ساراهيان سنسار
هاڻي اسين اياز جي ان ڳالهه ڏانهن ٿا اچون ته جيڪڏهن سڀ مايا آهي ته پوءِ ڇا
ماڻهوءَ سان ٿيندڙ ظلم ۽ پورهيتن جو استحصال ڪندڙ
هي سماجي سرشتو به مايا ۽ نظر جو فريب آهي؟
ماڻهو ماڻهوءَ جو هزارين سالن کان استحصال ڪندو
رهيو آهي. سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيستائين
انسان شڪاري زندگي ٿي گذاري تيستائين هو ظلم کان
آجو ۽ آزاد هو. مشهور روسي انارڪسٽ
Kropotkin
جو نظريو هو ته تاريخي دور کان اڳ واري دور ۾
انساني سماج ۾ طبقا نه هئا ۽ سوسائٽي انساني
برادريءَ جي اصول تي قائم هئي. پر پوءِ جڏهن زرعي
انقلاب آيو، ماڻهوءَ هر هلائي ان اپايو ۽ درياهن
جي ڪنارن تي وسنديون قائم ڪيون، تڏهن هن ڪوٽ اڏيا
۽ هٿيار ۽ انهن هٿيارن سان ڌرتيءَ تي قبضو ڄمايو ۽
پاڻ کان هيڻن کي غلام ۽ عورتن کي پنهنجي مڏي
بڻايو. مشهور سوشل سائنسدان
Ancient Sociey Morgan. H. Lewis (1877) نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته
اوائلي سماجن ۾ ابتدائي ڪميونزم رائج هئي.سماج ۾
ڪي به طبقا نه هئا ۽ سوسائٽيءَ جي معاشي وسيلن تي
سڀني جو هڪ جهڙوحق هو. ڪنهن کي به ڪنهن تي برتري ۽
اختيار نه هو. ڪارل مارڪس مورگن جي تخليق تي نوٽس
تيار ڪيا، جن جي آڌار تي اينجلز مورگن جي تخليق جو
تجزيو ڪيو ۽ پنهنجي ڪتاب
Property and the state private,The origin of
family
۾ هن تاريخي ماديت سان ان جو تعلق ڏيکاريو. زراعت
واري دور ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ صورتحال لاءِ روسيو
لکيو:
”پهرين ماڻهوءَ جنهن زمين جي ٽڪري تي دائرو ڪڍي
چيو ته هيءَ زمين منهنجي آهي ۽ هن کي اهڙا ماڻهو
به ملي ويا جن مٿس ويساهه ڪيو، اهو ماڻهو صحيح
معنيٰ ۾ پهريون ماڻهو هو جنهن سول سوسائٽيءَ جو
بنياد وڌو. ماڻهو هونئن ته ڪيترن ڏوهن، خونن،
لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعن ۽ جنگين کان بچي وڃي
ها،جيڪڏهن ان وقت ڪو ماڻهو سندس حدبنديءَ لاءِ
کوڙيل ڪلا پٽي يا سندس کوٽيل کڏ ڀري، وڏي واڪي
پنهنجي ساٿين کي چوي ها ته هن هٿ ٺوڪئي کان خبردار
ٿيو. جيڪڏهن اوهان اها ڳالهه وساري ته هن ڌرتيءَ
جو ثمر اسان سڀني لاءِ آهي ۽ زمين ڪنهن جي به
ملڪيت نه آهي ته اوهين ختم ٿي ويندا.“
اهو استحصالي سرشتو جاگيرداراڻي نظام جي صورت ۾
ڏهه هزار سال هليو. ماڻهوءَ کي ان استحصالي نظام
مان نجات ۽ جاگيراداريءَ جي، چوپائي مال جهڙي
ملڪيت ٿي وڃڻ واري ذلت آميز سماجي حيثيت مان ڪڍي
کيس ماڻهپي واري مان ڏيڻ ڪيتريون ئي مذهبي ۽ غير
مذهبي تحريڪون هليون. ڪيترائي نبي سڳورا، اولياءَ،
رشي ۽ مني، سنت ۽ صوفي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪرڻ جي
تعليم ڏيندا ۽ ان تعليم تي عمل ڪرڻ لاءِ عملي
جدوجهد ڪندا رهيا. صوفي شاهه عنايت جو مثال اسان
جي سامهون آهي، پر ان ساري جدوجهد مان ڪجهه ڪو نه
وريو. تان جو ارڙهين صديءَ ۾
James Watt
نالي هڪڙي هنرمند ٻاڦ تي هلندڙ
انجڻ ايجاد ڪئي ۽ هڪ نئين انقلاب جي شروعات ٿي.
اهو صنعتي انقلاب هو. انقلاب سدائين اوچتا ايندا
آهن ۽ پر تشدد هوندا آهن پر هي انقلاب پرامن ۽
ايڏو ته ڊگهي عرصي تائين پکڙيل هو جو اڃا تائين
هلندو اچي ٿو. ان انقلاب سان ماڻهو، هاريءَ، رعيت
۽ مال ۽ مڏي هجڻ واري سماجي حالت مان نڪري، هڪ
نئين سماجي حالت ۾ آيو. هاڻي هو جاگيردار جي رعيت
نه پر ملڪ جو شهري هو ۽ رياست پاران کيس ڪي حق
مليل هئا. هن کي فرد واري حيثيت ۽ آزادي حاصل هئي.
صنعتي انقلاب ماڻهوءَ کي جاگيرداراڻي نظام مان
نجات ته ڏياري پر هڪ نئين غلاميءَ ۾ ڦاسايو. اها
غلامي پورهئي جي اجوري جي غلامي
Wage Slavery
هئي
Carl Barker نالي هڪڙي سوشل سائنسدان چيو آهي ته ١٩٣٠
واري ڏهاڪي ۾ انگلنڊ جي ڪپهه جي ڪارخانن جي مالڪن
کي مزدورن سان معاهدي ڪرڻ جي آزادي هئي پر
ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ واريون عورتون ۽ ٻار جيڪي اڻ
پوري خوراڪ جي ڪري هيڊا، پيلا ۽ نٻل هئا، انهن کي
ان معاهدي نه ڪرڻ جي آزادي نه هئي ڇاڪاڻ ته معاهدي
نه ڪرڻ جي صورت ۾ هو بک مرن ها.
جاگيرداراڻي دور ۾ زمين جي مالڪيءَ زميندارن کي
اختيار ڏنا ته هو پورهيتن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت ۽
ذاتي غلام سمجهن. سرمائيداري نظام ۾ سرمائي جي
مالڪيءَ سرمائيدارن کي پورهيتن جي استحصال جي
آزادي ۽ اختيار ڏنا. ان صورتحال ۾ ماڻهوءَ جي
آزاديءَ جو نئون تصور اڀريو ۽ ساڃهوند ماڻهن
ماڻهوءَ کي استحصال ۽ اجوري جي غلامي مان آزادي
ڏيارڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. ڪارل مارڪس ساري دنيا
کي ڌوڌنڌاڙي ڇڏيو. پورهيتن جي حاڪميت جو انقلاب
اڻٽر ٿي پيو. اهو تاريخ جو فيصلو ۽ ماڻهوءَ جو
مقدر هو. روس ۾ زار جو زوال آيو. چين آفيم جي
پڻڪين مان اک پٽي ڪر موڙيا ته استحصالي دنيا دهلجي
وئي. ڪوريا ۾ ڪوس ۽ ويٽنام واري جنگ سان ادب ۾ هڪ
نئون ورق وريو. رئيس زادن ۽ رئيس زادين جي جاءِ،
ڏتڙيل لتاڙيل ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻل هيروز ۽ ڪارين ڪوجهين
حقيقتن ۽ ڪوڙين هيروئنز والاري. ڪلاسيڪي ادب جي
نين معروضي ۽ زميني حقيقتن جي حوالي سان تشريح ڪئي
وئي. ڀٽائيءَ جي هن بيت جو ڄام، پنهنجي تاريخي ۽
عشقيه لوڪ داستان جي هيرو واري پس منظر مان نڪري،
انقلاب جي علامت ٿي پيو:
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جنهين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهج، اڀو ڪري ان سين.
ڌرتيءَ ڌڪاڻل عام ماڻهوءَ جي سماجي صورتحال کي
سامهون رکي اياز سوال اٿاريا ته هي جيڪي ڌرتيءَ جا
ڌاڙيل ۽ ڏيهه جا ڏاڍا ماڻهوءَ جي رت سان تيل، ڦليل
ٿا ڪن، بکايل ماءُ جي سڪل ڇاتين سان چنبڙيل ٻار،
بک جي ڪڙهه ۾ ڪاتي ۽ پنڊيءَ تي ماني، ڇا اهو سڀ
نانهن ۾ موجود نرگڻ جو کيل ۽ مايا ڄار آهي؟
ڇا هي ڏاڍا ڏيهه جا، ڌرتيءَ جا ڌاڙيل،
جيڪي ماڻهوءَ رت سان، ڪن ٿا تيل ڦليل،
سڀ انهيءَ جي کيل، هو جو نرگڻ نانهن ۾؟
هو بکايل ماءُ جي، ٿڻن مٿان ٻار،
ڇا هي ابهم ٻارڙو، آهي ميا ڄار،
انهيءَ کان انڪار، ڪيئن ڪيو تو، ڪاپڙي؟
ڇا ڪوڙي آ بک ۾، ڪڙهه اندر ڪاني،
ڇا هي مايا آهه، ڙي، پنڊيءَ تي ماني،
آهي ناداني، جهيڙو ان لئه جڳ ۾؟
غريبي گلزار؟ مينگها تنهنجي مت مئي،
ڏکن ڏڌي ڏيهه کان، آڌوتي، انڪار؟
ٻوڙو ٻجهڻهار، دانهن نه ٻڌي ديس جي.
اڙي او ويدانتي انهيءَ کان انڪار،
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مٿان هي جو اتياچار،
هي پڻ مايا ڄار، مون تي ڪڙا ڪوٽ جا؟
هاڻي اسين اياز جي ان ڳالهه ڏانهن ٿا اچون ته هيءَ
ڪائنات ۽ ان جي سونهن برهم جو پرتو يا اظهار ۽ روپ
نه آهي پر آدجگاد کان موجود مادي جو ڪرشمو آهي ۽
اياز پنهنجي ان نظرئي سان ساميءَ جي ويدانت ۽ مايا
کي رد ڪيو آهي.
ماديت واري نظريي مطابق مادو ازلي ۽ ابدي آهي.
مادو ازلي دائري ۾ گردش ڪندو ٿو رهي. ان دائري ۾
سڀ ساهوارا ڪيميائي ۽ غير ڪيميائي شيون گردش
ڪنديون ۽ تبديل ٿينديون رهن. مادو ارتقا جي ڪنهن
مقام تي پڄي شعور جي صورت ٿو اختيار ڪري. هن
ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ غير قانوني نه آهي. رڳو مادي
جي گردش ۽ مادي جي بدلجڻ وارو قانون غير قانوني
آهي. اها اڻويهين صديءَجي سائنسي سوچ هئي. پر اهڙي
سوچ قديم هندستان ۽ يونان ۾ به ملي ٿي. عيسوي سن
کان سوين سال اڳ هندستان ۾ ڪيترا رشي ۽ يونان ۾
ڪيترا فلاسافر پيدا ٿيا، جيڪي ماده پرست دهريا
هئا. هندو مت جي ڇوٽڪاري ڪپل وارن ڇهن متن مان
سانکيه مت سڀ کان پراڻو مت آهي. ان مت جو اڳواڻ
ڪپل نالي هڪڙو ديومالائي رشي مڃيو ويندو آهي. ڪپل
مادي کي ازلي ۽ ابدي سمجهندو هو. سندس چوڻ هو ته
هن ڪائنات کي ڪائنات کان ٻاهر واري ڪنهن طاقت نه
خلقيو آهي پر خود مادي ۾ اهڙي قوت آهي جنهن سان
مادو ارتقا جون منزلون طيءِ ڪندو، ڀڄندو، ڊهندو،
ٺهندو، هڪ صورت مان ٻيءَ وصرت ۾ ايندو ٿو رهي.
ماڻهوءَ جي ذهانت، خود آگاهي، حواس، ڪائنات جا
بنيادي عنصر، آسمان، زمين، روشني، هوا ۽ پاڻي مادي
جون ئي ارتقائي صورتون آهن.
گوتم ۽ مهاوير جي دور ۾ به ڪيترا ماده پرست فلاسفر
هئا، جن کي مهاوير ۽ گوتم چارواڪ يعني چالاڪ ۽
مڪار سڏيو. هنن کي لوڪايت يعني ماده پرست به سڏيو
ويو. انهن ماده پرست فلاسفرن چئني ويدن کي رد
ڪيو.چيائون ته اهي چارئي ويد پنڊيتن ماڻهن کي ڦرڻ
لاءِ لکيا آهن. ٻانڀڻن کي قربانيءَ واري ڀت جون
دعوتون کارائڻ جي رسم به پنڊتن ماڻهن کان ڏنڊ
اوڳاڙڻ لاءِ گهڙي آهي. علم حاصل ڪرڻ جو وسيلو حواس
آهن. حواسن کان سواءِ علم حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو
وسيلو ڪونهي. مادي کان سواءِ هر شيءِ غير حقيقي
آهي. انساني شعور به مادي جي ئي شڪل آهي. هيءَ
دنيا ۽ هيءَ زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي. ان کان اڳتي
ڪجهه ڪونهي، انڪري ماڻهوءَ کي گهرجي ته خوش رهي.
اها ڳالهه غلط آهي ته هر خوشيءَ جو انت ڏک آهي، پر
جيڪڏهن خوشي ماڻڻ لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ڏک سهڻو به
پوي ته سهڻ گهرجي ڇو جو خوشي نيڪي آهي. خوشيءَ سان
ڏک ائين آهي، جيئن مڇيءَ سان ڪنڊا. چارواڪن مان
هڪڙي ڏاهي جو شعر آهي:
ماڻهو جيترا ڏينهن جيئي، خوشيءَ سان جيئي،
قرض وٺي به گيهه پيئي،
ڇا ڪاڻ ته جڏهن جسم رک ٿي ويندو،
ته پوءِ اهو ٻيهر ڪيئن جيئرو ٿي سگهندو؟
مهاتما ٻڌ ۽ جين مت جي اڳواڻ مهاوير جيتوڻيڪ سندن
نظرين کي رد ڪيو، پر تنهن هوندي به هو سندن سوچ
کان گهڻو متاثر هئا. چارواڪن وانگر ٻڌ به ويدن کي
نه مڃيو، قربانيءَ جي دعوتن کي رد ڪيو ۽ موت کان
پوءِ واري حياتي ۽ آواگون کان انڪار ڪيو، انڪري
پنڊت چارواڪن، وانگر ٻڌ کي به دهريو چوندا هئا.
رامائڻ ۾ ٻڌ کي دهريو چيو ويو آهي.
چارواڪن جا ڪتاب ناپيد ٿي ويا آهن ۽ سندن نظرين جي
ڄاڻ سندن مخالفن جي ڪتابن مان ملي ٿي جن ۾ کين
ننديو ۽ چارواڪ سڏيو ويو آهي. ان وقت جا مذهبي
اڳواڻ، خود مهاتما ۽ مهاوير سندن عقيدن کان ڊنل
هئا جو سمجهيائون ٿي ته سندن منطقي دليل ۽ نظريا
سماج جا بنياد لوڏي ڇڏيندا. چارواڪن مان رڳو هڪڙي
ڏاهي جو ڪتاب هٿ آيو آهي، جنهن جو نالو جيراسي آهي
۽ سندس ڪتاب جو عنوان ”تت دوپا ٻلوا“ يعني مذهب
جي سچ کي ختم ڪندڙ شينهن آهي. ان ڪتاب ۾ هن مضبوط
دليلن سان پنهنجي دور جي مذهبن جي بنيادي تصورن کي
غلط ثابت ڪيو.
گوتم ۽ مهاوير جيتوڻيڪ ديوتائن کان انڪار نه ڪيو
پر هنن ديوتائن کي بيوس بڻائي ڇڏيو. ٻنهي جو چوڻ
هو ته هن ڪائنات جو ڪو خالق ڪونهي اها ازل کان آهي
۽ ابد تائين قائم رهندي. ان کي هلائڻ وارو ڪو
ڪونهي. اها پنهنجي فطري قانونن مطابق پئي هلي ۽ ان
۾ ڀڃ ڊاهه پئي ٿئي.
گوتم ۽ ٻڌ جي دور ۾ ئي گوسال نالي هڪڙو مذهبي ڏاهو
هو، جنهن اجيت نالي فرقي جو بنياد وڌو هو. هن جا
پوئلڳ ڏاس جو اڻيل کٿو پائيندا هئا. انڪري کين ڪيس
ڪمبلين چوندا هئا. گوسال ماه پرست ۽ موت کان پوءِ
جي زندگيءَ کي نه مڃيندو هو. چوندو هو ته ماڻهو
فطرت جي چئن بنيادي جزن باهه، پاڻي، مٽي ۽ هوا مان
ٺهيو آهي؛ ماڻهو جڏهن مري ٿو تڏهن چارئي جزا وکري
ٿا وڃن؛ چار ماڻهو سندس مڙهه کي ڪلهو ڏيئي مساڻ
ڏانهن کڻي ٿا وڃن؛ مساڻ تائين سندس باري ۾ ڳالهيون
ٿا ڪن ۽ مساڻ ۾ سڙڻ کان پوءِ سندس هڏا ڳيري جي
کنڀن واري رنگ (رک) جهڙا ٿي ٿا وڃن؛ جيڪي ماڻهو
مرڻ کانپوءِ فوتيءَ جي ڪنهن غير مادي شيءِ (آتما)
جي قائم رهڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن اهي ڪوڙا آهن جسم
جي مرڻ سان سڀ ماڻهو، ڏاها توڙي بخيل، زندگيءَ کان
ڇڄي ٿا وڃن. گوسال ڀڪشن جو ٽولو ٺاهيو ۽ انهن جا
جهنگ ۾ مٺ قائم ڪيا. ماده پرست هوندي به تياڳ جو
قائل هو. گوتم کيس ننديندو هو. چوندو هو هن جو
تياڳ اجايو ۽ بي مقصد آهي.
يونان جا ماده پرست فلاسفر به مادي کي ازلي ۽ ابدي
سمجهندا هئا. مادي شيون فنا ٿينديون رهن ٿيون پر
جن جزن مان اهي شيون ٺهن ٿيون اهي ڪڏهن به فنا نٿا
ٿين. انهن جزن جي ميلاپ سان نيون شيون وجود ۾ اچن
ٿيون ۽ وري جزن جي جدا ٿيڻ سان ختم ٿي ٿيون وڃن.
انهن کي
Atomist
چوندا آهن. انهن مان
Empedocles
نالي فلاسفر جو چوڻ هو ته مادي
۾ پنهنجي ليکي ڪنهن شيءِ جي صورت ۽ پوءِ ٻي صورت
اختيار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ قوت ڪانهي پر مادي کان
ٻاهر ڪا قوت آهي جيڪا مادي کي جدا جدا شڪليون
ڏيندي آهي. جهڙيءَ طرح مادي شين جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ٻه
متضاد عمل آهن. تيئن مادي کي ٺهڻ ۽ ڊاهڻ واري
ٻاهرين قوت به هڪ نه پر هڪ ٻئي کان جدا ۽ متضاد ٻه
قوتون هئڻ گهرجن. جن انهن متصاد قوتن کي محبت
(ڪشش) ۽ ڌڪار واريون قوتون چوندو هو. محبت واري
قوت مادي کي ڪنهن به شيءِ جي صورت ڏيندي آهي ۽
ڌڪار واري قوت ان کي ڊاهي منتشر ڪندي آهي.
ماديت جي ان نظريي کي مڃيندي اياز مايا ۽ ويدانت
کي رد ڪيو آهي. هي سنسار ۽ ان جي سونهن سچ آهي.
اهو ازل کان قائم آهي ۽ ابد تائين قائم رهندو. اهو
برهمانڊ بنان ڪنهن برهما جي جڙيو آهي. اهو برهمانڊ
ئي برهما آهي ۽ اي سامي، جي پرڄڻو اٿيئي ته ان
برهمانڊ کي نمسڪار چئه. هن سنسار ۾ روز جنسار مري
امر ٿيندو ٿو رهي. هي جنسار پاڻ ئي پاڻ مان جڙيو
آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجو شاهد آهي. جنسار جو کٽهار گل
الائجي ڪهڙي اسرار مان ٽڙيو آهي. شايد ته هي جنسار
پولار مان گل جيان کڙي پيو. ڪو ازلي ۽ ابدي سر
آهي، جيڪو بنان ڪنهن ڳائڻي جي گونجندو ٿو رهي:
ساراهيان سنسار، جو سچو آهي سونهن ۾،
جنهن جو انت نه آد آ، جنهن جو آر نه پار،
جنهن ۾ ٿو جنسار، مري روز امر ٿئي.
جڙيو هي جنسار، آهي پنهنجو پاڻ مان،
ڪهه ڄاڻان ڪنهن ڳجهه مان، کڙيو کٽڻهار،
پاڻ منجهان پولار، کڙيو ڪنول گل وانگيان.
ڪنهن به جوڙي جوڙ، آهي هن جنسار جي،
ڪنول پاڻ ٽڙي پيو، پهتو پنهنجي توڙ،
جر جي جيءَ ولوڙ، ڪهه ڄاڻان ڪهڙي هئي.
سامي هن سنسار جو، انوکو اسرار،
اهي پنهنجو پاڻ تي، ساکي سرجڻهار،
يعني نمسڪار، ڀورا، ڪربوهمانڊ کي،
برهما بن برهمانڊ کي، نوڙي سيس نواءِ،
۽ مانهوءَ جي پيار ۾، پنهنجي مڪتي پاءِ،
سڀ سان ڏک ورهاءِ، آجو ٿي انبوهه ۾.
سامي، هن سنسار جيئن، ناهي ڪو ستگر،
گائڪ بنان گونج ۾، آهي آدي سر،
ٻڌي تان، مڌر جهومي پئي جندڙي.
سپنا تنهنجا، سنڌڙي
اياز جي قومپرستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ اسان کي
ڏسڻ گهرجي ته قومپرستي ڇا آهي. قومپرستي ڪيئن ۽
ڪهڙين حالتن ۾ پيدا ٿيندي آهي، ۽ حب اولطني ۽
قومپرستيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. حب الوطني ماڻهوءَ جي
فطرت ۾ شامل آهي. ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن جاگرافيائي ۽
سماجي صورتحال ۾ جيئي ٿو. جاگرافيائي ماڳ، وڻ ٽڻ،
ڍنڍون، ڍورا، انساني لاڳاپا، ريتون رسمون، ڏند
ڪٿائون، لوڪ گيت ۽ داستان، پير فقير، قبرستان، اهي
سڀ هن جي وجود ۾ اڻيل هوندا آهن. مارئي جڏهن
پنهنجي حب الوطنيءَ جو اظهار ٿي ڪري، تڏهن مارن
سان گڏ هوءَٿر جي اڃ ۽ رڃ، ڀٽن، کوهن، کٿن، لوئين،
گگرن، گولاڙن، کارن کٻڙن، ڏٿ ۽ ساڳ سان به محبت جو
اظهار ٿي ڪري، صحرا مارن جو ستر آهي ۽ مارو پنهنجن
نياڻين کي ڏاج ۾ صحرا جي سچ ڳڻائيندا آهن:
ٿڌي وسائج ٿر جي، مٽي مئيءَ مٿان
گور منهنجي، سومرا، ڪج پنهنوارن پاس،
ڏيج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولين واس.
پنهوارن ِ پاٻوهيو، ڪي واهوندن وس،
و ِلين، وڻ ڦلاريا، لـلــرنڱيو لس،
آڻيو وجهن آهرين، سندا ٽوهن ٽس،
ميوا، مڃر، ماکيون، سڀ ڪا چکن چش،
قومپرستي به حب الوطنيءَ جي ٻي صورت آهي پر ان ۾
وطن جي محبت سان گڏ وطن لاءِ ڪو سياسي ۽ سماجي
مقصد ۽ پروگرام به هوندو آهي. قومپرست پنهنجي قوم
کي ٻين ذاتين، برادرين ايستائين جو ٻين سڀني
انسانن کان مٿاهون سمجهندا آهن. انڪري چيو ويندو
آهي ته قومپرستيءَ ۾ تنگدليءَ جو عنصر هوندو آهي،
جوش ۽ ولولو وڌيڪ هوندو آهي ۽ علم ۽ دانش واري
گهرائي گهٽ هوندي آهي. ڪن دانشورن جديد قومپرستيءَ
کي خالي ڪني سڏيو آهي جيڪا اڀامندي گهڻو آهي.
اها قومپرستي جديد دور جي پيداوار آهي. جنهن بيٺڪي
راڄ، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ صنعتي سرمائيداريءَ جي
ڪري قوميتن جي استحصال ۽ سندن ثقافت، ٻولي ۽ شناخت
لاءِ پيدا ٿيندڙ خطري مان جنم ورتو. انڪري
قومپرستيءَ جو بنياد، پنهنجي قوم سان محبت سان گڏ
استحصال ڪرڻ وارين قوتن لاءِ ڪاوڙ، ڌڪار ۽ چڙ به
هوندو آحي. قومپرست چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي سڃاڻ
رڳو ماڻهو هجڻ واري سندس
biological
حقيقت نه آهي پر جاگرافي،
تاريخ، ٻولي ثقافت، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ادب واري به
آهي. ڪنهن به جاگرافيائي علائقي سان ماڻهوءَ جو
تعلق سندس ٻولي، ثقافت، ڏند ڪٿائن ۽ تاريخ جي
حوالي سان هوندو آهي. جرمني جي سوشل سائنسدانن ان
کي
volksgeist
چيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
essntial spirit of particular people
يعني ڪن مخصوص ماڻهن جي بنيادي، امنگ،
قومپرستيءَ جا ٻه رخ مڃيا ويا آهن: هڪ سياسي ۽ ٻيو
ثقافتي، قومپرستيءَ جو سياسي رخ اهو حي ته ڪنهن به
خطي جي ماڻهن کي خودارديت جو حق (right of self determination)
حاصل هئڻ گهرجي ته جيئن هو
پنهنجي مقدر جو پاڻ فيصلو ڪن. ثقافتي رخ اهو آهي
ته سندن علائقي جون سرحدون ايتريون مضبوط هجن جو
هو ڌارين جي ثقافتي يلغار کان پاڻ بچائي سگهن.
مشهور آمريڪي شاعر Roberl Frost
چيو آهي ته
good fences make good neighbour
يعني گهرن جي چؤديواري مضبوط
هوندي آهي ته پاڙيسري به سٺا هوندا آهن.
Welsh
دانشورن قومپرستيءَ جي تشريح
ڪندي چيو ته، قومپرستيءَ جي معنيٰ آهي زبان ۽
ثقافت جو تحفظ، سياسي ۽ ثقافتي خود مختياري، سياسي
آزادي ۽ اتحاد، زبان قوميت جو بنياد آهي جو زبان
ماڻهوءَ کي سندس تاريخ، ثقافت ۽ ڌرتيءَ سان
ڳنڍيندي آهي. انڪري تاريخ جي اجتماعي شعور،
اجتماعي ثقافت، ڏند ڪٿائون، هڪ مذهب ماڻهو کي قوم
جي حيثيت ڏيندا آهن.
مان مٿي چئي آيو آهيان ته تاريخي لحاظ کان
قومپرستي جديد دور جي پيداوار آهي. جنهن معنيٰ ۾
اڄڪلهه قوم
Nation
اکر استعمال ٿو ٿئي آڳاٽي
زماني ۾ ان معنيٰ ۾ استعمال نه ٿيندو هو پر ڪنهن
قبيلي ۽ ڪنهن برادريءَ لاءِ استعمال ٿيندو هو.
اطالوي زبان ۾
Nationem
قبيلي ۽ ذات کي چوندا آهن. اسان وٽ
قوم لفظ قبيلي ۽ ذات لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
انگلينڊ ۾ ڪنهن، خاندان کي به
Nation
چوندا هئا. انگلينڊ ۾ شاهي
خاندان کي
Royal Nation
چيو ويندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي اهو اکر ڪنهن به لساني،
ثقافتي ۽ تاريخي وحدت وارن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيڻ
لڳو. پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ١٩٢٠ ۾
Leauge of Nation
جو پايو وجهڻ لاءِ ٻائيتاليهه
ملڪ گڏ ٿيا ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي ۽ قوميت کي
ئي رياست جو بنياد تصور ڪيو ويو. اهريءَ طرح وچ
يورپ ۽ اوڀر يورپ جي وڏن ملڪن جي ٽٽڻ سان ننڍيون
ننڍيون قومي رياستون وجود ۾ آيون. ڪن تاريخ نويسن
جهڙوڪ
carton Hayes
(نيويارڪ ١٩٣١) ۽
Hans kohan
(نيويارڪ ١٩٤٤) جو چوڻ هو ته
قومپرستي ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وجود ۾ آئي.
نشاة الثانيه (Renaissance)جي
ڪري نئين سوچ پيدا ٿي. سياست ۽ مذهب هڪ ٻئي کان
ڌار ٿيا. فرانس ۽ آمريڪا جي انقلابن کان پوءِ
آزادي، فرديت ۽ شهريت جا نوان تصور اڀريا جن سان
ماڻهن ۾ علائقي“ ٻولي ثقافت، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي
حوالي سان نئون شعور پيدا ٿيو. ٻي عالمي جنگ کان
پوءِ قومپرستيءَ کي وڏو ڌڪ رسيو. جرمنيءَ ۾
قومپرستيءَ فاشزم، نازي ازم ۽ سامي نسل کان نفرت
Anti-Semitic
جي صورت اختيار ڪئي.
قومپرستيءَکي ٻيو ڌڪ ڪميونزم جي ڪري رسيو جو
ڪميونزم قومپرستيءَ جي خلاف ۽ بين الاقواميت وارو
نظريو آهي. |