ائين چئي راجا تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڊگهي ڪوٽ جا بٽڻ کوليا ۽ برندا
اڳيان گوڏا کوڙي ڇاتي ڪڍي چيائي، ”شاما! تنهنجي
پاسي ۾ تلوار لڪل آهي. اها وڪرماجيت جي تلوار آهي.
ان ڪيترائي ڀيرا انصاف جي حمايت ڪئي آهي. اڄ هڪ
بدقسمت راجا جي خون سان سندس پياس ٻجهاءِ، جنهن جي
راڄ ۾ بيڪسن تي ظلم ٿو ٿئي.“
برندا جي دل ۾ خيالن پلٽو کاڌو. بدلي جي جوش پيار ۽ ادب کي جڳهه
ڏني. رنجيتسنگهه پنهنجي جوابداري قبول ڪري سندس
سامهون هڪ ڏوهيءَ جي حيثيت ۾ انصافي تلوار جو نشان
ٿيڻ لاءِ تيار بيٺو هو. هن جي جان سندس حوالي هئي.
کيس مارڻ يا جيئدان ڏيڻ سندس ئي اختيار ۾ هو. انهن
خيالن سندس بدلي جي باهه وسائي ڇڏي. حڪومت ۽ شاهي
حشمت جڏهن پنهنجي سوني سنگهاسن تان لهي ازخود سزا
لاءِ التجا ڪري، تڏهن ڪهڙي دل آهي جا پگهرجي نه
پوي. برندا جئن تئن ڪري ڪمر مان تلوار ڪڍي، مگر
وار نه ڪري سگهي. تلوار سندس هٿ مان کسڪي هيٺ ڪري
پيئي.
مهاراجا رنجيتسنگهه سمجهي ويو ته استريءَ جي همت دوکو ڏنو. هو
تيزيءَ سان نئڙيو ۽ تلوار هٿ ۾ کڻندي ئي ساڄو هٿ
جوشيلي مستيءَ سان مٿي ڪيو. هڪ ڀيرو زور سان
چيائين، ”سري واهگرو ڪي فتح!“
۽ تلوار سيني ۾ چڀڻ لاءِ ڪڙڪڻ تي هئي ته برندا چيٽ ڦاڙي اڳتي
اڇانگ ماري ۽ راجا جي مٿي کنيل هٿ کي پنهنجي ٻنهين
هٿن سان قابو ڪيو. رنجيتسنگهه جهٽڪو ڏيئي هٿ ڇڏائڻ
ٿي چاهيو؛ مگر نازڪ بدن استري کيس اهڙيءَ طرح قابو
جڪڙي ڇڏيو هو، جيئن پريم دل کي پڪڙيندو آهي. بيوس
ٿي چيائين ”شاما! انصاف کي خوني پياس ٻجهائڻ ڏي.“
شاما جواب ڏنو ”مهاراجا! سندس پياس ٻجهي ويئي. اها
تلوار ان جي شاهد آهي.“ مهاراجا تلوار طرف ڏٺو ته
ان وقت منجهس ٻيج جي چاند جي چمڪ هئي. حق ۽ انصاف
جي چمڪندڙ سورج اُن چندرما کي روشن ڪري ڇڏيو هو.
(پريم چند)
***
راجا رنجيت سنگهه
راجا رنجيتسنگهه تلوار پنهنجي سيني ۾ چڀائڻ تي هو نه برندا
سندس ٻانهن کي پنهنجي ٻنهي هٿن سان قابو ڪري
ڇڏيو... (صفح 98)
بهادريءَ جو قدر
جنهن سمي راجا رنجيتسنگهه فتح پٺيان فتح ڪندي، سڄي پنجاب کي
پنهنجي قبضي ۾ آندو، تنهن وقت جي ڳالهه آهي ته
گجرات ۾ هڪ نواب حڪومت ڪندو هو. نواب نه رڳو بهادر
هو پر طاقتمند به هو. هن تي ڪڏهن راجا رنجيتسنگهه
ڪاه ڪين ڪئي هئي ۽ نڪي ڪي ڪنهن دوکي سان وڙهڻ جو
ارادو ئي هوس.
هڪ دفعي نواب کي سندس صلاحڪارن چيو ”جئندا قبلا، راجا
رنجيتسنگهه ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌيڪ طاقتمند
ٿيندو ۽ زور پوندو. توهانکي سندس دشمنن سان ملي
ساڻس مقابلو ڪرڻ گهرجي، نه ته الاجي ڪهڙا راڱا
ڪندو“ ليڪن نواب کين هر وقت چوندو هو ”جڏهن راجا
رنجيت سنگهه مون تي ڪاه ڪانه ڪئي آهي ته پوءِ مان
ڇو سندس مخالفت ڪريان؟“ هڪڙي ڏينهن راجا
رنجيتسنگهه ڪجهه درٻارين سان شڪار تي نڪتو ۽ اوچتو
هنن کان جدا ٿي ويو ۽ ڪنهن گهاٽي جهنگل ۾ غائب ٿي
ويو. پٺيان ڪنهن پڪاريو ”مهاراج! انهيءَ جهنگل جي
پويان گجرات جي نواب جي حد آهي.“ پر مهاراجا شايد
اهي اکر ڪين ٻڌا جو گهوڙي کي ڀڄائيندو جهنگل ٽپي
وڃي نواب جي حد ۾ پيو. ڏٺائين ته هڪ آدمي گهوڙي تي
وڃي رهيو آهي. هن آدميءَ جي به نظر مهاراجا تي
پيئي ۽ للڪاري چيائين ”ترسو، مونکي ائين ٿو معلوم
ٿئي ته توهان راجا رنجيتسنگهه آهيو.“
راجا رنجيتسنگهه هنکي سڃاڻي ورتو ته هو گجرات جو نواب هو. تڏهن
مشڪي چيائين، ”راجا رنجيتسنگهه گجرات جو نواب نه
آهي جو هن طرح جهنگلن ۾ رلندو وتي.“
نواب دلير انسان هو. کلي چيائين ”رنجيت سنگهه توهان مون کي
سڃاڻي ورتو ۽ مون توهانکي. هاڻي لڪائڻ مان ڪهڙو
فائدو؟“
”ته ڇا ڪريون؟“
”مون ٻڌو آهي ته هڪ ڏينهن شاهي فوج ساڻ ڪري مون تي حملو ڪرڻ
ايندا.“
”سورهن آنا سچ. حملو ضرور ڪندس.“
”ته بيگناهه آدمين جي خون وهائڻ کان بهتر آهي ته پاڻ ۾ لڙي
فيصلو ڪريون.“
”سٺو به ائين ٿيندو.“
”تڏهن ڪڍو تلوار.“
”پر مون وٽ تلوار ته ڪينهي.“
نواب مهاراجا جي ڪمر وٽ لٽڪندڙ چمڪندڙ شي ڏانهن اشارو ڪندي چيو
”تڏهن اها ڇا آهي؟“
”اها صرف ڍال آهي. جڏهن ٻيو ڪوئي مون تي حملو ڪندو آهي تڏهن هن
سان پنهنجو بچاءُ ڪندو آهيان ۽ کانئس بدلو وٺندو
آهيان.“
”ته پوءِ اها ڍال ئي ڪڍو ۽ وار ڪريو.“
”ائين نه ٿيندو. پهرين توکي حملو ڪرڻو پوندو.“
”مگر توهين منهنجا مهمان آهيو، جنهنڪري مان توهان تي وار نه ٿو
ڪري سگهان.“
مهاراجا ٽهڪ ڏيندي چيو ”مهمان، مان تنهنجو مهمان ناهيان. تو
ڪڏهن به دعوت ڏيئي مونکي ڪين گهرايو آهي. جيڪڏهن
مرد آهين ته وار ڪر.“
نواب تپي باهه ٿي ويو ۽ گرجندي چيائين، ”تون منهنجي مردانگي ڏسڻ
ٿو چاهين، ته هان هي وٺ.“ چوندي مهاراجا تي پوري
زور سان وار ڪيائين. مهاراجا پنهنجي ڍال جي مدد
سان وار کي روڪيو.
هاڻي راجا رنجيتسنگهه جوش مان چيو، ”نواب، هاڻي منهنجو وارو
آهي. هوش سنڀال.“ ائين چوندي هن تلوار جي هڪ ئي
وار سان نواب ۽ سندس گهوڙي جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو.
ايتري ۾ مهاراجا رنجيتسنگهه جا ساٿي به کيس ڳوليندي اچي اُتي
سهڙيا. هڪ سپاهي اڳتي وڌي نواب جي لاش کي حقارت
سان ٺوڪر هڻڻ تي هو ته مهاراجا هن کي روڪي چيو
”خبردار بزدل! هو هڪ بهادر انسان هو. هن جو لاشو
عزت سان شهر ڏانهن کڻي هلو. مان پنهنجن هٿن سان
سندس قبر تي گل چاڙهيندس. بهادر انسان ڪنهن سان
نفرت نٿا ڪن. هنن لاءِ زندگي ۽ موت ٻه ناٽڪ آهن.“
دان
مهاراجا رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ سجان نالي هڪ پنڊت هوندو هو،
جنهنکي هڪ نياڻي هئي. ڇوڪري هينئر جوان ٿي چڪي هئي
۽ پنڊت کي سندس وهانو جي فڪر اچي ورايو هو. وٽس هڪ
ڪوڏي به ڪين هئي، جو ڌيءَ جو ڪارج اُڪلائي.
سو ويچار ڪري پنڊت مهاراجا جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪيائين،
”جيئندا قبلا! منهنجي هڪ نياڻي آهي جنهنجو وهانءُ
ڪرڻ ٿو چاهيان. ڪجهه مدد جي امداد ڪئي وڃي.“
مهاراجا رنجيت سنگهه خزانچيءَ کي حڪم ڪيو ته ”ٻه سئو رپيا پنڊت
کي ڏنا وڃن.“
مگر پنڊت جي دل راضي ڪين ٿي. هو وڏين اميدن سان آيو هو.
مهاراجا چيس ”مهراج، ڏسان ٿو ته تون اڃا ناراض آهين. چڱو تون
پئسا ڇڏي وڃ، وري سڀاڻي وٺڻ اچجانءِ.“
ٻئي ڏينهن پنڊت جي اچڻ کان پوءِ اڳ مهاراجا ارڙهن مٽ روپين سان
ڀرائي درٻار ۾ رکايا. ڪنهن ۾ پنج هزار، ڪنهن ۾ ٽي
هزار روپيا پر هڪ ۾ صرف ٻه سئو روپيا وجهايائين.
پنڊت آيو ته مهاراجا چيس، ”پنڊت جي! هنن مٽن مان
ڪهڙو به هڪڙو مٽ توهان کڻو. هر ڪنهن ۾ روپيا پيا
آهن.“
پنڊت وڃي هڪڙو مٽ کنيو. روپيا ڪڍي ڳڻيائين ته پورا ٻه سئو نڪتا.
تڏهن رڙ نڪري ويس، ”مهاراجا!“ مهاراجا کلي ويٺو ۽
چيائين، ”پنڊت جي! اها سڀ ڀڳوان جي اِڇا آهي. ٻين
مٽن ۾ پنج پنج هزار هئا پر ايشور توکي ٻيو ڪوبه مٽ
کڻڻ ڪين ڏنو. تنهنڪري هاڻي وڃ ۽ انترياميءَ جي
اِڇا پوري ڪر. مان ته صرف سندس بندو آهيان.“
پنڊت ڏنڊوت ڪري راضي ٿي هليو ويو.
بدلو
”پٽ حميد! جيڪي ڪشالا ۽ تڪليفون سهي مان اڄ موت جي سيجا تي
سمهيو آهيان سي خدا شل ڪنهن دشمن کي به نه
ڏيکاري.“
”ابا جان! مونکي قسم آهي پاڪ پروردگار جو؛ مان اوهان جو بدلو
ضرور چڪائيندس؛ مگر اوهين مون کي اُن قصي کان واقف
ته ڪريو.“
”پٽ! ان ڳالهه کي اٽڪل ويهه سال گذري ويا آهن ۽ مان اُن وقت
افغان سلطنت جو وزير هوس. هزارن ۽ لکن جو مال ۽
دولت منهنجي هٿن ۾ هئي ۽ مان بلڪل ايمانداري ۽
سچائي سان سلطنت جو ڪاروبار هلائيندو هوس.
سنه 1837ع ۾ مهاراجا رنجيتسنگهه افغان فوج تي چڙهائي ڪئي. افغان
سلطنت جي حالت اُن وقت بلڪل خراب هئي ان ڪري مون
کي لاچار صلح جي درخواست پيش ڪرڻي پيئي. مهاراجا
رنجيتسنگهه اها قبول نه ڪئي ۽ اها لڙائي لڳڻ تي
اسان کي شڪست نصيب ٿي. ان بعد مون کي گرفتار ڪيو
ويو! تون ان سمي هڪ کير پياڪ ٻالڪ هئين. مونکي
معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو، پر مون انڪار ڪيو؛ جنهن
ڪري مون کي ۽ منهنجي خاندان کي قتل ڪرڻ جو حڪم
ٿيو. جڏهن مونکي اهو وقت ياد ٿو پوي تڏهن منهنجي
رڳ رڳ ڪارجيو پوي ۽ اکين مان ڳوڙهن جون بوندون بس
ئي نٿيون ڪن.
اسان ٽنهي کي – مونکي توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي هڪ مقرر ڪيل چونڪ
جي ٿنڀن سان ٻڌو ويو ۽ سک فوج جي هڪ آفيسر هڪ
سپاهي کي حڪم ڏنو ته هو اسانجا سر گوليءَ سان
اڏائيندو وڃي. پهريون وارو تنهنجي ماءُ جو هو. آه!
ويچاري ناز سان پليل تنهنجي ماءُ هڪ دردناڪ دانهن
ڪري موت جي گود ۾ هميشه لاءِ ليٽي پيئي. مان اهو
نظارو ڏسي نه سگهيس ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيس.
پر وري جڏهن مون کي هوش آيو تڏهن ڏٺم ته گهاٽا
ڪارنهن جا ڪڪر اسانجي چوطرف ڇانئجي رهيا هئا ۽
اسين ٻئي سخت پهري هيٺ ڇانوڻيءَ جي هڪ تنبوءَ ۾
بند هئاسون. آه! وڌيڪ مون کان چيو نٿو ٿئي. ٿورو
پاڻي پيار.“ ايترو چئي ٻڍو زور زور سان سهڪڻ لڳو.
حميد ڊوڙندو وڃي پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيو ۽ آهستي
آهستي ٻڍي جي وات ۾ اوتيندي چيائين، ”اَبا اُن بعد
ڇا ٿيو؟ خدا جي واسطي ٻڌايو“ ٻڍي اکيون کوليون ۽
پنهنجي ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي جهيڻي ۽ درد
ڀريل آواز ۾ چيائين، ها: مون ڏٺو ته پهريدار ان
وقت کونگهرا هڻي رهيا هئا، مون اهو موقعو غنيمت
سمجهي توکي پنهنجي گود ۾ کنيون ۽ پهريدارن جي نظر
کان لڪندو اتان ڀڄي نڪتس ۽ راتو واهه جهنگل جي واٽ
ورتم. تنهن بعد مون پني سني پئي تنهنجا پالنا ڪئي
۽ اڄ ان ڳالهه کي ڪيترا سال گذري ويا آهن. ايترو
چوندي ٻڍو وري ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ۽ سهڪڻ لڳو ۽ گهڙي
به ڪا نه گذري ته هن جون اکيون ڦاٽي ويئون ۽ ٿوري
هڏڪيءَ بعد هميشه لاءِ سانت ٿي ويو.
(2)
حميد کي سال کان به مٿي وقت ڀٽڪندي ۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندي گذري
ويو. مگر هن جون اميدون پوريون نه ٿيون. هن ڏاڍيون
ڪوششون ڪيون، منصوبا سٽيا ۽ حيلا هلايا ته ڪنهن
نموني هو راجا رنجيتسنگهه کي قتل ڪري پنهنجي
خاندان جو بدلو وٺي؛ مگر هر دفعي هن جون رٿون ۽
رمزون منزل تي رسڻ کان اڳ ئي مٽيءَ ۾ ملي ٿي ويئون
۽ ناڪاميءَ کان سواءِ هنکي ڪجهه به نصيب نه ٿيو.
هر روز خدا جي درگاهه ۾ هو اها ئي دعا پنندو هو.
مگر الله تعاليٰ به شايد هن جي عرض ۽ التجا ٻڌڻ
لاءِ پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا هئا. بدلي جي باهه ۾
جلندي هن سک فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي به ڏاڍي ڪوشش ڪئي،
پر سڀ بيسود ثابت ٿيو؛ هن جي ڪنهن به نه ٻڌي. آخر
هڪ ڏينهن حميد کي پتو پيو ته مهاراجا رنجيتسنگهه
شڪار جو شوقين آهي ۽ اڪيلي سر جهنگل ۾ وڃي شير جو
شڪار ڪندو آهي. اهو ٻڌي حميد ڏاڍو خوش ٿيو ۽
پنهنجي جهوپڙي به جهنگل ۾ ٺاهي وڃي ويٺو! هر روز
پيو ڪنڊيون پاسا جاچيندو ۽ نوسيندو هو ته ڪٿي هنکي
مهاراجا گڏجي وڃي ته هن جو پستول سان ڪم تمام ڪري
ڇڏي...
(3)
اُن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهاراجا رنجيتسنگهه شڪار جو شوقين هو ۽
اڪيلي سر جهنگلن ۾ وڃي شير جو شڪار ڪندو هو. اتهاس
ٻڌائي ٿو ته هو اهڙو ته بانڪو بهادر هوندو هو جو
سمهيل شير کي لت هڻي جاڳائيندو هو؛ پوءِ ان کي
للڪار ڪري چوندو هو، اُٿ، اُٿي مون سان لڙائي ڪر؛
۽ ڪنهن به هٿيار کانسواءِ شير جو مقابلو ڪندو هو.
اهڙي طرح ڪيترا ڏينهن گذري ويا. قضا سان هڪ ڏينهن
جيئن مهاراجا رنجيتسنگهه شڪار جي ارادي سان جهنگل
۾ ويو هو ۽ شام تائين شڪار هٿ نه لڳڻ سبب نراس ٿي
گهر موٽڻ لاءِ گهوڙي جي واڳ ڍري ڪيائين؛ تيئن
اوچتو هڪ دردناڪ دانهن ٻڌائين. ان جي پٺيان شينهن
جي گجڪار پڻ، هڪ ڪري مهاراجا ٿڪو ٽٽو پيو هو جو
سارو ڏينهن گهوڙو هڪليندي به هن کي شڪار هٿ نه لڳو
هو. ته به انسان جي چيٽ پڪار ٻڌي هن کي ترس پيو.
هن يڪدم گهوڙي جي واڳ ڇڪي ۽ ان طرف رخ رکيو جنهن
طرف کان آواز آيو هو. ان وقت چنڊ کڙي چڪو هو ۽
چوطرف چاندني ڦهلجي رهي هئي. مهاراجا پري کان ڏٺو
ته هڪ نوجوان مسلمان موتمار مصيبت ۾ مبتلا آهي.
نوجوان شينهن تي پستول ٿي ڇوڙيو، تيئن شينهن ٽپو ڏيئي اهڙو ته
جهٽڪو ڏنو جو نوجوان اڇل کائي زمين تي ڪري پيو ۽
سندس پستول ڇڏائجي وڃي پري پيو. ان بعد شينهن
گجڪار ڪري جيئن نوجوان تي وار ٿي ڪيو تيئن نوجوان
کان هراس ۽ ڊپ ۾ وري هڪ دردناڪ چيٽ نڪري ويئي.
مهاراجا اها روئداد ڏسي گهوڙي کي ان طرف اهڙو ته
تيز ڇڏيو جو ٽاپ ٽاپ جي آواز تي شينهن جو ڌيان به
ان طرف ڇڪيو ۽ شينهن نوجوان کي ڇڏي پهرين
گهوڙيسوار تي حملو ڪرڻ لاءِ ان طرف ڊوڙيو. پر
اڳيان مهاراجا بلڪل خبردار هو. تنهن ترت گهوڙي تان
ٽپو ڏيئي شينهن کي اهڙو ته ذوم سان گهوسو وڄايو،
جو شينهن ان جو تاب نه جهلي ٿاٻڙندو وڃي پرڀرو
ڪريو ۽ مهاراجا تڪڙو وڌي شينهن جي کليل وات ۾ هٿ
وجهي اهڙي ڇڪي ڏني جو شينهن ڦٿڪندي اتيئي پنهنجو
ساهه ڏنو!
ان بعد مهاراجا نوجوان وٽ ويو، جو سڄو رت ۾ رڱيو پيو هو؛ نوجوان
مهاراجا کي پنهنجي ويجهو آيل ڏسي جهيڻي آواز ۾ چيو
”اي بهادر وير! مان تنهنجو ڪهڙي زبان سان شڪر
بجاءِ آڻيان؟ ايترو چوندي هو بيهوش ٿي ويو.
مهاراجا تڪڙ ۾ پنهنجو پٽڪو ڦاڙي سندس زخم صفا ڪيا
۽ پوءِ هنکي گهوڙي جي ساڄي پاسي پيٽ سان ٻڌي، پاڻ
به گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ شهر جو رستو ورتو.
(4)
نوجوان کي نوبنو ٿيڻ ۾ سڄا سارا ٽي مهينا گذري ويا ان عرصي ۾
مهاراجا پاڻ به پنهنجي سر هن جي سنڀال ڪرڻ ۾ ڪا
ڪوتاهي نه ڪئي. نوجوان جي رڳ رڳ مهاراجا کي دعائون
ڪري رهي هئي ۽ هو مهاراجا جي مهرباني مڃڻ لاءِ
واجهائي ئي رهيو هو ته هڪ ڏينهن مهاراجا هن کان
پڇيو: اي نوجوان! تون ڪير آهين ۽ اُن رات جي وڳڙي
جهنگل ۾ ڇا ڪري رهيو هئين؟ نوجوان وراڻيو: ان سوال
جي جواب ڏيڻ کان اڳ مان اوهان کان پڇڻ ٿو چاهيان
ته جتي اوهان مون تي هيڏي مهرباني ڪري منهنجي جان
بچائي آهي، تتي اوهين مونکي مهرباني ڪري اهو به
ٻڌايو ته مهاراجا رنجيتسنگهه مونکي ڪٿي گڏجي
سگهندو؟ مهاراجا چيو، جي مون تنهنجو ڪجهه به ڀلو
ڪيو آهي ته اهو منهنجو فرض هو. پر تون مونکي
پنهنجو خير خواهه سمجهي اهو ٻڌاءِ ته تنهنجو
رنجيتسنگهه ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟
حميد پنهنجو سڄو قصو مهاراجا کي ٻڌائيندي چيو: ”منهنجو نالو
حميد آهي ۽ مان رنجيتسنگهه کان بدلو وٺڻ ٿو
چاهيان.“ مهاراجا رنجيتسنگهه پستول کيسي مان ڪڍي،
حميد طرف هٿ وڌائيندي چيو، ”حميد! وٺ پستول؛
رنجيتسنگهه خود تنهنجي اڳيان حاضر آهي؛ هلاءِ گولي
۽ پنهنجا پتا سان ڪيل واعدي جي سرانجامي ڪرڻ ۾
ڪوتاهي نه ڪر.“
حميد جي حيراني جي حد ئي نه رهي: پر پڪ ڪرڻ لاءِ هن وري پڇيو
”ڇا، سچ پچ اوهين ئي مهاراجا رنجيتسنگهه آهيو؟“
”ها، مان ئي رنجيتسنگهه آهيان. منهنجو سر حاضر آهي، ۽ تون بي
کٽڪي پستول هلائي سگهين ٿو.“
حميد مهاراجا رنجيتسنگهه جي پيرن تي ڪري نماڻي آواز ۾ چيو ”اڄ
کان وٺي اوهين منهنجا اَبا آهيو.“
مهاراجا رنجيتسنگهه هنکي اٿاري پنهنجي ڇاتي سان لڳايو ۽ پدرانه
شفقت سان هنجي مٿي تي پنهنجو هٿ ڦيريو.
ٻئي ڏينهن مهاراجا رنجيتسنگهه حميد کي فوج ۾ هڪ وڏي عهدي تي
مقرر ڪيو. مهاراجا جي نيڪ نيتيءَ جو حميد تي ايڏو
ته اثر ٿيو، جو هن ان ئي ڏينهن سک ڌرم ۾ پرويش ڪري
پنهنجو نالو شير سنگهه رکايو.
هيءَ آکاڻي مسٽر پرمانند ڄيٺانند جي ترجمو ڪيل آهي.
*** |