سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب6/7

صفحو : 8

باب ستون

 

هائونسلو

Hounslow

چوٿين حصارز رجمينٽ 1896ع جي بهار جي موسم ۾ هائونسلو ۽ هيمپٽن ڪورٽ ڏانهن مارچ ڪيو جيئن سرء ۾ انڊيا ڏانهن سفر لاءِ تياري ڪري سگهي. هائونسلو ۾ اسان پنهنجا گهوڙا ٻي رجمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح هر قسم جي ڪيولري ٽريننگ پڄاڻي تي پهچي وئي. اها رجمنيٽ ٻارنهن يا چوڏهن سال مشرق جي ملڪن ۾ رهڻي هئي تنهنڪري آفيسرن کي پنهنجا مسئلا نبيرڻ لاءِ پوري پوري موڪل ۽ سهوليتون ڏنيون ويون. اسان پنهنجا گهوڙا ٻي رجمينٽ جي حوالي ڪرڻ کان اڳ Hounslow Heath تي فائنل پريڊ ڪئي. هاڻي ڪرنل بريبازون جي ڪمانڊ جو مدو به پورو ٿي رهيو هو. انهيءَ موقعي هن مختصر سپاهيانه تقرير ڪري رجمينٽ کان موڪلايو. سندس تقرير جي خصوصيت تمام چونڊ جملا هئا.

تڏهن مون اهو ڇهن مهينن جو عرصو تمام وڻندڙ نموني گذاريو. حقيقت ۾ مونکي پنهنجي زندگيءَ ۾ تقريباً اهو ئي واندڪائي ۽ بي فڪريءَ جو دور مليو آهي. تڏهن ئي آءُ پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر ۾ وقت گذاري سگهيس. آءُ هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا انڊر گرائونڊ ريل ذريعي هائونسلر بيرڪس ويندو هوس. اسين (هرلنگهام) ۾ ريني لي (Ranelagh) تي پولو کيڏندا هئاسين. روهيمپٽن گرائونڊ تڏهن اڃا وجود ۾ نه آيو هو. تڏهن مون وٽ پنج سٺا گهوڙا هوندا هئا ۽ ماڻهو مون ۾ سٺن نتيجن جي اميد رکيون ويٺا هئا. آءُ لنڊن شهر جي تفريحن ۽ وندر ورونهه ۾ مگن ٿي ويس. انهن ڏينهن ۾ انگريزي سماج اڃان پنهنجي پراڻي وضع ۾ موجود هو. اهو ڏاڍو سٺو ۽ سگهارو ادارو هو جنهن کي پنهنجا اٿي ويٺي جا معيار ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ جا پنهنجا طريقا هوندا هئا. اهي هاڻي بلڪل ميسارجي ويا آهن. ماڻهو وڏي پيماني تي هڪٻئي کان واقف هوندا هئا ته هو ڪير آهي ۽ ڇا ڪندو آهي. انگلينڊ تي نسلن کان حڪومت ڪندڙ ان کي پنهنجي شان و شوڪت جي عروج تي پهچندي ڏسندڙ ٻه ٽي سو ڪٽنب شادين ذريعي تمام وڏي حد تائين هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا هئا. ماڻهوء کي هر جاءِ تي دوست ۽ مٽ مائٽ ملي ويندا هئا. اڪثر حالتن ۾ ائين ٿيندو هو ته اعليٰ طبقي جا سر ڪردا ماڻهو پارليامينٽ ۾ سياست ڪندي به نظر ايندا هئا ته پولو گرائونڊ تي مک رانديگر به اهي ئي هوندا هئا. لارڊ سالسبري هميشه انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو خيال رکندو هو ته نيو مارڪيٽ ۾ گهوڙن جي ريس ٿيڻ وقت ڪابينه جو اجلاس نه گهرائيندو هو ۽ هائوس آف ڪامنز به ڊربي هلندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيندو هو.

انهن ڏينهن ۾ لينسڊائون هائوس، ڊيوون شائير هائوس، يا اسٽريفورڊ هائوس ۾ ٿيندڙ جڳ مڳ ڪندڙ پارٽين ۾ پارليامينٽ جي هلي چلي، آرمي ۽ نيوي جي اعليٰ عهدن ۽ رياست جي پاليسي سان تعلق رکندڙ سماجي حلقي جا سڀ عنصر موجود هوندا هئا. هاڻي لينسڊائون هائوس ۽ ڊيوون شائير هائوس جي جاءِ تي هوٽل، فليٽ ريسٽارينٽ ٺهي ويا آهن ۽ اسٽريفورڊ هائوس دنيا ۾ موجود سڀ کان بدصورت ۽ واهيات عجائب گهر ٿي ويو آهي جنهن جي رنگ لٿيل ڪمرن مان سوشلسٽ حڪومت ڏاڍي بي دلي سان عوامي مهمان نوازيءَ جو فريضو سرانجام ڏئي ٿي.

پر 1896ع ۾ لنڊن تي اڃان اهڙو ڪو به پاڇو نه پيو هو. سڀني جي ذهنن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ ڊائمنڊ جوبلي جي سوچ هئي. آءُ هڪ دلچسپ سنگت ۽ منظر مان اٿي ٻئي ۾ وڃي ويهندو هوس ۽ آچرن جا ڏينهن انهن سهڻين جاين ۽ محلاتن ۾ گذاريندو هوس جيڪي انهيءَ وقت پنهنجن اصلي مالڪن جي ذريعي برطانيه جي ڊگهي فاتحانه تاريخ سان ڳنڍيل هيون. مونکي خوشي آهي ته مون ڀلي ڪجهه مهينن لاءِ ئي صحيح پر اها منظر تان غائب ٿي ويل دنيا ڏٺي آهي. منهنجي ذهن جي اک ۾ 1897ع ۾ ٿيل ڊچيز آف ڊيوون شائير واري Fancy Dress Ball جو منظر محفوظ آهي. انهيءَ ۾ اهڙن منظرن کي اسٽيج تي آندو ويو هو جن کي ڊزرائيلي پنهنجن ناولن ۾ تفصيل سان بيان ڪيو. انهيءَ ڊريس بال سندس هڪ تمام مشهور بيان کي ته اهڙي طرح سچي پچي زنده ڪري ڏيکاريو جو گرين پارڪ جي ٻاهران اونهاري جي رات ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو هو جيڪي مهمانن کي ايندي ويندي ڏسڻ ۽ ميوزڪ ٻڌڻ سان گڏوگڏ شايد انهيءَ لاءِ به آيا هئا ته انهن ڏينهن ۾ حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ موجود فاصلي بابت غور و فڪر ڪري سگهن.

ايم پال ڪيمبن (M. Paul Cambon)، 1920ع ۾ جڏهن سينٽ جيمز جي درٻار ۾ پنهنجو يادگار رهندڙ سفارتڪاريءَ جو دور پورو ڪيو ته وڏي مهرباني ڪري منهنجي گهر ماني کائڻ آيو هو. تڏهن گفتگو دوران ڳالهين جو رُخ صديءَ جي شروعات کان وٺي انهيءَ وقت تائين دنيا پاران طي ڪيل فاصلي ۽ انهن تمام وڏن واقعن ڏانهن ٿي ويو جن مان اسين گذريا هئاسون. انهيءَ پيرسن سفير چيو ته: ”مون جيڪي ويهه ورهيه هتي گذاريا آهن انهي دوران مون هڪ اهڙو انگريزي انقلاب برپا ٿيندي ڏٺو آهي جيڪو فرينچ انقلاب کان وڌيڪ اونهو ۽ وڌيڪ دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙيندڙ هو. حڪمران طبقي کي تقريباً مڪمل طور سياسي طاقت کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اهي پنهنجين ملڪيتن ۽ جاگيرن کان به وڏي حد تائين محروم ڪيا ويا آهن. اهو ڪم بلڪل اڻ لکي نموني ۽ هڪ به ماڻهو قتل ڪرڻ کان سواءِ سر انجام ڏنو ويو آهي.“ منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي.

*      *      *      *      *

منهنجي چاچي اٺين ڊيوڪ آف مارلبورو جي بيوه لليان (Lilian) آمريڪي نيويءَ جي هڪ ڪموڊرو جي ڌي هئي ۽ اڳئين مڙس وٽان ڏاڍي دولت ملي هئس. انهيءَ هاڻي لارڊ وليم بيريس فورڊ (William Beresford) سان ٽئين شادي ڪئي هئي. هو لارڊ واٽرفورڊ جي ٽنهي ڀائرن مان سڀ کان ننڍو هو. اهي سڀئي ڀائر ڏاڍا مشهور معروف ماڻهو هئا. انهن مان سڀ کان وڏو چارلي مشهور ايڊمرل هو. ٻئين مارڪوس (Marcus) اعليٰ طبقن ۽ پولو گرائونڊ ۾ وڏو مقام پيدا ڪيو ۽ بل (Bill) نالي ٽئين ڀاءُ جيڪو فوج ۾ هو  تنهن زولولينڊ ۾ وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو. منهنجو سموري زندگي انهن جي مرڻ تائين انهن سان مکا ميلو ٿيندو رهيو.

لارڊ وليم ۽ لليان چڱي پڪي عمر ۾ شادي ڪئي پر انهن جو ساٿ ڏاڍو خوش ۽ خوشحال گذريو ۽ اهي اولادي به ٿيا. اهي ڊورڪنگ جي ويجهو ڊيپ ڊين جي علائقي ۾ وڃي رهيا ۽ مون کي چئي ڇڏيو هئائون ته آءُ انهن سان ميل ملاقات ڪندو رهان. مونکي انهن ڀائرن مان بل بيريسٽ فورڊ ڏاڍو وڻندو هو. ڪيولري سبالٽرن جي دل کي موهيندڙ هر ڪا خاصيت هن ۾ موجود هئي. هو جهانديدو ماڻهو ۽ ڪلبن ۽ اعليٰ طبقي جي هر انداز کان واقف هو. هو هڪٻئي پٺيان انڊيا جو وائسراءِ رهندڙ لارڊ ڊفرن ۽ لارڊ لينسڊائون جو سالن جا سال ملٽري سيڪريٽري ٿي رهيو. هو هڪ وڏو اسپورٽس مين هو جنهن پنهنجي سموري زندگي گهوڙن جي مقابلن ۾ گذاري هئي. پولو، گهوڙن جي ريس، گهوڙي تي ويهي جهنگلي سوئر جو شڪار ۽ بندوق سان وڏن جانورن جو شڪار سندس مشغوليتن جو اهم حصو هوندا هئا. ٻارهين لانسرز ۾ نوجوان آفيسر هوندي هن نائيٽس برج ۾ بلوز ميس مان ڊنر کان پوءِ هائونسلر ۾ ڪيولري بيرڪس ۾ وڃي اتي ڏهين حصارز پاران رکيل هڪ ڳورپٽ پڪڙي ٿيلهيءَ ۾ وجهي اهو ڪلهي تي کڻي تمام ٿوري وقت ۾ واپس نائيٽس برج پهچي هڪ وڏي شرط کٽي هئي. راند يا راند بابت جُوا جو اهڙو ڪو به اسم نه هو جنهن جو هن سواد نه ورتو هو. هن بابت آخري ڳالهه ته هو هڪ اهڙو آفيسر هو جنهن ٽن يا چئن جنگين ۾ فرض سرانجام ڏنا هئا ۽ پنهنجي هڪ ساٿي کي تمام ڏکين حالتن ۾ زولن (Zulus) جي ڀالن ۽ گولين مان بچايو هئائين. عوامي معاملن بابت سندس راين تي هلڪو سرڪاري رنگ چڙهيل هوندو هو پر اهي ڏاڍا قابل عمل هوندا هئا. عام هلت چلت ۽ پُر تڪلف آداب اخلاق بابت ته سندس راءِ کي ڪيترا ماڻهو بلڪل حتمي ۽ فيصلائتو سمجهندا هئا.

اهڙي شان شوڪت رکندڙ ۽ پُر آسائش ڊيپ ڊين ڏانهن منهنجي گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. بل جون ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ٻڌي يا پنهنجي ڏاهپ هن ڏانهن منتقل ڪندي آءُ ڪڏهن نه ٿڪبو هوس. مونکي سندس اها دعويٰ هر وقت ياد رهندي آهي ته مُهذب ملڪن جي وچ ۾ هاڻي ڪڏهن به ڪا جنگ نه لڳندي. هو چوندو هو ته مون ڪيترائي دفعا ملڪن کي بلڪل ڪناري تي ايندي ڏٺو آهي پر سدائين اهڙي ڪا نه ڪا شي واضح ٿي ويندي آهي جيڪا انهن کي جنگ کان روڪي وٺندي آهي. هو چوندو هو ته هاڻي دنيا ۾ تمام گهڻي سٺي سوچ موجود آهي ۽ انهيءَ جي موجودگي ۾ اها بڇڙي ۽ خطرناڪ شي دنيا جي مهذب ملڪن ۾ پکڙجي نه سگهندي. آءُ انهيءَ راءِ کي حتمي طور ته قبول نه ڪندو هوس پر انهيءَ ۾ مونکي ڪجهه وزن لڳندو هو جو ٽي يا چار دفعا جڏهن ماحول جنگ جي افواهن سان ڀرجي ويو ته مون اها ڳالهه ذهن ۾ آڻي پاڻ کي اطمينان ڏياريو ۽ ٽي يا چار دفعا انهيءَ راءِ کي سچو ثابت ٿيندي ڏٺو. اها راءِ وڪٽوريائي دور ۾ گذاريل زندگيءَ جو فطري عڪس هئي. پر هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن دنيا ايترن اونهن پاڻين ۾ لهي وئي جن ۾ لارڊ وليم بيريسٽ فورڊ يا سندس همعصر لٿا ئي نه هئا.

ڊيپ ڊين ۾ ئي سن 1896ع ۾ منهنجي سربنڊن بلڊ سان پهريون دفعو ملاقات ٿي. هيءَ جنرل هندستاني سرحد جو هڪ تمام معتبر ۽ تجربيڪار ڪمانڊر هو ۽ منهنجي ميزبان جو سڄي عمر دوست رهيو هو. هو 1895ع جي سرءُ جي مند ۾ مالاڪنڊ پاس تي پنهنجي ڪامياب حملي کان پوءِ تازو ئي پنهنجي وطن آيو هو. کيس پڪ هئي ته جيڪڏهن اڳتي هلي هندستاني سرحد تي ڪا مشڪلات پيش آئي ته اعليٰ ڪمانڊ کيس ئي سونپي ويندي. معنيٰ ته مستقبل  جي خوشين جون ڪنجيون هن وٽ هيون. مون هن سان دوستاڻو تعلق قائم ڪري ورتو. هڪ آچر جي صبح جو ڊيپ ڊين جي روشن ۽ چمڪدار لان تي مون جنرل کان اهو واعدو وٺي ڇڏيو ته هندستاني سرحد تي هن کي وري جڏهن به ٻي ڪنهن مهم جي ڪمانڊ ملندي ته هو مونکي پاڻ سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏيندو.

آءُ ڊيپ ڊين تي هڪ پريشان ڪُن تجربي مان به گذريس. اتي هڪ دفعو پرنس آف ويلز جي اعزاز ۾ هڪ پارٽي رکي وئي ۽ مون کي پڻ انهيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ملي جيڪا ڪنهن سيڪنڊ ليفٽيننٽ لاءِ هڪ وڏو اعزاز هئي. ڪرنل بريبازون به مهمانن ۾ شامل هو. مونکي خبر هئي ته مونکي انهيءَ موقعي تي تمام بهترين اخلاق جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ وقت جي پابندي ڪندس ۽ ادب آداب ۽ چپ چپات ۾ رهندس. مختصر طور چئجي ته انهن سڀني خاصيتن جو مظاهرو ڪندس جيڪي مونکي قدرت طرفان گهٽ ۾ گهٽ عطا ٿيون آهن. مون کي ڊورڪنگ لاءِ ڇهين وڳي واري ٽرين وٺڻ گهربي هئي پر مون سوا ستين وڳي واريءَ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. بهرحال ايستائين سڀ ڪم بهترين انداز ۾ ٿيندو رهيو پر سفر جو اڌ حصو پورو ٿيڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته آءُ ڊنر تي پڪ دير سان پهچندس. ريل 8:18 تي اسٽيشن تي پهچڻي هئي ۽ اسٽيشن کان ڊيپ ڊين تائين ڏهن منٽن جو گاڏيءَ جو پنڌ هو تنهنڪري گاڏي هلندي اسٽيشن جي وچ ۾ ڪپڙا مٽائڻ شروع ڪيا. انهيءَ تي مون سان گڏ سفر ڪندڙ معززن کي اُلڪو ٿيو هوندو پر مون انهيءَ جو ڪو به خيال نه ڪيو. ريل گاڏي به تمام آهستي پئي هلي. وري هر اسٽيشن تي اسٽاپ به ڪيائين ٿي. آءُ ڊورڪنگ پهتس ته نَونَ ۾ ويهه منٽ هئا. آءُ لُوهه پائي گاڏي مان لٿس ته مونکي وٺڻ لاءِ آيل نوڪر کي پليٽفارم تي پريشان بيٺل ڏٺم. آءُ ٽپ ڏئي گهوڙي گاڏيءَ ۾ ويٺس ۽ جنهن رفتار سان گهوڙا گهلجندا پئي هليا انهيءَ مان مون محسوس ڪري ورتو ته منهنجي منزل تي هڪ شديد بحران منهنجي انتظار ۾ هوندو. بهرحال مون دل ۾ سوچيو ته آءُ ڪنهن ڪنڊ پاسي مان اچي ٽيبل تي ويهي رهندس ۽ ڪنهن جو به مون ڏانهن ڌيان ئي نه ويندو ۽ پوءِ معافي تلافي ڪري ڇڏيندس.

آءُ ڊيپ ڊين پهتس ته سڀ ماڻهو ڊرائنگ روم ۾ گڏ ٿيا ويٺا هئا. پارٽيءَ ۾ مون کان سواءِ ڪُل تيرنهن ماڻهو هئا. اها ته سڀني کي خبر آهي ته انهن ڏينهن جي رائل فيملي تيرنهن ڄڻن سان ويهي ڊنر ڪرڻ جي ڪيترو خلاف هئي. پرنس ته اهڙي صورتحال ۾ اندر وڃڻ کان ئي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ٻن ٽيبلن تي رکيل ڪرسين ۾ ردوبدل جي به اجازت نه ٿي ڏنائين. هو پنهنجي روايت مطابق پوري ساڍي اٺين وڳي پهچي ويو هو. هاڻي نون ۾ ٻارنهن منٽ هئا. هاڻي انهيءَ ايتري وڏي ڪمري ۾ هڪ طرف اهي چونڊ ۽ معزز ماڻهو تمام خراب موڊ ۾ بيٺا هئا ۽ ٻئي طرف آءُ هڪ نوجوان ڇوڪرو هئس جنهن کي خاص مهرباني طور انهيءَ پارٽيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي. پر مون وٽ هڪ تمام سٺي وضاحت ته موجود هئي. عجيب اتفاق آهي ته اها وضاحت مون کي انهيءَ کان پوءِ به ڪيترا دفعا ڪم آڻڻي پئي آهي. آءُ صحيح وقت تي گهران نه نڪتو هوس! تنهنڪري مون اها وضاحت ڪم نه آندي. معافي جا هڪ ٻه لفظ هٻڪندي هٻڪندي وات مان ڪڍيا ۽ پرنس کي آداب ڪرڻ لاءِ وڌي ويس. ”ونسٽن! توکي پنهنجي رجمينٽ وارن وقت جي پابندي ڪرڻ نه سيکاري آهي ڇا؟“ پرنس پنهنجي تمام سخت لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ تيز نظرن سان ڪرنل بريبازون ڏانهن نهاريائين. جنهن وري غضبناڪ نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو. اهو ڏاڍو ڏکيو لمحو هو! اسين ٻه ٻه ڄڻا ٿي ڊنر ٽيبل ڏانهن وڌياسين ۽ پورا چوڏنهن ڄڻا ٿي ويٺاسين. پرنس فطري طور ڏاڍو مهربان ماڻهو هو تنهن لڳ ڀڳ پندرنهن منٽن کان پوءِ مون سان ڳالهائي ۽ ڪا هلڪي ڦلڪي مذاق جهڙي ڳالهه ڪري مون کي سامت ۾ آندو.

منهنجي اها سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته وقت جي پابندي نه ڪرڻ هڪ تمام بڇڙي عادت آهي ۽ مون پنهنجي سموري زندگي پاڻ کي انهيءَ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪجهه سال پوءِ مسٽر ويلڊن انهي موضوع تي مون سان ڳالهائيندي چيو هو ته: ”مون کي انهن ماڻهن جي سوچ ڪڏهن به سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي جيڪي سمورو ڏينهن هر ملاقات لاءِ ڏهه ڏهه منٽ دير ڪندا آهن.“ آءُ انهيءَ ڳالهه سان بلڪل متفق آهيا. سڌو سنئون طريقو اهو آهي ته ٽائيم ٽيبل مان هڪ يا ٻه ملاقاتون ئي ماڳهين ڪڍي ڇڏجن ۽ دير جو پورائو ڪري وٺجي. پر سوچ جي اهڙي پختگي تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندي آهي ماڻهن سان ڀريل ملاقاتين جي ڪمري ۾ نَو ملاقاتي پنهنجي پنهنجي واريءَ تي ڏهن ڏهن منٽن لاءِ ويٺا خفي ۽ پريشان ٿين انهيءَ کان بهتر آهي ته هڪ معزز کي در وٽان ئي بحثا بحثي ڪندي موٽائي ڇڏجي.

****

ڊسمبر 1895ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو جنهن کي آءٌ جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي نقشي تي نظر وجهي ڏسان ٿو ته اهو مونکي خرابيءَ جو هڪ سرچشمو نظر اچي ٿو. گذريل اونهاري ۾ لارڊ سالسبري ڪنزرويٽو پارٽي جي 150 ووٽن جي اڪثريت سان حڪومت ۾ آيو هو ۽ بلڪل پُرسڪون دور حڪومت لاءِ تيار ويٺو هو. هن لاءِ Septennial Act ڪا ٿوري گهڻي رڪاوٽ پيدا ڪري ها. هن پنهنجي سامهون اهو مقصد رکيو هو ته هو سوڊان ۾ مسٽر گليڊ اسٽون جي بيعزتيءَ جو داغ ڌوئي صاف ڪندو. انهيءَ بيعزتي جو ڪارڻ هڪ ته جنرل گورڊون جو قتل ۽ ٻيو ته مجوبا هِل[1] (Majuba Hill) تي اسان جي شڪست کان پوءِ هن پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ هو. هن انهن ٻنهي مقصدن جي حاصلات لاءِ آهستي آهستي پختا قدم رکندي ۽ تمام احتياط سان ڪم شروع ڪيو. هن ڏاڍي احتياط سان يورپ ۾ امن جي فضا قائم ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به هر ڳالهه کي ٿڌو ۽ ماٺو رکندو آيو. جڏهن ڏور اوڀر ۾ روس جي توسيع پسندي برطانوي مفادن ۽ جاپان جي زندگيءَ لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ لڳي ته هن پسپائي اختيار ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو. روسين برطانيه جي چانئا فليٽ کي پورٽ آرٿر مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ته به هو ماٺ رهيو. انهن ڏينهن جي لبرل مخالف ڌر سندس بي حوصلگيءَ تي جيڪي چوٽون ۽ چٿرون ڪيون اهي به هو سهندو رهيو. آمريڪا مان جڏهن وينيزولا بابت اولني نوٽ (Olney Note)،-حقيقت ۾ الٽيميٽم- آيو ته به هن اهڙو جواب موڪليو جنهن سان ڪاوڙ گهٽ ٿئي. هن پنهنجن مقصدن کي برطانوي سلطنت تائين محدود رکيو ۽ سوڊان ۽ ٽرانسوال لاءِ ميدان صاف رکندو آيو.

انهيءَ آخري ميدان ۾ مسٽر چيمبرلين به سرگرمي ڏيکاري رهيو هو. عظيم جو (Joe) لارڊ سالسبري کي 1886ع کان 1892ع تائين اقتدار ۾ رکڻ کان پوءِ 1895ع ۾ لبرل پارٽيءَ جو مختصر دور حڪومت ختم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن آخرڪار لارڊ سالسبري جي نئين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وڪٽوريائي دور جي اڌ تائين به غير اهم سمجهي ويندڙ ڪالونيل آفيس[2] سندس هٿن ۾ اچي قومي پاليسي جو اهم تخليقي اوزار بڻجي وئي. لارڊ سالسبري خرطوم جي خليفي ۽ پريٽوريا جي صدر ڪروگر (Kruger) سان حساب برابر ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سوچي سمجهي قدم کڻندو پئي ويو ته کيس ڏکڻ آفريقي معاملي ۾ برمنگهم واري سلطنت جي سخت گير حمايتي کان به وڏو تحرڪ ملڻ لڳو.

انهن شخصي ۽ مزاجي وهڪرن کي هڪ پاسي رکندي ڏکڻ آفريقا ۾ واقعن جي جيڪا لهر پيدا ٿي اها سڀني ڳالهين کي ڌِڪيندي هڪ بحراني صورتحال ۾ پهچائي آئي. رانڊ[3] (Rand) ۾ سمنڊ مان نڪرندڙ سون جي سبب جوهانسبرگ فقط ڪجهه سالن ۾ نه فقط برطانيه پر سموري دنيا جي مالياتي ۽ اقتصادي معاملن ۾ هڪ حيثيت رکندڙ عنصر ٿي ويو. بوئر (Boer) هارين جا ابا ڏاڏا جن ويران پٽن تي لڏي اچي ويٺا هئا اتي هيستائين دهقاني زندگين مان مطمئن لڳا ويٺا هئا. هاڻي اهي سون جي کاڻين مان ملندڙ وڏن محصولن جا مالڪ ٿي ويا ۽ هڪ وڏي آباديءَ وارو، گهڻ ٻوليائي ۽ وڌندڙ ويجهندڙ جديد شهر انهن جي دم قدم سان آباد ٿي ويو. پريٽوريا ۾ هڪ مضبوط، باصلاحيت ۽ پُرعزم حڪومت جو نظام وجود ۾ اچي ويو ۽ سموري ڏکڻ آفريقا ۾ ڊچن (هالينڊ جي رهواسين) جي اميدن جو مرڪز ٿي پيو. اهو وڌ کان وڌ ملندڙ سون تي ٽيڪس هڻي پاڻ کي تڳائيندو رهيو ۽ لڳ لاڳاپن ۽ يورپي مدد جي تلاش ۾ هالينڊ ۽ جرمنيءَ تائين پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيائين. انهيءَ سموري نظام جي پٺڀرائي لاءِ تنگ نظر ۽ تعصبي سوچ رکندڙ پنجاهه يا سٺ هزار بوئر هارين جي فوج موجود هئي. جيڪا دنيا جي بهترين رائيفل بردار گهوڙيسوارن ۽ منگولن کان پوءِ دنيا جي قابل ترين شهسوارن تي مشتمل هئي.

برطانوي اڪثريت تي ٻڌل جوهانسبرگ جا نوان رهاڪو- جن کي Outlanders چيو ويندو هو- بوئرن جي گندي ۽ بدعنوان حڪومت مان مطمئن نه هئا. انهن جي بي اطميناني جو وڏو سبب ڳرا ۽ روز بروز وڌندڙ ٽيڪس هئا. انهن پراڻو آواز بلند ڪيو ته: ”حڪومت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ ٽيڪس نه ڏينداسين.“ (No taxation without representation) انهن ووٽ جو حق گهرڻ شروع ڪيو. پر اهي جيئن ته پنهنجي اڪثريت سبب بوئي حڪومت تي ڇائنجي وڃن ها ۽ ٽرانسوال جي حڪومت ساڳين برطانوي هٿن ۾ اچي وڃي ها جن مان 1881ع ۾ کسي وئي هئي تنهنڪري انهن جو اهو حقي واجبي مطالبو ڪڏهن به تسليم نه ٿي سگهي ها.

مسٽر چيمبرلين آٽوٽ لينڊرز جي اڳواڻي جو ڪم هٿن ۾ کنيو. لارڊ سالسبري سندس پُٺ تي موجود رهندو آيو. اها دعوى ڪاغذي طور به ڏاڍي مضبوط هئي. پر ڪيترا به عقلي دليل ڏجن ڪير پنهنجي چمڙي لهرائڻ تي ڪڏهن به آماده نه ٿيندو آهي. ٽرانسوال جا پراڻا رهواسي پنهنجي خودمختياري يا ان جو ڪو موثر حصو نون آيلن کي ڪڏهن به نه ڏين ها. ڀلي اهي نوان آيل انگ ۽ اثر رسوخ جي لحاظ کان ڪيترا به وڌيڪ ڇو نه هجن. انهن جي مرضي اها هئي ته انهن تي ٽيڪس مڙهي انهن کي ماتحتي ۾ رکڻ جا ضروري وسيلا پيدا ڪندا رهن. صدر ڪروگر ۽ سندس دوستن جي سوچ اها هئي ته جيڪڏهن اهو تڪرار وڌندي سچي پچي جنگ تائين وڃي پهتو ته يورپ انهن جي حمايت ۾ ٽپي پوندو ۽ اهي سموري ڏکڻ آفريقا جا مالڪ ٿي ويندا. انهن جو ڪيس به پنهنجي جاءِ تي مضبوط هو. هاڻي انگلينڊ جيڪڏهن بوسٽن ٽي پارٽي[4] واري زبان ڪم آندي ته بوئر وري (آمريڪا جي) (War of secession) دوران ڏکڻ جي آبادگارن جهڙي هلت ڪندا. انهن بغير ڪنهن رک رکاءَ جي اها ڳالهه چئي ڇڏي ته برطانوي سامراج سون لاءِ لامارا ڏيندي انهن جي آخري پناهه گاهه تائين انهن جي پٺيان لڳو آيو آهي. انهيءَ تي مسٽر چيمبرلين به هيءَ ڳالهه ڦهڪائي ڏني ته هو سندن ملڪ جي ڏهن مان نو حصا پيدا ڪندڙ جديد پيداواري عنصرن کي پنهنجا شهري حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ هو ته پوءِ انهن کي پنهنجي ڪافر (Kaffir) آبادي کي به ڇڏڻ جو موقعو نه ملندو. معنى ته ٽڪراءُ ڏاڍو خراب رُخ اختيار ڪري ويو هو.

مسٽر سيسل رهوڊز (Cecil Rhodes) چارٽرڊ ڪمپني جو چيئرمين ۽ خالق هو. هو چڱي حد تائين ڊچن جي مدد سان ڪيپ ڪالوني جو وزير اعظم به هو. ڊاڪٽر جيمسن سندس ماتحتي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني جو ايڊمنسٽريٽر هو ۽ ڏاڍي مضبوط ۽ هُوڙهه شخصيت جو مالڪ هو. هن ميفڪنگ (Mafeking) ۾ ڇهه يا ست سو ماڻهن جي هڪ مختصر فوج به گڏ ڪري ورتي هئي ته جيڪڏهن آٽوٽ لينڊرز پنهنجون شهري ۽ سياسي آزاديون حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿين جنهن جي هو اڪثر ڌمڪي ڏيندا رهندا هئا ته اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ضروري هجي ته هو مسٽر رهوڊز جي رضامندي ۽ برطانوي حڪومت جي منظوري سان فوراً ميفڪنگ کان 150 ميل پري جوهانسبرگ ڏانهن مارچ ڪري ۽ اجائي خون خرابي کي روڪي وٺي.

هڪ طرف اها صورتحال هئي ته وري جوهانسبرگ ۾ واقعي اهڙي قسم جي سازش ٿي به رهي هئي ته آئوٽ ليندرز لاءِ طاقت جي زور تي شهريت جي حقن جو مطالبو ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ پئسي جي ڪابه کوٽ نه هئي جو سازشين ۾ سون جي کاڻين جا وڏا وڏا مالڪ به شامل هئا. انهن جا وڏا حامي انهن جا ملازم ۽ جوهانسبرگ جي غير ڊچ آبادي هئي. اهي غير ڊچ تعداد جي لحاظ کان باقي سموري ٽرانسوال جي آباديءَ کان وڌيڪ هئا. نيٺ اپريل جي هڪ صبح جو جوهانسبرگ ۾ هڪ عبوري حڪومت قائم ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر جيمسن ست سو گهوڙيسوار ۽ ٻه توپون کڻي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

انهي واقعي يورپ کي لوڏي وڌو ۽ سموري دنيا ۾ جوش ۽ جذبي جي لهر پيدا ٿي وئي. جرمنيءَ جي قيصر صدر ڪروگر ڏانهن پنهنجو مشهور ٽيليگرام موڪليو ۽ موقعي تي موجود جرمن بحري فوجين کي ڊيلاگوئا بي (Delagoa Bay) تي لهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. برطانيه عظمى تي هر ملڪ ۾ لعنت ملامت ڪئي وئي. گهڻي وقت کان تيار بيهاريل بوئر ڪمانڊوز ڊاڪٽر جيمسن ۽ سندس فوج کي سولائي سان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڏاڍي سخت ويڙهه کان پوءِ انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت ٽرانسوال جي ٻين وڏين فوجن جوهانسبرگ جي بغاوت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني اڳواڻن ۽ لکاپتين کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ڊاڪٽر جيمسن جي ڪاهه (Raid) جون خبرون پهريون ڀيرو انگلينڊ پهتيون ته برطانوي حڪومت فوراً سندس قدم کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو. سيسل رهوڊز جوهانسبرگ ۾ لفظ ئي اهي چيا ته: “He has upset my applecart” لارڊ سالسبري وڳوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ديريني ۽ سگهاري سفارتڪاري جا سڀ وسيلا ڪم آڻي ڇڏيا. جوهانسبرگ سازش جي سرڪردن کي موت جون سزائون ملڻ کان پوءِ تاوان ۾ وڏيون رقمون وٺي آزاد ڪيو ويو. بوئرن جيمسن جي فوجين کي برطانوي انصاف جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهن جي اڳواڻ ۽ سندس نائبن تي ڪيس هليو ۽ کين ٻه سال قيد جي سزا ڏني وئي.

لبرل پارٽي جي نظرداري هيٺ سخت انڪواري ڪرائي وئي ته جيئن خبر پوي ته مسٽر چيمبرلين يا مسٽر رهوڊز جيڪڏهن انهيءَ سازش کان باخبر هئا ته انهيءَ ۾ سندن حصو ڪيتريقدر هو. انهيءَ انڪوائري تمام گهڻو وقت ورتو ۽ آخر ۾ ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتي ۽ اهو معاملو آهستي آهستي ختم ٿي ويو ۽ پنهنجي پٺيان تاريڪ نتيجن جو هڪ سلسلو ڇڏي ويو. سموري دنيا ۾ برطانوي شهرت کي وڏو شديد زخم رسيو. ڊچن ڪيپ ڪالونيءَ ۾ سيسل رهوڊز کي حڪومت مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. برطانوي قوم جرمني جي شهنشاهه جي ٽيليگرام کي دشمناني نيت جو اظهار سمجهيو ۽ انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به پنهنجي ذهن مان نه ڪڍيو. شهنشاهه وري برطانوي سامونڊي طاقت آڏو پاڻ کي مڪمل طور بيوس سمجهندي پنهنجو سمورو ڌيان سامونڊي ٻيڙو ٺاهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. سموري ڏکڻ آفريقي سياست پرامن طريقن جي راهه کان هٽي وئي. برطانوي آبادڪار مدد لاءِ برطانوي حڪومت ڏانهن واجهائڻ لڳا ۽ انهيءَ سموري برصغير ۾ موجود ڊچ نسل ٻنهي بوئر رياستن جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويو. برطانوي حڪومت انهيءَ تباهه ڪن ڌچڪي کان پوءِ پاڻ سنڀالي ورتو. جڏهن ته ٽرانسوال حڪومت آئوٽ لينڊرز تي اڃان وڌيڪ ٽيڪس هڻي انهي آمدني مان تمام گهڻو هٿياربند ٿيڻ شروع ڪيو. ويڙهه جي سڀني سببن کي ڀڙڪايو ويو ۽ انهن جو فيصلو اڃان وڌيڪ اهم عدالت ڏانهن موڪليو ويو.

زندگيءَ سان ڀرپور انهيءَ اونهاري جي موسم ۾ منهنجي ماءُ ٻنهي پارٽين جي سياستدانن، ادب، ۽ فن جي اهم شخصيتن سان گڏوگڏ ٻين دلچسپ شخصيتن کي لاڳيتو مانيءَ جي دعوتن تي گهرائيندي رهي. هڪ دفعي هن انهيءَ سلسلي ۾ ڏاڍي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. سرجان ولوباءِ اسان جي ڪٽنب جو هڪ تمام پراڻو دوست هو. هو ڊاڪٽر جيمسن جي فوج ۾ شامل هو ۽ ضمانت تي آزاد هو جو سندس ڪيس لنڊن ۾ هلي رهيو هو. حقيقت ۾ انهيءَ ئي مون کي پهريون دفعو منهنجي راند جي گهوڙيسوار سپاهين کي هر اول دستي (Advanced Guard) جي صحيح تربيت (Formation) ۾ بيهڻ سيکاريو هو. آءٌ هائونسلو مان موٽيس ته هو مون کان اڳ ئي لنچ لاءِ پهچي ويو هو. منهنجي ماءُ کي ٻاهران موٽڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي هئي. اوچتو دروازو کليو ۽ نوڪر مسٽر جان مورلي جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. مون خطري جي بوءِ محسوس ڪري ورتي هئي پر همٿ ڪري ٻنهي کي هڪٻئي سان ملايم. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٿي ئي نه پئي سگهيو. جان مورلي پاڻ کي کڻي سوڙهو ڪيو ۽ پنهنجو هٿ وڌائڻ کان سواءِ بلڪل رسمي انداز ۾ ٿورڙو ڪنڌ جهڪايائين. ولوباء انهيءَ جي ڪابه موٽ نه ڏني ۽ بي تعلق بڻيو سامهون نهاريندو رهيو. آءٌ اندروني طور ڏڪي ويس ۽ ڪا گفتگو شروع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ واري وٽيءَ سان ٻنهي کان عام رواجي سوال پڇندو رهيس. جلد ئي منهنجي ماءُ به اچي وئي ۽ مون سک جو ساهه کنيو. هن ۾ اهڙي موقعي کي منهن ڏيڻ جون صلاحيتون موجود هيون ۽ مانيءَ جو سلسلو گهڻو اڳتي وڌڻ کان اڳ ڪوبه نئون ماڻهو اهو محسوس نه ڪري ها ته ٽيبل تي ويٺل چئن مان ٻه ڄڻا هڪ ٻئي سان سنئون سڌو مخاطب نه ٿيا آهن. آخر ۾ مون ائين محسوس ڪيو ته اهي جيڪڏهن هڪٻئي سان سنئون سڌو مخاطب ٿين ها ته به انهيءَ ۾ هنن لاءِ ڪو مسئلو نه هجي ها پر اهي جيئن ته هڪ دفعو جيڪا پوزيشن وٺي بيهي رهيا ته انهي تي ئي قائم رهڻو پئجي وين. مونکي شڪ ٿيو ته اهو اتفاق نه پر منهنجي ماءُ جي هڪ رٿ هئي. هن انهيءَ غير معمولي سخت مزاج ۾ ڪجهه نرمي آڻڻ ٿي گهري ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ انهي حملي (Raid) واري واقعي کي عام رواجي سياست واري سطح تي آڻڻ چاهيو ٿي. پر انهيءَ واقعي ۾ انساني رت وهيل هئي جنهن سان ڳالهه ٻي ٿي وڃي ٿي.

مونکي اهو ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ته آءٌ ايڪويهن سالن جي عمر ۾ ڊاڪٽر جيمسن ۽ سندس ماڻهن جو وڏو حامي هوس. ٻنهي طرفن تي تڪرار جا جيڪي سبب هئا اهي به مون چڱي طرح سمجهيا ٿي. مون کي انهن ڏينهن جي تمنا هئي جڏهن اسين مجوبا جو بدلو وٺنداسين. مونکي اهو ڏسي ڏاڍو صدمو پهتو ته اسان جي ڪنزرويٽو حڪومت انهيءَ بحران ۾ ڏاڍي بزدلي ڏيکاري. حڪومت پاران گمراهه مخالف ڌر آڏو ڪنڌ جهڪائي بيهي رهڻ ۽ انهن بهادرن کي سزا ڏيڻ تي به مونکي ڏاڍو شرم محسوس ٿيو. انهن مان ڪيترن کي آءٌ چڱي طرح سڃاڻندو هوس. مونکي ڏکڻ آفريقا بابت ايندڙ سالن ۾ اڃان گهڻو ڪجهه سکڻو هو.


[1]  سائوٿ آفريقا جي اوڀر ۾ 6500 فوٽ اوچو جبل، سن 1881ع ۾ انهيءَ جي ڀرسان بوئرن برطانوين کي شڪست ڏني هئي. (سنڌيڪار)

[2]  برطانوي نوآبادين جو نگران سرڪاري کاتو. (سنڌيڪار)

[3]  رانڊ اصل ۾ Witwatersrand سائوٿ آفريقا ۾ هڪ جابلو سلسلو آهي ۽ ان جو وڏو حصو جوهانسبرگ جي اولهه ۾ آهي. اتان 1880ع واري دور کان سون ڪڍڻ جو ڪم هلندڙ آهي. (سنڌيڪار)

[4]  بوسٽن ٽي پارٽي (1773ع): آمريڪي انقلاب کان اڳ برطانوين سان نو آبادياتي مخالفت جو اظهار ڪندڙ فقرو. آمريڪي شدت پسندن جي هڪ گروه سستي چانهه جي درآمد تي اعتراض ڪندي چانهه جي هڪ وڏي کيپ بوسٽن جي بندر ۾ اڇلائي ڇڏي هئي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org