سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  راجا رنجيت سنگهه

 

صفحو :7

اهي لفظ رنجيت سنگهه تي بجلي بڻجي ڪريا. هن ائين نه ٿي ڀانيون ته ڦولا سنگهه ايتري حد تاءِ هليو ويندو. هن سمجهيو ٿي ته نقدي ڏنڊ ڏيڻ سان جند ڇٽيندي يا عاجزي ڪرڻ سان ماڻهو ٺري ويندا. آءٌ ڪو عام ڏوهي ته نه آهيان، نيٺ به حڪومت جون واڳون منهنجي ئي هٿ ۾ آهن. ان ڪري هن جڏهن سزا جا ٽي حصا ٻڌا، تڏهن ٻڌي حيران ٿيو، مگر چوٿون حصو ٻڌائين ته سناٽي ۾ اچي ويو. کيس شڪ پوڻ لڳو ته شايد خواب ٿو لهان. مگر جڏهن حڪم مليو ته ڪپڙا لاهه، سزا هن وقت ملندي، تڏهن دهلجي ويو. اها ذلت ان خواب جي تصوير هئي. جنهن لاءِ مهاراجا ته ٺهيو بلڪ سنگت وارا به تيار نه هئا.

تيار نه هو، ٺيڪ آهي، مگر ان لاءِ نه ته ڪو اها سزا وڌيڪ هئي، مگر ان ڪري جو هن اهڙي لهي ڪانه پاتي هئي ته ڪو ڦولا سنگهه اصل انت ڪري ڏيکاريندو. اڪاليءَ جي جريت ماڻهن جي نظر ۾ کيس پوڄنيه بڻايو. انهن پڪاري چيو ”ست سري اڪال“ اهو نعرو هڪ نموني ۾ ان فيصلي جي پٺڀرائي هو.

رنجيتسنگهه ڪپڙا لاٿا ۽ شرمساريءَ مان ڪنڌ جهڪائي چيائين، ”مان تيار آهيان.“

ڦولا سنگهه هڪ آدميءَ کي اشارو ڪيو. هن رنجيتنسگهه کي وڻ سان ٻڌو ۽ ڦٽڪو تيار ڪرڻ لڳو. ان وقت ماڻهن جو دم رڪجي ويو ۽ سنگت ۾ سخت سناٽو ڇانئجي ويو. مهاراجا ڏانهن سندن دل ۾ جيڪو رنج ۽ غصو هو سو ان نظاري ڏسندي ئي رحم ۽ قياس ۾ بدلجي ويو. ڏاڍائي جا هزارين دشمن آهن، بيڪسيءَ جو هڪ به نه. جيڪڏهن مهاراجا اهو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ها ته ممڪن آهي ته ماڻهن جو غصو غضبناڪ ٿي پوي ها، مگر بيحد نياز ۽ نئڙت گناهه جي تلافي ڪري ڇڏي.

هڪڙو پئنچ اٿي بيٺو. چيائين، ”هڪ.... ڦٽڪي هڻڻ وارو اٿي تيار ٿي بيٺو. آواز آيو ٻه... ماڻهن جا آنڊا وات تي آيا. سندن مرضي هئي ته هن وقت ڪا ڪرامت ٿئي، انساني طاقت کان وڌيڪ قدرتي واقع ٿئي ۽ مهاراجا هن ذليل سزا کان بچي پوي ان وقت سندس خوبيون جاه ۽ جلال سان کين نظر اچڻ لڳيون. آواز آيو. ٽي... حاضرينن جي تن بدن ۾ بجلي ڊوڙي. مهاراجا اکيون بند ڪيون. مگر اڃا ڦٽڪي هڻڻ وارو هٿ مٿي کڻي ئي کڻي ته ڦولا سنگهه گجگار ڪري چيو ”ترس!“

(7)

سنگت جي دل خوشيءَ کان ڌڙڪڻ لڳي. هزارين اکيون اڪاليءَ جي چهري تي کتيون ۽ مهاراجا تعجب ۾ پئجي نهارڻ لڳو ته ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

ڦولاسنگهه چيو ”خالصه جي! مهاراجا کي سزا ڏني وڃي تنهن کان اڳ مان اوهان کي هڪ وينتي ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو. هيءُ شخص جي اوهان جي سامهون بيڪسيءَ جي جيئري تصوير بڻجي بيٺو آهي سو پاڻ مهاراجا رنجيتسنگهه آهي، جنهن جي هٿ ۾ طاقت اڄ کيڏوڻو بڻجي کيڏي رهي آهي. هيءُ اهو شخص آهي جنهن جي حڪم سان خون جون نديون وهي سگهن ٿيون، جنهن جي اشاري تي قتل عام شروع ٿي سگهي ٿو. هيءُ اهو شخص آهي جنهن جي غضبناڪ نگاهه سان جلال آباد جون ديوارون ڏڪي رهيون آهن. جنهن جي سپهه سالار جو نالو وٺي سرحدي عورتون پنهنجي روئندڙ ٻارن کي ماٺ ڪرائينديون آهن. اهڙي زبردست شخصيت اوهانجي روبرو وڻ سان ٻڌجي بهي، ته ان مان صاف ظاهر نه آهي ڇا ته کيس سزا ملي چڪي. ڦٽڪن جي سزا نيچ طبقه لاءِ مقرر آهي. وڏن ماڻهن لاءِ اها سزا ڪين ٿي ٺهي. تنهن کانسواءِ هيءُ ته پنجاب جو مهاراجا آهي. هو پئنچات جو حڪم مڃي چڪو آهي ڦٽڪڻ هڻڻ وارو تيار هو. هڪ، ٻه، ٽي... جو لفظ زبان مان نڪري رهيو هو ته مهاراجا بابت چئبو ته هو سزا کان زياده سزا ڀوڳي چڪو آهي، تڏهن هينئر اهو سوال ٿو اُٿي ته اسين اهڙا بي غيرت آهيون ڇا جو پنهنجي مهاراجا جي اهڙي درگتي ڪريون؟ ان ڪري خالصو! منهنجي رٿ آهي ته اوهين ڦٽڪن جي سزا کيس معاف ڪريو.

ماڻهن اهو ئي ڪي ٻڌو جنهن لاءِ پاڻ تڙڦيا ٿي. هو خوشيءَ مان اُٿي ٽپا ڏيڻ لڳا، ”ست سري اڪال“ جا نعرا وڄي ويا. اڪاليءَ جي رٿ بحال ٿي.

هن حڪم ڏنو ”مهاراجا کي آزاد ڪريو.“

حڪم جي تعميل ٿي، ماڻهو پشيمانيءَ ۾ عرق عرق ٿي ويا. مهاراجا آهستي آهستي اڳتي وڌيو ۽ ڦولا سنگهه جي چرنن ۾ ڪري پيو. ڦولاسنگهه کيس اٿاري گلي لاٿو. ان وقت مهاراجا جي اکين ۾ آنسو هئا. چهري تي چانڊاڻ ٻارن جيان سڏڪا ڀريندي چيائين اوهان مون کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته قوم جي اڳيان منهنجي ڪا حقيقت ڪانهي.

اڪاليءَ جواب ڏنو ”اوهان جهڙائي قوم جا سرتاج ۽ ملڪ جا مالڪ ٿيڻ جي لائق آهن. هندستان جا آئينده نسل اوهان جي انصاف تان ٻلهار ٻلهار ويندا. ائين چوندي چوندي سندس اکيون ڀرجي آيون.

(سدرشن)

 

 

وڪرماجيت جي تلوار

 

ايامن جي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن ماهه نگر ڳوٺ (ضلع پشاور) ۾ قدرت جو هڪ عجيب رنگ نظر آيو. اونداهي رات هئي. ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرو هڪ بڙ جي وڻ هيٺان باهه جي لاٽ نظر آئي. ڳوٺ ۾ هيءُ خبر ڦهلجي ويئي. آدمي عبرت انگيز نظاره ڏسڻ لاءِ اچي مڙيا.

ٽيڪچند گنڀير ٿي چيو ”مان سمجهي ويس. جنن جي سڀا لڳي پيئي آهي.“ پنڊت چيترام ودوان نموني ۾ چيو، ”توکي ڪهڙي خبر؟ مون ان ڀيد جو انت لڌو آهي. نانگ مڻ ڇڏي گهمڻ ڦرڻ ويو آهي. ان ۾ جنهن کي شڪ هجي، سو وڃي ڏسي.“

گلابراءِ چيو ”هن وقت جيڪو اها مڻ کڻي اچي، سو لاشڪ راجا ٿيندو. مگر جان جوکي ۾ آهي.“

پريم سنگهه هڪ پوڙهو راجپوت انهن آدمين جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي رهيو هو.

(2)

پريم سنگهه دنيا ۾ بلڪل اڪيلو هو. سندس ساري عمر لڙاين ۾ گذري هئي. مگر جڏهن حياتي جي شام آئي ته هو ٻالپڻ واري ڀڳل ٽٽل جهوپڙيءَ ۾ آيو، تڏهن سندس دل ۾ هڪ آرزو پيدا ٿي. افسوس! دنيا ۾ منهنجو ڪو ڪونهي. جيڪر مون کي به ڪو ٻار هجي ها! جا اُڪير پکين کي سج لٿي مهل آکيرن ڏانهن اڏائي ٿي ۽ جا سڪ چوپائي مال کي شام جو وٿاڻن ڏانهن ڊوڙائي ٿي، سائي موهه ڀري منشا پريم سنگهه جي دل ۾ اڇلون ڏيڻ لڳي. اهڙو ڪو ڪونهي جو صبح جي وقت ”دادا“ ”دادا“ ڪري سندس گلي ۾ لپٽي پوي. اهڙو ڪو ڪونهي جنهن کي هو ڳٽيون ٺاهي کارائي. اهڙو ڪو ڪونهي جنهن کي رات جو هو لولي ڏيئي سمهاري، اهي پريمي پور خاص طرح شام جو کيس ستائيندا هوا.

هڪ ڏينهن پريم سنگهه شام جو بازار ويو. رستي ۾ ڏٺائين ته هڪ گهر کي باهه لڳي پيئي آهي. باهه جا خوفناڪ شعلا هوا ۾ ڏڪڻي وجهي رهيا آهن. هڪ استري دروازي تي بيٺي منهن مٿو پٽي رهي آهي. هو ويچاري وڌوا هئي. سندس سڪيلڌو ٻار اندر سمهيو پيو هو ته اچي گهر کي باهه لڳي. هوءَ ڊوڙندي وئي ته ڳوٺ جي آدمين کي باهه وسائڻ لاءِ سڏي اچان ايتري ۾ باهه گهر کي وچڙي ويئي ۽ هينئر باهه جو درياه کيس پنهنجي پياري پٽ کان جدا ڪري رهيو هو! ان دکياريءَ ديوي جون دردي آنهون پريم سنگهه جي سيني ۾ چڀي ويئون. هو بي ڌڙڪ باهه ۾ ٽپي پيو ۽ سمهيل ڪڪي کي گود ۾ کڻي ٻاهر نڪري آيو. ماڻس موهه ۾ متوالي ٿي ٻار کي هنج ۾ کڻي کيس چمي چمي سندس منهن پنهنجي لڙڪن سان ڌوڪي ڇڏيو. سڏڪا ڀريندي پريم سنگهه کي چيائين، ”ديالو! تون ڪير به آهين، مگر مون لاءِ ڪرپالو پتا آهين. مان اڄ پنهنجو پيارو ڪڪو توکي ٿي ارپيان. توکي پرماتما ٻيا به ٻار ڏنا هوندا، انهن سان گڏ هن اناٿ جي به سار سنڀال لهج. تنهنجي دل ۾ ديا ۽ قياس آهي. منهنجو جيڪي هو، سو باهه جي بک ٿي ويو. بدن تي ڪپڙن جي وڳي کانسواءِ ڪي ڪين بچيو آهي. مان مزوري ڪري پيٽ پالينديس. هيءُ ڪڪو هينئر تنهنجو آهي.“

پريم سنگهه کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. چيائين ڌيءَ! ائين نه چئو. تون منهنجي گهر هل. ايشور جيڪا دال روٽي ڏني آهي، سا ونڊي وراهي کاءُ. مان به دنيا ۾ بلڪل اڪيلو آهيان. ڪو پاڻي ڏيڻ وارو ڪونهي. ڪهڙي ڪل ته ڪرتار انه بهاني اسان کي ملايو هجي.“

شام جي وقت جڏهن پريم سنگهه گهر موٽيو تڏهن سندس هنج ۾ هڪ کل مک سهڻو ڪڪو هو ۽ سندس پٺيان هڪ نماڻي ناري. اڄ پريم سنگهه جو گهر آباد ٿيو. ان ڏينهن کان پوءِ ڪنهن کيس شام جي وقت درياه جي ڪنٺي تي مايوس ويٺل ڪين ڏٺو.

 ڪڪي لاءِ نانگ جي مڻ آڻڻ جو پهه پچائي پريم سنگهه آڌي رات جو ڪمر سان تلوار ٻڌي خبرداريءَ سان پير پير هڻندو بڙ جي وڻ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن وڻ جي هيٺان پهتو تڏهن شعاع وڌيڪ صاف نظر آيو، مگر نانگ جو پتو ڪونه هو. پريم سنگهه خوش ٿيو. هن سمجهيو ته شايد نانگ ڪيڏانهن کاڌي خوراڪ لاءِ ويو آهي. مگر جڏهن هن مڻ کڻڻ لاءِ هٿ وڌايو، تڏهن صاف زمين کانسواءِ ڪي نظر ڪين آيو. ٻڍي راجپوت جو ڪليجو ڪنبي ويو ۽ بدن ۾ سيسراٽ پئجي ويس. اوچتو کيس ڪا چيز لٽڪندي نظر آئي. پريم سنگهه تلوار ڪڍي مٿس اُلر ڪري ويو ته ڏٺائين ته بڙ جون رامون آهن. هينئر سندس ڊپ لٿو، جتان روشني ٿي آئي، سا جڳهه، تلوار سان کوٽڻ شروع ڪيائين. جڏهن هڪ گز زمين کوٽجي رهي تڏهن تلوار ڪنهن سخت چيز کي لڳي ۽ لاٽ ڀڙڪو ڏنو. اها هڪ ننڍي تلوار هئي. مگر پريم سنگهه جي هٿ ۾ ايندي ئي سندس روشن لاٽ گم ٿي ويئي.

(3)

اها تلوار ننڍي هئي، مگر نهايت آبدار، سندس هٿئي ۾ گهڻا قيمتي جواهر جڙيل هئا ۽ هٿيالي جي مٿان ”وڪرماجيت“ اُڪريل هو. اُها وڪرماجيت جي تلوار هئي. اهو وڪرماجيت، جو ڀارت جو آفتاب ٿي چمڪيو ۽ جنهن جي گڻ نواد اڃا تاءِ گهر گهر ۾ ڳائي ٿي وڃي. جنهن وقت وڪرمايت رات جو ويس بدلائي درد دک جا داستان پنهنجن ڪنن سان ٻڌڻ لاءِ، ظلم ستم جا احوال پنهنجن اکين سان ڏسڻ لاءِ نڪرندو هو، تڏهن اُها آبدار تلوار سندس ڪمر جي سوڀيا هئي. جنهن رحم ۽ انصاف وڪرماجيت جو نالو اڃا تاءِ جيئرو رکيو آهي، تنهن ۾، اها تلوار به سندس همدرد همراهه هئي. اها ساڻس گڏ ان تخت تي چڙهندي هئي، جنهن تي راجا ڀوڄ کي به وهڻ نصيب نه ٿيو.

اُن تلوار ۾ غير معمولي چمڪ هئي. ايامن تاءِ زمين ۾ پوري پيئي هوندي به مٿس ڪٽ جي ريک ڪانه هئي. اونداهن گهرن ۾ اجالو ڪندي هئي. مگر جڏهن ڪو شخص هٿ ۾ کڻندو هو ته سندس چمڪ گم ٿي ويندي هئي. سندس اها وصف ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا.

هندستان ۾ اُنهن ڏينهن ۾ پنجاب ڪيسري جي گرجنا هئي. رنجيتسنگهه سخا ۽ بهادري، رحم ۽ انصاف ۾ پنهنجي وقت جو وڪرماجيت هو. هو ڪابل جي مغرور امير کي جيتي لاهور ٿي موٽيو. ماهه نگر جا سرسبز ميدان ۽ گهاٽي مزيدار وڻڪار ڏسي اُتي منزل ڪياءِ. مڏي لٿي. تنبو لڳي ويا. بازار کلي ويئي. جڏهن رات ٿي، تڏهن پنجويهه هزار چلها ٿي ٻريا، گويا ماهه نگر به آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جو نقل ٿي ڪيو.

(4)

شاهي منزل گاه ۾ رونشو لڳو پيو هو. ڪي سپاهي ڳالهين ٻولهين ۾، ڪي ڳائڻ وڄائڻ ۾، ڪي کل چرچي ۾ مشغول هئا. فتح جي ديوي سڄي فوج جي دلين کي شادماني ۾ نچائي رهي هئي.

رات جا 9 لڳا ته هڪڙو آدمي ڪارو ڪمبل ويڙهي شاهي تنبوءَ مان ٻاهر نڪتو ۽ ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. اڄ ماهه نگر خوشيءَ ۾ ٿي ٽڙيو. ڏيئن جي جهرمر لڳي پيئي هئي. ڪٿي ڪٿي ماڻهن ڀڄن ٿي ڳاتا. ڪاري ڪمبل وارو مسافر هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو وائسندو ڳوٺ جي چونڪ تي پهتو. چونڪ خوب سينگاريل هو ۽ ڳوٺ جا معزز ماڻهو ان مسئلي تي بحث ڪري رهيا هئا ته اڄ مهاراجا رنجيتسنگهه ڳوٺ ۾ پيرا گهمايا آهن، سو کيس ڪهڙي سوکڙي ڏجي. ڀلا ڳوٺاڻا ويچارا غريب. راجا لاءِ قيمتي سوکڙي يا هيرا جواهر اچن ڪٿان؟ هر هڪ منجهيو ويٺو هو. نيٺ ڪلاڪ کن کانپوءِ اوچتو ٻڍو پريم سنگهه اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”اوهان کي پسند اچي ته مان ”وڪرماجيت جي تلوار“ نذراني طور ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ايترو ٻڌندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳا ۽ڏاڍو لڙ مچي ويو. ايتري ۾ هڪ ڪاري ڪمبل وارو مسافر اندر آيو ۽ هٿ جوڙي چيائين ”ڀائي! واهگرو ڪي فتح!“

چيت رام پڇيو ”تون ڪير آهين؟“

مسافر جواب ڏنو ”مسافر ماڻهو آهيان. پشاور وڃڻو آهي. رات پئجي ويئي آهي. ان ڪري هتي ئي رات ڪاٽيندس.“

ٽيڪچند – هان هان، مزي سان سمهي پئو، کٽ جي ضرورت هجي ته گهرائي ڏيانءِ.

مسافر – مهربان. اوهين تڪليف نه وٺو. آءٌ گلم تي رات ڪاٽيندس. اوهان هينئر ”وڪرماجيت جي تلوار“ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ڪئي. اهو ٻڌي آءٌ آيو آهيان نه ته ٻاهر ئي پيو رهان ها. ڇا هتي ڪنهن وٽ ”وڪرماجيت جي تلوار آهي؟“

مسافر جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو نمونو اهڙو هو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هو ڪو شريف ماڻهو آهي. سندس آواز ۾ اُها ڪشش هئي، جا ڪنن کي پنهنجي طرف ڇڪي ٿي ويئي. سڀني جون اکيون وڃي اُن مسافر ۾ کتيون.

چيت رام مسافر کي وڪرماجيت جي تلوار جي هٿ اچڻ ۽ خاصيت جو احوال ڏنو. اها عجيب ڳالهه ٻڌي مسافر وائڙو ٿي ويو. سندس اکين ۽ حال چال مان بي خبري بکڻ لڳي. هن جوش مان چيو ”وڪرماجيت ڌني آهي تنهنجو پرتاب....“ گهڙي کن رکي پڇيائين: ڪهڙي بزرگ وٽ اها انمول چيز آهي؟“

پريم سنگهه فخر سان جواب ڏنو ”مون وٽ.“

”مون کي ڏيکارڻ جي مهرباني ڪندا؟“

”خوشيءَ سان. صبح جو ته تلوار مهاراجا رنجيتسنگهه کي ڀيٽا ڏبي. مرضي هجيئي ته هاڻي هلي ڏس.“

پريم سنگهه مسافر کي وٺي وڃي گهر ۾ تلوار جي ڀرسان ويهاريو. ڪمري ۾ ڏيئو يا بتي ڪانه ٿي ٻري، مگر سارو ڪمرو روشنيءَ سان ٿي ٻهڪيو. مسافر وري جوش ۾ چيو: وڪرماجيت! تون ڌنيه آهين.“ ائين چئي هن شوق مان هٿ وڌائي تلوار کنئي، مگر تلوار جي چمڪ ويندي رهي ۽ ڪمري ۾ انڌارو ڇانئجي ويو.

مسافر يڪدم تلوار موٽائي آسڻ تي رکي. سندس چهرو بلڪل اداس ٿي ويو. هن پريم سنگهه کان پڇيو: ”ڇا، تون هيءَ تلوار رنجيتسنگهه کي ڀيٽا ڏيندين؟ هو اها هٿ ۾ کڻڻ جو لائق ناهي.“

ائين چئي مسافر تيزي سان ٻاهر نڪري آيو. برندا دروازي تي بيٺي هئي. مسافر سندس منهن ڏانهن هڪ ڀيرو چتائي ڏٺو، مگر کيس ڪجهه ڪين چيو.

آڌي رات گذري چڪي هئي، مگر فوج ۾ اڃا گوڙ شور ائين ئي جاري هو. اکين ۾ ننڊ بدران چنچلتا ۽ خوشي هئي. جيڪڏهن ڪو سپاهي کونگهرا هڻندو يا ننڊ ۾ پيل ٿي ڏٺو ته ٻين کيس کڻي هڪ ٽنگ تي ٿي بيهاريو. چوطرف کل مسخري لڳي پيئي هئي.

اوچتو خبر آئي ته مهاراجا هن وقت ڪوچ ٿو ڪري، هر ڪو تعجب کائڻ لڳو ته مهاراجا کي ڪهڙي اچي پيئي آهي جو هن آويلي وڳڙي ۽انڌيري رات ۾ منزل ٿو کڻائي. هن رنگ ۾ ڀنگ پوڻ تي چوطرف گڙٻڙ مچي ويئي. مگر وري خبر آئي ته مهاراجا پاڻ ڪن چونڊ سردارن سان روانو ٿي ويو. اُن جو سبب ڪنهن جي سمجهه ۾ نه آيو.

جئن بند ڀڄڻ کان پوءِ درياهه جو پاڻي جهل نه ڏيندو آهي، تئن مهاراجا جي وڃڻ کان پوءِ فوج جا سپاهي ۽ عملدار حرڪتون ڪرڻ لڳا.

(5)

برندا کي ودوا ٿئي ٽي سال گذريا هئا. سندس پتي خوش مزاج ۽ شوقين جيئڙو آدمي هو. هو سرسوتي ديويءَ جو پوڄاري هو ۽ سندس خاطر ساري ملڪيت لٽي ڇڏيائين. 3 لک ٽن سالن ۾ پورا ٿي ويا. مگر سندس دلي منشا پوري ٿي. سرسوتي ديوي مٿس مهر ڪئي. گائن وديا ۾ هن اهڙو ڪمال ڪيو، جو وڏا وڏا گويا سندس روبرو ڳائڻ کان ڊڄندا هئا. کيس جيترو شوق راڳ سان هو اوترو پيار برندا سان. جيڪڏهن سندس جان راڳ ۾ ٿي وسي ته دل برندا جي پريم سان ٽمٽار هئي. هن پهرين چرچي ۾، پوءِ فرحت لاءِ برندا کي ڪجهه راڳ سيکاريو. ايتري قدر جو برندا به هن امرت جي پڪ پي گائن وديا جي پوڄارڻ ٿي پيئي. پتيءَ جي چالاڻي کان پوءِ گذريل ٽن سالن ۾ هن دنيا جي مزن کان موڪلائي ڇڏيو هو، مگر راڳ طرف اڃا سندس طبيعت مائل هئي. البت هاڻي آلاپ ۾ وڇوڙي جو درد آهي. هوءَ راڳ مزي لاءِ ڪين ڳائي، مگر جڏهن ڪو دلڪش راڳ آلاپي، تڏهن کيس ائين پرتيت ٿئي ته سندس پتي خوشيءَ ۾ مشڪي رهيو آهي. راڳ سندس پياري پتيءَ جو جاپ آهي. راڳ هن لاءِ پتي – ڌرم جو نباهه آهي.

رات جا ٽي پهر گذري چڪا آهن. چوطرف سناٽو ڇانيل آهي. ان سانتيڪي سمي ۾ برندا هيٺ پٽ تي ويهي هيٺين سر ۾ ڳائي رهي آهي:

بتائي ڪوئي پريم نگر ڪي راهه

برندا جي آواز ۾ ميٺاج به هو ۽ درد به. منجهس بي آرام دل کي ڌير ڏيڻ جي شڪتي به هئي ۽ ستل جذبن کي جاڳائڻ جي لياقت به. سندس تان ڪنن کي چيريندي جگر ۾ ٿي پهتي.

بتائي ڪوئي پريم نگر ڪي راه

اوچتو ڪنهن دروازو کڙڪايو ۽ ڪيترا آدمي پڪارڻ لڳا ”ڪنهن جي جڳهه آهي؟ دروازو کوليو“ برندا. چپ ٿي ويئي. پريم سنگهه اٿي دروازو کوليو. ٻاهران سپاهين جو ميڙ بيٺو هو. دروازو کلندي ئي سپاهي ڌوڪيندا آهن ۽ چوڻ لڳا ”تنهنجي گهر ۾ ڪا گاني والي رهندڙ آهي. اسين سندس گانو ٻڌنداسون.“

پريم سنگهه ڪوڙي آواز ۾ چيو، ”منهنجي گهر ۾ ڪا گاني والي ڪانهي.“

اُن تي ڪيترن سپاهين پريم سنگهه کي پڪڙيو. چي ”تنهنجي گهر مان ڳائڻ جو آواز ٿي آيو.“

هڪ سپاهي، اڙي ٻڌائين ڇو نه ٿو؟ ڪنهن ٿي ڳاتو؟

پريم – منهنجي ڪنيا ٿي ڳاتو. مگر هوءَ گاني والي ناهي.

سپاهي – ڪير به هجي. اڄ ته اسين راڳ ٻڌنداسون.

پريم سنگهه غصي ۾ ڦڙڪندي چپ ڏند سان ڀيڪوڙي چيو ”مون به ساري عمر فوج ۾ ڪاٽي آهي. مگر ڪڏهن...“

اُن گوڙ گهمسان ۾ پريم سنگهه جي ڳالهه ڪنهن ڪانه ٻڌي. هڪ نوجوان سپاهي، جنهن جون اکيون نشي ۾ لال هيون، پڪاري چيو ”هن ٻڍي جون مڇون پٽيو.“

برندا اڱڻ ۾ پٿر جي مورت جيان بيٺي اها روئداد ڏسي رهي هئي. جڏهن هن ٻن سپاهين کي سپريم سنگهه جو مڇون پٽيندو ڏٺو، تڏهن هوءَ رهي نه سگهي. بي خوف ٿي سپاهين جي وچ ۾ اچي بلند آواز سان چيائين ”ڪير ٿو منهنجو گانو ٻڌڻ چاهي.“

سپاهين کيس ڏسندي ئي پريم سنگهه کي ڇڏي ڏنو ۽ چيائون، ”اسين سڀ تنهنجو گانو ٻڌڻ ٿا چاهيون.“

برندا چيو، ”چڱو، تڏهن ويهي رهو آءٌ ڳايان ٿي.“

اُن تي ڪي سپاهي ضد ٻڌي بيٺا ته کيس منزل گاهه تي وٺي هلو. اُتي خوب مزو لڳندو. جڏهن برندا سپاهين سان گڏ منزل گاه طرف وڃڻ لڳي، تڏهن پريم سنگهه چيو ”برندا! اُنهن سان گڏ ٿي وڃين، ته وري هن گهر ۾ پير نه پائج.“

برندا جڏهن منزل گاهه ۾ پهتي، تڏهن اتي حرڪتبازي جو طوفان متل هو. سوڀ جي ديوي دشمن کي مات ڪري هينئر سوڀ ڪندڙن جي انسانيت ۽ اشرافت کي پيرن هيٺان چيڀاٽي رهي هئي. حيوانيت جو خونخوار شينهن دشمن جي خون مان نه ڍاپي هينئر انساني جذبن جو رت ست چوسي رهيو هو. برندا کي سپاهي هڪ سينگاريل تنبوءَ ۾ وٺي ويا، جتي لال پيالو ٿي ڦريو. برندا ائين هيسجي ڪنڊ ۾ ٿي ويٺي، جئن هرڻي بگهڙن جي ٽولي اڳيان. نفسانيت جو ڀوت، جو هن وقت دلين ۾ پنهنجي شيطاني فوج هيرائي ويٺو هو، ڪڏهن بري نگاهه جي دوناليءَ مان بي شان تيز گوليون هلائي رهيو هو ۽ ڪڏهن منهن جي ڪمان مان سينو چيريندڙ تير. اُهي زهريلي شراب ۾ پسيل تير برندا جي نازڪ ۽ پوتر دل کي چيريندا پار ٿي ويا. هوءَ اها ئي آراڌنا ڪري رهي هئي: اي دروپدي جي لاج رکڻ وارا ڪرشن ڀگوان! تو ته ڌرم، ٻنڌو پانڊون جي هوندي دروپديءَ جي لاج رکي هئي. مان ته دنيا ۾ بلڪل بيڪس آهيان. ڇا منهنجي لاج نه رکندين؟“ اهو ويچار ڪندي هن ڀڄن ڳاتو.

آءُ موهن ڪرشن مراري – بنسي بجاني والا

بنسي بجاني والا گئنيان چراني والا.

برندا هو گيت نهايت دلسوز نموني ۾ ڳاتو. سندس مٺي ۽ دردي سُر مان ميران جو ڀلئو ٿي بکيو. ظاهري ته هوءَ بدتميز سپاهين جي روبرو ڳائي رهي هئي، مگر حقيقت ۾ هوءَ مرليڌر موهن کي دل ۽ جان پڪاري رهي هئي.

محفل جو گوڙ گهمسان صفا بند ٿي ويو. رات جو پويون پهر هو. مٺي هير ٿي لڳي. آس پاس جي وڻڪار مان هٻڪار ٿي آئي. جهنگ جهر ۾ شانتي هئي. ان وقت اهو مڌر آلاپ ٿي آيو:

آءٌ موهن ڪرشن مراري – بنسي بجاني والا

سپاهين جي من ۾ ملينتا تي به پريم جي اُن دردي پڪار اثر ڪري ڇڏيو. پورو ڪلاڪ برندا سپاهين کي بت بڻائي ڇڏيو. اوچتو گهڙيال پنج وڄايا. سپاهين ۽ سردارن ڇرڪ ڀريو. سڀني جو نشو ٽٽي ويو. وڏي مسافري ڪري وقت تي ٻي منزل تي پهچڻو هو. اڳيان راجا رنجيتسنگهه حساب وٺڻ وارو هو. ڦرتيءَ سان ڪوچ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. تنبو پٽجڻ لڳا، سوارن گهوڙن کي داڻو ڏنو. مڏي ٿي سميٽي، ڊڪ ڊوڙ ٿي پيئي. هوڏانهن سورج نڪتو، هيڏانهن فوج ڪوچ جو بگل وڄايو. شام جو هن ميدان جي ٽڪر ٽڪر تي ڌماچر ڪڙي لڳي پيئي هئي، صبح جو اتي ڪجهه ڪين هو. فقط ڀڳل ٽٽلن چلهن جي رک ۽ تنبن جي ٽنگن جا نشان ان دنيوي ساز سامان جو باقي يادگار هئا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org