باب چوٿون
سينڊهرسٽ
Sandhurst
سيندهرسٽ ۾ مون نئين سر شروعات ڪئي. هاڻي انهيءَ ڳالهه جو به ڪو
امڪان نه هو ته اڳ ۾ فرانسي، لاطيني ۽ رياضي کي
نظرانداز ڪرڻ سبب مون کي ڪنهن دشواريءَ کي منهن
ڏيڻو پوندو. اسان کي هاڻي نين شين بابت سکيا وٺڻي
هئي ۽ اسان سڀني برابر درجي کان شروعات ڪئي. نصاب
۾ ٽيڪٽڪس
(Tactics)،
قلعي بندي، نقشا ٺاهڻ، ملٽري لا ۽ ملٽري
ايڊمنسٽريشن جا مضمون شامل هئا. انهن سان گڏوگڏ
جمناسٽڪ ۽ گهوڙيسواري پڻ ڪرڻي هئي. اتي هاڻي لازمي
راند کيڏڻ جي پابندي به نه هئي. انتظام سخت هوندو
هو ۽ پڙهائي ۽ پريڊ کي وڏو وقت ڏنو ويندو هو.
ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي ماڻهو ڏاڍو ٿڪجي پوندو هو.
مونکي پنهنجي ڪم خاص طور ٽئڪٽڪس ۽ قلعي بندي ۾
ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. منهنجي پيءَ پنهنجي ڪتب
فروش مسٽر بين کي هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون ته هو
مونکي پنهنجي پڙهائي بابت ڪتاب موڪليندو رهي.
تنهنڪري مون هيملي جي
Operation of war
پرنس ڪرافٽ جي
Letters on Infantry, Calvary and Artillery ۽ مين جي
Infantry Fire Tactics
سان گڏوگڏ آمريڪا جي گهرو لڙائي، فرانسين ۽ جرمنن
جي جنگ ۽ روس ۽ ترڪيءَ جي جنگ جي تاريخ بابت پڻ
ڪيترائي ڪتاب گهرائي ورتا. اهي جنگيون تڏهن تازيون
ٿي گذريون هيون ۽ جنگي اڀياس لاءِ بهترين نمونا
ليکيون وينديون هيون. جلد ئي مون وٽ هڪ ننڍڙي
ملٽري لائبرري وجود ۾ اچي وئي. جنهن مان معمول
واري معلومات سان گڏوگڏ هڪ قسم جو پسمنظر پڻ ملي
ويندو هو. مونکي ڊرل سان گهڻي رغبت نه هوندي هئي ۽
ڪيترائي مهينا ته آءٌ
`Awkward squad`
۾ شامل رهيس. انهيءَ ۾ اهي ڪيڊٽ شامل هوندا هئا جن
کي خاص طور چست ڪرڻ جي ضرورت هوندي هئي. پر فيلڊ ۾
وڃي قلعي بندي جي عملي ڪم ۾ منهنجي ڏاڍي دلچسپي
هوندي هئي. اسين کاهيون کوٽيندا هئاسين، سينا
پناهون ٺاهيندا هئاسين ۽ مورچن جي سامهون واريءَ
جي ٿيلهين، گاهه يا ڪانن جي ڀرين سان پشتا ٺاهيندا
هئاسين. گڏوگڏ اسين خاردار جهنگلا ۽ فوگاس پڻ
ٺاهيندا هئاسين. فوگاس هڪ اوائلي قسم جي بارودي
سرنگهه هوندي هئي. اسين ڪکن ڪانن جي تڪرن سان
ريلوي لائينون ڪٽيندا هئاسين ۽ سِرن جي ٺهيل پُلين
کي ڌماڪي سان اُڏائڻ سکندا هئاسين يا ڪاٺ جا تختا
۽ ٻيڙيون جوڙي پليون ٺاهيندا هئاسين ۽ فوج جي هر
اول دستي ۽ پٺ ۾ ايندڙ دستي لاءِ ڪاغذ تي پلان
ٺاهيندا هئاسين. اسان ڪجهه ساديون ٽيڪٽيڪل اسڪيمون
پڻ ٺاهيون. اسان کي بمن يا هينڊ گرنيڊن بابت ڪجهه
به نه پڙهايو ويو جو انهن بابت سمجهيو پئي ويو ته
اهي گهڻو وقت اڳ پنهنجو وارو وڄائي ويا هاڻي انهن
جو دور نه رهيو آهي. اهي ارڙهين صديءَ ۾ ئي
استعمال کان ٻاهر نڪري چڪا هئا ۽ جديد جنگين بابت
بلڪل بيڪار هوندا.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي سڀ شيون بلڪل بنيادي نوعيت جون
هونديون هيون ۽ ڪم دوران اسان تي سبالٽرن جي ذهني
سطح کان وڌيڪ بوجهه نه وڌو ويندو هو. پر مونکي
ڪڏهن ڪڏهن اسٽاف ڪاليج ۾ ڊنر ڪرڻ جي دعوت ملندي
هئي. اهو اسانجي ڪاليج کان هڪ ميل کان به گهٽ
فاصلي تي هو ۽ اتي فوج جي ذهين ترين آفيسرن کي
هاءِ ڪمانڊ جي تربيت ڏني ويندي هئي. هتي ڊويزن،
ڪور ۽ مڪمل آرميءَ جو اڀياس ٿيندو هو ۽ ڪارروائي
جا مرڪز
(Bases)،
رسد، مواصلات ۽ ريلوي حڪمت عمليءَ بابت مطالعو
ٿيندو هو. اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍو پُرجوش ڪري
ڇڏينديون هيون. پر اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو هو ته
اهي سڀ ڳالهيون هٿرادو ٽڪساٽ آهن ڇاڪاڻ ته مهذب
قومن جي وچ ۾ جنگ جو دور هميشه لاءِ پُڄاڻيءَ تي
پهچي چڪو هو. اهو دور جيڪڏهن هڪ سو سال اڳ جو هجي
ها ته اسان جو وقت ڏاڍو بهترين گذري ها. ٿورو تصور
ڪريو ته آءٌ سنه 1793ع ۾ اوڻيهن ورهين جو هجان ها
۽ نيپولين خلاف جنگ جي 20 سالن جو دور اڃان سامهون
هجي ها! پر اهي سڀ ڳالهيون پُڄاڻي تي پهچي چڪيون
هيون. برطانوي فوج ڪريميا جي جنگ کان پوءِ ڪنهن به
گوري سپاهيءَ تي گولي نه هلائي هئي ۽ هاڻي دنيا
جيئن ته ايتري سمجهدار ۽ پُرامن ٿي وئي هئي- ۽
گڏوگڏ جمهوريت پسند به- ته سمجهو ته اسان فوجين جا
عظيم ڏينهن ختم ٿي چڪا هئا. پر خوش قسمتيءَ سان
اڃا به ڪي وحشي ۽ جهنگلي قومون باقي هيون انهن ۾
زولو ۽ افغان به هئا ۽ سودان جا درويش به هئا.
انهن مان ڪجهه جي جيڪڏهن طبيعت مائل ٿي ته ڪڏهن نه
ڪڏهن مسئلو کڙو ڪري سگهيا ٿي. ويندي انڊيا ۾ به
بغاوت ٿي سگهي ٿي يا انقلاب اچي سگهيو ٿي. انهن
ڏينهن ۾ اتان جي ماڻهن انبن جي وڻن کي ڪي چُٽا ۽
نشان ڪرڻ جو هڪ پراسرار ڪم شروع ڪيو هو ۽ اسين
Spectator
۾ ڇپيل هڪ ليک تي اميد ڀريون نظرون وجهيون ويٺا
هئاسين جنهن ۾ انهيءَ ڳالهه جو برملا اظهار ٿيل هو
ته اسان کي شايد ڪجهه مهينن جي اندر انڊيا کي ٻيهر
فتح ڪرڻو پوندو. اسين سڀئي انهيءَ مسئلي بابت پيا
سوچيندا هئاسين. ممڪن آهي ته اسان سڀني کي وقت کان
اڳ ڪميشن ملي وڃي ۽ اسان انڊيا جي ميدان تي مارچ
شروع ڪيون ۽ ميڊل ۽ امتيازي نشان ماڻيون. اهو به
ٿي سگهي ٿو ته ڪلائيو
(Clive)
وانگر بلڪل ننڍي عمر ۾ ئي ڪمانڊ جي اعلى ترين عهدي
تي پهچي وڃون. اهڙين سوچن سان اسان کي ڪو وڏو
اطمينان ته نه ملندو هو ڇاڪاڻ ته ڪنهن سچي پچي
يورپي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي مقابلي ۾ ويچارن هندستانين
سان وڙهڻ ڄڻ ته گرانڊ نيشنل جي ڀيٽ ۾ پيپر چيز
(Paper Chase)
۾ گهوڙو ڊوڙائڻ هجي ها[1]،
انهيءَ هوندي به اهو ضروري آهي ته پنهنجي دور ۾
ملندڙ موقعن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺجي.
آءٌ رائيڊنگ اسڪول مان ڀرپور نموني لطف اندوز ٿيس ۽ ٻين اڪثر
ڪيڊٽن وانگر هلندو رهيس. منهنجي پيءُ مونکي موڪلن
۾ گهوڙيسواريءَ جو هڪ وڌيڪ ڪورس ڪرڻ جو بندوبست
ڪري ڏنو هو. اهو ڪورس مون
Royal Horse Guards
سان نائيٽس برج بيرڪس ۾ ڪيو. اتي آءٌ ڪيترا ئي
دفعا گهوڙي تان ڪري پٽ تي وڇايل مٽيءَ ۾ ڀڀوت به
ٿيس. پوءِ جڏهن آءٌ پنهنجي رجمينٽ ۾ شامل ٿيس ته
اتي مون ٻيو پورن پنجن مهينن جو ڪورس به ڪيو ۽ اهو
سمورو عرصو ملائڻ کان پوءِ مون کي يقين هو ته مون
گهوڙي تي ويهڻ ۽ ان کي قابو ۾ رکڻ جي چڱي خاصي
تربيت حاصل ڪري ورتي هئي.
سينڊهرسٽ ۾ گهوڙا منهنجي لاءِ تمام وڏي خوشيءَ جو سامان هوندا
هئا. آءٌ ۽ منهنجي اُٿ ويهه واري گروپ جا سڀ ڪيڊٽ
پنهنجا سمورا پئسا مقامي اصطبل مان گهوڙا مسواڙ تي
وٺڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئاسين. اسان مستقبل ۾ ملندڙ
ڪميشن جي آڌار تي ڏاڍا قرض به کڻي ڇڏيا هئا. اسان
هڪ دوست امير جي ميدان تي
Point to Point
۽
Steeple Chase
جا مقابلا رکندا هئاسين ۽ آسپاس جي ٻهراڙيءَ ۾ مزي
سان گهمندا هئاسين.
[2] هتي آءٌ والدين ۽
خاص طور پئسي وارن والدين کي چوندس ته ’پنهنجي پٽ
کي پئسا نه ڏيو، توهان کيس جيترا ڏئي سگهو گهوڙا
ڏيو‘، گهوڙيسواريءَ مان ڪنهن کي به ڪڏهن ڪو
غم-سواءِ شان مان واري ڏک جي- نه پهتو آهي.
زندگيءَ جو زين تي گذاريل وقت ڪڏهن به ضايع نه ٿو
ليکجي. نوجوان اڪثر گهوڙن جي مالڪي يا انهن جي
پٺڀرائي مان ته تباه ٿيا آهن پر انهن تي سواري ڪري
ڪير به تباه نه ٿيو آهي. ها باقي اهي پنهنجو مڻڪو
ڀڃرائي ويهن ته ٻي ڳالهه آهي. گهوڙو چوتال ڊوڙندي
مڻڪي ڀڄي پوڻ سان ماڻهو مري وڃي ته اهو به هڪ سٺو
موت آهي.
مون جيٽلمين ڪيڊٽ ٿيڻ سان پنهنجي پيءُ جي نظرن ۾ هڪ نئين حيثيت
حاصل ڪري ورتي. جڏهن آءٌ موڪلن ۾ گهر هوندو هوس ته
هو جيڪڏهن ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري ته آءٌ هن سان
گڏ گهمي ڦري به سگهيس ٿي. هو بازيگرن، جادوگرن ۽
جانورن جا ڪرتب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ايمپائير
ٿيٽر به آءٌ پهريون دفعو هن سان گڏجي ويو هوس. هو
ٽرگ
(Trig)
۾ لارڊ روٿس چائيلڊ جي گهر ٿيندڙ اهم سياسي پارٽين
۾ به مونکي گڏ وٺي ويندو هو. جتي اڪثر سرڪردا
اڳواڻ ۽ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جا چونڊ اڀرندڙ ماڻهو
اچي گڏ ٿيندا هئا. هو مونکي پنهنجي ريس وارن دوستن
وٽ وٺي وڃڻ رهائڻ لڳو هو. هتي بلڪل مختلف سنگت ۽
گفتگو جا بلڪل نوان موضوع ملندا هئا. جيڪي به
ساڳئي وندر ۽ تفريح ڏيندا هئا. حقيقت اها آهي ته
آءٌ سمجهندو هوس ته هر اها شيءِ جيڪا پاڻ وٽ هئڻ
جي تمنا ڪري سگهجي ٿي انهن سڀني يا انهن مان لڳ ڀڳ
سڀني جي ڪُنجي هن وٽ آهي. پر مون جڏهن هن سان بي
تڪلفي يا دوستيءَ جو هلڪو به خيال ڏيکاريو ته هو
چڙي پوندو هو. هڪ دفعو مون جڏهن اهڙو رايو ڏيکاريو
ته آءٌ سندس پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي سندس خط پٽ
لکڻ ۾ مدد ڏيان ته هن اهڙو رُخ ڏيکاريو جو آءٌ
وڌيڪ هڪ لفظ به ڪڇي نه سگهيس. هاڻي آءٌ سمجهان ٿو
ته اهو دور جلدي گذري وڃي ها. هو جيڪڏهن چار يا
پنج سال وڌيڪ زنده رهي ها ته مون کانسواءِ نه هلي
سگهي ها. پر مونکي اهي چار يا پنج ورهيه نه ملي
سگهيا. عين انهيءَ وقت جڏهن اسان جا دوساڻا لاڳاپا
پختا ٿي دوستاڻي مفاهمت ۾ تبديل ٿي رهيا هئا ۽
جڏهن منهنجي خيال ۾ مناسب ڪوشش ڪري اتحاد
(Alliance)
يا گهٽ ۾ گهٽ فوجي معاهدي
(Military Alliance) جي سطح تائين پهچي سگهجي پيو ته هو هميشه لاءِ غائب ٿي ويو.
سن 1894ع جي بهار جي موسم ۾ اسان سڀني کي خبر پئجي وئي ته
منهنجو پيءُ شديد بيمار آهي پر هو اڃان تائين
پنهنجو سياسي ڪم ڪار جاري رکيون پئي آيو. هو
تقريباً هر هفتي ڪنهن اهم جاءِ تي تقرير ڪندو هو.
هاڻي ڪنهن کان به اها ڳالهه ڳجهي نه رهي هئي ته
اهي ڪوششون ناڪام ٿينديون ٿي ويون. هونئن سندس
جيڪي تقريرون اخبارن ۾ لفظ بلفظ رپورٽ ٿينديون
هيون اهي ٻن ٽن ڪالمن کان گهٽجي ڏيڍ ڪالمي صورت ۾
اچڻ لڳيون. هڪ دفعو ته ٽائيمز اخبار اهو به ٻڌائي
ڇڏيو ته هال حاضرين سان پورو ڀريل نه هو. آخرڪار
مون اهو به ٻڌو ته منهنجي ماءُ ۽ ڏاڏي- جيڪي ٻين
ڳالهين ۾ ته ورلي يڪراءِ ٿينديون هيون- کيس آرام
ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيون هيون. جڏهن ته هن جو اصرار
هو ته هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ هر ڳالهه صحيح پئي هلي.
مونکي خبر هئي ته اهي ٻئي جيڪي هن جي تمام ويجهو
هيون ۽ مٿس ساهه ڇڏينديون هيون اهي شديد ترين
ضرورت کان سواءِ مٿس ايترو زور نه ڀرين ها.
آءٌ هاڻي پنهنجي پيءُ کي انهن ڏينهن کان ڪجهه مختلف رُخ ۽ انداز
۾ ڏسي سگهان ٿو جن ڏينهن ۾ مون سندس سوانح لکي
هئي. آءُ گهڻو وقت اڳ اها عمر به گذاري آيو آهيان
جنهن ۾ هو فوت ٿيو هو. هاڻي سندس استعفا واري عمل
جي فيصلائتي نوعيت به مونکي سولائي سان سمجهه ۾
اچي رهي آهي، هو هاڻي تمام ڏکين حالتن ۾ دلير
پائليٽ وارو ڏيک ڏئي رهيو هو. اها سندس فيصلي جي
گهڙي هئي ۽ 1886ع ۾ يونينسٽ پارٽيءَ جي سوڀ سان
حالتون تبديل ٿي ويون. هاڻي هن لاءِ اها ڳالهه
ضروري هئي ته سياسي سرگرمي پُڄاڻي تي پهچي ۽ کيس
سانت ۽ سڪون جو وقت ملي. لارڊ سالسبريءَ جي صورت ۾
قوم کي اهو ماڻهو مليو هو جنهن جي ان کي ضرورت ۽
خواهش هئي. هو به ڊگهي ۽ مضبوط حڪومت هلائڻ لاءِ
کوپو کوڙي ويهي رهيو. هو فطري طور ڏاڍو خوش به هو
جو اقتدار ۾ ڪنهن رقيب جي شراڪت بجاءِ اهو مڪمل
طور سندس هٿن ۾ هو. هائوس آف ڪامنز ۾ سندس پاڙون
مضبوط هيون ۽ سرڪاري خزاني تي سندس گرفت مضبوط
هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي وڃايل حيثيت
ٻيهر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندي آهي. اهو ممڪن آهي ته
هو پنهنجي عمر جي پنجاه يا سٺ سالن واري ڏهاڪي ۾
ٻي ڪا حيثيت حاصل ڪري وٺي پر هن جيڪا حيثيت ٽيهن
يا چاليهن سالن واري ڏهاڪي ۾ وڃائي هئي اها ٻيهر
حاصل ڪري نه سگهندو. ڪنهن پارٽيءَ يا قوم جي قيادت
کي وقار ۽ قوت سان پنهنجن هٿن ۾ رکڻ لاءِ ضروري
آهي ته قائد ۾ نه فقط اهي صلاحيتون ۽ اهو عمل جو
پيغام هجي جنهن جي پارٽي ۽ قوم کي ضرورت آهي پر
اهي پارٽي ۽ قوم جي مزاج سان مطابقت رکندڙ به هجن.
ٻي ڳالهه اها ته لارڊ رنڊولف چرچل چانسلر آف ايڪسچيڪر ٿيڻ سان
ئي اهم معاملن ۾ ٽوري انداز فڪر تان دستبردار ٿي
ويو. هن آئرش هوم رول کان سواءِ ٻين سڀني ڳالهين ۾
گليڊ اسٽونيا ئي انداز فڪر اپنائڻ شروع ڪيو ۽
سماجي ۽ مزدورن جي معاملن تي سندس موقف پڻ انهيءَ
دور جي وگ يا مڊل ڪلاسي لبرل ماڻهن جي برداشت کان
ٻاهر هو. ويندي آئرلينڊ بابت به سندس سوچ غير
معمولي حد تائين آزاد هئي. ڪنزرويٽو پارٽي اهڙي
ڪابه ڳالهه پسند نه ڪري ها. حقيقت ۾ منهنجي اها
سوچ آهي ته هو جيڪڏهن زنده رهي ها ۽ سندس صحت بحال
ٿي وڃي ها ته گهڻو امڪان اهو آهي ته هو ڏکڻ آفريقا
جي جنگ جي ايتري وڏي حد تائين مخالفت ڪري ها جو
اهو محنت ڪش طبقو ئي کيس ناپسند ڪرڻ لڳي ها جن جي
طرفان ملندڙ حمايت تي کيس ايترو ناز هو. سندس
پاران سياست ۾ وري داخل ٿيڻ جو حقيقي رڪارڊ فقط
اهو هجي ها ته مسٽر چيمبرلين جي
Protection
مهم جو ڪو توڙ سوچي ها. مونکي معلوم سڀني شين مان
اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته گهڻو امڪان اهو آهي
ته هو ان جو مخالف ٿي بيهي ها. هو اهڙو ماڻهو نه
هو جيڪو پارٽيءَ جي اندروني مضبوط حلقي جي سوچ کي
سامهون رکندي پنهنجا فيصلا ڪري ها. هو ڌڙابندي جو
مقابلو ڪندي اهڙي جنگ وڙهيو جنهن ۾ هن ڪاميابي
حاصل ڪئي. پر هو جڏهن ذميوار حيثيت ۾ هوندو هو ته
عوامي معاملن ۾ سندس ڪردار ديانتداريءَ تي ٻڌل ۽
نج اصلي هوندو هو. هو ڪڏهن به آرام سان ويهي سوچيل
سمجهيل چالون نه کيڏندو هو. هن جي ذهن ۾ جيڪا
ڳالهه هوندي هئي اها چئي ڏيندو هو. اهو انداز ئي
صحيح هو.
مسٽر گليڊ اسٽون جي هڪ مقرر طور شهرت جو دارومدار سندس ڇپيل
تقريرن بجاءِ حاضرين تي انهيءَ وقت پيدا ٿيندڙ اثر
تي آهي. لارڊ رنڊولف چرچل جي اسان جي سياسي تاريخ
۾ مقام جي ڪٿ سندس لفظن يا عملن بجاءِ سندس شخصيت
پاران همعصرن تي وڌل اثر مان ڪئي ويندي. اهو اثر
ڏاڍو گهرو هو ۽ حالتون جيڪڏهن اڃا سازگار رهن ها
ته اهو اثر فيصلائتن واقعن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ها.
هو هڪ ئي وقت طاقت ۽ قوت، موهه ۽ ڪشش ۽ اهڙي ريچڪي
انداز جو مالڪ هو جن جو سرچشمو گهڻو ڪري ڏات هوندو
آهي.
هو مون ڏانهن انهيءَ دور جي فيشن مطابق جيڪي پنهنجي هٿ سان ۽
وڏي محنت سان خط لکندو هو اهي هاڻي وري وري پڙهي
آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ وقت مونکي اندازو ئي نه
هوندو هو ته هن کي منهنجو ڪيترو نه اونو هو ۽ هو
منهنجو ڪيترو نه خيال رکندو هو. مونکي انهيءَ
ڳالهه جو به ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته اسين هڪٻئي
جي صحبت ۾ ايترو زنده نه رهي سگهياسين جو هڪٻئي کي
سمجهي سگهون ها. آءٌ لارڊ روز بيريءَ سان زندگيءَ
جي آخري سالن ۾ ملاقات ڪرڻ ويندو هوس. انهيءَ جو
هڪ سبب ته اهو هو ته مونکي انهيءَ معزز ماڻهوءَ
لاءِ عزت هوندي هئي ٻيو ته آءٌ کيس منهنجي پيءُ
بابت ڳالهائيندي ٻڌڻ چاهيندو هئس. آءٌ جڏهن سندس
گهاٽي ۽ مشهور دوست سان ڳالهائيندو هوس ته مونکي
پنهنجي پيءُ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ جو احساس ٿيندو هو.
آءٌ جڏهن لارڊ روز بيري سان آخري دفعو مليو هوس ته
مون چيو هو ته ڪيترو نه سٺو ٿئي جيڪر سال پٺتي ڦري
وڃن ۽ آءٌ پنهنجي پيءُ سان برابريءَ جي بنياد تي
ڳالهيون ڪريان. انهيءَ تي هن پيرسن مدبر ڏاڍي سهڻي
انداز ۾ چيو هو ته: ها! هو ڳالهه سمجهي وڃي ها.
****
مون جون 1894ع ۾ چوبهام ڪامن
(Chobham Common) تي هڪ روڊ جو نقشو پئي ٺاهيو جو سائيڪل تي ايندڙ هڪ قاصد مون
وٽ ڪاليج جي ايڊ جوٽنٽ جو حڪم پهچايو ته آءُ فورن
لنڊن روانو ٿيان. منهنجو پيءُ ٻئي ڏينهن دنيا جي
سفر تي روانو ٿي رهيو هو. ڪاليج اختيارين ڏانهن
اماڻيل مونکي خاص طور موڪل ڏيڻ جي عام رواجي نموني
موڪليل درخواست معمول جي ڪاروائي طور نامنظور ٿي
چڪي هئي. تنهنڪري هن سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار سر
هينري ڪيمبيل بينرمين ڏانهن تار موڪلي: ”انگلينڊ ۾
منهنجو آخري ڏينهن.....“ پوءِ مونکي بنا دير لنڊن
روانو ڪيو ويو.
ٻئي ڏينهن منهنجي ماءُ، منهنجو ننڍو ڀاءُ ۽ آءٌ گاڏي ۾ چڙهي
اسٽيشن وياسين. منهنجي پيءُ چار سال اڳ ڏکڻ آفريقا
جي سفر دوران وڏي ڏاڙهي رکي ڇڏي هئي. انهيءَ هوندي
به سندس منهن ذهني ٿڪاوٽ سبب خوفناڪ حد تائين ٿڪل
۽ ساڻو پئي لڳو. هن منهنجي گوڏي تي اهڙي انداز ۾
ٿڦڪي ڏني جيڪو تمام سادو هوندي به گهڻو ڪجهه ٻڌائي
رهيو هو.
اتان سندس دنيا جي چوگرد سفر جي شروعات ٿي. پوءِ آءٌ فقط سندس
جلد لهي ويندڙ پاڇو ئي ڏسي سگهيس.
*****
آءٌ سينڊهرسٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيس جن مان مونکي خبر پئي
ته اٿي ويٺي جا آداب ڪهڙا آهن ۽ مختلف عهدن جا
آفيسر زندگيءَ جي عام هلي چلي ۽ رجمينٽ جي قاعدي
قانون واري زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڪيئن پيش اچن.
ويلش رجمينٽ جو ميجر بيل نالي منهنجو ڪمپني ڪمانڊر
تمام سخت مزاج ۽ ڏاڍو سخت گير هوندو هو. هو سڀني
کان الڳ ٿلڳ رهندو هو، سدائين رسمي انداز رکندڙ ۽
رسمي تڪلفات اپنائيندو هو. سندس هر ڪم بي عيب ۽
گهربل معيار تي پورو هوندو هو. انهيءَ ڪري هر ڪنهن
تي سندس رعب ۽ هيبت ويٺل هوندي هئي. حقيقي جنگ جي
ميدان تي وڃڻ ته کيس نصيب نه ٿيو هو پر اسان کي پڪ
هئي ته هو مرڻ مارائڻ کان سواءِ شڪست قبول نه ڪري
ها.
ڪاليج ۾ قانون اهو ٺهيل هو ته توهان جيڪڏهن ڪاليج جي حدن کان
ٻاهر وڃڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهريان ڪمپني ليو-بُڪ
۾ پنهنجو نالو لکو. تنهن کان پوءِ اوهان اهو فرض
ڪرڻ ۾ حق بجانب هوندوء ته توهان جي درخواست منظور
ٿي وئي آهي. هڪ ڏينهن آءٌ ڪرائي جي گهوڙي گاڏي ۾
چڙهي ايلڊرشاٽ ۾ هڪ دوست سان ملڻ ويس هو اتي
مليشيا بٽالين ۾ ٽريننگ تي هو. منهنجي گاڏي
مارلبورو لائينز ۾ هئي ته سامهون نظر پوڻ تي
منهنجو ساهه ئي سڪي ويو جو ميجر بيل خود پنهنجي
گاڏيءَ ۾ سينڊهرسٽ واپس پئي ويو. مون جيئن ئي سندس
احترام ۾ ٽوپلو مٿي تان لاهي هٿ ۾ ڪيو ته مونکي
ياد آيو ته مون بي ڌياني ڪري ڪمپني ليو بُڪ ۾
پنهنجو نالو لکيو ئي نه هو. بهرحال مون سوچيو ته
اڃان موقعو آهي. ممڪن آهي ته هو ميس وڃڻ تائين
ليو-بُڪ تي نظر نه وجهي ۽ آءٌ واپس پهچندي ئي
پنهنجو نالو لکي ڇڏيندس. مون مليشيا بٽالين ۾
پنهنجو دورو مختصر ڪري ڇڏيو ۽ واپسيءَ ۾ گهوڙن کي
ڊُگ هلرائيندو تڙ تڪڙ ۾ ڪاليج اچي پهتس. ڪاليج ۾
داخل ٿيس ته ڇهه وڳا هئا. رستي تان ڊوڙندو وڃي ليو
بڪ واري ڊيسڪ تي پهتس ته اٿندي ئي منهنجي نظر ميجر
بيل جي انيشل
`O.B`تي پئي جيڪا هن ان ڏينهن جون موڪلون منظور ڪندي سڀ کان
آخر ۾ هڻي ڇڏي هئي. مون کي گهڻي دير ٿي وئي هئي.
هن مون کي ايلڊر شاٽ ۾ ڏسي ورتو هو ۽ اهو به ڏسي
ورتو هئائين ته منهنجو نالو ليو-بُڪ ۾ نه هو. پوءِ
مون ٻيو دفعو نظر وڌي ۽ منهنجي حيرت جي حد نه رهي
جو منهنجو نالو ميجر جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو ۽ سندس
انيشل سان منظور به ٿيل هو.
انهيءَ واقعي منهنجون اکيون کولي ڇڏيون ۽ مون کي خبر پئي ته
پراڻي برطانوي فوج ۾ زندگي ڪيئن ٿي گذري ۽ اها به
خبر پئي ته ڪيئن آفيسر طبقي ۾ آداب اخلاق ۽ سهوليت
جو دامن هٿن مان ڇڏائجڻ کان سواءِ به تمام سخت نظم
ضبط قائم رکي سگهجي ٿو. اها ڳالهه ته فطري آهي ته
اهڙي سيکت ملڻ کان پوءِ مون وري اهڙي بي ڌياني جو
ڪم نه ڪيو.
هڪ بلڪل اهڙي قسم جو واقعو سن 1915ع جي سياري جي مند ۾ به پيش
آيو. تڏهن مون ليونٽي
(Laventie)
جي محاذ تي گرينيڊيئر گارڊس سان گڏ ڊيوٽي پئي ڪئي.
اسان جو ڪرنل ڄاتل سڃاتل ما جيفريز
(Ma Jaffreys)،
قاعدي قانون جو وڏو سخت ۽ با رعب آفيسر هو جنهن تي
سورنهن مهينن جي ڪم جي دٻاءَ به ڪو اثر نه ڪيو هو.
هو ڊيوٽي دوران الڪحل جو استعمال پسند نه ڪندو هو.
هاڻي حالت اها هئي جو هڪ ته سخت سياري جي موسم لڳي
پئي هئي ۽ اسين بلڪل اڳين مورچم ۾ ويٺا هئاسين. هن
سرڪاري طور تي حڪم جاري نه ڪيو هو پر سندس مرضي ۽
خواهش اها هئي ته الڪحل خندقن ۾ نه وڃي. اهي
ڳالهيون مدنظر رکندي اهو تصور ڪريو ته هڪ اونداهي
۽ پوسل واري کڏ ۾ پورٽ[3]
جي شيشي واپرائجي رهي هئي جو ’ڪمانڊنگ آفيسر،
ڪمانڊنگ آفيسر‘ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ۽ انهيءَ ئي
لمحي دوران ڪرنل جيفريز کي ڏاڪا لهندي پاڻ ڏانهن
ايندي ڏٺو سون. هڪ نوجوان آفيسر جنهن ۾ فوجي ڏات
جا جراثيم ظاهر ظهور موجود هئا انهيءَ هڪ ٻرندڙ
ميڻ بتي کڻي پورٽ جي شيشي جي منهن ۾ ٽُنبي ڇڏي.
اهڙيون ميڻ بتيون عام هونديون هيون. هر ڳالهه صحيح
ٿي وئي. بهرحال ڇهه مهينا پوءِ جڏهن اهو نوجوان
آفيسر موڪل تي هو ۽ اتفاقي طور گارڊس ڪلب ۾ ڪرنل
جيفريز سان گڏ ساڳئي ٽيبل تي ويٺل هو ته ڪرنل کيس
پورٽ جي هڪ جام جي صلاح هنئي جيڪا هن قبول ڪئي.
بوتل آئي ۽ گلاس به خالي ٿي ويا ته ڪرنل پڇيو ته
”انهيءَ ۾ ميڻ بتين جي گريس جي بوءِ ته ڪانه هئي؟“
انهيءَ تي ٻئي آفيسر گڏجي خوب کليا.
****
مانوارو پڙهندڙ جيڪڏهن موضوع کان ٿورو هٽڻ جي اجازت ڏئي ته آءٌ
هتي اها ڳالهه بيان ڪندو هلان ته سيندهرسٽ ۾
منهنجي آخري ٽرم ۾ مونکي مسز اور مسٽن چانٽ پاران
هلايل پاڪائي مهم
(Purity Campaign) چيڙائي وڌو هو. اها خاتون لنڊن ڪائونٽي ڪائونسل جي رڪن هئي. هن
سن 1894ع جي اونهاري جي مند ۾ ميوزڪ هالن کي پاڪ
ڪرڻ جي هڪ سرگرم تحريڪ هلائي هئي. سندس توجهه جو
مرڪز خاص طور ايمائير ٿيٽر وارو رستو هو. ڊريس
سرڪل جي پٺيان انهيءَ وڏي ايراضيءَ تي شام جي وقت
۽ خاص طور ڇنڇر وارن ڏينهن تي نوجوان ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا جيڪي نه فقط
پرفارمنس هلندي پر وقفن دوران هڪٻئي سان ڪچهريون
ڪندا هئا ۽ وقت بوقت الڪحلي مشروبن مان به فرحت
وٺندا هئا. مسز اورمسٽن چانٽ ۽ سندس دوستن انهن
خوشيون ملهائيندڙن جي اخلاق ۽ متانت بابت ڪيترائي
الزام هنيا ۽ اهو رستو ۽ انهيءَ سان لاڳو شراب
خانا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. حالتن مان لڳو پئي ته
انگريز عوام جي اڪثريت معاملن کي مختلف رُخ کان
پئي ڏٺو. ڊيلي ٽيليگراف انهن ڏينهن ۾ اسان جي مکيه
۽ مقبول اخبار هوندي هئي. اها اخبار سندس موقف جي
حمايت ڪرڻ لڳي. انهيءَ اخبار ”پاڪبازي جا دعويدار
شڪار جي ڳولا ۾“
(Prudes on Prowl)
جي عنوان سان ڏاڍن سگهارن ليکن جو هڪ سلسلو شروع
ڪيو. جنهن ۾ ماڻهو پري پري کان ڏاڍا پُرجوش نموني
خط لکي موڪليندا هئا ۽ انهن تي پنهنجن نالن بجاءِ
”پنجن ٻارن جي ماءُ“، ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“، ”مهذب ۽
عيسائي“، ”جان بل“ ۽ اهڙا ٻيا نالا لکي موڪليندا
هئا. اهڙي طرح انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ وڏي عوامي دلچسپي
پيدا ٿي پئي. منهنجي سينڊهرسٽ جي دوستن جي حلقي ۾
انهيءَ موضوع تي ڏاڍا بحث مباحثا ٿيندا هئا. اسان
جي عادت هوندي هئي ته اسان کي مهيني ۾ ٻه دفعا
ڇنڇر جي منجهند کان آچر جي اڌ رات تائين جيڪا
مختصر موڪل ملندي هئي انهيءَ ۾ انهيءَ رستي جو چڪر
ڏيڻ ويندا هئاسين. مسز چانٽ جي کليل ۽ ڍڪيل الزامن
اسان جي جذبات کي ڏاڍو مجروح ڪري وڌو هو. اسان کي
اتي ٻنهي جنسن جي ماڻهن جي هلت چلت ۾ شڪايت جهڙي
ڪابه ڳالهه نظر نه آئي هئي. اسان جي نظر ۾ ته
جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪا حقي واجبي تنقيد ڪري
سگهجي پئي ته اهو اتي موجود قد آور ۽ وردي پوش
دربانن جو سخت ۽ ان گهڙيو رويو ئي هوندو هو جيڪي
ڪنهن هوش حواس مان ٿورو ئي نڪتل ماڻهو کي فوراً
وٺي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا. اسان جي نظرن ۾
مسز چانٽ جي تحريڪ جو ڪوبه ضرور ڪونه هو ۽ اها
برطانوي آزادي جي بهترين روايتن جي بلڪل خلاف هئي.
آءٌ انهيءَ معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بيتاب هئس. هڪ
ڏينهن مون ڊيلي ٽيليگراف ۾ پڙهيو ته ڪنهن معزز
ماڻهوءَ- انهيءَ جو نالو مون کان وسري ويو آهي-
اها تجويز پيش ڪئي هئي ته مسز چانٽ ۽ ان جي عدم
رواداريءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ان جو توڙ ڪرڻ لاءِ شهرين
جي انجمن
(League of Citizens) قائم ڪجي. اها انجمن
The Entertainments Protection League جي نالي سان سڏي وڃڻي هئي. انجمن بابت وڌيڪ اهي به
تجويزون هيون ته هم خيال ماڻهو گڏجي ان جي مجلس
عامله
(Executive)
۽ ٻيون ڪميٽيون ٺاهين، عهدا سنڀالين، ميمبر ٺاهين،
چندا گڏ ڪن، پبلڪ ميٽنگون ڪوٺائين ۽ ان جي نظرين
جي حمايت ۾ لٽريچر جاري ڪن. مون فوري طور پنهنجون
خدمتون پيش ڪري ڇڏيون. مون انهيءَ نيڪوڪار فائونڊر
ڏانهن سندس ڏنل ايڊريس تي خط لکي سندس مقصدن سان
پنهنجي دلي رضماندي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به
لکي ڇڏيو ته آءٌ هر قانوني طريقي ۾ هن سان گڏجي ڪم
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جلد ئي مون وٽ هن جو تمام
سٺي نموني ڇپيل ڪاغذ تي جوابي خط پهچي ويو. جنهن ۾
منهنجي مدد ۽ سهڪار جو آدرڀاءُ ڪندي مون کي مجلس
عامله جي پهرين گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوٺ ڏني وئي
هئي. اها گڏجاڻي ايندڙ اربع ڏينهن ڇهين وڳي لنڊن
جي هڪ هوٽل ۾ ٿيڻي هئي. اربع ڏينهن اڌ موڪل هوندي
هئي ۽ سٺي چال چلت وارن ڪيڊٽن کي فقط گهرڻ سان
لنڊن وڃڻ جي موڪل ملي ويندي هئي. آءٌ وچ وارا ٽي
ڏينهن هڪ تقرير تيار ڪرڻ ۾ مصروف رهيس جو منهنجو
خيال هو ته متان مونکي اتي سخت مُنهن وارن شهرين
تي ٻڌل پُرهجوم مجلس عامله جي سامهون تقرير ڪرڻ جو
چيو وڃي. مون جيئن ته اڳ ۾ ڪڏهن عوام جي سامهون
تقرير ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي تنهنڪري هي منهنجي
لاءِ هڪ تمام اهميت وارو ڪم هو. مون تقرير ٽي چار
دفعا ورائي ورائي لکي ۽ مڪمل طور ياد ڪري ڇڏي.
انهيءَ تقرير ۾ برطانوي عوام جي پيدائشي حقن، قانون پسند شهرين
جي سماجي عادتن ۾ رياست پاران رُخني ۽ عوامي حمايت
کان سواءِ بندشون وجهڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بڇڙن
اثرن بابت تمام اهم آئيني نقطا اٿاريل هئا. انهيءَ
۾ حقيقت بابت ڪوبه وڌاءُ ٿيل نه هو نه ئي حقيقتن
تي پردو وڌو ويو هو. انهيءَ ۾ خوش مزاجي ۽ اعتدال
جي ذريعي مخالف کي آماده ڪرڻ ۽ ڪامن سينس گاڏڙ
منطق جي ذريعي کيس ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
هئي. انهيءَ جي پُڄاڻي وارن ٽڪرن ۾ اسانجن مخالفن
کي ڌيرج ۽ سڪون وارو انداز اختيار ڪرڻ جي اپيل پڻ
ڪئي وئي هئي. اهو ڪم پورو ڪرڻ کان پوءِ آءٌ نهايت
شدت ۽ بيچينيءَ سان انهيءَ اهم موقعي جو انتظار
ڪرڻ لڳس.
ان ڏينهن جيئن ئي اسان جا صبح وارا ڪم پورا ٿيا ته مون تڙ تڪڙ ۾
منجهند جي ماني کاڌي ۽ وردي لاهي سادا ڪپڙا پهريا.
(اسان کي
Mufti
لفظ کان نفرت ڪرڻ سيکاري ويندي هئي ۽
Civvies
جهڙا اڻ وڻندڙ لفظ ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن کي معلوم
ئي نه هوندا هئا.) ۽ ريلوي اسٽيشن ڏانهن ڀڳس جتان
لنڊن ويندڙ تمام آهستي هلندڙ ٽرين ۾ چڙهيس. هتي
آءٌ اها ڳالهه به بيان ڪري ڇڏيان ته اهو منهنجي
مالي مشڪلات جو دور هو. حقيقت ۾ اوٽ موٽ جي ريلوي
ٽڪيٽ کان سواءِ منهنجي کيسي ۾ فقط چند شلنگ ئي
باقي بچيا ۽ منهنجو ڏهه پائونڊ ماهوار الائونس اچڻ
۾ اڃا پندرنهن کان وڌيڪ ڏينهن پيا هئا.
سفر دوران آءٌ پنهنجي تقرير جي انهن نقطن ۽ ٽڪرن کي ورجائيندو
رهيس جيڪي منهنجي نظر ۾ خاص اهميت وارا هئا. آءٌ
واٽرلو کان ليسيسٽر اسڪئائر تائين گاڏيءَ ۾ چڙهي
ويس جو مجلس عامله لاءِ مقرر ٿيل هوٽل به ان جي
آسپاس واقع هو. آءٌ وڏي روڊ کان پري انهن گهٽين جي
گندي ۽ غليظ صورتحال ڏسي ۽ وري جڏهن هوٽل اڳيان
منهنجي گاڏي اچي بيٺي ته ان کي به ڏسي مونکي ڏاڍو
تعجب ٿيو ۽ ڪجهه ٻڏتر جو شڪار ٿي ويس. بهرحال دل ۾
سوچيو ته انهن شهر جي فيشني علائقي کان پاسو ڪري
شايد بلڪل صحيح ڪم ڪيو آهي. انهيءَ تحريڪ کي
جيڪڏهن وڌڻو ويجهڻو آهي ته ان جو عوام جي خواهشن
تي بنياد هئڻ لازمي آهي. انهيءَ لاءِ اها ڳالهه به
ضروري آهي ته اها انسانن جي سڀني طبقن ۾ موجود
جبلتن کي مطمئن ڪري. انهيءَ کي خوش باش نوجوانن ۽
اعلى طبقي سان لاڳاپي ۾ اچي پنهنجي اصولن تي
سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. هوٽل جي پورٽر کي مون ٻڌايو
ته آءٌ
Entertainment Protection League جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ آيو آهيان جنهن جي اڄ توهانجي
هوٽل ۾ ٿيڻ جو اعلان ٿيل آهي.
پورٽر پهريان ته ڪجهه پريشان ڏسڻ ۾ آيو پر پوءِ چيائين ته:
”منهنجي خيال ۾ انهن جو هڪ ماڻهو سموڪنگ روم ۾
ويٺو آهي.“ پورٽر مون کي سموڪنگ روم جي نالي ۾ هڪ
ننڍڙي اونداهي ڪمري ۾ وٺي هليو. اتي آءٌ نئين
انجمن جي بانيڪار سان مليس. هو اڪيلو ويٺو هو. آءٌ
اڳي ئي گومگو جو شڪار هوس پر پنهنجي مايوسي کي
اميد جي وسامندڙ ڪرڻن هيٺ لڪائيندي مون پڇيو ته
”گڏجاڻي ڪڏهن شروع ڪندا؟“ هو پاڻ منجهيل پئي لڳو
سو چيائين: مون ڪافي ماڻهن ڏانهن خط لکيا هئا پر
انهن مان آيو ڪير به ڪونهي، فقط آءٌ ۽ توهان
آهيون. اسان آئين ته پاڻ ئي ٺاهي سگهون ٿا ڇا خيال
آهي؟ مون وراڻيو ”پر توهان ته مون ڏانهن ليگ جي
ڇپيل ليٽر پيڊ تي خط لکيو هو“ ”هائو“، هن چيو
”انهيءَ تي خرچ فقط پنج شلنگ آيو هو.[4]
اهڙا ڪم شروع ڪرڻ وقت ڇپيل ليٽر پيڊ سٺي ڳالهه
هوندي آهي. اهو ماڻهن کي اڳتي وک وڌائڻ لاءِ
همٿائيندو آهي. توهان پاڻ ڏسو ته توهانکي به
انهيءَ ڪاغذ همٿايو آهي.“ هن ساهي پٽي جو لڳو ٿي
ته منهنجي چُپ چپاتي سندس جوش تي ماڪ وجهي ڇڏي
هئي. هن وري به ڳالهه کي اڳتي وڏائيندي چيو ته:
”اڄڪلهه انگلينڊ ۾ ماڻهن کي ڪنهن به ڪم ڏانهن مائل
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. ڇا به ٿي پئي اهي
پنهنجي جاءِ تان چُرن پُرن ئي نه ٿا. مونکي خبر نه
ٿي پوي ته ملڪ کي ڇا ٿي ويو آهي. لڳي ٿو ته انهن ۾
ڪا روح ۽ جان رهي ئي نه آهي.
معاملي کي اڳتي وڌائڻ مان ڪجهه به حاصل ٿيڻو نه هو ۽ ليگ جي
باني سان ڪاوڙجڻ به بيسود هو. تنهنڪري مون بي
دليءَ سان پر حتمي طور خدا حافظ چيو ۽ ٻاهر گهٽي ۾
هليو آيس. انهيءَ وقت منهنجي حالت اها هئي جو
فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل هڪ تقرير منهنجي سيني ۾
ڇوليون هڻي رهي هئي ۽ منهنجي کيسي ۾ فقط هڪ هاف
ڪرائون پيو هو. رستن تي ماڻهن جا ميڙ هئا جيڪي
ننڍڙين دلچسپين ۾ مگن هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا
هئا ۽ انساني حڪومت جي وڏن معاملن کان بي خبر ۽
لاتعلق لڳا پيا هئا. مون رحم ۽ ڌڪار جي هڪ گڏيل
نظر انهن کسيس ذهن وارن واٽهڙن تي وڌي. راءِ عامله
کي درست رُخ ۾ هلائڻ ايترو سولو نه هو جيترو مون
سمجهيو هو. جمهوريت جي اها ڪمزور پيداوار پاڻ کي
مليل آزادين کي ڪا اهميت ئي نه ٿي ڏئي ته اها انهن
وسيع صوبن ۽ ملڪن جو دفاع ڪيئن ڪندي جيڪي اسان
صدين جي وڏ گهراڻي حڪومت جي ذريعي حاصل ڪيا هئا.
آءٌ ته ٿوري دير جي لاءِ سلطنت جي مستقبل کان ئي
مايوس ٿي ويس. پوءِ مون رات جي مانيءَ بابت سوچيو
۽ بي دلي سان انهيءَ حقيقت کي منهن ڏنو ته منهنجي
کيسي ۾ فقط هڪ هاف ڪرائون هو. نه انهيءَ سان ڪم نه
هلندو. مزي جهڙي اڌ ڏينهن جي موڪل تي لنڊن اچجي،
انهيءَ سفر جو گهڻي وقت کان شوق به دل ۾ رکجي ۽
اهڙي تقرير کڻي اچجي جيڪا شايد قوم جي تقدير جي
صورتگري ڪري ها! هاڻي سوچيم ته انهيءَ وقت منهنجي
ڪهڙي حالت هوندي جو سموري صورتحال تبديل ٿي وئي.
اها غير هضم ٿيل تقرير منهنجي معدي تي چڙهي بيٺي
هئي ۽ سينڊهرسٽ وڃڻ سان مونکي بن ۽ چانهن جو ڪوپ
مُنهن ۾ لڳي ها. اها ڳالهه صبر ۽ تحمل جي حد کان
ٻاهر هئي. اهڙي صورتحال ۾ مون اهو ڪم ڪيو جيڪو اڳ
۾ نه ڪيو هو نه ئي پوءِ ڪڏهن ڪيم. هاڻي آءٌ
اسٽرانڊ
(Strand)
وٽ پهچي چڪو هوس. مون کي مسٽر اٽنبورو جي مشهور
دڪان مٿان ٽي سونهري بال لڙڪندي نظر آيا. مون وٽ
ڏاڍي سهڻي سوني واچ هئي جيڪا منهنجي پيءُ مونکي
گذريل سالگرهه تي ڏني هئي. اها ڪا ايتري وڏي ڳالهه
ته نه آهي. وڏين وڏين بادشاهتن جا تاج جا هيرا به
سخت موقعن تي گروي ٿيا هئا. دڪاندار واچ کي نهايت
عزت سان هٿ ۾ جهليندي مون کان پڇيو: ”ڪيترا پئسا
گهرجنئي؟“ ”پنج پائونڊ ڪافي آهن“ مون چيو. هن هڪ
کاتي ۾ ڪجهه انگ اکر درج ڪرڻ کان پوءِ مونکي پنج
پائونڊ ۽ اها هڪ ٽڪيٽ ڏني جنهن جو ذڪر مون
هيستائين فقط ميوزڪ هال گيتن ۾ ٻُڌو هو. آءٌ پئسا
وٺي وري لنڊن جي دل ڏانهن نڪري پيس. دير سان
سينڊهرسٽ به خيريت سان پهچي ويس.
ٻئي ڏينهن منهنجا سينڊهرسٽ جا دوست گڏجاڻيءَ جي روداد ٻڌڻ لاءِ
تيار ويٺا هئا. آءٌ پنهنجي تقرير مان ڪجهه پُر مغز
نقطا انهن کي اڳ ئي ٻڌائي چڪو هوس. هاڻي هو اهو
ڄاڻڻ لاءِ فڪرمند هئا ته انهن نقطن حاضرين تي ڪهڙو
اثر وڌو ۽ ٻيو ته گڏجاڻي ڪيئن ٿي گذري. انهن ته
مونکي ڪنهن حد تائين ساراهيو هو ته آءٌ سندن نظرين
جي حمايت ۽ تائيد ۾ دل ٻڌي هڪ اهڙي مجلس قائمه آڏو
تقرير ڪرڻ پيو وڃان جنهن ۾ وڏي عمر وارا ماڻهو،
سياستدان، ڪائونسل ميمبر شريڪ ٿيندا. انهن انهيءَ
گڏجاڻيءَ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻڻ ٿي چاهيو. مون انهن کي
پنهنجي راز ۾ شريڪ نه ڪيو. آءٌ انهن سان عام نوعيت
جون ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيس ته هڪ آرامده ۽
مجموعي طور مطمئن ماڻهن جي ملڪ ۾ عوام کي ڪنهن
مسئلي تي کڙو ڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڏکيائون پيش اچن ٿيون.
مون انهيءَ ڳالهه جي به اهميت واضح ڪئي ته قدم
بقدم اڳتي وڌجي ۽ اڳيون قدم کڻڻ کان اڳ پٺئين قدم
واري حيثيت کي مستحڪم ڪجي. پهريون قدم مجلس عامله
جي شڪل هو ۽ اهو قدم کڄي چڪو هو. ٻيون قدم ليگ جو
آئين ٺاهڻ ۽ مختلف ذميواريون ۽ اختيار ماڻهن جي
ذمي ڪرڻ هو. اهو ڪم هلي رهيو هو. ٽيون قدم عوام کي
وڏي پيماني تي اپيل ڪرڻ هوندو ۽ ان جي موٽ ملڻ تي
ٻين سڀني ڳالهين جو دارومدار هو. اهي بيان ڪجهه شڪ
شهبو رکندي قبول ڪيا ويا پر آءٌ ٻيو ڪري به ڇا ٿي
سگهيس؟ مون کي جيڪڏهن پنهنجي اخبار هجي ها ته آءٌ
پنهنجي تقرير انهيءَ ۾ پهرئين صفحي تي توجه
ڇڪائيندڙ سرخيون ڏياري لفظ بلفظ شايع هلرايان ها.
انهيءَ ۾ مناسب جاين تي ڪميٽي جي ميمبرن جي زوردار
تاڙين جو به ذڪر هجي ها. انهيءَ صورت ۾ شايد
Entertainment Protection League
سچي پچي ترقي ڪري ها. ارڙهن سو نوي واري ڏهاڪي جي
شروعاتي سالن ۾ جڏهن ڪيتريون ئي شيون اڃان تشڪيل
جي ابتدائي مرحلن ۾ هيون تڏهن اها تقرير شايد
سموري انگريزي ڳالهائيندڙ دنيا ۾ اهڙي مضبوط عوامي
راءِ پيدا ڪري ها ۽ انهيءَ جي ذريعي دنيا کي اهڙو
واضح ۽ چٽو چتاء ملي وڃي جو سگهارو آمريڪا به شايد
‘Prohibition’
کان محفوظ ٿي وڃي ها.
انهيءَ جهاد ۾ هڪ ٻيو وار ڪرڻ به منهنجي مقدر ۾ لکيل هو مسز
چانٽ جي مهم ناڪام نه ٿي هئي. اها ايتري خطرناڪ
پئي ڏسڻ ۾ آئي جو اسان جي پارٽيءَ کي دورانديشي
انهيءَ ۾ ڏسڻ ۾ آئي ته مخصوص برطانوي سمجهوتو ڪري
وٺجي. انهيءَ سمجهوتي مطابق اهو طي ٿيو ته هلڪا
ڪينواس جا پردا ڏئي ماڻهن کي ناپسند شراب خانن کي
عام رستي تان ڌار ڪيو وڃي. اهي قانون جي نظر ۾
رستي کان ايترا پري هوندا ڄڻ اهي ڪنهن ڀر واري ملڪ
۾ هجن. پر مناسب ويڪر جا اچڻ ۽ وڃڻ جا رستا قانوني
طور ڏنا ويندا ۽ هوا جي گذر لاءِ به ڪينواس ۾
ضروري خال ڪيا ويندا. اهڙي طرح محبت جي ديوي ۽
شراب جي ديوتا جا مندر ويجها هوندي به هڪٻئي کان
جدا هوندا ۽ اهي انساني ڪمزورين تي هڪ ئي وقت گڏيل
حملو نه ڪري سگهندا. انهن جو حملو هڪٻئي کان پوءِ
هوندو يا هڪ جو حملو هڪ شخص تي هوندو ته ٻئي جو
حملو ٻئي شخص تي هوندو. انهيءَ بندوبست جي
“Prudes on the Prowl”
طرفان ڏاڍي ساراهه ٿي. ميوزڪ هالن جا مالڪ به لڳو
ٿي ته تڪليف ۽ احتجاج جون رڙيون ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجي نصيب تي راضي ٿي ويهي رهيا. اهو بندوبست
سينڊهرسٽ طرفان هلايل تحريڪ جي خواهش مطابق نه هو.
اهو اڻ وڻندڙ امن قائم ڪرائڻ ۾ اسان سان ڪو مشورو
به نه ڪيو ويو هو. آءُ پاڻ اهڙي امن جي پٺيان
موجوده منافقت تي ڌڪار سان ڀريل هوس. مونکي انهن
ڏينهن ۾ اها ڳالهه وهم گمان ۾ ئي نه هئي ته دوکو ۽
دولاب جمهوري طور آزاد رهندڙ عظيم قومن جي سماجي
زندگيءَ ۾ ايترو وڏو ۽ مددگار ڪردار ادا ڪري ٿو.
آءُ چاهيندو هئس ته رياست جي فرضن ۽ فرد جي حقن جي
بلڪل واضح وصف هئڻ گهرجي. انهيءَ وصف ۾ عوامي
سهوليت جي مدنظر ڪا ضروري ڦيرڦار ڪرڻي هجي ته اها
ڀلي ڪئي وڃي.
ايمپائير گذرگاه تي ڪينواس جون اهي رڪاوٽون لڳڻ کان پوءِ پهرئين
ڇنڇر جي رات اتفاق اهڙو ٿيو جو اسان ڪيڊٽن جو به
هڪ وڏو انگ اتي اچي گڏ ٿيو. لڳ ڀڳ اسان جي عمر جا
يونيورسٽين جا به ڪيترائي ڇوڪرا اچي ويا پر اهي
بلڪل غير ذميوار ۽ فقط ڪتابي ڪيڙا هئا. سڀني ماڻهن
انهن نين اڏاوتن جو غور سان جائزو ورتو ۽ انهن
بابت اڻ وڻندڙ رايا ڏيڻ شروع ڪيا. پوءِ ڪنهن
نوجوان پنهنجي واڪنگ اسٽڪ ڪينواس ۾ ٽنبي ڪڍي. ٻين
به سندس نقش قدم تي هلندي ائين ئي ڪيو. جڏهن ٻيا
شريڪ ڪار اهڙي انداز ۾ پنهنجي سوچ جو اظهار ڪري
رهيا هئا ته فطري طور آءُ به پٺتي نه رهي سگهيس ۽
اوچتو هڪ تمام عجيب شي واقع ٿي. ٻه يا ٽي سو ماڻهن
تي ٻڌل سمورو ميڙ جوش ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. اهي هنن
ڪمزور رڪاوٽن تي ڪڙڪي پيا ۽ انهن کي ڦاڙي ٽڪرا
ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. اختيارين جي ڪا به نه هلي. ڪاٺ
جي ٽڙڪاٽ ۽ ڪينواس جي چيرجڻ جي آوازن ۾ سموريون
رڪاوٽون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ شراب خانا هڪ دفعو وري
انهيءَ ساڳئي گذرگاه سان لاڳو ٿي ويا جنهن تي انهن
گهڻو وقت خدمتون سرانجام ڏنيون هيون.
اهڙين ڪنهن حد تائين ناسازگار حالتن ۾ مون پنهنجي پهرئين تقرير
ڪئي. ڪاٺ ڪٻاڙ جي ڍير تي چڙهي بيهي ۽ ڪنهن حد
تائين ان جي هيٺيان نڪري منظر تي ايندي مون جذبات
سان ڀريل ميڙ کي خطاب ڪيو. منهنجن لفظن جو تُز
رڪارڊ ته ڪٿي محفوظ ڪونهي پر ايترو ضرور آهي ته
ماڻهن انهن کي توجه سان ٻڌو هو ۽ تڏهن کان وٺي
ڪيترن ماڻهن مونکي اهي ڳالهيون پئي ٻڌايون آهن.
آءُ آئيني دليلن جي بلڪل ويجهو به نه ويس ۽ ماڻهن
جي جذبن ۽ احساسن سان سنئون سڌو مخاطب ٿيس. مون
پنهنجي تقرير هنن لفظن تي ختم ڪئي: ”توهان ڏسو ٿا
ته اڄ اسان اهي رڪاوٽون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن
باقي ايندڙ چونڊن ۾ اهي رڪاوٽون قائم ڪرڻ وارن جا
تختا ڪڍڻ توهان جو ڪم آهي.“ انهن لفظن تي ماڻهن دل
کولي داد ڏنو ۽ پوءِ اسين سڀئي ڪاٺ ۽ ڪينواس جا
ٽڪرا ٽرافين طور هوا ۾ جُهولائيندا چوڪ ۾ ڪاهي
پياسين. انهيءَ تي مون کي جوليس سيزر جي موت جو
واقعو ياد اچي ويو جڏهن سازشي انهيءَ ظالم حڪمران
جي قتل ۾ ڪم آيل رت ڀريل خنجر لوڏيندا گهٽين ۾
ڪاهي پيا هئا. آءُ بيسٽل
(Bastille)
جيل تي قبضي واري واقعي کان به ڀلي ڀت واقف هوس.
اهي ڳالهيون به منهنجي ذهن تي تري آيون.
لڳي ٿو ته ڪو به انقلاب آڻڻ کان ان کي اڳتي وڌائڻ وڌيڪ مشڪل
هوندو آهي. اسان کي سينڊهرسٽ لاءِ آخري ٽرين تي
پهچڻو هو نه ته ڊيوٽي ۾ غفلت جا ڏوهاري ٿيون ها.
رات جو ٻارهين وڳي کان ٿورو دير پوءِ اڃان تائين
واٽرلو کان هلندڙ اها ٽرين لاشن جو روزاني جو ڏن
لنڊن نيڪرو پولس کڻي ويندي آهي تڏهن اها ايلڊرشاٽ
ويجهو فرملي
(Frimly)
تائين هلندي هئي ۽ اتي صبح جو ٽين وڳي پهچندي هئي.
اتان رائل ملٽري ڪاليج پهچڻ لاءِ اسان کي اٺ يا
ڏهه ميلن جو فاصلو گهوڙي گاڏيءَ ۾ ڪرڻو پوندو هو.
اسين انهيءَ رات انهيءَ ڳوٺڙي ۾ پهتاسين ته اتي ڪا
به سواري نه هئي. تنهنڪري اسان اتان جي سراء جي
مالڪ جو دروازو کڙڪايو. ٿي سگهي ٿو ته اسان سندس
دروازو ڪجهه گوڙ شور واري انداز ۾ کڙڪايو هجي جو
ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن دروازي جو مٿيون اڌ
کُليو ته انهيءَ مان اوچتو بندوق جو هڪ نال ظاهر
ٿيو انهي جي پٺيان هڪ ماڻهو هيڊو ۽ ڌمڪائيندڙ منهن
کنيو بيٺو هو. انگلينڊ ۾ معاملا انتهائن تي ڪڏهن
ڪڏهن ئي پهچندا آهن. اسان مضبوط انداز اختيار ڪندي
کيس پنهنجي ضرورت کان آگاهه ڪيو ۽ ڏوڪڙن جي آڇ
ڪئي. سراءِ مالڪ کي صورتحال سمجهه ۾ آئي ته اڳ ۾
سندس شڪ شهبا دور ٿيا پوءِ ڪاوڙ ختم ڪري ٿڌو ٿيو ۽
هڪ پوڙهو گهوڙو ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ پراڻي گاڏي
آندائين. اسين ست يا اٺ ڄڻا انهيءَ تي سوار ٿي
ڪيمبرلي پهتاسين ۽ دروازي تي پورٽر کي تڪليف ڏيڻ
کان سواءِ غير سرڪاري رستن کان ٿيندا پنهنجن ڪمرن
۾ پهچي وياسين ۽ پوري وقت تي صبح سوير واري پريڊ ۾
شامل ٿياسين.
انهيءَ واقعي چڱي خاصي هلچل پيدا ڪئي. ايستائين جو اڪثر اخبارن
۾ انهيءَ بابت ليک به آيا. ڪجهه وقت مونکي ڌڙڪو
لڳو رهندو هو ته متان انهيءَ ڪاروائي ۾ منهنجي ادا
ڪيل ڪردار سبب ماڻهن جو غير ضروري ڌيان مون ڏانهن
نه ٿي وڃي. انهيءَ ڳالهه جو حقيقي خطرو پڻ موجود
هو. منهنجي پيءُ جو نالو اڃا به ماڻهن کي جوش ۾
آڻي ڇڏيندو هو. مونکي ظلم جي رستا روڪ ۾ پنهنجي
ادا ڪيل ڪردار تي جيتوڻيڪ فخر هو ڇاڪاڻ ته آزاد
ملڪ ۾ رهڻ جي خواهش رکندڙ هر شهري جو اهو فرض آهي
پر آءٌ انهيءَ ڳالهه کان به بي خبر نه هوس ته
انهيءَ جي ابتڙ رايو به پيدا ٿي سگهيو ٿي ۽ اهو
رايو هرهنڌ مقبول ٿي وڃڻ جو امڪان پڻ موجود هو.
وڏي عمر وارن ماڻهن ۽ اختياريءَ تي ڪڏهن به ڀروسو
ڪري نه ٿو سگهجي ته اهي نوجوانن جي بي احتياطين
بابت کليل ذهن وارو رايو قائم ڪندا. اهي ڪڏهن ڪڏهن
اها اڻ وڻندڙ حرڪت به ڪندا آهن جو ڪنهن فرد کي ٻين
کان ڌار ڪري ان کي مثال بڻائي ڇڏيندا آهن. آءٌ
جيتوڻيڪ هر وقت شهادت لاءِ تيار هوندو هوس پر تڏهن
منهنجي ترجيح اها هئي ته شهادت ڀلي موخر رهي. چڱو
ٿيو جو هلندي هلندي جڏهن منهنجو نالو انهيءَ واقعي
سان ڳنڍيو وڃڻ لڳو ته انهيءَ ۾ عوامي دلچسپي بلڪل
ختم ٿي وئي هئي ۽ ڪاليج يا وار آفيس ۾ انهيءَ
واقعي کي نئين سر جيئارڻ وارو ڪوبه بدخواه ماڻهو
موجود نه هو. انهيءَ ڀلي ڀاڳ واري ڪم کي ياد رکڻ
واجب آهي. جو جيڪڏهن ڪا بدنصيبي حصي ۾ اچي ته
ماڻهو انهيءَ کي ياد ڪري آٿت وٺي. هاڻي مون کي فقط
اهو ٻڌائڻو آهي ته ڪائونٽي ڪائونسل جي چونڊن جا
نتيجا توقع جي ابتڙ آيا. چونڊن ۾
Progressives
کٽيو. اهي پاڻ کي انهيءَ نالي سان سڏرائيندا هئا.
رڪاوٽون سرن ۽ پلستر سان وري ٺاهيون ويون ۽ اسان
جون سڀ ڪوششون بيسود ثابت ٿيون. بهرحال ڪير به
ائين نه چئي سگهندو ته اسان پوري ڪوشش نه ڪئي هئي.
****
سيندهرسٽ ۾ منهنجو ڪورس جلد ئي پڄاڻي تي پهتو هن دفعي آءٌ سڀ
کان آخر ۾ ريڙهيون پائڻ بجاءِ اعزاز سان پاس ٿيس ۽
ڏيڍ سو ڪيڊٽن جي بئچ ۾ اٺون نمبر آيس. آءٌ اها
ڳالهه انهي ڪري هتي بيان ڪريان جو انهيءَ مان ثابت
ٿئي ٿو ته آءٌ اهميت واريون شيون جلدي سکي سگهيس
ٿي. اهو هڪ سخت پر خوشگوار تجربو هو. ڪورس ۾ جملي
ٽي ٽرم هئا ۽ هر ٽرم جي پڄاڻي تي ماڻهو تقريباً
پنهنجو پاڻ جونيئر کان انٽرميڊئيٽ ۽ پوءِ سينئر ۾
ٽپي ٿي ويو. ترقي جا مرحلا ايترا مختصر هوندا هئا
جو ماڻهو هڪ سال ۾ سينئر ۾ پهچي ٿي ويو. ائين
محسوس ٿيندو هو ته ماڻهوءَ ۾ هفتيوار واڌ ٿي وڃي.
سن 1894ع جي ڊسمبر مهيني ۾ آءٌ ڪئينز ڪميشن
(Queens Commission)
حاصل ڪرڻ لاءِ پوري طرح اهل ٿي گهر موٽيس. مون
پنهنجي اسڪولي ڏينهن جي ابتڙ ڪيترائي دوست ٺاهيا
جن مان ٽي يا چار حال حيات آهن. جيستائين ٻين جو
تعلق آهي اهي سفر سڌاري ويا آهن. ڏکڻ آفريقي جنگ
نه فقط منهنجن دوست پر منهنجي ڪمپني جي ئي وڏي حصي
کي پورو ڪري ڇڏيو باقي تقريباً ٻين سڀني جو وڏي
جنگ سر کنيو. چند جيڪي بچي ويا آهن انهن مان ڪنهن
جي سٿر، ڪنهن جي سيني ته ڪنهن جي منهن ۾ دشمن جي
گولي لڳل آهي. آءٌ انهن سڀني کي سلام ڪريان ٿو.
آءٌ سينڊهرسٽ مان ڪورس پورو ڪري دنيا ۾ اچي ويس. سن 1895ع جي
شروعات کان هن وقت هي سٽون لکڻ تائين مونکي ڪنڌ
ورائي پٺتي ڏسڻ جو وقت نه مليو آهي. آءٌ اهڙا
ڏينهن پنهنجي آڱرين تي ڳڻي ٻڌائي سگهان ٿو جن ۾
مون کي ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪم نه هو. اهو دور هڪ اڻکٽ
متحرڪ تصوير وانگر نظر اچي ٿو جنهن ۾ آءٌ هڪ
اداڪار هوس. مجموعي طور اهو ڏاڍو دلچسپ دور هو. پر
1895ع کان 1900ع وارا سال جيڪي هن ڪهاڻي جو اهم
حصو آهن اهڙي دلچسپي، رنگارنگي ۽ جاکوڙ-وڏي جنگ جي
شروعاتي مهينن کان سواءِ-منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه
آئي آهي.
آءٌ جڏهن انهن تي نظر وجهان ٿو ته برتر خدائن لاءِ شڪر جي
احساسن سان ڀرجي وڃان ٿو جن مونکي وجود جو تحفو
ڏنو. اهي سڀئي سٺا ڏينهن هئا ۽ هر ڏينهن گذريل
ڏينهن کان بهتر هو. انهن ۾ لاها چاڙها به آيا،
خطرا ۽ سفر به پيش آيا پر سدائين چرپر جو احساس ۽
اميد رهندي هئي. سموري دنيا جا نوجوانو اڳتي قدم
وڌايو. جنگ هڪ نسل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهو خال
ڀرڻ لاءِ توهان جي جيتري ضرورت هاڻي آهي ايتري
ڪڏهن نه هئي. توهان وٽ وڃائڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ به نه
آهي. توهان کي زندگيءَ جي جنگ جي صف ۾ پنهنجي جاءِ
وٺڻي آهي. ويهن کان پنجويهن ورهين تائين! اهي ئي
اهميت وارا سال آهن. حالتون جيئن آهن انهن مان
مطمئن ٿي ويهي نه رهو. سموري ڌرتي ۽ ان ۾ جيڪي
ڪجهه آهي ان جا توهان ئي مالڪ آهيو. پاڻ کي ورثي ۾
مليل ملڪيت ۾ داخل ٿي وڃو ۽ پنهنجون ذميواريون
قبول ڪريو. عزت ۽ عظمت وارا جهنڊا وري کڻو ۽ نئين
دشمن جي لشڪر تي ڪاهه ڪري ڏيو. جيڪو انسانذات جي
فوج جي آڏو ملسل گڏ ٿي رهيو آهي. انهيءَ تي غلبو
حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي شڪست ڏيڻي پوندي. ڪنهن به حڪم
جي جواب ۾ ناڪار کي تسليم نه ڪريو. ناڪاميءَ جي
آڏو ڪڏهن به گوڏا نه کوڙيو. فقط شخصي ڪاميابي يا
مڃتا تي ڌُتارجي نه وڃو. توهان کان هر قسم جون
غلطيون ٿينديون پر جيستائين توهان ۾ صداقت، اعلى
ظرفي ۽ گڏوگڏ سختي موجود آهي ته توهان جي عملن مان
دنيا کي ڪابه تڪليف يا ايذاءُ نه پهچندو. اها
نوجوانن پاران ريهي ريبي راضي ڪرڻ ۽ ماڻهن لاءِ
ٺهي آهي. بار بار ماري مات ڪرڻ جي عمل مان گذري ئي
ان واڌ ويجهه ورتي آهي ۽ پنهنجو وجود برقرار رکيو
آهي.
|