جنهن وقت مون کي ’هلال امتياز‘ ڏنو ويو هو، تنهن
وقت هن کي ’حسن ڪارڪردگي‘ لاءِ تمغو ڏنو ويو هو.
مراد علي مرزا چيو ته: ”حفيظ پيرزادي، پاڪستان جي
وزير قانون، کيس ٽيلي فون تي چيو آهي ته آءٌ 14
آگسٽ تي ريڊيو تي سنڌ جي نمائندگي ڪريان ۽ پنهنجو
ڪوئي شعر پڙهان.“ مون هن کي مجبوري ڏيکاري ۽ چيو
ته: ”مون کي هاڻي وئڪيشن آهي ۽ مان پنهنجي ٻارن
سان پهرين تاريخ تي هڪ مهيني لاءِ ڪوئيٽا وڃي رهيو
آهيان، تنهنجي ڪري 14 آگسٽ تي حيدرآباد اچي نه
سگهندس.“
هو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري آيو ۽ چيائين: ”ڀٽي
صاحب جو حڪم آهي ته اوهان کي ڪوئيٽا ۾ ٽيپ ڪيو
وڃي.“
مان ڪوئيٽا ۾ بلديا هائوس ۾ رهيل هوس، جتي مون وٽ
منهنجو جونيئر نبي بخش کوسو آيو، جيڪو هاڻي فيڊرل
گورنمينٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري آهي. مون کي چيائين
ته: ڪوئيٽا پنهنجو شهر آهي. هتي بلوچي حڪومت آهي.
گل خان نصير وزير آهي، بزنجو گورنر آهي ۽ عطاءَ
الله مينگل وزير اعليٰ آهي.“
مون چيو ته: ”مون کي ٻارن سان زيارت وڃڻو آهي، جي
ڪنهن سرڪاري يا ٽوئرسٽ گاڏيءَ جو بندوبست ٿي پوي
ته ڏاڍو چڱو.“
نبي بخش چيو ته: ”هل ته گل خان سان ملي به اچون ۽
هن سان گاڏيءَ لاءِ ڳالهه به ڪريون. مون گل خان کي
سندس آفيس ۾ پنهنجو ڪارڊ ڏياري موڪليو ته هن چوائي
موڪليو ته: ”اوهان ڪٿي ٿا رهو، پنهنجو پتو ٻڌايو
ته مان اتي ٿو اچان.“ مون کيس بلديا هائوس ۾
پنهنجو ڪمرو نمبر لکي موڪليو. ٻارنهن ڏينهن گذري
ويا ته هو نه آيو ۽ نه فون ڪيائين. 14 آگسٽ تي شعر
رڪارڊ ڪرائڻ ويس ته ڏٺم ته وزيٽرس روم ۾ گل خان
نصير ويٺو آهي. هن جي چوڌاري نيم خوانده بلوچي
ويٺا آهن. هن مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ته
مون کيس ميار ڏني: ”ڀاءُ، تون واعدي مطابق بلديا
هائوس ۾ آئين ته ڪونه؟“
”مان ڇو اچان؟ تون مون سان ايترا مهينا مليو به
ناهين؟“ گل خان جواب ڏنو.
مون جواب ڏنو: ”مان اٺ مهينا جيل ۾ هوس، توکي يحيٰ
خان جيل ۾ ته نه وڌو هو. توکي مون وٽ منهنجي
آزاديءَ کان پوءِ اچڻ گهربو هو.“
هن چوڌاري پنهنجي حواري ڏسي منهن گهنجايو ته مون
گل خان کي چيو ته: ”مان هيٺ شعر پڙهان ٿو، توکي
جڏهن وڻي ته اچجانءِ. مان گل خان نصير سان ملڻ آيو
هوس، گل خان وزير کي نه سڃاڻان!“
مون کان ٿوري دير پوءِ گل خان نصير به پنهنجو شعر
رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ هيٺ آيو ۽ مون کي راضي ڪرڻ جي
ڪوشش ڪيائين، مون هن کي چيو ته: ”دل اهو شيشو آهي،
جو اهو هڪ ڀيرو ٽٽو ته وري نه ڳنڍبو آهي.“
بزنجي جي باري ۾ به ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ جي پيش لفظ
طور ڏنل ڊائريءَ ۾ ذڪر ڪيو هوم. باقي عطاءُ الله
مينگل سان مان نه مليو آهيان.
فيض احمد فيض جو به اتي ڪنهن سرڪاري ريسٽ هائوس ۾
رهيو پيو هو ۽ جنهن جي گل خان ڏاڍي اڳ پوءِ وٺي
رهيو هو. منهنجي دل جوئيءَ لاءِ ڪار ڪاهي آيو ۽
مون کي ايئرپورٽ تائين وٺي هليو هو، جتان هُو
هوائي جهاز ۾ هليو ويو. مان هوٽل تي موٽي آيس. مان
ساڍي نوين وڳي رات جي ماني ٻارن سان گڏ کائي ويٺس
ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. انيس در کوليو ته پيلو ٿي ويو.
هڪ اڇيري ڏاڙهيءَ سان غير واقف شخص منهنجي ڪمري ۾
هليو آهي. هن جيئن در کوليو تئين منهنجي نظر ڇهه
فوٽ ڊگهن مڙسن تي پئي، جن کي رائفلون هٿن ۾ هيون.
هنن مان اڳيان ايندڙ شخص پنهنجو تعارف ڪرائيندي
چيو ته: ”مان شيرو مري المعروف جنرل شيروف آهيان.
مان سڀاڻي انگلنڊ ٿو وڃان، جتان مون کي فلسطين جي
شدت پسند رهنما جارج حباش سان ملڻو آهي. جنهن کان
جدوجهد لاءِ هٿيار وٺڻا آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته:
”مان توکان ٻروچ قوم طرفان معافي وٺڻ آيو آهيان.
گل خان اصل ٻروچ نه آهي، بروهي آهي.“
مون هن کي چيو ته : ” چانهه پيئندؤ!“
هن جواب ڏنو ته ”مان بيئر پيئندس، سو به اڌ ڊزن
بوتلون.“ مون کيس چيو ته: ” ساڍا نوَ ٿيا آهن، گتا
ته سڀ بند ٿي ويا هوندا.“
جنرل شيروف چيو ته : ” ڪنهن کي مجال آهي جو جنرل
شيروف جا ڪمانڊو وڃن ۽ ڪلال گتا نه کولن.“
مون ٻه سؤ رپيا پنهنجي پٽ انيس کي ڏئي چيو ته: ”هن
جي ڪمانڊوز سان گڏجي وڃ ۽ جي هُو ڪوئي گتو کولائي
سگهن ته اڌ ڊزن بيئر جون بوتلون وٺي اچ.“
”زرينا توکي ياد هوندو ته انيس اڌ ڪلاڪ ۾ بوتلون
وٺي آيو.“
مون جنرل شيروف کي چيو ته: ”مون ماني کاڌي آهي، ان
ڪري بيئر پي نه سگهندس.“
هُو بيئر جون بوتلون ڳٽ ڳٽ ڪري پي، جڏهن سُرور ۾
آيو، تڏهن هن وري چيو ته: ”مان سڀاڻي انگلنڊ ٿو
وڃان، جتان جارج حبش وٽ ويندس. مون ڪوئيٽا ۾
ٽريننگ سينٽر کوليو آهي، اوهان وٽ ڪراچيءَ ۽
حيدرآباد ۾ گلين جي جنگ
(Street Warfare)
آسان آهي. اسان واري جابلو جنگ
(Mountain Warfare)
ڏکي آهي. اسان کي پيٽرول جو دٻو وٺڻ لاءِ، جبلن
مان پنهنجي لڪايل جاين
(Hideouts)
تان ويهه ميل پنڌ ڪرڻو ٿو پوي . مان سڀاڻي جارج
حبش وٽ ٿو وڃان.“ هن هڪ ڪمانڊو کان هڪ چاقو وٺي
مون کي تحفي طور ڏنو. باقي ٽي بيئر جون بوتلون
پنهنجي ڪمانڊو جوانن کي کڻي هلڻ لاءِ چيائين. مون
کان موڪلائي چيائين ته: ”سڀاڻي سويري مون کي هوائي
جهاز ۾ انگلنڊ وڃڻو آهي.“
بلوچيءَ جي ٻئي شاعر محمد حسين عنقا سان منهنجي
ملاقات ڊپٽي ڪمشنر مستونگ جي آفيس ۾ ٿي. جتي مون
تفريح لاءِ ڪوئي ڪيس کنيو هو. عنقا سان خان آف
قلات جو پٽ به ساڻ هو. هنن ٻروچڪيءَ مهمانداريءَ
پٽاندر مون کي هوٽل ۾ ماني کارائي.
خان قلات جو پٽ ڪافي بافضيلت نوجوان هو. مون، هن ۽
محمد حسين عنقا کان حال احوال ورتا ۽ ڪجهه عنقا جا
بلوچي شعر ٻڌا، جي هن مون کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري
ٻڌايا ته مون کي هُن ۽ عبدالڪريم گدائيءَ ۾ ڪوئي
فرق نظر نه آيو.
پشتو جو شاعر اجمل خٽڪ مون وٽ حيدرآباد ۾ اورئينٽ
هوٽل جي ڪمري ۾ ملڻ آيو. چيائين: ”تنهنجي اچڻ جي
خبر پئي. دل ۾ آيو ته توسان ملاقات ڪري وڃان.“
ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته: ”پٺاڻن کي جيڪڏهن ڪا
شيءِ ڏاڍي وڻندي آهي ته هو چوندا آهن ته دُنبي جي
گوشت جهڙي آهي. مون کي تنهنجي شاعري به دنبي جي
گوشت وانگر وڻندي آهي.“ مون کي تشبيهه ڏاڍي اگري
لڳي. هن ۽ حبيب جالب به مون تي نظم لکيا ها ۽ عام
ميڙ ۾ پڙهيا هئائون. هو پنهنجين پنهنجين ٻولين جا
شعلا نوا شاعر سمجهيا ويندا ها.
جڏهن ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ راولپنڊي اسلام آباد ۾
ولي خان جي نئشنل عوامي پارٽيءَ جي جلسي تي گوليون
هلايون ويون، تڏهن اجمل خٽڪ بددل ٿي افغانستان ڀڄي
ويو هو ۽ تڏهن موٽي آيو هو، جڏهن افغانستان ۾ روسي
انقلاب ناڪامياب ٿيو هو. هاڻي هو، پاڪستان ۾ نئشنل
اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ ٻيو ڀيرو ڪراچيءَ جي
سرڪرده پٺاڻن سان گڏجي منهنجي فلئٽ تي مون کان طبع
پرسي ڪرڻ واسطي آيو هو. هن جي شاعري سياست جي ڀيٽ
چڙهي وئي.
حبيب جالب کي مون لاءِ سڪ هئي ۽ جڏهن مون کي ’هلال
امتياز‘ ٿي مليو ته حبيب جالب جي بيوهه کي مرحوم
حبيب جالب پاران ’هلال امتياز‘ ڏنو ويو هو. هن جي
حالت قابل رحم هئي ۽ هن کي چپن تي هلڪو بگُ هو.
جڏهن هوءَ مون سان ملي ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها ها،
جي ڏسي منهنجي اکين ۾ به ڳوڙها ڀرجي آيا ها.
فيض احمد فيض کان پوءِ پنجاب جو ٻيو اردو شاعر
احمد نديم قاسمي، ڪيئي سال اڳ مون سان سکر ۾ ڪجهه
وقت گڏ هو، جڏهن هو سکر رائيٽرس گلڊ جي گڏجاڻيءَ
تي آيو هو، جنهن جو آءُ اُن جو صدر هوندو هوس. سکر
۾ ٽانگن، موٽرن، وئگنن، گڏهه گاڏين جي ٽرئفڪ ايتري
بي ترتيب هئي ۽ رستي جي پاسن کان ايترو ڪن ڪچرو
پيو هو، جو احمد نديم قاسميءَ مون کان پڇيو ته:
”شهر جي هيءَ حالت صوبائيت جي ڪري ٿي آهي؟“
مون کيس جواب ڏنو ته: ”نه، صوبائيت جي گهٽتائيءَ
جي ڪري ٿي آهي.“ ممڪن آهي ته اسان ٻئي صحيح
هياسين. پر پنجابيءَ جو شاعر نجم الحسن سيد جو مون
سان منهنجي دوست احمد سليم لاهور ۾ ملايو هو، اهو
ڪافي متاثر ڪندڙ شخصيت وارو هو ۽ هو پنجابيءَ کي
پنجاب جي قومي زبان سمجهي رهيو هو ۽ اردوءَ جي
اهميت کان انڪار ٿي ڪيائين. هن مون کي پنجابي زبان
۾ پنهنجا ڪجهه ڪتاب ڏنا ها ۽ منهنجو ٿورو مڃيو هو
ته مون پنهنجي ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۾
پنجابي زبان جي حمايت ڪئي هئي.
بينگال جا چوٽيءَ جا شاعر جسيم الدين ۽ ڪوي غلام
مصطفيٰ ها، جي مون سان گڏ رائيٽرس گلڊ جي مرڪزي
ڪميٽيءَ جا ميمبر ها، اُهي مون کي معمولي شاعر لڳا
ها. ڪوي غلام مصطفيٰ ته سکر به آيو هو ته پنهنجو
هڪ بنگالي نظم پڙهي چيو هئائين: ”هي نظم مون
’فعولن فعولن فعولن فعولن‘ جي وزن تي چيو آهي.
جيئن ’ڪريما به بخشاي برحال ما‘ آهي.“ ڪوي جسيم
الدين جنهن جو ترجمو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ڇپايو
هو، جنهن جي هڪ ڪاپي هُن مون کي تحفي طور ڏني هئي،
مون کي ٽئگور جي ڀيٽ ۾ ائين لڳو هو، جيئن شاهه
لطيف جي ڀيٽ ۾ خوش خير محمد لڳو. باقي رائيٽرس گلڊ
۾ جيڪي شاعر ۽ اديب مون سان مرڪزي ڪميٽيءَ تي ها،
انهن جو ذڪر پوءِ ڪندس، جڏهن رائيٽرس گلڊ جي باري
۾ لکيم.
زرينا، مان ڪڏهن اُڀي کان لمي ۽ ڪڏهن لمي کان اڀي
ٿو وڃي نڪران. مون کي جهل، ته پهرين توسان گڏ ڪيل
سفر پورا ڪري وٺان. منهنجي ٻاهرئين سفر کان منهنجي
اندرئين سفر جو افسانو طويل تر آهي. مون ڳالهه پئي
ڪئي ڪوئيٽا جي بلديا هائوس جي، جنهن ۾ هڪ ڏينهن
شام جو مان هيٺ ٽهلي رهيو هوس ته مون کي خان بهادر
محمد ايوب کهڙو مليو. هن مون ڏانهن غور سان ڏسي
چيو: ”تون اياز آهين؟ جنهن جي. ايم. سيد وٽ اڌ
ڪلاڪ کان مٿي ’دودي جو موت‘ آپيرا پڙهيو هو.“
مون جواب ڏنس: ”خان بهادر مان ئي اياز آهيان. جنهن
’سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه
ڏيندو.‘ واري وائي لکي آهي.“ خان بهادر جي چپن تي
ڪائي تلخ يادگيري آئي جا اظهار پائي نه سگهي.
ٻئي ڏينهن تي نبي بخش کوسو، ٽوئرسٽ بيورو مان
زيارت ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ ڪرائي جي وئن ڪرائي ورتي
۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي پٽ ڪنعيئي سان گڏ اسان
واري وئن ۾ زيارت هليو. سوڀو، ڪنعيي کي ڪوئيٽا ۾
ڇڏي، عطاءُ الله مينگل سان گڏ هوائي جهاز ۾ اسلام
آباد ويو هو، جتي هن ڀٽي صاحب کي چوائڻ ٿي چاهيو
ته هن تي جو لاڙڪاڻي جي. ايس. پي محمد پنڃيل بي
بنياد ڪيس ڪيو آهي، ان لاءِ هن کي هدايت ڪئي وڃي
ته اهو ڪيس ڪورٽ مان موٽائي وٺي.
اسان ڪجهه ڏينهن زيارت ۾ رهياسين. رستي تي خوبصورت
جونيپر جا وڻ ها جي سج لٿي مهل ائين ٿي لڳا ڄڻ شفق
جو منظر ڏسي ڌرتيءَ جا وار اڀا ٿي ويا هجن.
زيارت تي اهو نالو ڪنهن فقير جي مقبري جي ڪري پيو
هو. هونءَ ته سنڌ سوڌو پاڪستان مقبرا ئي مقبرا
آهن، جتي مئلن کي جيئرن کان وڌيڪ جاءِ آهي. پر اهي
مقبرا ڏاڍا خوفائتا آهن جي انسانن جي اندر ۾ آهن.
چيو ٿي ويو ته انهيءَ مقبري جي چوڌاري ڪنهن ڪنهن
وقت ڀوت ڦرندا ها. ان جي زيارت ڪري اسان گورنر جي
ريسٽ هائوس ۾ وياسون، جنهن ۾ هڪ نهايت خوبصورت
باغيچو هو. انهيءَ ريسٽ هائوس ۾ قائداعظم محمد
جناح، پاڪستان جي بانيءَ پنهنجي حياتيءَ جا پويان
ڏينهن گذاريا ها. ڪنهن مصنف چواڻي، جڏهن هن کي
بيهوشيءَ جي حالت ۾ هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ آندو
ويو هو، تڏهن هن سان فقط هڪ نرس ساڻ هئي، جا ڪپڙي
سان هن تان مکيون هٽائي رهي هئي. مسلم ليگ جا
سرڪرده ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ ها ۽ جڏهن هو هوائي اڏي
ڏانهن کيس وٺڻ ويا ٿي ته ان کان اڳ ئي ايمبولينس
رستي تي خراب ٿي پئي هئي ۽ قائداعظم اتي ئي گذاري
ويو هو.
زيارت سمنڊ جي سطح کان 8200 فوٽ مٿي هئي. اونهاري
۾ ڏينهن ته ڏاڍو خوشگوار هوندو هو، پر رات جو ٻه
ڪمبل پائڻا پوندا ها. اسان منا جي واديءَ ڏانهن جا
زيارت کان ڏهه ميل پري آهي، پٿرائين رستي تان
وياسين، جي پهاڙن تي کٽا ٿي. منهنجي زندگيءَ جي
راهه ۾ جيڪي روڙا آيا آهن، انهن کان اهي پٿر گهٽ
ها. مان ان کان هڪ ڀيرو اڳ زيارت کان لورالائيءَ
به ويو هوس. جيپ هڪ بلا نوش، پي ڪري هلائي رهيو
هو ۽ اسان ٻه چار ڀيرا پهاڙ تان هيٺ ڪِرڻ کان تِر
تان بچي ويا هئاسين. مون کي وري وري ياد ٿو اچي ته
قدرت ڪيئن ته مون کي موت جي مُنهن مان کنڀي ورتو
آهي.
هڪ ڀيري مان نٿيا گليءَ کان ڪوهه مريءَ بس ۾ اچي
رهيو هوس ته بارش سبب هڪ وڏي ڇپ پهاڙ تان ڪِري اچي
بس اڳيان پئي. ڊرائيور هڪ ٻه فوٽ ڇپ کان اڳ زور
سان بريڪ هڻي، بس بيهاري ورتي هئي. ان ڳالهه جو
ذڪر مون ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ‘ ۾ ڪيو آهي.
انهيءَ ئي ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر آهي ته ڪيئن
هڪ رات جڏهن زوردار بارش پئجي رهي هئي، تڏهن مان
کپر نانگ جي ڏنگ کان بچي ويو هوس، جو باٿ روم جي
نلڪي ۾ ويڙهيل هو.
هڪ ٻيو واقعو به ياد اچي رهيو آهي. مان، محمد
ابراهيم جويو ۽ غلام رباني، سونڊاجي ريسٽ هائوس ۾
رهيل هئاسين ۽ رات جي ماني کائي، پهاڙيءَ تي ٽهلي
رهيا هئاسين ته هڪ لنڊي منهنجي پير کان اڌ انچ
پريان لنگهي پاڇي ۾ گم ٿي وئي. چانڊوڪي رات هئي ۽
ربانيءَ به اها چٽيءَ طرح ڏٺي ۽ چيائين ته: ”هل ته
بنگلي ۾ هلون.“
لورالائيءَ ڏانهن ويندي اسان کي هڪ غار نظر آئي،
جنهن مان مٺي پاڻيءَ جو چشمو وهي رهيو هو. اسان
اونداهي غار مان پٿرن تي پير رکندا، جڏهن روشنيءَ
۾ پهتاسين، تڏهن ڏٺوسين ته آبشار ائين ڪِري رهيا
ها ڄڻ آسمان منهن ڌوئي رهيو هو. لورالائيءَ کان
ڊيرا غازي خان ڏانهن رستو وڃي رهيو هو. ٻيو رستو
زوب کان ڊيري اسماعيل خان ويندو آهي، پر اسان ان
تان وڃي نه سگهياسون. اسان جو دوست جيپ هلائي رهيو
هو. اهو واري واري ان بوتل مان وسڪيءَ جو ڍُڪ پي
رهيو هو. اسان کي خوف ٿيو ته متان هي اسان کي بي
موت ماري وجهي.
ٻيو زيارت جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙي‘ ۾ ڪيو آهي. مون کي قدرت ڪيترائي ڀيرا موت
جي هٿن مان جهٽي ورتو آهي. هڪ ڀيري مان جيڪب آباد
جي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي پورو ڪيو ته ٻپهري ٿي
وئي. آسمان مان اُلا ٿي نڪتا ۽ بدن پگهر ۾ شرابور
ٿي ويو هو. هوا ايڏي ڪوسي ٿي لڳي جو کل ٿي ڄرڪي ۽
اُڃ ۾ ڄڀ ٿوهر جي شاخ وانگر ڪنڊا ٿي وئي هئي. مون
۽ ڊرائيور هڪ هوٽل ۾ ماني کائي لسيءَ جا ٻه گلاس
پيتا. رستي تي مون کي ڳهر جي ڪري ننڊ اچي وئي.
اوچتو منهنجي اک کلي ته ڏٺم ته ڊرائيور جي به اک
لڳي وئي آهي ۽ ڪار هڪ گهري کاهيءَ ڏانهن وڃي رهي
آهي. مون رڙ ڪئي ته ڊرائيور مقرب شاهه اوچتو جاڳيو
۽ پاڻ مرادو هن جو پير زور سان بريڪ تي لڳو ۽ ڪار
کاهيءَ کان ٻه فوٽ اڳ بيهي رهي. اهڙو ڪار جو
ايڪسيڊنٽ مون کي گوا ۾ به پيش آيو هو. جنهن جو ذڪر
مون پنهنجي ڪتاب ’هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن‘ جي
مهاڳ ۾ ڪيو آهي.
ڇهه ست ڀيرا اڳ مان دل جي دوري مان بچي ويو آهيان
۽ پوئين دل جي دوري جو ذڪر مان اڳ ئي ڪنهن ڪتاب ۾
ڪري چڪو آهيان. هڪ ڀيرو مون پروٽين جي انجيڪشن
ڪنهن دوست جي چوڻ تي هڻائي ۽ پوءِ زرينا ۽ ٻارن
سان گڏ منهوڙي گهمڻ لاءِ ويس. موٽي آيس ته مون کي
وات مان ڏاڍو رت اچڻ لڳو. انيس جو ان وقت سنڌ
گورنمينٽ ۾ انفارميشن آفيسر هو، يڪدم مون کي
گاڏيءَ ۾ کڻائي جناح اسپتال آيو. ان وقت مون کي
جنرل وارڊ ۾ داخل ڪيائون. ڊاڪٽر به شعر وادب کان
ائين بي بهره هئا جيئن وارڊ بواءِ. مون انيس کي
چيو ته: ”جمال ابڙي کي چؤ ته هو چيف منسٽر ممتاز
علي ڀٽي کي چئي ۽ مون کي اسپيشل وارڊ ۾ داخل
ڪرائي.“ مون زرينا کي چيو ته: ”تون انيس وٽ وڃي
رهه . مان ڊاڪٽر کان مارفيا جي سُئي هڻايان ٿو.
منهنجو توسان واعدو آهي، مان توسان ملڻ کان سواءِ
نه مرندس. تون رات گهر گذاري صبح جو اچج. خيال اصل
نه ڪجانءِ. موت کي ايتري مجال نه آهي جو وقت کان
اڳ اچي. مون کي اڃان ڪافي لکڻو آهي.“ زرينا روئندي
انيس سان هلي وئي.
ٻئي ڏينهن جمال ابڙي جي ڪوشش سبب مون کي اسپيشل
وارڊ ۾ رکيائون. ٽئين ڏينهن به مون کي اڃان رت اچي
رهي هئي ته مون تبت تي هڪ دلچسپ ڪتاب ڪيئي ڪلاڪ
پڙهيو. هڪ ڊاڪٽرياڻي جنهن مون کي ايتري محويت سان
ڪتاب پڙهندي ڏٺو، تنهن چيو ته: ”جي تنهنجي زندگيءَ
سان ايتري محبت آهي ته تون نه مرندين.“ مون زرينا
کي پاڻ وٽ رهائڻ نه چاهيو، ڇو ته مون نه پئي چاهيو
ته هُوءَ منهنجي اذيت ڏسي. مون فون ڪري غلام
ربانيءَ کي گهرائي ورتو. اها ساري رات منهنجي وات
مان رت اچي رهي هئي ۽ رباني صبح تائين منهنجي مٿي
کان ويٺو هو. ممڪن هو ته ان رات مان مري وڃان ها.
مان جڏهن وائيس چانسلر ٿي آيس ته مون سوچيو
ربانيءَ جو قرض چڪايو وڃي. تن ڏينهن ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر، سنڌي ادبي بورڊ جو
ميمبر هوندو هو ۽ چيئرمين مرحوم طالب الموليٰ هو.
هڪ گڏجاڻيءَ تي هُو اچي نه سگهيو، تنهن ڪري مون
کان صدارت ڪرايائون. مون پهريون اهو ڪم ڪيو ته
غلام ربانيءَ کي 18 گريڊ مان 19 گريڊ ڏياريو ۽
پوءِ 21 گريڊ ۾ هن کي يونيورسٽيءَ جي پرو وائيس
چانسلر شپ لاءِ سنڌ جي چيف منسٽر غلام مصطفيٰ
جتوئيءَ کي لکي موڪليم. منهنجي لکت قبول ڪئي وئي ۽
رباني پرو وائيس چانسلر ٿيو. اسپتال ۾ ٻن ٽن ڏينهن
کان پوءِ غلام ربانيءَ چيو ته هاڻ مان هلان ٿو ۽
وڃي جوئي صاحب کي موڪليان ٿو. جويو به ساڳئي ڏينهن
شام جو هليو آيو. اسين تبت واري ڪتاب ۾ يوگين جي
باري ۾ مصنف جي ڏنل احوال تي کلندا رهياسين ۽
منهنجي وات مان رت اچڻ بيهي ويو.
ٻئي ڏينهن تي جمال ابڙو روس هليو ويو، جتي هو اُتم
سان مليو هو. بيماريءَ دوران گهڻيون اذيتون ته مون
کي ڊاڪٽرن ڏنيون. پهرين ته هنن کي شڪ هو ته مون کي
ڦڦڙن جي ڪئنسر آهي. ان جي چڪاسڻ لاءِ مون کي بيهوش
ڪيائون ۽ نڙيءَ ۾ تپاس لاءِ نلڪيون وڌائون، جن مون
کي ايترا رهڙا ڏنا جو بيٺل رت وري وهڻ لڳو. پوءِ
منهنجي ٻئي ڪنهن ٽيسٽ لاءِ لنڊن مان هڪ وائل
(Voil)
گهرايائون. جڏهن اهو منهنجي نڙيءَ ۾ وڌائون ته
منهنجو دم منجهڻ لڳو. مان ٻن ڊاڪٽرياڻين جو
ٿورائتو آهيان، جي سرجن کي مدد ڪري رهيون هيون.
انهن مان هڪڙيءَ منهنجو هٿ وٺي پنهنجي رانن ۾ بند
ڪيو، هن جون رانون اطلس وانگر هيون ۽ مون کي ڪجهه
آرام اچي ويو ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ ڊاڪٽرياڻيءَ به
ساڳي ڪار ڪئي ۽ مون کي ائين لڳو ته ڪوئي پڪل زيتون
مون کي ڇهي رهيو آهي.
ايتري ۾ سرجن ڊاڪٽر منهنجي نڙيءَ مان نلڪيون ڪڍيون
۽ مون سک جو ساهه کنيو. مون کي انهن ٻنهي
ڊاڪٽرياڻين جي انهيءَ جسارت جي ڪري گهڻي تڪليف
محسوس نه ٿي. مون هنن کي چيو ته: ”مان چاهيان ٿو
ته مون کي نلڪين ذريعي اهو وائل ٻيهر به وڌو وڃي.“
هو کليون ۽ چيائون: ”اسان جو نسخو ڪامياب ويو.“
ٻئي ڏينهن تي مون کي سرٽيفيڪٽ ڏنائون ته مون کي
برانڪي ايڪٽائيٽس آهي ۽ لنڊن وڃي، وڌيڪ علاج اتي
ڪرايان. هفتي کان پوءِ مون ٻنهي ڊاڪٽرياڻين جي
ڪنهن چائينز هوٽل ۾ دعوت ڪئي. ماني کائيندي هنن
چيو ته: ”اسان کي خبر هئي ته تون شاعر آهين ۽ جڏهن
تنهنجو ساهه ٿي منجهيو ته اسان لاءِ توکي آرام
پهچائڻ لاءِ اهو بهترين طريقو هو.“
ان ڳالهه کي ويهارو سال گذري ويا آهن. مون ان
بيماريءَ جو علاج نه ڪرايو آهي ۽ نه ئي ٻيهر اها
بيماري مون کي ٿي آهي. رڳو منهنجي هٿن مان اطلس جي
ڇهاءَ جي تڪليف نه وئي آهي.
اڄ جي. ايم. سيد جو پوٽو جلال شاهه، تاج جويو،
اياز عالم ابڙو، حميد سبزوئي ۽ منير شاهه، سيد سان
لاڳاپيل ماڻهن جو يادگيريون سهيڙڻ لاءِ آيا ۽ وڊيو
ڪئسٽ ڀريائون. اياز عالم ابڙي ڪئميرا مئن طور ڪم
ٿي ڪيو. انهن جي وڃڻ کان پوءِ زرينا پڇيو ته: ”هي
ستار پيرزادو به شاعر آهي يا ادب دوست آهي، جو
تولاءِ ايڏي پَٽ کوهه ڪري رهيو آهي؟“
مون چيو: ”هائو، شاعر آهي.“ پوءِ هن کي ستار جو هڪ
نظم ۽ بيت ٻڌايم. سندس نظم جو عنوان آهي: ’سچ لکو‘
اي اديبو شاعرو!
ڪوڙ کي ڌوڙ ۾ اڄ ملائي ڇڏيو
سچ سارو چئو
ڀل ته ڪو مچ ان سان مچي
ڀل ته ڪو کامي پڄري وڃي
ڪنهن کي ننهن کان مٿي تائين
باهه ڀڙڪي لڳي
ڀل ته مغرور ڪوڙي سندو
ڪنڌ ڍرڪي پوي
ڊنگ ڍيري ٿئي
اک ميري کڄڻ کان اڳي
شرم جي مرم ۾ ئي اجهامي وڃي
سج اڀري اچي
ڪوڙ کي پاڙ کان ئي اکيڙي ڇڏيو
ڪوڙ جو ٻج ٻيهر وري
سنڌ ڌرتيءَ کي چيري نه اُسري سگهي
زندگي سچ کان واقف ٿئي
ڪوڙ جي لاءِ نفرت وڌي
ڳالهه ڪوڙي چيل
سڀ ئي سمجهي سگهن
سچ جا سلسلا
روز ويجهن وڌن
جن کي ڪوئي نه روڪي سگهي
جن کي ڪوئي نه ٽوڪي سگهي.
سندس هڪ بيت به مون کي وڻيو آهي. اهو هي آهي:
هُوءَ جا ڌيءَ ڌراڙ جي، آهه سامائي ڪالهه،
ڳهيليءَ جي ڳالهه، واڙي واڙي وات تي.
هي ته بيت ڏاڍو پيارو هو ۽ مون کي وڻيو آهي. دخل
در معقولات، روڪي مون ڳالهه ڪئي، ڪنهن مافوق
الفطرت هستيءَ جي، جنهن مون کي وڌيڪ زندگي، شايد
ان لاءِ ڏني ته هن وقت تائين ته مون گوشت پوست جي
انسان سان پيار ڪيو آهي. هاڻي ان ازلي حقيقت سان
لون لڳائي ڏسان جا ازل کان ابد تائين روان دوان
آهي. جنهن اڳيان اسان جا ارب کرب سال اک ٻوٽ کان
وڌيڪ مختصر آهي.
هنديءَ جي شاعر سورداس لاءِ چوندا آهن ته پنهنجي
پريتما چنتامڻيءَ جي گهر روز ويندو هو. چنتامڻي هن
لاءِ ڏاڪڻ جي دروازي کي اندران ڪڙو نه ڏيندي هئي.
هڪ رات مينهن اوڙڪون ڪري وسي رهيو هو. برسات ۾
ڀڄندو، جڏهن سورداس، چنتامڻيءَ جي گهر پهتو ته هن
کي ڏاڪڻ جو دروازو اندران بند نظر آيو. هن سوچيو
ته: ”شايد چنتامڻيءَ ايتري تيز تر بارش ڏسي، سوچيو
هوندو ته ههڙيءَ بارش ۾ سورداس نه ايندو ۽ ان ڪري
ڪڙو ڏئي وڃي سمهي پئي هوندي ۽ کيس ننڊ اچي وئي
هوندي. سورداس ڏاڍو در کڙڪايو، پر ڪائي موٽ نه
ملندي ڏسي، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته هن کي هڪ
رسي ڪوٺي تان هيٺ لڙڪندي نظر آئي. هن ڀانيون ته
چنتامڻيءَ احتياطا رسي لڙڪائي ڇڏي آهي. هُو رسيءَ
تان ڪوٺي تي چڙهي ويو. چنتامڻيءَ سوڙ ويڙهي ستي
پئي هئي ۽ اهو سپنو ڏسي رهي هئي جو سورداس هن سان
ورهائي نه ٿي سگهيو.
سورداس، سوڙ ۾ هٿ وجهي کيس جاڳايو ته هُوءَ ڇرڪ
ڀري اٿي ۽ سورداس کي ڏسي وائڙي ٿي وئي ۽ هن کي
چيائين ته: ”مون ڏاڪڻ جو دروازو اندران اهو سوچي
ڪري بند ڪري ڇڏيو هو ته تون ههڙي مينهن ۾ نه
ايندين.“
سورداس کيس چيو ته: ”پر تو ڪوٺي تان رسي جو لڙڪائي
ڇڏي هئي.“
”ڪهڙي رسي؟“ چنتامڻيءَ پڇيو. پوءِ ٻئي ڄڻا ان جاءِ
تي آيا، جتان سورداس ڪوٺي تي چڙهي آيو هو. هنن ڏٺو
ته هڪ ڪوراڙ کان وڏي بلا ڪوٺي تان لڙي رهي هئي. ان
وقت سورداس، چنتامڻيءَ جي ڪمري ۾ وڃي ٻه سوئا ڳولي
لڌا ۽ اکين ۾ کپائي چيو ته: ”جي مان اننت ۽ اپار
سان ايترو پيار ڪيان ها، جيترو توسان ڪيو اٿم ته
الائجي ڪهڙي پد تي پهچان ها.“
مون علي هجويريءَ جي ڪتاب ’ڪشف المحجوب‘ ۾ ڪٿي
پڙهيو هو ته هڪ امير جاگيردار جڏهن پنهنجي زمين
گهمڻ ويو ته هن جي هڪ هارياڻيءَ تي نظر پئي، جا هر
جي چونيءَ وانگر هن جي دل ۾ کپي وئي. هارياڻيءَ
جي مڙس کي ڪنهن ڪم سان ٽرڪائي ڇڏيائين ۽ پوءِ
هارياڻيءَ کي چيائين ته گهر ۾ اندر هلي. جڏهن
هُوءَ اندر وئي تڏهن جاگيردار کيس چيو ته، سڀ
دروازا بند ڪري، ان تي هارياڻي، جا خدا جي نيڪ
ٻانهي ۽ پرهيزگار عورت هئي، تنهن کيس چيو: ”مان هڪ
دروازي کانسواءِ ٻيا سڀ دروازا بند ڪري سگهان ٿي،
جي تون به چاهيندين ته ان دروازي کي بند ڪري نه
سگهندين.“ ان تي جاگيردار حيران ٿي چيس ته: ”اهو
ڪهڙو دروازو ٿي سگهي ٿو، جو مان بند ڪري نه ٿو
سگهان؟“ هارياڻيءَ جواب ڏنس ته: ”خدا ۽ منهنجي وچ
۾ دروازو، جو سدائين کليل آهي ۽ بند ٿي نه ٿو
سگهي.“ جاگيردار شرمندو ٿي، هن کي اجازت ڏني ته
هوءَ ٻاهر وڃي.
جي ماديت جي فلسفي ۾ اعتبار ڪن ٿا، اهي مون کي
وهمي سمجهندا. ڇا هُو اِهو نه ٿا سمجهن ته اهو
انسان ۽ ازلي حقيقت ۾ رابطو ايترو به بعيد از عقل
نه آهي. زندگي جڏهن موت جي ويجهو اچي ٿي ته اها
ساري جي ساري وهم لڳي ٿي.
مون ننڍي هوندي اصغر گونڊويءَ جو هيٺيون شعر پڙهيو
هو، جو اڃان تائين مون کي ياد آهي:
جو نقش هي هستي کا دهوکا نظر آتا هي
پردي په مصور هي تنها نظر آتا هي
لو شمع حقيقت کي اپني هي جگهه پر هي
فانوس کي گردش مين کيا کيا نظر آتا هي.
منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٻن دهرين دوستن مون کي ضد
سان چيو: ”اسان ملحد آهيون ۽ مرندي دم تائين ملحد
رهنداسين.“
مون کين چيو ته: ”دل ۾ اوهان فقط مذهبي تعصب کان
گريز چاهيو ٿا ۽ نه خدا جي وجود کان. هن وسيع
ڪائنات ۾ انسان جي تجسس جي ڪا حد آهي؟“
صوفي صادق فقير جي مزار عمرڪوٽ ڏانهن ويندي رستي
تي آهي. هن ڪيڏو نه عجيب بيت چيو آهي. جنهن تي
سوچيندي مان اڃان ڪنهن خاص نتيجي تي نه پهتو
آهيان.
الله ڇَڏيو اوري، پري پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃان ٿي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌي سندرو.
اهو پري تائين پنڌ ڪيستائين آهي؟ ۽ صادق فقير ’بنا
نالي سپرين‘ ڪنهن جي لاءِ چيو آهي؟ ڇا تصوف کي
ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿو بڻائي يا صادق فقير جي نگاهه
اسان کان گهڻو اڳتي ٿي ڏسي؟ اهو دروازو انسان ۽
خدا جي وچ ۾ جڏهن کلي ٿو، تڏهن ڇا اسان جي ڪائي
حدِ نگاهه آهي؟
ادريس شاهه پنهنجي ڪتاب ’مشرق جا مفڪر‘
(Thinkers of the East)
۾ بهاءُ الدين نقش بنديءَ جي باري ۾ چيو آهي، ته
ڪنهن هن کي چيو: ”تون اسان کي ڪهاڻيون ٻڌائين ٿو،
پر اهو نه ٿو ٻڌائين ته انهن کي ڪيئن سمجهجي.“
بهاءُ الدين جواب ڏنو: ”تون جي ڪنهن ميوي فروش
کان ڪوئي ميوو وٺين ۽ هو ڳر ڪڍي، فقط کل توکي ڏئي
ته تون راضي ٿيندين؟“
شاعريءَ ۾ فارسيءَ جا برگزيده انسان اهڙيون
ڳالهيون لکندا رهيا آهن، جي بظاهر اعتراض جوڳيون
ٿيون لڳن. مولانا روميءَ چيو آهي:
بزير ڪنگرهء ڪبرياش مردانند
فرشته صيد و پيمبر شڪار ويزدان گير.
يا علامه اقبال چيو آهي:
درد دشتِ جنون من جبريل زبون صدي
يزدان به کمند آور اي همتِ مردانه.
مون تي ڪفر جا الزام مڙهڻ وارن ڪڏهن فارسي شاعريءَ
۾ شاعر جي آزاديءَ تي سوچيو آهي؟
چڱو زرينا، هاڻي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ تي اچون! هل
ته توکي ڄامشوري وٺي هلان، جتي توسان چار سال
گذاريا هئا. سي. اي . جُنگ، يورپ جو ماهر نفسيات
هو، جنهن پنهنجي يادداشت ۾ ڪيئي اهڙا واقعا لکيا
آهن، جڏهن انسان کي خواب ۾ مستقبل نظر آيو آهي؟
زرينا! توکي ياد آهي ته هڪ ڀيري مون توکي ننڊ مان
جاڳائي چيو هو ته: ”مون هڪ عجيب خواب لڌو آهي.
ڏسان ٿو ته هڪ ٻارو آهي، جنهن جي چوڌاري پيلي گلاب
جا وڏا گل ٽڙيل آهن، جن جي وچ ۾ ڇٻر آهي، جنهن تي
هڪ گلابي پٿرڻي پٿريل آهي ۽ مان اتي ليٽو پيو
آهيان. ان جي سامهون هڪ بنگلو آهي، جنهن جي چوڌاري
هڪ ديوار آهي ۽ ديوار جي ٻاهران بندوقن سان ماڻهو
بيٺا آهن.“
مهيني ٻن کان پوءِ مون کي ڀٽي صاحب سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڪيو هو. مان توکي
گهرو سامان سرو ٺاهڻ لاءِ سکر ڇڏي، اڪيلو ڄامشوري
چارج وٺڻ ويو هوس. جيئن سنترين وي . سي هائوس جو
دروازو کوليو ته مون خواب ۾ ڏٺل ٻارو ڏٺو، جنهن جي
چوڌاري پيلي گلاب جا وڏا گل ٽڙيل هئا، ان جي
سامهون هڪ بنگلو هو، جنهن جي چوڌاري هڪ ديوار هئي،
جتي گارڊ بندوقون جهليون بيٺا هئا. فقط گلابي
پٿرڻي ڇٻر تي پٿاريل نه هئي. پندرنهن ڏينهن کان
پوءِ تون جڏهن سارو سامان گهران کڻي آئينءَ ته
بستري ۾ اها گلابي پٿرڻي به هئي، جا تو نئين سبائي
هئي. اها قدرت الله شهاب جي ’شهاب نامه‘ وانگر
بعيد از فهم ڳالهه نه آهي. ڇو ته ماضي، حال ۽
مستقبل ساڳئي ئي هنڌ آهن. ڪنهن ڪنهن وقت مستقبل
جي جهلڪ نظر اچي ٿي. اها عورت جنهن کي مون ڏکندڙ
ڏند وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو هو ۽ ڏند ڪجهه وقت لاءِ
ڏکندو رهيو هو، پر پوءِ مون کي آرام اچي ويو هو.
مون ملاقات کان اڳ خواب ۾ پنهنجي آغوش ۾ ڏٺي هئي.
مان جڏهن وي. سي هائوس ۾ ويس ته ٻاهرين ديوار سان
هڪ بوگن ولا، ڪجهه ديسي انبن جا وڻ، ٻه ٻيريون، هڪ
گدامڙيءَ جو وڻ، هڪ ايڪڙ سينگاپوري ڪيلا، ٻه
سينگاپوري ليمن جا وڻ ۽ ڪجهه پپيئن جا ۽ ڦارون جا
وڻ هيا. مون کي ساري عمر سوداءُ رهيو هو ته مون کي
شاهي باغ جيترو باغ هجي. مون ان ۾ ڪيئي قلمي انبن
جا وڻ، پپيئن ۽ ڦارونَ جا وڌيڪ وڻ، انجيرن، توتن،
زيتونن جا وڻ، آريٺين جو هڪ وڻ، جو ڪجهه وقت اڳ
مون پروفيسر ناگوريءَ جي گهر ۾ ڏٺو هو، هڪ ڪچنار
جو وڻ ۽ سئاندڙيءَ جا وڻ پوکايا ها ۽ وي . سي
هائوس جي ساري پڌر کي خوشبوءِ دار ۽ ڦولدار ولين
سان جهنجهي ڇڏيو هو. اتي مون پامَ جون ڪونڊيون به
رکايون هيون ۽ طرح طرح جون ڀاڄيون ڪرايون هيون.
منهنجي مالهي محمد هاشم ڄڻ وي. سي هائوس کي پورو
شاهي باغ بڻائي ڇڏيو هو. اتي ٽيليفون جي تارن تي
شام جو پکيئڙا چهچائيندا ها ۽ سرءُ ۾ ڪانوَ لوندا
ها ۽ هوا ۾ ڦيريون ڏيندا ها. مان صبح جو اٿي باغ ۾
چڪر ڏيندو هوس، ويتر جو منهنجي دوست، ميرپورخاص جي
سيشن جج حيدر شاهه ٿر مان ٻه مور، هڪ هرڻي ۽ هڪ
السيشن ڪتو موڪليو ته باغ ۾ رونق وڌي وئي. زرينا،
تو به ڪيترائي سهڙ ۽ ڪبوتر پڃرن ۾ پاليا ها ۽
ڪيتريون ئي ڪڪڙيون، اسان جي رڌڻي جي پٺيان ڦرنديون
هيون. سهڙ توکي ڪيترا نه وڻندا ها. تو هڪ به ڪبوتر
يا سهڙ ذبح ٿيڻ نه ڏنو. مان توکي ڪيترو سمجهي
سگهيو آهيان زرينا! عورت کي سمجهڻ ڪيترو مشڪل آهي.
مون لاءِ عورت هڪ معمو رهي آهي. مونا ليزا کان بي
بي مريم تائين، ليونارڊو ڊاونچي هن کي مصوريءَ ۾
ڦاسائي نه سگهيو آهي. صبح جو باغ تان تون پاڻ
سبزيون پٽڻ ويندي هُئينءَ. تون پرهه جي گلاب وانگر
تروتازه لڳندي هُئينءَ. مون کي افسوس آهي جو مون
تنهنجي تعليم تي پوري توجهه نه ڏني. هونءَ تو ۾
ڪافي صلاحيتون هيون.
جيڪڏهن جيئي سنڌ وارا ڇوڪرا مون کي هر هر پريشان
نه ڪن ها ۽ منهنجا ماتحت هنن سان سازش ۾ شريڪ نه
هجن ها ته ايتري اطمينان جي فضا ۾ مان يونيورسٽيءَ
کي ٺاهي سگهان ٿا. مون هر ڪلاس ۾ وڃي انهن کان
سندن ضرورتون پڇيون ۽ اهي پوريون ڪري ڏنيون ۽
لائبريري ڪتابن سان ڀري ڇڏي . مون انقره
يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ چار هزار رسالا
آمريڪا ۽ يورپ مان هر مهيني ايندي ڏٺا ۽ هر ڊين جي
سفارش تي ڪيئي فارين رسالا گهرايا. مون
يونيورسٽيءَ کي ٺاهڻ چاهيو، پر اسان جي قوم ۾ حسد
جو عنصر بي مثال آهي.
مون ايترن اديبن کي نوڪريون ڏنيون جيتريون
يونيورسٽيءَ جي ساري عرصي ۾ به نه ڏنيون ويون
هيون. مون پاڻ اسلام آباد ۾ فيڊرل ايجوڪيشن جي
سيڪريٽريءَ کي چئي، کين ٻاهرين ملڪن لاءِ
اسڪالرشپون وٺي ڏنيون. پهرين هيٺين ملازمن لاءِ ڊي
ٽائيپ ڪُئارٽر رهائش جي لاءِ ٺهرايا ۽ ليڪچرارن ۽
پروفيسرن لاءِ پوءِ رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺهرايا. جي
ڪنهن بيواهه کي جي. پي فنڊ نه ملندو هو ته مان
ڊائريڪٽر فنانس جي آفيس ۾ ويهي، هن کي روبرو چيڪ
ڪڍرائي ڏيندو هوس.
بمبئي، جتي ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ سيمينار ٿيو هو،
اها جاءِ پروفيسر پنجواڻيءَ جي نالي ۾ ٺهرائيندڙ
هڪ سنڌي سيٺ، پهرين ڏينهن منهنجي ۽ زرينا جي دعوت
ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي خاندان جي ڪجهه عورتن کي
به وٺي آيو. سنڌي سيٺ ٻن فائيو اسٽار هوٽلن جو
مالڪ هو، جن جي قيمت اٽڪل ڏهه ڪروڙ رپيا هئي.
پهرين ڏينهن جڏهن ساڻس اسان جي پهرين ملاقات ٿي،
تڏهن اتي ماني کائيندي پڇيائين ته: ”تون ته سنڌ جو
شاعر آهين، ٻڌائي سگهندين ته سنڌي ماڻهوءَ ۾ ايترو
حسد ڇو آهي. مان ڏهن ڪروڙن جي ٻن فائيو اسٽار
هوٽلن جو مالڪ آهيان. بمبئيءَ ۾ مون پنهنجي زندگي
هڪ ٽائپسٽ جي حيثيت سان شروع ڪئي هئي. مان نه چوان
ته ايترو مال ملڪيت ايمانداريءَ سان ڪٺو ٿي سگهي
ٿو. مون سان ڀارت کي ڏڌو آهي، پر سنڌين کي ته ڏنو
اٿم. اها جاءِ جتي رام پنجواڻيءَ جي ڏيوري آهي،
مون سٺ لک رپيا خرچ ڪري ٺهرائي آهي ۽ سنڌين کي دان
ڪئي اٿم ته ڀل هو پنهنجا جلسا اتي ڪندا وتن.“ پوءِ
هُن مون کي هڪ لطيفو ٻڌايو. چئي: ”هڪ سنڌيءَ،
ڌڻيءَ جي در دعا گهري ته مون کي هڪ گهر ڏي.“ ڌڻيءَ
سندس دعا اگهائي. کيس ته هڪ گهر ڏنائين، پر سندس
پاڙيسريءَ سنڌيءَ کي ٻه گهر ڏنائين. ان ڳالهه هن
کي همٿايو ۽ هن وري دعا گهري ته: ”اي ڌڻي! مون کي
هڪ ڪروڙ رپيا ڏي.“ ڌڻيءَ هن کي ته هڪ ڪروڙ رپيا
ڏنا، پر هن جي پاڙيسريءَ سنڌيءَ کي ٻه ڪروڙ روپيا
ڏنائين. ان ڳالهه کيس غصو ڏياريو ۽ ڌڻيءَ در دعا
گهريائين ته: ”منهنجي هڪ اک ڪڍ ۽ منهنجي پاڙيسريءَ
جون ٻئي اکيون ڪڍ.“
پوءِ هن هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين: ”سنڌ جي تاريخ ۾
پيهي ٻڌايو ته هڪ سنڌيءَ ۾ ايتري غداري، پنهنجي هم
وطن سان بدسلوڪي ۽ حسد جو جذبو ڇو آهي؟“
مون راجا ڏاهر کان وٺي شهيد ڀٽي تائين ساري تاريخ
کي ولوڙيو ته مون کي ڪوئي خاص سبب نظر نه آيو.
شايد ان سبب ڄاڻڻ لاءِ اڃان به پٺتي وڃڻو پوندو.
جڏهن چچ پنهنجي راجا راءِ سهاسيءَ کي دغا سان
مارايو هو. پوءِ نه رڳو هن جي راڄ ڌانيءَ تي، پر
هن جي استري (زال) تي به قبضو ڪيائين. ان ۾
بهرصورت شڪ نه آهي ته سنڌ جي موجوده تاريخ چچ جي
ان دغا سان شروع ٿئي ٿي. ان ۾ حسد، دغا ۽
بدديانتيءَ جو عنصر آهي. اڃان پٺتي وڃي سڄو رگ ويد
پڙهان ته پوءِ پورو جواب ميسر ٿئي ته سنڌ جا ماڻهو
ايترا اکين ٻوٽ، احسان فراموش ۽ حاسد ڇو آهن.
مولانا غلام محمد گراميءَ جي تحقيق آهي ته حضرت
آدم عه، آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي لٿو هو ۽ ممڪن آهي
ته قابيل ۽ هابيل جي وچ ۾، سرزمين سنڌ تي خون
خرابي ٿي هجي. ڪيئن چئجي؟
وي . سي آفيس ۾ مون ڪم پوءِ شروع ڪيو، پهرين ڀٽ
شاهه تي حاضري ڀري آيس. اتي ڪجهه تقريرون به ٿيون
۽ مون شعر به پڙهيا. جڏهن موٽياسين پئي ته هڪ
پروفيسر جا ڪئمپس ۾ رهندي هئي، انهيءَ چيو ته:
”اوهان جي ڪار ۾ ڪافي جڳهه آهي ۽ مان به ماپي
ويندس. مون کي به کنيو هلو.“ مون ڪار جو دروازو
کولي هن کي ويهاريو ۽ کانئس پڇيو ته: ”اوهين ڪير
آهيو؟“
جواب ڏنائين: ”مغلياڻي.“
مون تي وڄ ڪِري پئي ۽ مان ڪار جي سيٽ ۾ پيهي ويس.
ڄامشورو ۾ منهنجو وقت گهڻو ڪري آفيس ۾ يا بنگلي
واري باغ ۾ گذرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رستي تي پنڌ نڪري
ويندو هوس. هوا ۾ ڪائي مهڪ مون کي ڇڪيندي هئي. اها
ئي مهڪ مون کي ياد آئي، جڏهن جپسي عورت لينن گراڊ
اسٽيشن تي مون کان سوال پڇيو هو، ”تون ڪجهه پٺتي
ڇڏي آيو آهين ڇا؟“
ڪجهه ڏينهن مس گذاريا ته هڪ بجي رات جو شاگردن جو
هجوم وي . سي هائوس ٻاهران ڪٺو ٿيو ۽ ’جيئي سنڌ‘،
’جيئي سنڌ‘ جا نعرا هڻڻ لڳا. مون کي هڪ گارڊ اچي
چيو: ”ڇوڪرا گيٽ ٽپڻ ٿا چاهين، چئو ته پهرين ٻه ٽي
فائر ڪريون.“ مون هنن کي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ۽
پنهنجو روالور لوڊ ڪري، سوٽي کيس سان ڍڪي، گيٽ
ڏانهن ويس. هنن چيو ته: ”هتي ننڊون ڪرڻ آيو آهين
ڇا؟“
مون جواب ڏنو: ”ننڊ ته سوريءَ تي به اچي ويندي
آهي. توهان هن آويري وقت ڪيئن آيا آهيو؟“
جواب ڏنائون: ”سيد وٽ هڪ اڳوڻو فوجي آيو ۽ بهانو
ڪيائين ته هو سيد جي فڪر کان متاثر ٿي آيو آهي، پر
اسان کي شڪ پيو ۽ هن جي تلاشي ورتي سون ته هن جي
ور ۾ هڪ خنجر هو.“
مون کائنس پڇيو ته: ”پوءِ اوهان ڇا ڪيو؟“
وراڻيائون: ”اسان هن جو خنجر کسي ورتو. هن کي ٻڌي
ويهاريو آهي. هن مارڪٽ تي ٻڌايو ته، هن کي جي.
ايم. سيد ۽ شيخ اياز کي قتل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.
پر سيد ته قرآن شريف جا حوالا ٿي ڏنا، ان ڪري هن
کي قتل ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. باقي شيخ اياز
کي ڏسي رهندس.“
مون هنن کي تسلي ڏئي چيو: ”اڄوڪي رات ته هو سَن ۾
ٻڌو ويٺو هوندو، منهنجي گارڊن کي هن جو حُليو
ٻڌائي ڇڏيو. جي آيو ته کيس خنجر سميت اڏائي
ڇڏيندا. هاڻي مون کي ننڊ ڪرڻ ڏيو.“
ڇوڪرا گارڊن کي خونيءَ جو حُليو ٻڌائي موٽي ويا.
ان کان پوءِ به بار بار جيئي سنڌ جي ڇوڪرن کي
برغلايو ويو ۽ هو مون کي ڪافي تنگ ڪرڻ لڳا ها. مون
کي حافظ جو هڪ شعر ٿو ياد اچي:
مَن از بيــگانـــگان هرگز نه نالم
که بامن هرچه ڪرد آن آشنا کرد.
ترجمو: (مون کي بيگانن کان شڪايت نه آهي،
مون سان جيڪي ڪيو هن آشنا ڪيو.)
ڪجهه پروفيسر به اڀا ٿي ويا ها. هو ان تي ڪاوڙيل
ها ته ڀٽي صاحب هنن تي يونيورسٽيءَ کان ٻاهريون
ماڻهو ڇو مسلط ڪيو آهي؟ هڪ آمريڪن ڊاڪٽر مارڪ، جو
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سائنٽيفڪ ريسرچ
(Institute of Scientific Research)
ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو هو، تنهن مون کي دعوت تي
سڏيو. کيس انهن پروفيسرن کان ذاتي نفرت هئي، جي
منهنجي مخالفت ڪري رهيا هئا. هُو هڪ خط لکي آيو هو
۽ چيائين ته هي خط ڀٽي صاحب ڏانهن ڪنهن پروفيسر جي
هٿان موڪل ۽ جي هو توکي ڪٿي ملاقات لاءِ وقت ڏئي
ته هي پروفيسرن ۽ ڇوڪرن جي لسٽ ڏئي چوينس ته انهن
کي ٻي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ موڪلي ڏئي. مون غلام
ربانيءَ جي دوست پروفيسر دائود پوٽي کي خط سوڌو
لاڙڪاڻي موڪلي ڏنو. ڀٽي صاحب کيس چيو ته: ”مان ٻن
ڏينهن ۾ نارٿ ڪوريا وڃي رهيو آهيان ۽ اياز کي چئو
ته سڀاڻي مون سان ملي.“
مان ٻئي ڏينهن شام جو ستر ڪلفٽن تي ويس. سنڌ جو
چيف منسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي ٻاهر ويٺو هو. ڀٽي
صاحب مون کي اندر ڪمري ۾ گهرايو، جتي هو وسڪي پي
رهيو هو. هن مون کي چيو ته: ”ويهه.“ مون نظر
اڇلائي ته سامهون شاهه ايران جو، هن جي آٽوگراف
سان گڏ مڙهيل فوٽو رکيو هو ۽ ان جي پٺ تان مائوزي
تنگ جو، پنهنجي آٽوگراف سان مڙهيل فوٽو رکيل هو.
اها هن جي باهمي دوستيءَ
(Bilateralism)
جي علامت هئي. هن چيو ته: ”مون تنهنجو خط پڙهيو.
ڪهڙا پروفيسر ۽ ڇوڪرا توکي تنگ ٿا ڪن. لسٽ آندي
اٿئي.“ مون هن کي کيسي مان لسٽ ڪڍي ڏني.
هن اي . ڊي . سيءَ کي چيو ته: ”جتوئي صاحب کي اندر
موڪل.“
مون اڃان ڪجهه ڪڇيو ئي نه هو ته، ڀٽي صاحب لکيو
ته، پروفيسرن کي ڊس مس ڪيو وڃي ۽ شاگردن لاءِ
لکيائين ته هنن کي جيل ۾ وڌو وڃي. يونيورسٽيءَ ۾
ٿرٿلو مچي ويو. اهي پروفيسر جي ڊس مس ڪيا ويا ها،
انهن مان ڪي عبدالحفيظ پيرزادي لا منسٽر آف
پاڪستان جا واقف ها. انهن مان ٽي ته سنڊيڪيٽ جا
ميمبر هئا. انهن پيرزادي کي چيو ته ڀٽي صاحب کي
سمجهائي ۽ هو وري منهنجي مخالفت نه ڪندا. ڀٽي صاحب
پيرزادي کي چيو ته مون سان گڏجاڻي ڪري پڇي ته جي
هنن کي ٻي ڪا نوڪري ڏني وڃي ته مون کي اعتراض ته
نه ٿيندو. اهڙي گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ رکي وئي، جنهن ۾
پيرزادو صاحب، جتوئي صاحب، مسٽر الانا، تعليمي
وزير سنڌ ۽ عبدالوحيد ڪٽپر وزير صحت سنڌ موجود
هئا. مسٽر ڪٽپر لاڙڪاڻي جو هيو ۽ ڀٽي صاحب جو خاص
ماڻهو هو، ان کي شاهد طور موڪليو ويو هو. حفيظ
پيرزادو جو سکر جو ۽ منهنجو پاڙيسري ۽ واقف هو ۽
سندس ننڍو ڀاءُ مجيب پيرزادو، نبي بخش کوسي سان گڏ
منهنجو جونيئر رهيو هو، تنهن مون کان ٿڌائيءَ سان
پڇيو: ”اياز تون ته يونيورسٽيءَ جو ماڻهو ناهين ۽
مان نه ٿو ڀانيان ته هنن پروفيسرن جي توسان ڪائي
دشمني هوندي.“
ان تي پيرزادي وراڻيو: ”هنن توسان بدشد ڳالهايو
آهي ڇا؟ يا ڪنهن نموني تنهنجي بيعزتي ڪئي اٿائون؟“
مون جواب ڏنس ته: ”هنن رڳو مون سان تعاون نه ٿي
ڪيو ۽ مون کي ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏنائون.“
ان تي حفيظ صاحب چيو: ”هنن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيئي سال
نوڪري ڪئي آهي، جيڪڏهن هي تو لاءِ ڪي مسئلا نه
اٿارين ته هنن جي بحاليءَ تي ڪوئي توکي اعتراض آهي
ڇا؟“
مون چيو ته: ”نه.“
حفيظ صاحب چيو ته: ”مون کي ڀٽي صاحب کي اهو ٻڌائڻو
پوندو ته توکي هنن جي بحاليءَ تي ڪوئي اعتراض نه
آهي.“
ان کان پوءِ ڀٽي هنن کي بحال ڪيو. ان تي پروفيسرن
جو من وڌي ويو. هن يونيورسٽيءَ ۾ آيا ۽ هنگامون
برپا ڪيائون. احمد محي الدين جو مون وٽ ڊين،
فئڪٽلي آف سائنس هو. مون وٽ ڊڄندو آيو ۽ چيائين
ته: ”جي هي هتي رهيا ته اسان لاءِ عذاب ٿي پوندا،
ڇوته اسان توسان تعاون ڪيو هو.“
مون حفيظ پيرزادي کي اسلام آباد فون ڪيو ۽ کيس
ٻڌايو ته: ”هنن ته اچڻ سان هنگامو ڪيو آهي.“
ان تي حفيظ صاحب يڪدم جتوئي صاحب کي فون تي چيو
ته: ”انهن پروفيسرن کي ڪنهن ٽرڪ ۾ واڙي ڪراچيءَ
گهرايو وڃي، کين يونيورسٽيءَ کان ٻاهر نوڪريون
ڏينداسون.“
جيستائين مان يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر هوس، هو
حيدرآباد کان ٻاهر نوڪريون ڪندا ها. منهنجي چار
سال ٽرم پورو ٿيڻ کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ موڪليا
ويا. ڇو ته ضياءَ الحق جو اسلام پسند هو، مون سان
نفرت ڪندو هو. هن ڀٽي کي ڦاسي ڦٻائڻ ٿي چاهي ۽
تيستائين مون کي ڀٽي جي کاتي ۾ وجهڻ نه ٿي
چاهيائون، ان ڪري مون تي ڪائي ڪاروائي نه ڪئي
هئائون.
ڀٽو صاحب نه رڳو ڏاڍو ذهين هو، پر هن جو حافظو به
ڪارٿيج جي جنرل هَني بال وارو هو، جنهن کي پنهنجي
هر سپاهيءَ جو نالو ياد هوندو هو.
هن ٻه ڀيرا سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ مون کي گهرايو
هو. آخري ڀيري جڏهن ٽيپ رڪارڊ هلي رهيو هو، هن مون
کي چيو ته: ”شيخ تون ۽ مان هڪ جيل ۾ گڏ رهيا
آهيون، مان تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ڪا
نوڪري، ڪو پلاٽ، پرمٽ جيڪي به گهرجئي.“
مون جواب ڏنو: ”اوهان جي مهرباني اهوئي ڪافي آهي
ته اوهان ايوب خان وانگر منهنجي شاعريءَ تي بندش
نه وڌي آهي. مون کي جيل ۾ نه ٿا وجهو.“
ڀٽي صاحب چيو: ”شيخ، توکي جهڙي شاعري گهرجي ڀلي
ڪر. مان توتي ڪائي بندش نه وجهندس. مان تنهنجي
ٽائيپ کي سڃاڻان. تون گهرندين ڪجهه به نه. ڀلا تون
شاعر آهين. هيءَ رنگارنگ دنيا ڏسڻ چاهيندين؟ توکي
ڪيڏانهن ٻاهر موڪليان؟“
مون جواب ڏنو: ”ڀلي.“ ۽ ڏٺم ته ڀٽي جي منهن تان
رنجش لهي وئي. وي. سي. هائوس ۾ منهنجي پي. اي عطا
محمد فون کڻي چيو ته: پرائيم منسٽر جو ملٽري
سيڪريٽري اوهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي. مون فون کڻي،
’هيلو‘ ڪئي ته ملٽري سيڪريٽريءَ چيو ته: ”پرائيم
منسٽر اوهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي.“
”شيخ خوش آهين؟ يونيورسٽيءَ ڪيئن پئي هلي؟“ ڀٽي
صاحب پڇيو.
”ٺيڪ پئي هلي.“ مون جواب ڏنو.
”شيخ توکي ياد آهي ته مون توسان هڪ واعدو ڪيو هو.“
ڀٽي صاحب چيو.
مون جواب ڏنو: ”سائين مون کي ته ياد نه ٿو اچي.“
ڀٽي صاحب چيو: ”مون توکي دنيا گهمائڻ جو واعدو ڪيو
هو. هاڻي مان توکي يو. ايس. ايس. آر ڏانهن ڊيلي
گيشن جو ليڊر ڪري ٿو موڪليان. ٻن چئن ڏينهن ۾
اسلام آباد مان ڪوئي آفيسر تو وٽ پهچندو، تيستائين
پاسپورٽ ڪڍرائي رک!“ پوءِ جو احوال مون ”جڳ مڙيوئي
سپنو“ ۾ ڏنو آهي.
ان کان ڪافي مهينا پوءِ ڀٽو صاحب حيدرآباد آيل هو.
مون اڃان وائيس چانسلر جي چارج مس ورتي هئي. هو هڪ
وڏي پنڊال ۾ ويٺل هو ۽ هن جي ڀرسان ايم. اين. اي ۽
ايم. پي. اي ويٺا هئا. مان ڀٽي صاحب جي سامهون
ڪجهه وڪيلن سان گڏ ويٺو هوس، جي منهنجا پراڻا دوست
هئا، جيئن ڀٽي جي نطر مون تي پئي تيئن چيائين:
”شيخ، تون ايڏو پري ڇو ويٺو آهين. تون ته منهنجي
ڀرسان اچي ويهه ته توسان ڳالهائي سگهان.“ اوچتو
ايم. اين. اي، ايم. پي. اي هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ته
ڪير اٿي مون کي جاءِ ڏئي! هر ڪنهن کي ڪرسي پياري
هئي، ڇوته ڀٽي صاحب جي ويجهو ويهي هُو پاڻ کي عرش
وڪرسيءَ تي سمجهي رهيا هئا. نيٺ قمر الزمان شاهه
اٿي مون کي چيو: ”شيخ صاحب! هن ڪرسيءَ تي اچي
ويهو.“
وڏيرن ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ هنن تان ڪائي آفت ٽري
وئي.
وائيس چانسلر واري وقت ۾ مون کي آرام جي گنجائش
هئي، نه ته ان کان اڳ مون ساري عمر بي آراميءَ ۾
گذاري هئي، پر سنڌ جا نوجوان ڏاڍا زود فراموش آهن
۽ هنن جلد وساري ڇڏيو ته مون هنن لاءِ ڇا ڪيو هو.
اديب، جي منهنجا دوست ها، انهن مان اڪثر مَ سَهوُ
ها. اها حالت رڳو مون سان نه ٿي هئي، پر صديون
سنسڪرت جي عظيم شاعرن ڪالي داس ۽ ڀؤُڀوتيءَ لاءِ
به ساڳي ڳالهه لکي وئي آهي، جا مون کي شروع ۾ ذڪر
ڪيل شاعره تورو دت ٻڌائي هئي. پر ان سان منهنجي
گفتگو ان اسرار جو حصو آهي جو مان ظاهر ڪرڻ نه ٿو
چاهيان.
ٻئي ڀيري ڀٽي صاحب مون کي يونيسڪو جي ڪنهن ڪانفرنس
۾ ترڪيءَ موڪليو، ان جي باري ۾ احوال ڊاڪٽر گِوَنچ
جي حوالي سان مون ”جڳ مڙيوئي سپنو“ ۾ ڪيو آهي.
جڏهن مون استنبول جي شيريٽن هوٽل جي ڪائونٽر تي
خوبصورت ڇوڪريءَ کي پنهنجو نالو لکايو ته هن چيو:
”اياز ته ترڪي لفظ آهي. توکي خبر آهي ته ان جي
معنيٰ ڇا آهي؟“
مون جواب ڏنو: ”نه.“
ان تي هن چيو: سرد هوا.“
مون دل ۾ چيو ته: ”هونءَ ته منهنجي شاعري لُڪَ
وانگر لڳندي هئي. پر هاڻي شايد ڳڱاٽجي وئي آهي.“
هُوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي. منهنجو نالو رجسٽر ۾ نوٽ
ڪري، پورٽر کي سامان کڻي وڃڻ لاءِ چيائين ۽ مون کي
پاڻ ڏانهن گهوريندي ڏسي انگريزيءَ ۾ چيائين:
”اوهان کي ٻيو ڪجهه گهرجي.“
مون هن کي چيو ته: ”فقط تون.“ پر ڀرسان بيٺل پنجاب
يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر مسٽر خيرات کي ڏسي
لفظ کائي ويس ۽ جملو اڌ ۾ رهجي ويو.
فائيو اسٽار هوٽلن ۾ دعوتون، وسڪي، نمڪين پستا ۽
باداميون، تريل بڪيون ۽ جيرا، زندگيءَ کي رنگين
بڻائي رهيا هئا.
مون اڃان مٿيان لفظ ٿي لکيا ته فيروز احمد جو
حيدرآباد مان فون آيو ته ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا
۾“ ڪمپوز ٿي چڪو آهي. مون ٻڌو آهي ته اوهان ”ڪٿي
نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ لکي رهيا آهيو.“
مون جواب ڏنو ته: ”ها. پنهنجي نوٽ بوڪ جا هڪ هزار
کن صفحا لکي چڪو آهيان. جن کي اڃان درست به ڪرڻو
آهي.“
فون رکيم ته هڪ ڳالهه ياد آئي جا بابا منهنجي ڏاڏي
کان ٻڌي هئي ته: ”هڪ ڀيري حڪيم ابوسينا ڪوئي پوڙهو
مڙس ڏٺو، جو ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻي ٿي ويو.
ابوسينا پنهنجي شاگرد کي هن جي ڪڍ موڪليو ۽ هن کي
چيائين ته، هي اڳتي هلي مري وڃي ته مون کي اچي
ٻڌائجانءِ.“
ڪجهه پنڌ ڪري پوڙهو ٿڪجي پيو ته ڪاٺين جي ڀري لاهي
رکيائين مس ته پاڻ ڀريءَ وانگر ڦهڪو ڏئي ڪِريو.
ابوسينا جي شاگرد موٽي، جڏهن ابوسينا کي اها حقيقت
ٻڌائي تڏهن ابوسينا کيس چيو: ”مون هن کي ڏسڻ سان
ئي سمجهي ورتو هو ته هو هلي ئي ڀريءَ جي زور تي
ٿو. ڀري لاهيندو ته مري ويندو.“
”ها. ها......“ مون سوچيو: ”هي ساروڻيون هڪ ڀري،
انهن ڪاٺين جي ڀريءَ کان ڪيئن مختلف آهي!“
اسان جي گهر جي سامهون فلئٽ ۾ هڪ هندو عورت رهندي
آهي، جنهن کي سڀئي دادي ڪوٺيندا آهن. هُوءَ زرينا
سان آچر بازار ۾ گڏجي وئي ۽ اتي ڪجهه خريد ڪيائين.
جڏهن هو گهر موٽي آيون، تڏهن ٻن منٽن کان پوءِ
داديءَ اسان جي فلئٽ جي گهنٽي وڄائي ۽ اڃان زرينا
در کوليو ته کيس سؤ رپيا موٽائي ڏنائين. ان تي
زرينا چيس: ”دادي، ايڏي ڪهڙي تڪڙ هئي. شام جو ڏين
ها!“
ان تي داديءَ وراڻيو: ”ڀيڻ، حياتيءَ جو ڪهڙو ڪئت
آهي، شام جو مان جيئري هجان يا نه هجان. ڪنهن جو
به قرض کائي وڃڻ چڱو نه آهي.“
يڪدم مون کي خيال آيو ته آءُ به هيءَ آتم ڪهاڻي
پوري ڪري زندگيءَ جو قرض چڪائي وٺان. پر سوچيم ته
فيروز احمد لاءِ هي ڪتاب ڪافي ڊگهو ٿي وينديو.
اڃان ته ڇهين درجي انگريزيءَ تائين پهتو آهيان.
مون برسات ۾ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو ته: ”منهنجي
اندر جا مانسرور آهي، ان مان هڪ ندي به پوري نه
وهي آهي، مون کي پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ سؤ
سال ٻيا به گهرجن. پر عمر دراز جي تمنا جي باوجود
جي مان اڳ ۾ مري وڃان ته مون کي ڪلفٽن تي پهاڙيءَ
تي پوريو وڃي، سمنڊ جي سامهون جو منهنجو ڀاءُ آهي.
پر پاڪستان جي ڪنهن به سرڪار ۾ مون کي اها اميد نه
آهي. ان ڪري بهادر شاهه ظفر جي هڪ سٽ تي اڪتفا ٿو
ڪيان:
”دو گز زمين بهي نه ملي کوئيﻵ يار مين.“
’يار‘ بدران ‘شهر يار‘ پڙهيو وڃي ته وڌيڪ معنيٰ
خيز ٿيندو.
ڪالهه منهنجي ڀاڻيجي سعيده ۽ هن جو مڙس ڪرنل وقار
ملڻ آيا ۽ چيائون ته: ”شڪاپور مان ٿا اچون.“ انهن
سان ڳالهيون ڪندي، مون سوچيو ته جي مون کي ڀاءُ
اڳيان ابدي آرام لاءِ جاءِ نه ملي سگهي ته ڀيڻ جي
ڀرسان ئي ملي. شڪاپور ۾ پير الف شاهه جي قبرستان ۾
منهنجي ڀيڻ دفنايل آهي. اتي منهنجو سهرو ۽ سس ۽
وقار جو پيءُ واجد علي ۽ ٻيا مائٽ دفنايل آهن. اتي
منهنجي ڀرسان جاءِ ڇڏي وڃي. زرينا ٽيهه چاليهه سال
پوءِ ايندي، هُن لاءِ به جاءِ ڇڏي وڃي.
مون سعيده کي سؤ رپيا ڏئي چيو: ”منهنجي ڀيڻ ۽ ان
جي ڀرسان آرامي مائٽن تي گل وجهي.“ ان تي وقار چيو
ته: ”چاچا دال ۽ چانور به وجهون. انهن قبرن مٿان
هڪ وڻ ڇٽ وانگر جهڪي آيو آهي، جنهن تي ڪيئي پکي
چون چون ڪندا آهن. انهن کي چوڳو وجهڻ ثواب جو ڪم
آهي.“ مون وقار کي چيو ته: ”ڀلي. پکي به منهنجي
ذات وارا آهن.“
منهنجي ڌڻيءَ در التجا آهي ته مون کي ايتري فرصت
ڏئي ته مهد کان لحد تائين پنهنجي آتم ڪهاڻي پوري
ڪري سگهان. منڪر ۽ نڪير لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيان.
مون اڃان تائين ته مئٽرڪ تائين به زندگي نه لکي
آهي. اميد ته خدا اها منهنجي التجا اگهائيندو.
آمين. |