سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :11

رئيس نظاماڻي مرحوم سائين جي. ايم. سيد جو دادلو هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ حاضري ڀريندو هو. مان هن کي هڪ صاحب ذوق انسان سمجهندو هوس، جو هو واقعي هيو به. هن پهرين ايڪتا ۾ ميل (Male) آرٽسٽن ۾ پارٽ ورتو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ جي جلد پهرين ۾ ’ايڪتا فلم، واڊيا اسٽوڊيو ۽ اسين‘ جي سري هيٺ ڪيو آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن جي ساڳئي ڪتاب ۾ صفحي 311 تي ’ڏيپلائي، جوئي، اياز ۽ ٻين اديبن سان سئر‘ جي سري هيٺ لکيل باب آهي. ان ۾ هن منهنجي شڪايت ڪئي آهي ته ڪشتيءَ ۾ ماتليءَ ڏانهن ويندي مون پنهنجن دوستن سان گفتگو ٿي ڪئي، جڏهن اسان ڦليليءَ مان وڃي رهيا هئاسين، تڏهن اسان هن جي چوڻ جي باوجود آسمان ۾ چنڊ ۽ پاڻيءَ ۾ ان جي پاڇي ڏانهن ڌيان نه ٿي ڏنو ۽ ان کي بدذوقي ڪوٺيو آهي. مون پاڻ تي تنقيد تي (جا بي تحاشا ڪئي وئي آهي.) جيئرن کي ئي ڪڏهن جواب نه ڏنو آهي ته مئي کي ڇا ڏيان! پر مون کي رئيس لاءِ عزت هئي ۽ ان ڪري هن جي وفات کان پوءِ سندس مشوري سان نااتفاقي ڏيکارڻ تي مان معافي ٿو گهران.

دراصل مون وانگر دنيا ۾ ٻيو شاعر ليوپارڊي (Leo Pardy)  ٿيو هو، جنهن چنڊ سان شديد محبت ڪئي هئي. پر چنڊ سان محبت ۽ ان جو علامت طور اظهار مون ليوپارڊيءَ کان به وڌيڪ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. اها ڳالهه مون کي منهنجي اديب دوست گني سامتاڻيءَ به بمبئيءَ ۾ چئي هئي، جنهن جو ذڪر مون ’هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن‘ جي مهاڳ ۾ ڪيوآهي مان جڏهن ستي ۾ هوس تڏهن ليفٽ بئنڪ تي ٻن فيڊر واهن جي وچ تي ڪار بيهاري، اڌ رات تائين ڪنهن جي آغوش ۾ ويٺو هوندو هوس ۽ چنڊ کي لهرين ۾ لڙهندو ڏسندو هوس. ڪڏهن رات جو سکر ۾ ستين جي اسٿان وٽان چنڊ کي سنڌوءَ جي سيِر ۾ ايترو وقت وهنجندو ڏسندو هوس، جيترو وقت روهڙيءَ جي شاعر ’بيڪس‘ هندو استرين کي سنان ڪندي به نه ڏٺو هو. ان ڪري ئي اهڙي خوشگوار ماحول ۾ مون نه صرف ٻاهريون منظر پئي ڏٺو، پر دوستن سان گفتگو به پئي ڪئي، جن سان مان ڇٺيءَ ڇهه ماهيءَ ملندو هوس. ائين برابر آهي ته رئيس نظاماڻي، گوتم ٻڌ وانگر پنهنجي انتر ڌيان ۾ ويٺو هو ۽ جرمن ناول نويس هربرٽ هيس جي مشهور ناول ’سڌارٿ‘ ۾ ذڪر آيل ٻيڙيءَ ۾ پنهنجي نرواڻ لاءِ وڃي رهيو هو. دوست نظر انداز ڪري فقط چنڊ ڏانهن ٽڪ ٻڌي نهارڻ مون کي  مضحڪه خيز لڳندو آهي.

مون کي ميراجي ۽ تنوير نقويءَ جي گيتن کان سواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ جا گيت به وڻندا ها، جي مان اردو رسالن ۾ پڙهندو هوس. مون کي نواب واجد علي شاهه جي ناٽڪ ’اندر سڀا‘ ۾ شامل ڪيل امانت لکنويءَ جا گيت به ڏاڍا وڻيا ها. حفيظ جالنڌريءَ جو، ’ڪاهن مرلي والي نند ڪي لال بنسري بجائي جا‘ به ڏاڍو وڻيو هو. مجيد امجد جو هڪ خاموش طبع شاعر هو، انهيءَ جا گيت به دلچسپ ها. قتيل شفائي، عبدالمجيد ڀٽي، تاج سعيد، ساحر لڌيانوي، احمد راهي، عادل پرديپ، جميل الدين عالي، قيوم نظر، طفيل هوشيارپوري، ناصر شهزاد ۽ نگار صهبائيءَ جا گيت به مون پڙهيا آهن. سنڌيءَ ۾ گيت صحيح معنيٰ ۾ مون پهريون ڀيرو لکيا. جيتوڻيڪ مون کان اڳ هوند راج دکايل ڪجهه گيت لکي چڪو هو ۽ ڪجهه هري دلگير به گيت لکي چڪو هو. مون پهريون گيت ”هاءِ پرين ياد آيا“ ڪراچيءَ جي سنڌي سرڪل جي ڪنهن محفل ۾ پڙهيو هو. لعل چند امر ڏنو مل جو ميڙ جي صدارت ڪري رهيو هو، جهومي اُٿيو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اهو گيت سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيو، ڇو ته هو پاڻ تن ڏينهن ۾ مهراڻ جو ايڊيٽر هو. جنهن وقت عثمان علي انصاري بورڊ جو سيڪريٽري هو.

ڳالهه ميران ٻائيءَ جي گيت تان نڪتي جو ميران اسڪول ۾ ڳائيندا ها، جنهن ۾ زرينا پڙهندي هئي ۽ جنهن ۾ اڃان تائين پروفيسر جهامنداس جو پٽ لجپت راءِ رهندو آهي. زرينا جون ساهيڙيون ورهاڱي کان پوءِ ڪک پن ٿي اڏامي ويون. انهن مان هن سان ’شاهه سچل سامي‘ سيمينار تي فقط رُڪي ملي هئي، جا مشهور سنڌي اديب ٻلديو گاجرا جي ڀاڄائي هئي. ٻلديو گاجرا سنڌي ٻوليءَ لاءِ هندي لپيءَ جو حامي هو، جيتوڻيڪ منهنجا ڪيترا دوست عربي رسم الخط جا حامي هئا ۽ پنهنجو سنڌي تشخص قائم رکڻ ٿي چاهيائون ۽ سنڌ جي سنڌي ادب سان ناتو نه ٿي ڇنڻ چاهيائون.

ٻلديو گاجرا، ڪشن چند بيوس جو وڏو مداح هو. هن مون کان پڇيو: ”ڪير وڏو شاعر هو، ڪشن چند بيوس يا ليکراج عزيز؟“ مون جواب ڏنو: ”بيوس، عزيز ته بحر وزن تي تڪبندي ڪندو هو. هن ترقي پسند اديبن لاءِ رشوت طور ڪجهه شعر لکيا هئا، ان ڪري هو کيس اهميت ڏيندا ها.“

دراصل ’بيوس‘ جنهن جو ’شيرين شعر‘ ڪتاب اسان جي ٽئين درجي انگريزيءَ تي درسي ڪتاب طور هوندو هو، نئين شاعريءَ جو باني هو:

”ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه مان ڀي رهان،

آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري، تون به رهه مان ڀي رهان.“

يا، ”الا جهري مَ شال غرين جي جهوپڙي.“

³         

يا، ”هاءِ اڄ هند مٿان، ڌنڌ ٿو ڪارو ڏسجي.“

هن اسان جي شاعريءَ لاءِ نوان افق کولي ڇڏيا. ڪنهن بيوقوف نقاد هن جي سلوڪن ”چنتا چکيا کان بُري، هوءَ ٻري هيءَ ٻاري“ تي تنقيد ڪندي لکيو آهي ته، ’بيوس، ساميءَ جي نقالي ڪئي آهي ۽ انهن سلوڪن هن جي ساک کي ڇهيو رسايو آهي.‘ دراصل ساميءَ جي پوري شاعريءَ کان اها سِٽ ڀاري آهي، ان ۾ جهول نه آهي ۽ روايتي ويدانتي شاعريءَ جو ورجاءُ به نه آهي. انهيءَ سٽ مون کي اتساهيو هو ته پنهنجا سلوڪ ساميءَ جي نالي لکان، جي ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۾ ڇپيا ها. ٻيا سلوڪ مون ٻوڌي پستڪ ’ڌمپد‘ کان متاثر ٿي چيا ها. سنڌ جي سڀيتا تي سوچي سنڌ جي سورهيه بڊماڻي پنري، جنهن مغلن سان جنگ ڪئي هئي، ان تي ٽي بيت پنهنجا ٿا ياد اچن.

اڄ گهر جين يار، بڊاماڻي پُنرا،

ڪاڇي ٻنهي پار، ويرين واٽون لائيون.

³         

اڄ گهرجين تون،  بڊاماڻي پُنرا،

مٿان اچي مون، ويرين لاٽون لائيون .

³         

اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پُنرا،

ڪاڇي ڀڳي ڀت، ويرين واٽون لائيون.

(ڇا ڪوئي صوفي يا ويدانتي به بڊاماڻي پنرو ٿي سگهندو آهي؟ يا مان واٽ ڀلي ويو آهيان؟)

اياز، هاڻي ڍيرو ويڙهه! پتنگ ڏاڍو ڏور وڃي نڪتو آهي. ساروڻيون سميٽ ۽ پنهنجي پاڙي ۾ شڪاپور موٽي آءُ! زرينا مون کي ڪيتري به پياري آهي، پر پوءِ به مون کي روسي افسانه نويس چيخوف جا لفظ ڪنن ۾ گونجن پيا.

”هن لاءِ عورت ڪهڙي قيمت رکندي هئي. پرواهه ناهي ته هن کي ان جي ڪهڙي به ضرورت هجي، ڇو ته هن جي ساري زندگي قلم ۽ ڪاغذ هئي.“

زرينا! مون توتي ايتري توجهه نه ڏني، جنهن جي تون مستحق هُئينءَ. گهر ۾ رهي به مون تي سارو وقت شاعريءَ جي ڪيفيت ڇانئي رهي. ان تي مون کي فرانسيسي شاعر پال ورلين (Paul Verleine)  جو هڪ نظم ياد آيو: ”ڳاڙهه سُري اڱڻ ۾، ڏياٽيءَ جي جهڪي لاٽ، ڌيان جو سپني جهڙو هوندو  آهي، نهار جا ٻيءَ اڪنڍيءَ نهار ۾ لين ٿي ويندي آهي. چاءِ جي ٻاڦ ۾ لوڌيل ڪتابن جي ويلا، سانجهيءَ جي مٺيءَ ماٺ جو انت، من ڀانوڻو ٿڪ ۽ جوڳي آرام جي خواهش ۽ رات جي عبادت جهڙي آرزو. ووءِ! منهنجو سپنو انهن جي ڪيئن نه ڪڍ لڳو اچي. ايتري دير ۽ انڌير هوندي به ڪيئن نه ڏينهن بي چئنيءَ سان گذريو ۽ مهينن تي پاڳلن جيان پوسربو ٿو رهي.“ اهو مٿيون منظر مون ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ ۾ سُکديو جي واتان چوايو هو.

هي چوٿين درجي سنڌيءَ ۾ منهنجو ماستر شير علي خان آهي. اهو مون کان سوال ٿو پڇي: ”فاتح ڪير هو پورس يا سڪندر؟“

مون جواب ڏنو، ”پورس.“ هُن کلي جواب ڏنو، ”نه سڪندر.“ جڏهن مان ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ آيس ته مون مهاتهما گانڌيءَ جي باري ۾ مطالعو ڪيو. مون کي ان وقت شير علي خان سُجهي آيو ۽ مون ڀانيو ته مان صحيح هوس. رڳو امن جا پيامبر فاتح هوندا آهن، اهي دليون فتح ڪندا آهن. فاتح ۽ جنگجو فقط سر لڻندا آهن. هاڻي ته مان ان خيال جو آهيان ته تاريخ ۾ چنگيز، هلاڪو، تيمورلنگ، لارڊ ڪلائيو، نيپولين، هٽلر، مِسوليني، فرانڪو، اسٽالن وغيره جا نالا حرفِ غلط وانگر ڪاٽيا وڃن. اهي فقط رهزن ۽ قاتل ها ۽ تاريخ نويسن جي هڪ سٽ جا به مستحق نه هئا. مون کي لڳي ٿو ته ٻي مهاڀارت يد اچي رهي آهي، جنهن ۾ ارجن ۽ ڪِرڻ ٻئي هڪ ٻئي کي ماريندا ۽ ڌرتي دروپديءَ وانگر اوڇنگارون ڏئي روئندي، تاريخ ۾ سومناٿ جي بتن جون انڌيون اکيون پنهنجا تارا ڳولي رهيون آهن، جي هيرن مان ٺاهيان ويا ها.

نيو ايرا انگلش اسڪول، ڪورڪي پاڙي ۾ منهنجي گهر کان ٻه س‍ؤ قدم پري هو ۽ منهنجي دوست هوند راج داس جي گهر کان ويهارو قدم پري هو. اسان جو پهرين درجي انگريزيءَ ۾ استاد، ان دؤر جو مشهور شاعر کيئل داس فاني هو. جنهن جا نظم ماهوار ’سنڌو‘ رسالي ۾ ڇپيا ها، جيڪو بولچند راجپال ميان جي ڳوٺ مان ڪڍندو هو، جتي فاني پاڻ به رهندو هو. شڪاپور ۾ ٻه شاعر نام ڪٺيا هوندا هئا، کيئل داس فاني ۽ لطف الله جوڳي، جنهن جي فارسي آميز شاعري علامه اقبال کان متاثر هوندي هئي ۽ ”فاني“ ’بيوس‘ جو ذهني طور شاگرد هو. ’جوڳي‘ جنهن جو گهر هاٿي در کان ڪجهه پنڌ تي مسرور فقير جي گهر جي ويجهو هو، ان جي باري ۾ مان ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ ۾ اڳيئي ذڪر ڪري چڪو آهيان. فاني نيو ايرا اسڪول ۾ ماستر هو ۽ کيس ويهارو رپيا پگهار ملندي هئي، جنهن مان هو پنهنجي ۽ گهر جي پورت ڪندو هو. فاني هڪ خدا مست انسان هو، جيڪو مال و دولت جي هوس کان پري هو. فانيءَ تي سوچي مون کي سرمد جي هڪ فارسي رباعي ياد آئي.

آل ڪس که ڪباب مِي خورد، در گذرد

آل ڪس ڪه شراب مِي خورد، در گذرد

سرمد ڪه به ڪاسهء گدائي نان را،

تر ڪرده به آب، مِي خورد، در گذرد.

ترجمو: (جيڪو ڪباب کائي ٿو، اهو به گذاري وڃي ٿو،

جيڪو شراب پيئي ٿو، اهو به گذاري وڃي ٿو،

سرمد جنهن پنهنجي فقيراڻي ڪِشتي ۾ نان

پاڻيءَ سان آلو ڪري کاڌو، اهو به گذاري ويو.)

فانيءَ کي مون آخري ڀيرو، ”شاهه سچل سامي“ سيمينار تي ڏٺو. هُو مون لاءِ ڀوپال مان بمبئيءَ ڪهي آيو هو ۽ ٻياسي سالن جو ٿي چڪو هو، پر ابراهيم جويي وانگر کڙو تڙو هو، جويو به لڳ ڀڳ ساڳيءَ عمر جو آهي. مون منتظمين کي چيو ته کيئل داس فانيءَ کان صدارت ڪرائين ۽ مون کي مهمان خاص ڪن، نه ته هو ان جي ابتڙ ڪن ها.

فاني ڏاڍي سادي طبيعت وارو ماڻهو هو. هن اسٽيج تي مون کي ڪن ۾ چيو: ”پُٽ مون ٻڌو آهي ته تو ويريه وڃائين ٿو. ويريه ۾ ته ماڻهوءَ جي سگهه ۽ تندرستيءَ جو راز آهي.“ مون مرڪي دل ۾ چيو: ”سائين، کوهه گڙندو رهي ۽ نيسر وهندي رهي ته بهتر آهي.“ پر هن کي چيم: ”هائو، سائين، اوهين صحيح آهيو.“

فانيءَ کي مون پهرين درجي انگريزيءَ ۾ پنهنجو هڪ غزل ڏيکاريو هو، جيڪو مون هڪ اردو غزل جي تتبع تي لکيو هو ۽ جو سوامي رام تيرٿ جي اردو ڊائريءَ ۾ شامل هيو، جا مون جماڻي هال لائبريريءَ مان ورتي هئي. اهو غزل شڪاپور تي پنهنجي ڪتاب ۾ خليل مورياڻيءَ ڇاپيو آهي. فانيءَ جي تربيت هيٺ منهنجي ڏات وڄ واءُ ۽ طوفان وانگر ترقي ڪري رهي هئي ۽ هفتي ۾ مان ٻه ٽي ڀيرا هن وٽ شعر جي درستيءَ لاءِ ويندو هوس. جيڪڏهن فاني منهنجي تربيت ۽ همت افزائي نه ڪري ها ته اڄ مان شاعر نه هجان ها.

هو هڪ سال اڳ گذاري ويو، پر ان کان اڳ ۾ انور فگار هڪڙي فانيءَ جي ڪلام کي ترتيب ڏني هئي ۽ اهو ڇپائيءَ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو هو ۽ مون انور فگار هڪڙي جي چوڻ تي، ان ڪتاب تي پيش لفظ خوشيءَ سان لکيو هو. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته شڪاپور ۾ انور فگار هڪڙو، خليل مورياڻي ۽ ٻيا نوجوان پيدا ٿيا آهن ۽ لعل محمد لعل جهڙا بزرگ انهن کي همٿائي رهيا آهن ۽ هنن شڪاپور جي ماضي ۽ حال تي سيمينار ڪرائي ٻه ديده زيب ڪتاب ڇپايا آهن. نند جويريءَ جو شڪاپور تي لکيل نظم مون کي ايترو وڻيو هو، جو مون هن کي ڪتاب تي بمبئيءَ ۾ مهاڳ لکي ڏنو هو. سندس اهو ڪتاب ڇپيو آهي.

فانيءَ جي شاعريءَ جو تجزيو ائين هو، جيئن مون پوءِ پڪاسو جا لفظ آرٽ جي باري ۾ پڙهيا ها. ”آرٽ سچ نه آهي، آرٽ اها ڳالهه آهي جا سچ محسوس ڪرائي ٿي.“ هن شاهه سچل سامي کان بيوس تائين گهرو مطالعو ڪيو هو. ڪي تعصب پرست انهيءَ ماضيءَ جي تجزئي کي شڪ سان ڏسندا ها، پر حقيقت، حقيقت آهي. جنهن کي انجير جو پن به لڪائي نه سگهندو آهي. فاني سُڪ پل جي ڀرسان هڪ ڪلب ۾ رهندو هو، جا ڪجهه ماسترن گڏجي ٺاهي هئي، جنهن ۾ سائين هاسانند به رهندو هو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ الهاس ننگر ۾ گذاري ويو. انهيءَ مون ۾ انگريزي ادب لاءِ محبت پيدا ڪئي. هن نه رڳو مون کي ڪجهه سستا ڪتاب ڪلڪتي مان گهرائي ڏنا، پر هو اتان انڊين رِويو به گهرائيندو هو ۽ رسالي ۾ جيڪي مضمون منهنجي سمجهه ۾ نه ايندا ها، اهي سمجهائيندو هو. مون ان وقت هر ساهه سنڌ جي ڪلچر ۽ ادب جي فضا ۾ کنيو. گهر ڀرسان نوجوان برادر منڊل لائبريريءَ ۾ رتن، سندر ساهتيه رسالن ۾ گجراتي، مراٺي، بنگالي ادب جا قوم پرست ناول ۽ هند جي تاريخ تي ڪتاب وٺي پڙهيا. مان لائبريريءَ مان روز ٻه ڪتاب وٺي ايندو هوس ۽ ٽين چئين وڳي رات تائين پڙهي پورا ڪندو هوس ۽ ٻئي ڏينهن تي موٽائي ٻيا ڪتاب وٺي ايندو هوس. مشاهدو ۽ مطالعو اهڙيءَ حد تي پهتو جو پاڻ کان وڏن کي انهن جي قد ڪاٺ کان ننڍو سمجهڻ لڳس. جماڻي هال لائبريريءَ ۾ ماستر حبيب الله ڀٽو، مشتاق ابڙو (جو پوءِ ’جدوجهد‘ نالي ڪائي اخبار ڪراچيءَ مان ڪڍندو هو.) ۽ ماستر عبدالله، واقف ٿيا جو جماڻي هال جي سامهون ميونسپالٽيءَ جي پاڻيءَ جي مشين سنڀاليندو هو. هن وٽ هڪ کٽ ۽ ٻه ڪرسيون هونديون هيو، جنهن تي ويهي ادب تي ڳالهائيندا هئاسين. ان دؤر ۾ منهنجو هڪ شعر مفاعيلن مفاعيلن وزن تي سنڌو رسالي ۾ ڇپيو هو، جو مون ٻين وزنن سان گڏ حاجي محمود خادم جي ڪتاب ’رهنمائي شاعري‘ مان سکيو هو. فارسي وزن تي عبور منهنجي طبع روان لاءِ مشڪل نه هو. مشتاق ابڙو نوڪري لاڙڪاڻي ۾ ڪندو هو ۽ جمعيت الشعراءِ جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ جڏهن شڪاپور موٽندو هو ته اسان ادبي ڪچهريون ڪندا هئاسين. هڪ هندو شاعر جنهن جو ’غمگين‘ تخلص هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوند راج داس به اسان سان شريڪ ٿيندو هو. پر هوند راج آريه سماجي هو ۽ مشتاق مسلم ليگي تنهن ڪري هنن جي طبيعت نه ملندي هئي. لاڙڪاڻي مان محمود خادم انهن شعرن جو انتخاب به ڇاپندو هو، جي مشاعرن ۾ پڙهيا ويندا ها. هن جي ماهوار رسالي جو نالو شايد ’اديب سنڌ‘ هوندو هو. مشتاق اسان کي پڪ سان چوندو هو ته: ”لاڙڪاڻي جا شاعر بحر وزن نه ڄاڻندا آهن.“ هڪ ڀيري مون کي ”الحقيقت“ اخبار هٿ ۾ هئي، جنهن ۾ واصف جو غزل ’خدا جا بندا، خدا خدا ڪر، خدا جا بندا، خدا خدا ڪر“ ڇپيو هو. مون مشتاق کي آزمائڻ لاءِ چيو ته: ”ڇا هيءَ سٽ وزن تي پوري آهي؟“ هن وراڻيو، ”بلڪل نه.“ مون چيو ته: ”سائين مون رهنمائي شاعري پڙهيو آهي ۽ ان سٽ جي تقطيع ڪري سگهان ٿو. اها ٻه ڀيرا ’مفاعلاتن‘ جي وزن تي آهي.“ هو خار ۾ اٿيو، شربت جو بل ڀريائين ۽ چيائين ته: ”هاڻي هلون ٿا.“ اسان شربت جا ٽي گلاس گهرايا ها ۽ تن ڏينهن ۾ شربت جو گلاس ٽڪي ۾ ملندو هو. مشتاق ابڙو انهن ڏينهن ۾ به ايتري ڊگهي قميص پائيندو هو، جيتري هاڻ اسان وٽ پاتي ويندي آهي. هندو جيڪي لنڊي قميص پينٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا ها ۽ پئنٽ تي چمپل پائيندا ها، اهي کيس حيرانيءَ سان ڏسندا ها. مشتاق ابڙو پنهنجي شلوار قميص ۾ هڪ رعبدار شخصيت لڳندو هو ۽ پنهنجي لااُبالي طبيعت جي مظاهري لاءِ ٽيبل تي هاريل پاڻي پنهنجي قميص جي پلاند سان اگهي ڇڏيندو هو. ماستر عبدالله مسدس حالي پڙهيو هو ۽ چوندو هو ته تجارت عين اسلام آهي ۽ هو ڏاڍي پڪائيءَ سان، ڪجهه پئسا بچائي ڪٿي سيڙائيندو هو. ماستر حبيب الله جو منهنجي مائٽ ثناءُ الله شيخ جو دوست هوندو هو، فاعلاتن فاعلات کان وڌي نه سگهيو. دراصل هو رائيٽرس گلڊ جي بنگالي ميمبر ڪوي غلام مصطفيٰ کان بهتر هو، جو جڏهن سکر آيو هو ته اسان کي ٻڌايو هئائين ته هن چار ڀيرا فعولن واري وزن تي شعر لکيو آهي. جيئن: ’ڪريما ببخشاءِ بر حال ما‘ لکيل آهي. دراصل اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جا سڀ مسلمان ڪوي اڌ مغزي هوندا هئا. مان ته شاعر انقلاب نذرالسلام کي به انهن کان بهتر نه ٿو سمجهان، ڇو ته هن ساڳئي نظم ۾ مهاديو ۽ حضرت عليءَ جو گڏي ذڪر ڪيو آهي، جيڪو بلڪل بي معنيٰ ٿو لڳي. هو غالبا هيڊ ڪانسٽيبل هو ۽ ٽئگور جي ڀيٽ ۾ اڌ اکري شاعري ڪندو هو. اردوءَ جي شاعر انقلاب جوش مليح آبادي هڪ پنهنجي ڪتاب ’شعله وشبنم‘ ۾ هڪ ڀنگياڻيءَ تي نظم لکيو هو ۽ آخر ۾ چيو هو ته: ’جنهن جي هٿ ۾ ٻهارو آهي.‘

اس کلائي مين تو کنگن جگمگانا چاهئي

(هن ڪلائيءَ ۾ ته ڪنگڻ کي چمڪڻ گهرجي.)

ڇا نه انقلاب جو تصور هو ۽ انسان جي محنت جي قدر وقيمت هئي! دراصل فيض جهڙي انقلابي شاعر کي به پنهنجي عوام پسنديءَ جو صحيح شعور نه هو ۽ هن ’نقش فرياديءَ‘ ۾ هندوستان جي عوام لاءِ ’آوارا، بيڪار ڪتا‘ لفظن ۾ عوام جي ڪيتري نه تذليل ڪئي آهي! غالب جهڙا شاعر هر لفظ ڳڻي ڳوتي ڪم آڻيندا ها ۽ پنهنجي اظهار جي مقصد ۾ نهايت ڪامياب هئا. افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌي ڪمپيوٽر اردو صورت خطيءَ ۾ شعر ڇپي نه ٿا سگهن، ان ڪري اهي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏيڻا ٿا پون. چڱو هاڻ موٽي چوٿين ڪلاس ۾ ٿو هلان. اتي يوسف کٽيءَ نالي به هڪ ڇوڪرو مون سان گڏ پڙهندو هو. تڏهن مان روز روز کٽين جي پاڙي ۾ ويندو هوس، اسان اسڪول جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسين. اسان جي گهران هڪ کٽياڻي ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا کڻي ويندي هئي، سندس نالو جندان هو. هوءَ کنڀ تي چاڙهيل ململ، شلوار يا پاپلين جي سؤ ڪپڙن جي لاءِ هڪ رپيو وٺندي هئي. پر سوسيون، موٺڙا، کٿا، لونگيون، اڳٺ وغيره هوءَ صابڻ سان ڌوئي استري ڪري ڏيندي هئي. انهن ڪپڙن جي سؤ لاءِ ٻه  رپيا وٺندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مان هن وٽان اسڪول لاءِ ڪجهه ڪپڙا کڻڻ ويندو هوس ته هن جي ڌيءُ لالان سوسي وغيره ڌوئندي نظر ايندي هئي. هڪ ڀيري لالان اڪيلي گهر ۾ ويٺي هئي. هن منهنجا ڪجهه استري ٿيل ڪپڙا تهه ڪري مون کي ڏنا ته وٺڻ وقت هن جي هٿن هيٺان مون پنهنجا هٿ نه ڪڍيا ۽ انهن کي هلڪو زور ڏنو ته هن مون ڏانهن اُڪير مان ڏسي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٻئي ڀيري مان يوسف وٽان ٿي لالان جي گهر ويس. ان ڏينهن به هوءَ اڪيلي هئي، ڇو ته هن جي ماءُ ڌوتل ڪپڙا گهرن ۾ پهچائڻ وئي هئي. هن وري ڪجهه استري ٿيل ڪپڙا مون کي ڏنا. ڪپڙا وٺندي مون پنهنجي هٿن سان هن جي هٿن کي زور ڏنو. هن هرڻيءَ جهڙين چيروين ۽ کنڀ تي ڌوتل، ململ جهڙين اکين سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ وري اکيون جهڪائي ڇڏيائين. پوءِ هن آهستي آواز ۾ چيو: ”تون پنهنجي ماءُ کي ڇو نه ٿو چوين ته منهنجي ماءُ کان سڱ گهري.“ مان وري جڏهن يوسف ڏانهن ويندو هوس ته هوءَ در جي چائنٺ تي ويٺل نظر ايندي هئي ۽ هن جون اکيون چونديون هيون: ”تون پنهنجي ماءُ کي ڇو نه ٿو چوين ته منهنجي ماءُ کان سڱ گهري.“ ڪيئي انسان پٿر تي ليڪ وانگر دل تي اُڪرجي ويندا آهن. ڪيئي ڀيرا منهنجي ڪنن ۾ هن جو آواز ٻُريو آهي ”تون پنهنجي ماءُ کي ڇو نه ٿو چئين.“

ڪهڙا ڪهڙا انسان ۽ واقعا منهنجي زندگيءَ ۾ آيا! هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هوس. محرم نالي هڪ غريب شاگرد مون سان گڏ پنج درجا سنڌي پڙهي تعليم ڇڏي ڏني ۽ زمين ٽڪرو وڪڻي، هن هڪ خوبصورت گهوڙي گاڏي ورتي. شڪاپور ۾  اِها سڀني گاڏين کان وڌيڪ ٺاهوڪي ۽ مهانگي گاڏي هوندي هئي. هو گهوڙا بدلائيندو وتندو هو. ڪڏهن اُن ۾ ڪُميت، ڪڏهن سُرخو، ڪڏهن مشڪي ڪڏهن سنجاف گهوڙو هوندو هوس. انهن جا لغام، هنا، ڏاڍا سهڻي ڀرت سان ڀريل هوندا ها، جن ۾ شيشي جون ٽڪيون به هونديون هيون ۽ جن جي ڪنڌ ڌوڻ ۽ هڻڪار ٻڌي سارو لکيدر بيهجي ويندو هو. محرم هزاري در تي رهندو هو ۽ هاٿي در تي هڪ لالواڻي ڇوڪري رهندي هئي. هُن کي هڪ ڀيري ڪائي سستي بگي نه ملي ۽ محرم واريءَ بگيءَ تي چڙهي ويٺي. ٻئي ڪڻڪ رنگا هئا، جن جو رنگ ڪنهن جي سفيد رنگ کي مات ڏئي وڃي ها. جيستائين بگي اسڪول پڳي، محرم کيسي مان باجو ڪڍي وڄايو. ان جون وڄتون ٻڌي هوءَ گهائجي وئي ۽ چيائينس ته: ”موٽندي هو کيس ڏيڍ وڳي گهر کڻي هلي.“ جڏهن محرم کيس گهر موٽائي آيو ته ڇوڪريءَ رپيو ڪڍي ڀاڙو ڏنس. محرم وٺڻ کان انڪار ڪيو. شام جو هو پستن جي مٺائي ۽ موتيءَ جون ڪلفيون کڻي هن جي گهر آيو ۽ ڪڙو کڙڪايائين ته هوءَ ٻاهر نڪتي. جڏهن محرم مٿيون شيون هن کي ڏنيون، تڏهن هُن مرڪي پڇيو، ”هي ڇا لاءِ؟“

هن جي مُرڪ ۽ هن جو سوال ڄڻ محبت جي موٽ هئي. محرم کيس چيو ته، ”اڄ سرخو گهوڙو ورتو اٿم. چيم ته سڀني پاسينجرن جو منهن مٺو ڪرايان.“

”پر مان ته رڳو اڄ تنهنجيءَ گاڏيءَ تي چڙهي آهيان.“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو.

محرم چيس ته، ”ائين لڳو ته تون تڏهن کان بگيءَ ۾ هئينءَ جڏهن کان مون اُها خريد ڪئي هئي، مان صبح سان توکي اسڪول کڻي ويندس. توسان بگيءَ جي رونق وڌي ٿي وڃي.“ ڇوڪريءَ محرم ڏانهن ڏٺو ۽ ٻنهي جون اکيون جڪڙجي ويون. ائين روز محرم هن کي کڻي ويندو هو ۽ وقت تي موٽائي وٺي ايندو هو ۽ شام جو ڪجهه نه ڪجهه تحفي طور وٺي ويندو هوس. هن جون  ڀيز هن کي ڇينڀينديون هيون ته، ”هاڻي ته پيٽ چٽي ٿي پئي آهين.“ کين خبر نه هئي ته مٺائي ڪير ٿو آڻي.

هڪ ڀيري محرم ڇوڪريءَ کي هٿ وڌو ته هن ڇڏ ڇڏاءُ نه ڪيو. ان تي محرم کيس چيو ته: ”جڏهن هڪ ٻي بجي رات جو تنهنجين ڀينرن کي ننڊ اچي وڃي ته تون ڏاڪڻ جو در کولجانءِ مان ان جي ٻاهران بيٺو هوندس؟“

ٻي وڳي رات جو در کوليو تيستائين محرم کي هر گهڙي قيامت جي گهڙي ٿي لڳي. ڇوڪري هن کي آهستي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وئي، جتي هن ساڻس رات بسر ڪئي. ٻئي ڏينهن جڏهن هن کي صبح جو کڻڻ ويو ته هن جو منهن ماڪ سان ڌوتل گلاب وانگر ٿي لڳو ۽ محرم کان پڇيائين ”واڄو آندو اٿئي؟“ محرم جڏهن واڄو هلايو ته ڄڻ ساري ڪائنات جهومي اُٿي ۽ ڄڻ ٻنهي تي گلن جي ورکا ٿي وئي. هونءَ ته ايندڙ ويندڙ محرم جي باجي تي هريل ها، پر اڄ ته هن ڪمال ڪري ڏيکاريو، ڄڻ سانوڻ جو گهنگهور گهٽائون هيٺ لهي آيون. ائين روز محرم هُن وٽ ويندو هو. هڪ ڀيري ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ ڀيڻس کٽ جو چيڪٽ ٻڌي آئي ۽ هُن جي اکين کي اعتبار نه آيو ته هي ڇا پيو ٿئي. محرم کي جيئن هن جي سڻس پئي ته هو شلوار ٻڌي تڪڙو نڪري ويو.

ان کان پوءِ محرم سندس گهر ويندو هو ته هوءَ کيس نه ملندي هئي. هن کي ڪراچيءَ مامي وٽ موڪلي ڇڏيو هيائون. محرم ڪراچي سوڌي سڄي سنڌ ڳولي ٿڪو،  پر هوءَ کيس ڪٿي به نه ملي. هن ايتري سفر خرچ لاءِ گهوڙو گاڏي وڪڻي ڇڏيو ۽ هڪ معمولي ڪرائي جي گاڏي هلائيندو هو. جڏهن مان هن جي گاڏيءَ تي چڙهيس ته هن مون کي سڄي واردات ٻڌائي ۽ پڇيو ته: ”اهڙي ڇوڪري تو ڏٺي آهي.“ مون کي معلوم هو ته ڇوڪري ڪير آهي، پر مون کي هڪ خطرناڪ الميو اکين ۾ اُڀري آيو ۽ مون کيس جواب نه ڏنو. محرم ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”مون سان موڪلائي ته وڃي ها. جيڪي به چئي ها مان هُن لاءِ ڪيان ها.“

”جيڪي به.“ مون پڇيو.

”هائو جيڪي به.“ هن جواب ڏنو.

”مذهب به بدلائين ها؟“

”هائو، مذهب به!“

منهنجي ڪتابن جي ٿيلهي ۾ ڪورس جي ڪتابن سان علامه اقبال جا ٻه ڪتاب ’بال جبريل‘ ۽ ’ضرب ڪليم‘ به آهن. مان ’بانگ درا‘ اڳ ئي پڙهي چڪو آهيان. رسيس ۾ ’بال جبريل‘ پورو ڪري ٿو وڃان ۽ رات جي ماني کائي، ’ضرب ڪليم‘ ختم ٿو ڪيان. ٻنهي ۾ هن جي عروض تي ايتري مهارت آهي، جيتري ڪنهن به سنڌي شاعر کي نه آهي. جن فارسي بحر وزن تي لکيو آهي مون کي ان وقت به سانگي ۽ گدا کان وٺي فاضل تائين سڀ نيم خوانده لڳا ها. ڪلاس پوري ٿيڻ کان پوءِ سائين هاسانند مون کي ٽئگور جو ’باغبان‘ (The Gardener)  پڙهڻ لاءِ ڏنو. ڪجهه سال پوءِ مون ٽئگور جا اڪثر ڪتاب ڪاليج جي پهرين سال ۾ پڙهي پورا ڪيا. لعل محمد لعل مون کي ٻڌايو هو ته ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ ’گيتا نجليءَ‘ جي انگريزيءَ تي منهنجا نوٽ لکيل ها، جيڪي منهنجي انگريزيءَ تي دسترس ڏيکاري رهيا ها. انهن ڏينهن ۾ ادا اختر، ميري ڪاريليءَ (Marry Corelie) جا ڊگها ناول پاڻ پڙهي، مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ڪيئي سال پوءِ مان پنهنجي دوست عزيز الله، سکر جي سيشن جج سان ڳالهائي رهيو هوس ته هن ميري ڪاريليءَ جي ناولن جي ڏاڍي ساراهه پئي ڪئي.

مون هن کي حيرت سان ڏسي چيو: ”اهي ته مون پنجين درجي ۾ پڙهيا ها.“ اهو ٻڌي هن منهن گهنجائي چيو: ”ميري ڪاريليءَ جي ناولن ۾ انگريزي ته ڏاڍي چڱي هئي.“ مون هن کي چيو ته: ”مان هاڻ سارتر ۽ سمون دي بوار پڙهندو آهيان.“ مون عزيز الله کي چوڻ نه ٿي چاهيو ته، ’ميري ڪاريلي‘ انگريزيءَ ۾، هتان جي ايم. اسلم هئي. ناول انگريزي پرائڻ لاءِ ته نه پڙهبا آهن، پر اهو سوچي چپ رهيس ته اهو جواب ٻڌي هو ڪاوڙجي پوندو. دراصل ادا اختر جو ذوق چڱو هو. پر هو وقت گذارڻ لاءِ پڙهندو هو. هن مون کي ٿامس هارڊيءَ جا ناول ٽيس (Tess)  وغيره ڏنا ها، جي ان وقت مون کي ڏاڍا وڻيا ها. جڏهن مون ايف، اي ٿي پڙهي ته مان انگريزيءَ ۽ اردوءَ جا ڪيئي ڪتاب پڙهي چڪو هوس. مان وري اڳتي نڪري آيو آهيان ۽ تسلسل رکي نه سگهيو آهيان. اسان جي گهر جي ڀرسان گارگيءَ جي گهر جي پاسي هڪ برهمو سماجي هندو رهندو هو، جنهن جي هال ۾ هڪ گئلري هئي. جتان راجا راءِ، موهن راءِ، ديوندرا ناٿ ٽئگور، ڪيشب چندرسين، مهاتما گانڌي، ديانند سرسوتي، رام ڪرشن، پرم هنس، سوامي وويڪ آنند، راناڊي، گوڪلي، دادا ڀائي نوروز جي، بنڪم چئٽرجي، بال گنگاڌر، تلڪ، اربندو گهوش، لالا لجپت راءِ جا شيشي سان فريم ۾ فوٽو ٽنگيل هوندا ها، جن جي آردش ۽ جيوڻيءَ جي باري ۾ هو اسان کي ٻڌائيندو هو. هڪ ڀيري برهمو سماجين، ڪيشب چندرسين تي سي ائنڊ ايس ڪاليج ۾ سيمينار ڪرائي هئي. جنهن ۾ بي. اي تائين ڊي. جي سنڌ آرٽس ڪاليج مان 20ـ30 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين بهرو ورتو هو. مون برهمو سماجي پاڙيسريءَ کان ڪتاب ورتا هئا. جيڪي پڙهي، مون پنهنجي تقرير تيار ڪئي هئي ۽ مقابلي ۾ ٻيو نمبر آيو هوس ۽ مون کي انعام به مليو هو. پهرين نمبر هڪ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو بي. اي جو شاگرد آيو هو، جنهن جو نالو ياد نه ٿو اچي. اُن وقت مان پنجين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس. تازو جسارت ماهوار جي هڪ چئن ڄڻن جو پئنل، منهنجو انٽرويو وٺڻ آيو ۽ جڏهن مون کين مٿين ڳالهه ٻڌائي ۽ کانئن پڇيم ته: ”اوهان مان ڪنهن ڪيشب چندرسين جو نالو ٻڌو آهي؟“ ته هنن نابري واري. برهمو سماج تحريڪ اسلام جي وڌ ۾ وڌ ويجهو هئي ۽ اصنام پرستيءَ کان انڪاري ۽ خدا جي وحدانيت ۾ اعتبار ڪندڙ هئي. مان چاهيان ٿو ته انهن سڀني برهمو سماجي ۽ ٻين هندو سنتن ۽ مفڪرن تي هڪ ڀرپور ڪتاب لکان ٿو، ڇوته جوانيءَ ۾ مون برصغير جي مذهب، سياست، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جو مطالعو ڪيو هو. نه رڳو رام ڪرشن پر هنس سان گفتگو هن جي چيلي جي لکيل ضخيم ڪتاب جو مطالعو ڪيو هو. پر هن تي نوبل پرائيز ونر ناول نويس زان ڪرسٽاف جي مصنف رومين رولان جي لکيل ڪتاب جو مطالعو به ڪيو هو جو نهايت دلچسپ هو.

اسان جي برادريءَ ۾ ٻه شخص ڪٽر مسلم ليگي ها. زرينا جو مامو شيخ واجد علي، جيڪو علي ڳڙهه جو لا گريجويٽ هو ۽ شڪاپور مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ هو ۽ ادا اختر جو به علي ڳڙهه جو انڊر گريجويٽ هو ۽ ساري عمر تظيع اوقات لاءِ ڪتاب پڙهندو هو، جن مان هن کي ڪوئي فائدو نه ٿيندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com