٻين وارو گهاٽ به هن کي ڏٺل ٿو لڳي، ڪيچ ۾ به ان
گهاٽ هن جي ننڊ کسي هئي ۽ نديءَ جو وهڪرو ڄڻ ته هن
جي وجود مان وهندو هو. هنن ٻنهي ۾ بوند ۽ سپ وارو
رشتو آهي. ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ته بوند سپ کي ۽ سپ
بوند کي سڃاتو. سسئي کي ڏسڻ کان پوءِ هن کي
پنهنجي اکين تي اعتبار نٿو اچي ۽ هن کي پڪ ڪا نه
ٿي پوي ته هوءَ سپنو آهي يا ساڀيان:
ڄڻ ته جڳن کان جيءَ ۾، آهين منهنجي تون،
توکي ئي هر هنڌ ۾، ڳوليو ٿي ڄڻ مون،
توسان مليس ڀون، ڀري ڀنئورن وانگيان.
سسئي هيءَ سڃاڻ، جڳ جگاندڙ ڳالهڙي،
جڙجي ويا جيءَ ۾، اکين جا اهڃاڻ،
پاڻ وڃائي پاڻ پاتم پنهنجو پاڻ کي.
ڇا هيءُ ڌوٻي گهاٽ، اڳ به مون آهي ڏٺو؟
ڇا ان منهنجي ڪيچ ۾، ڪئي ننڊ اچاٽ؟
ڇا هي پاڻيءَ پاٽ، وهيم روز وجود ۾؟
ڪيڏي پنهجائپ پوري هن ڀنڀور کي،
بوند سڃاتو سـِپ، سـِپ سڃاتو بوند کي.
اکين آءٌ نه وسهان، ڪيئن پوي هيءَ پڪ؟
مون توکي پاتو پرين، لنگهي آڏا لڪ،
سسئي ناهي سمڪ، تون سپنو يا ساڀيان؟
نوري ڄام تماچيءَ ۾ به ڄام نوريءَ جو خواب آهي.
هوءَ به سسئي وانگر ڄڻ پنهنجي پرينءَ کي وڃائي
ويٺي آهي ۽ وڇڙيل پرينءَ کي ٿي ڳولهي، ٻنهي جو
ميلاپ ائين اوچتو ناهي ٿيو. ڄام هن جي ساهه جو
سپنو هو ۽ ان سپني جي ساڀيان لاءِ هوءَ تارن ۾
تڪيندي ڪينجهر تي راتڙيون گذاريندي هئي:
اڳ ۾ ئي مون هيو، سما، تنهنجو، ساءُ،
تو سان منڌ ملاءِ، ائين نه آهي اوچتو.
ڪيڏيون ڪينجهر راتڙيون، تڪيندي تارا،
تولئه مون واجهائيو، ڄام، وجهي ڄارا،
ڪنهن ڄاتو، پيارا، تون هيئن ايندي اوچتو!
آيو، آيو، گندريون، متان نه وسـِهو،
ڪلهه جو منهنجي ساهه ۾، سمي جو سپنو،
اڄ ساڀيان آسو، اچو وار وڇائيو.
هن سر ۾ اياز محبت جو جسم لاءِ جسم جي طلب وارو
تصور پيش ڪيو آهي. پرينءَ لاءِ رڳو من نٿو واجهائي
پر سـَنڌ به پرين جي طلب ۾ موراکين وانگر ٿا تـڙڪن
۽ ڦـٿـڪن ۽ ميلاپ ۾ وجود ۾ وڍ ٿا پون:
جئن مون گندڻ وڍ َ، وڍ ِيـئه تئن وجود کي.
جيئن موراکيون مند تي، اڀري ٽپا ڏين،
توکي تئن سارين، ساجن منهنجا انگڙا.
ڀٽائيءَ جي سر سهڻيءَ جي سموري منظر نامي ۾ درياهه
دهشت سان ٿو وهي ۽ ڪنڌيون ٿو ڪيرائي. سير جو ڪو
سنڌو ڪونهي، ٻيڙا ٻار ۾ هيٺ تائين هليا ٿا وڃن پر
انهن جو پرزو به پڌرو نٿو ٿئي. درياهي درندا واڪا
ڪيو پيا ورن، ڪنن ۾ اهڙو جو قهر آهي جو و ِيل وري
ڪونه ٿا ورن درياهه جو اهو دهشتناڪ منظر ۽ سارو سر
تڏهن تمثيل جي صورت اختيار ڪري ٿو وڃي جڏهن سهڻيءَ
جا سڀ حيلا ۽ وسيلا ختم ٿا ٿين ۽ هوءَ ميهار جا سڏ
ٿي ٻڌي. اياز جي سر سهڻيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي محبت جي
وصل وارين ڪيفيتن جي چٽسالي ٿيل آهي-وصل ۾ حاصل
ٿيندڙ جسماني خوشي، جيڪا محبت ڪرڻ وارن کي روحاني
رفعتن سان همڪنار ٿي ڪري. اهڙيءَ طرح هي سر جسماني
تعلق جي روحاني تمثيل ٿي پيو آهي، جنهن ۾ جسم هڪ
ٻئي ۾ تخليل ٿي ”هر دوئي هيڪ“ ٿا ٿي وڃن. اوپرائي
۽ آشنائي اهڙي جو پرين هنج ۾ هوندي به ڄڻ ٻئي پار
آهي، پر پوءِ محبت جيءَ هن جنسار سان جوڙي ٿي ڇڏي
۽ پيار ڪرڻ وارو ڄڻ ته امرتا ٿو ماڻي:
پرين آ، ٻئي پار، توڙي منهنجيءَ هنج ۾،
اڃا مون کي اجنبي، لڳي ٿو ميهار،
ڌير نه توکان چئن نه تنهنجي اوڏڙو.
ڇا مون پنهنجو پاڻ ۾، توکي سڃاتو؟
منهنجو تو سان، سانورا، انهن ننهن ننهن جا ناتو،
مون توکي پاتو، يا مون پاتو پاڻ کي.
متان وهائين، اِتي اِمر ٿيءُ،
اڄ ساري سنسار سان، جڙيو منهنجو جيءُ،
ڌرتي ۽ آڪاس سان، هونئن نه ناتو هيءُ،
مون سان پوري پيءُ، هيءُ جا رس رهاڻ جي.
ڀٽائي: وصل جي رات جي پره نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي
آهي:
ڍول م کڻي ٻانهڙي، پرهه م کڻي پاند،
آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رائيان.
اياز وري وصل جي رات کان پره جي رسي وڃڻ جي ڳالهه
ٿو ڪري:
هيءَ ريساري رات، جهر جهر هوا جهنگ جي،
چڙا چنگ، ٻري هينئون، بيهي نه برسات.
پرين شل پرڀات، رسي وڃي رين سان.
اياز بنيادي طرح
Imagist
شاعر آهي. هو ڪنهن به ڪيفيت
کي بيان ڪرڻ لاءِ بيت جي منظر ۾ اهڙا عڪس ٿو ٺاهي،
جيڪي بيت ۾ بيان ڪيل ڪيفيت جذبي ۽ احساس جي تاثر
کي وڌائين ٿا. سهڻي ۽ ميهار جي ميلاپ واري ڪيفيت
جو اظهار هن ڪيئي عڪس ٺاهي ڪيو آهي. سهڻيءَ جا وار
ميهار جي ڇاتيءَ تي وڇايل آهن. اونداهي جهنگ مان
هوا جا گهوگهٽ پيا ٻڌجن ۽ ڪنڌيءَ تي باهه پئي ٻري،
بت تي هٿ ڦيرڻ سان لونءَ لونءَ مان لاٽ ٿي نڪري ۽
مٿان ماڪ ٿي وسي، جنهن سان لاٽ وڌيڪ جرڪي، باهه ۾
ڪاٺيون ٿيون ٽڙڪن ۽ وني پنهنجي اندر جي لهس کان
بيوس آهي، جيئن ٺڪر جي ڪوري ڪنگريءَ کي اماهبو
آهي، ائين سهڻيءَ جو ڪورو اندر اماهجي ويو آهي:
ڇاتيءَ تي ميهار، سهڻيءَ ڇڙيل وار،
جهر جهر هوا جهنگ، جي اوندهه انڌوڪار،
پسائي ٿي پيا، ڀر تي دکي باهڙي.
ڪنڌيءَ مٿان باهه ۾، ٽڙڪن ٿيون ٽاريون،
ميهر ڏٺيون منڌ جي، اکين ۾ آريون،
ونيون ويچاريون، اڄ نه پنهنجي وس ۾.
تو ڦيريندي هٿڙا، لنءُ لنءُ ڪڍي لاٽ،
جهوري وڌو جيءَ کي، منهنجي انگن آٽ،
مٿان وسي ماٽ، ڀور ڏٺو مون ڀاڪرين.
جئن ڪاڪوري ڪنگري، اها مهائي ڪوئي،
منهنجو من توئي، ميهر ايئن اماهيو،
ميهر تنهنجا هٿ، ڇڪن ساه سرير مان،
مون ۾ ڇيد ڇها سان، آڌيءَ رات اڪٿ،
ور ِهه انوکي وٿ، ڇهڻ سان جرڪي پوي.
جذبي جي اهڙي ولوڙ سان هن جو من اجرو ٿو ٿئي. جسم
جي اسراريت کان اڳتي هاڻي هن پار جي انڌوڪار جي
پراسراريت جا سڏ ٿا ٻڌجن:
سهڻيءَ سوچيو سير ۾، ڏسي انڌوڪار،
سهڻيون ڪيئي، مون بنا نه ميهار،
ڪاهي ٿو ڪنهن ڪن َ ۾، مون کي ڪارونڀار.
هاءِ، پراهون پار، جنهن ۾ چنگ ٻرن پيا.
اڳتي ڪيئن وڃان سهڻيءَ سوچيو سير ۾،
ڪيڏو ڏور اسرار کان، آهيان آءٌ اڃان،
گهڙو پنهنجي گهير تي، موٽي ڇو نه پڇان؟
هئه هئه ڪيئن مڃان، سڏ ٻرن ٿا ساهه ۾.
۽ پوءِ کيس وحدة الوجود واري اها ڪيفيت ٿي حاصل
ٿئي، جنهن کي ڀٽائيءَ ”هر دوئي هيڪ ٿي“ چيو آهي.
ميهر جي پيار جو منڊ هن کي پنهنجي پاڻ ڏانهن ڇڪي
پنهنجي پاڻ سان سندس سڃاڻپ ٿو ڪرائي:
مان ئي آهيان چنڊ، مان ئي پنهنجو پريتڻو،
ميهر، تنهنجو منڊ، مون کي مون ڏي ٿو ڇڪي.
ڪاري ڪارونڀار تي، چيهه ڪيو چهڪار،
سهڻيءَ سوچيو سير ۾، مان ئي هان ميهار،
مان پهچان پار کي، مان ئي پنهنجو پار،
مون سان پاڻ پرار، تري پيو تار ۾.
ڀٽائيءَ جي سر مومل راڻو جو ڪينواس تمام وسيع آهي.
ان ۾ ڪيئي عڪس آهن. ڪردار ۽ منظر آهن. جوڳيءَ جو
تذڪرو اهڙي ئي اعليٰ شاعراڻي انداز سان ڪيل آهي،
جهڙو مومل ۽ سندس ڀينرون جو ڀٽائيءَ جو هي پهريون
سر آهي، جنهن ۾ مرد جي واتان عورتن جو حسن بيان
ڪيل آهي، اهو حسن پسي مينڌرو ۽ سندس ساٿي
سربلنديون ٿا ماڻين ۽ ڪاڪ کي ڪن تي ڇڏي، پنهنجو
پاڻ کان به اڳتي هليا ٿا وڃن ۽ پوءِ ”ٿيو مڙيو ئي
مينڌرو“ واري ڪيفيت ٿي ٿي وڃي.
ڪاڪ ڇڏياؤن ڪنڊ تي، پاڻان ويا پئي،
لوڏيئڙين، لطيف چئي، سوڍو ڪيو سهي،
مومل ماڳ رهي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
راڻي جي فراق ۾ مومل جي بيتابيءَ ۽ بيچينيءَ جا
ڀٽائيءَ ڪيئي عڪس چٽيا آهن. ڪڏهن وٽ سوريندي تيل
ٻري ٿو وڃي ته ڪڏهن ڪتيون ڪر ٿيون موڙين ۽ پوءِ
مايوسيءَ جي اونداهيءَ مان اميد جا ڪرڻا ڦٽي پون.
مان سدائين چوندو آهيان ۽ ڪيترن هنڌن تي لکيو به
اٿم ته صوفي ۽ انقلابي ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا
آهن. صوفيءَ کي پڪ هوندي آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن هن
جو محبوب سان ميلو ٿيندو ۽ انقلابي به ان اميد ۾
جيئندو آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو دور ضرور ايندو،
جڏهن عام ماڻهوءَ کان کسيل سندس مان ۽ مرڪون کيس
موٽي ملندا. انڪري ڀٽائيءَ جي سر ۾ مايوسيءَ جي
اونداهيءَ رات ۾ راڻي جي رهاڻ مان آيل ساميءَ جي
چوڏهين مان چنڊ جهڙو منهن سهائي ٿو ڪري:
راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آديسي آيو،
چوڏهينءَ ماهه چنڊ جئن، ڪيو ساميءَ سهائو،
لٿو اونداهو، جوڳيءَ سنديءَ جوت سان.
اياز رڳو هڪ باب ۾ مومل جي وڇوڙي واري ڪيفيت بيان
ڪئي آهي. اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪو تمام وڏو شاعر ڪنهن
ڪيفيت ۽ صورتحال کي نهايت اعليٰ شاعراڻي انداز ۾
بيان ڪيو هجي ان ڪيفيت صورتحال کي بيان ڪرڻ ٻئي
شاعر لاءِ ڏاڍو ڏکيو مرحلو هوندو آهي ۽ هو پنهنجي
لهجي جي انفراديت قائم رکي نه سگهندو آهي. پر اياز
مومل جي وڇوڙي واري بيچيني بيان ڪندي پنهنجي لهجي
۽ انداز جي انفراديت قائم رکي آهي. مثال طور
اونداهه انڌوڪار۾ جڏهن آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل
آهي، تڏهن ان ڪاري منڊ ۾ هڪڙو تارو ائين ٿو جرڪي،
جيئن منڊيءَ ۾ ٽڪ! پر پوءِ اهو به جهڙ ۾ لڪي ٿو
وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ سڪ به سهمي ٿي وڃي ۽
مايوسيءَ ۾ ورتل دل ٿي چوي ته ”ڪو به نه ايندو ڪاڪ
تي:“
هو جا منڊيءَ ٽـِڪ، تارو ڪاري منڊ ۾،
تنهن به ڪئي آ اوچتو،لڳهه هيٺان لـِڪ،
سهمي ويندي سڪ، ڪوبه نه ايندو ڪاڪ تي.
ڪيڏي لمبي رات آ، ڪيڏو انڌوڪار،
ٽيڙوءَ ٽـِمڪو ناهه ڪو، اونداهه اهه اپار،
سامي سـِجّ-اڀار، ڪوبه نه ايندو ڪاڪ تي.
پر پوءِ مايوسي واري ان صورتحال مان اميد جا ڪرڻا
ڦٽي ٿا پون:
مومل ٻيهر ٻار، سارا ڏيئا ڪاڪ جا،
کيهه کٽن تان، ڪامڻي لاهي هنڌ اجار،
هئـِي هانءُ نه هار ِ، نيٺ ته ايندو مينڌرو.
پيڙا جي هر پور ۾، رچي ٿو راڻو،
سرجي سڀاڻو، سدا ڪاريءَ رات ۾.
ايندا ايندا ڪاپڙي، رتو روءُ نه تون،
ويهي واس چڳون، ٻيهر تيل ڦليل سان.
اياز جي سر ”موکي ۽ متارا“ جا بيت سندس پيئڻ ۽
جيئڻ“ حسن پرستي ۽ پيار واري محبت جي شاعراڻي
تشريح آهن. مٽ ۾ پيل مڌ جيئڻ جو جنسار ۽ سرو
سرجڻهار آهي. اکين تي مڌ جا کيپ ٿا چڙهن ته سارو
سنسار سونهن ڀريو ٿو ٿي وڃي، اونداهه انڌوڪار ۾
ڏيئا ٻري ٿا پون ۽ ماڻهوءَ جو پيار وارو پل ڄڻ
امرتا ٿو ماڻي:
مهڪي نڪتو مٽ مان، جيئڻ جو سنسار،
سرو سرجڻهار، لنءُ لنءُ ۾ لهڪڻ لڳو،
و ِه جي لونءَ لڙاٽ ۾، سونهن ڀريو سنسار،
ٽم ٽم، ٽم ٽم ڏيئڙا، سارو ڪارونڀار،
پل لئه ماڻهو پيار، امرتا اوڏو ٿيو.
موکي رڳو مئي فروش نه آهي پر پنهنجي پاڻ ۾ حسن ۽
جواني به آهي. موکيءَ جي وارن جي چڳ مڌ جي مٿان
لڙڪي ته ٻرندڙ مڌ وڌيڪ ٻري پيو. موکيءَ جا نيڻ مڌ
تي جهڪيا ۽ سندس منهن جو عڪس مڌ مان واجهائڻ لڳو
ته زندگيءَ جون سڀ شڪايتون ۽ ڪڙا ويڻ وسري ويا:
جان جو مٿان مڌ جي، لڙڪي موکيءَ لٽ،
وٽيءَ و ِه وترو ٻريو، گهٽڪيو اندر گهٽ،
ڳاري جنين ڳٽ،جرڪايائون جندڙيون.
جڏهن پهتا مڌ جي، مٿان موکيءَ نيڻ،
اسان سارا ويڻ وٺي و ِهه وساريا.
وهه مان واجهائڻ لڳو، جڏهن موکيءَ منهن،
سرتا، موکي سنهن، مون سڀ ويڻ وساريا.
اياز جي هن سر ۾ جيتوڻيڪ موج ۽ مستيءَ جي ڳالهه
ڪيل آهي ۽ سڌي سنئين معنيٰ کان مٿاهين علامتن واري
مٿڀري طرح ڪانهي پر ڪٿي ڪٿي ائين ٿو لڳي ڄڻ و ِه
مليل مڌ جي مستي ڪنهن آدرش کي ماڻڻ جي مستي آهي ۽
ان مڌ سان مرڻ موت کي بامعنيٰ ٿو بڻائي. ڪٿي وري
صوفياڻي محاوري ۾ وجود جي وڍن جي ڳالهه ڪيل آهي:
موت نه تن جي مات، پي جي و ِهه وهاٽيا،
چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ مان، سرو ساري رات،
وهاڻيءَ پرڀات، متارا مهڪي مئا.
ڪپي ڪپي انگڙا، سڄڻ سڄو ڪن،
اياڻا الجهن، ڏسي وڍ وجود جا.
سـِر جو ناهه سوال، جهي به بئا سي ملهيا،
سرو سڳنڌيو رهي، سدا لالئون لال،
متارن مثال، معنيٰ ڏيندو موت کي.
ڀٽائيءَ جي ”سر گهاتو “ ۾ سمنڊ، ڪن ۽ مانگر مڇ سڀ
ماڻهوءَ جي اندر ۾ آهن ۽ بُري تي بڇ ڪري اندر جي
ان مرونءَ کي مارڻ جي سمبالزم آهي، ان جي ڀيٽ ۾
اياز جو سر گهاتو سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي
صورتحال جو منظر نامو آهي. گهاتڪ ويري گهات ۾ ويٺو
آهي، ساري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ ۽ ساري ڀونءِ تي ويريءَ
جو ڀوائتو پاڇو پيل آهي:
اونو آڌيءَ رات، جهپ نه آ ڪنهن جيءَ کي،
سس پس ۾ ساڻيهه جي، بُرا، تنهنجي بات،
گهاتڪ تنهنجي گهات، دهڪو ساري ڏيهه ۾.
انگر اگهاڙا بارڙا، ڪنڌيءَ تي ڪنبن،
گهاتو گهر نه آئيا، وهون وايون ڪن ِ،
ڏيهه پيا ڏهڪن، مڙس پيا ڪنهن مامري.
بُک بيشڪ ته بڇرو ٽول آهي پر جيڪڏهن ڀونءِ ڀو ۾
ورتل آهي ته اها بک کان به وڌيڪ خراب آهي:
آهي برو بُک کان، پوءِ مٿان هي ڀئو،
ڍورن گهرجي ڍئو، ماڻهو ڳولهي ماڻهپو.
ڀونءَ کي ڀو کان آجي ڪرائڻ لاءِ هن ديس جا گهاتو
سدائين مانگر مڇن سان وڙهندا ۽ ساڻيهه لاءِ ساهه
ڏيندا رهيا آهن،انهن کي اڄ به ساهه ساري ٿو:
هو جي نديءَ نير، لائون ڏيندي لوڙهيا،
هو جي مئا مڇّ سان، وڙهندي منهنجا وير،
چـِت وجهي ٿي چيز، گهاتو تن جي ڳالهڙي.
اسان سان آهين. هو جي مئا ماڳ ۾،
تـِن کا گهاتو گهيڙ ۾، منان نه لاهين،
سدائين ڪاهين، تن کي ساري ڊونڊيون.
هو جي مئا ماڳ ۾، سي ڪئن وساريون؟
ساڳيا ٿيندا ڪينڪي، بندر بازاريون،
جن ۾ گذاريون، گهڙيون تن سان گهاتوئن.
انهن ساڻيهه تي ساهه ڏيڻ وارن گهاتوئن جي سار سان
نئين سگهه ٿي ملي ۽ ان نئين سگهه سان مانگر مڇ
سان وڙهڻو آهي. جيستائين سمنڊ جي اڇ مانگر مڇ جي
ڀو کان آجي نٿي ٿئي، تيستائين سک سان ناهي سمهڻو ۽
لهوءَ جو لهڻو آخر چڪائڻو آهي.
هو جي ماريا مڇ، تن جا ساهه سڏن پيا،
تون ۽ ڪوسي ڪڇّ َ، گهاتو، لڄّ َ ٻڏين نٿو؟
گهاتو، اچو گهيڙ تي، وهون وساري،
نـِنڊ به ڪهڙي نـِنـِڊ، موٽي آ، ڏر جيسين ڏاري،
ماريءَ کي ماري، موٽي سمهو سک سان.
جيسين آجي اڇّ َ ٿئي، سک نه آ رهڻو،
لهوءَ جو لهڻو، گهاتو، نيٺ چڪائبو.
مئي نانهه ميار، جاڙ نه سـَهه تون جيئري،
جان تون ساهه سرير ۾، ڪر ويريءَ تي وار،
تيسين ڪوهه قرار، جيسين جابُر جوءِ ۾. |