ٻيڙو فقيرڪنڀر
سنڌ ۾ عيسوي ويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ جي علمي ۽ ادبي مشاهيرن
جو جيڪو به تذڪرو لکبو، سو تيسين نامڪمل رهندو،
جيسين ان ۾ ٻيڙي فقير جو ذڪر نه ايندو.
مان گذريل ويهه پنجويهه ورهيه سنڌي ادبي دنيا سان وابسته رهڻ جي
باوجود، سندس دوستيءَ جو دم ته هڻي ڪونه ٿو سگهان
پر ايترو ضرور چئي سگهان ٿو ته مون کي به سندس
نياز منديءَ جو شرف حاصل هو.
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون ماڻهن جي ڌنڌن ۽ ڪسب موجب آهن، مثلاً
واڍا، کٽي، موچي، حجم، لوهر وغيره. ان لحاظ کان
ٻيڙو فقير ذات جو ڪنڀر هو، پر ڪنڀرن ۾ ان قبيلي
سان تعلق رکندڙ هو، جيڪي پيار ۽ محبت جا ڪوزي گرَ
ٿيندا آهن. تاڃي پيٽي سنڌي هو. خالق اڪبر سندس جسم
۽ روح ٻنهي کي سنڌ جي سڳنڌ واسيو هو.
منهن ۾ نيمڪ، اکين ۾ حجاب، چپن تي مرڪ، نگاهن ۾ ساڃهه، اٿڻ ويهڻ
۾ حد درجي جي فضليت، دل ۾ سخاوت، لباس خالص سنڌي
سلوار قميص، ۽ مٿي سان پٽڪو، سو به سورنهن آنا
سنڌي ڀيرِ تي ٻڌل. ٻين لفظن ۾، ائين چئجي ته ”تن
صفا، من صفا“ قولِ محمد مصطفيٰ. اهو حليو خيال ۾
رکبو، ته ٻيڙي فقير جي شبيهه تصور ۾ ايندي.
تماڪ نوشي جي هير هئس. پر ڪڏهن به سگريٽ سندس آڱرين ۾ ڪونه ڏٺم.
هميشه سنڌي پن جي ٻيڙي ڇڪيندو هو. مون کي ياد آهي
ته هڪ دفعي ڪو سنڌي وڏو ماڻهو هو يا ڪو منهنجو غير
ملڪي دوست هو، تنهن ٻيڙي فقير جون لاتعداد تصويرون
ڪڍيون. مون جڏهن کانئس سبب پڇيو ته چيائين ته”هن
کان وڌيڪ چٽن سنڌي مهاڊن وارو ماڻهو مون اڄ ڏينهن
تائين ڪونه ڏٺو آهي.“
سنڌ جو ڪو به شهر يا اهم هنڌ ۽ ماڳ هجي، ٻيڙي فقير ضرور گهميو
هوندو ۽ انهيءَ سڄي تر جي علمي ادبي شخصيتن جي کيس
خبر چار هوندي. سنڌ جا سگهڙ ته خير سندس گهر جا
ڀاتي هئا.
غالباً 1953_1954ع ڌاران سنڌي ادبي بورڊ سنڌي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ
۽ شايع ڪرڻ جي اسڪيم ٺاهي ان سڪيم جو ڊئريڪٽر هو،
سنڌ جو ممتاز عالم، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
هونئن ته بورڊ جي ڪيترين ئي ڪتابن لکڻ جو ڪم سندس حوالي هو، پر
ٻن مکيه اسڪيمن جو پاڻ ڊئريڪٽر هو، هڪ لوڪ ادب
واري اسڪيم ۽ ٻي سنڌي لغات ٺاهڻ واري اسڪيم.
هڪڙيءَ اسڪيم جو ڪم اڃا ڪنهن سبب سان مس ڍرو ٿيندو
هو، ته ٻيءَ اسڪيم جي ڪم کي تيز ڪري ڇڏيندو هو.
واندو نه وهندو هو. انهن ٻنهي اسڪيمن جي سلسلي ۾
علمي ادبي مواد ۽ ماڻهن جي تلاش ۾ سڄي سنڌ جهاڳي
وڃي مٿي چڙهيو. ان معاملي ۾ سنڌ ايڏو وڏو ماڻهو نه
اڳي ڏٺو نه پوءِ.
ٻيڙو فقير ڪنڀر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هڪ دفعي اسان سنڌ گهمڻ جي خيال کان اهو هنڌ ڏسڻ وياسين، جتي
سنڌو درياهه سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. ميزبانيءَ جا
فرائض حسب دستور جمال ابڙي جي بلي هئا. اول کارو
ڇاڻ گهميوسين. اتي رات رهياسين. صبح جو کاري ڇاڻ
کان درياهه جي هڪ شاخ ڏيئي، پهريائين ٻيڙيءَ رستي
سفر ڪيوسون ۽ پوءِ لانچ ۾ چڙهياسين. سنڌو وڃي ڪيٽي
بندر پهتاسين، جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته منهنجا پيارا
يار تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽي به گڏ هئا.
مون پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ جيڪي به سهڻا نظارا ڏٺا آهن، تن ۾ هڪ
نظارو ڪيٽي بندر جي شام هئي. ان علائقي ۾ درياهه
شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. شام جو شفق جا پاڇولا جڏهن
پاڻيءَ ۾ پون ٿا، ته قادر جي قدرت جو جمال پنهنجي
عروج تي اچي ٿو.
ڪيٽي بندر ۾ اسان سيٺ نور محمد جي اوطاق ۾ ٽڪياسين. رات
جومانيءَ کانپوءِ جيڪا محفل ٿي، ان ۾ ڳالهه
ٻڌايائون ته اوهان جي آرين پارين فقط ٻه ماڻهو اڳي
هت آيا آهن: هڪ پير علي محمد راشدي، جو ڪو زمانو
ٿيو ته سياسي سبب سان هت آيو هو، ٻيو ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ، جيڪو اوهان وانگر ادبي ذوق وارو ماڻهو
هو ۽ سگهڙن جا پيرا کڻندو هت پهتو هو.
پر رڳو ڪيٽي بندر نه، اسان جتي به وياسين، اتي ٻڌايائون ته
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هت به دعا جا پير گهمائي ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب رڳو لوڪ ادب جو مواد گڏ ڪونه ڪيو، پر ڳوٺن ۾ ادبي
سگهڙن کي آڀاريو ۽ اُٿاريو. گويا ٻهراڙيءَ جي ليول
تي ادبي سجاڳي آندائين، يا هيئن چئجي ته هڪ تحريڪ
پيدا ڪيائين. هنڌ هنڌ لوڪ ادب جون ڪچهريون ٿيڻ
لڳيون. سگهڙ ته اڳي به موجود هئا، پر کين تنظيم ۽
تحريڪ جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ جو ڪارنامو سنڌ جي لائق ۽
فائق عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سرانجام ڏنو. ستت
سگهڙن جي آواز ۽ آلاپ جي ريڊئي تائين رسائي ٿي.
ان زماني ۾ ٽي وي ڪانه هئي. ريڊئي سگهڙن جي ڳالهه کي وڏي هٿي
ڏني. لوڪ ادب سان گڏ سنڌ جي لوڪ سنگيت يا موسيقي ۾
به ڄڻ نئين جان پئجي ويئي. اهڙي ريت، ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جيڪا
Discovery of Sindh
ڪئي، ان جي طفيل، ٻيڙو فقير منظرِ عام تي آيو.
سمنڊ جي ڪناري تي هڪ نظارو عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ويرن پٺيان
ويرون ڪناري ڏانهن ڌوڪينديون اينديون آهن. پاڻيءَ
کي پياسيءَ ڌرتيءَ جهي تلاش آهي يا پياسي ڌرتيءَ
جي پڪار پاڻيءَ کي قرار وٺڻ نٿي ڏئي، سو ته خدا کي
معلوم. پر قدرتي نظارن ۾، ”محبت ۽ ميلاپ“ جو اهو
هڪ عجيب منظر آهي ۽ ان ڳالهه جو مظهر آهي ته
ڪائنات جو نظام ”محبت ۽ ڪشش“ تي ٻڌل آهي.
ڪڏهن ڪڏهن اهي ويرون ڪناري سان اچي لڳنديون آهن ته پنهنجيءَ هنج
۾ قسم قسم جا جيت، ننڍڙا پٿر ۽ ڪوڏ به کڻي اينديون
آهن. چون ٿا ته خالق جي ڪائنات ۾ ڪي اهڙا سڀاڳا
هنڌ به آهن، جتي ان ريت سمنڊ جون ويرون، سپون ۽
سچا موتي آڻي، ڪناري تي اُڇلينديون آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ۾ جيڪا ثقافتي تحريڪ آندي، ان اهڙي ئي
نموني ۾ ٻيڙي فقير جهڙو املهه ماڻڪ پنهنجيءَ هنج ۾
آندو.
سن ۽ سال مون کي ياد ڪونهي. پر مون سان سندس شناسائي تڏهن ٿي،
جڏهن ادبي بورڊ جون آفيسون 1962ع ۾ ڪراچيءَ مان
حيدرآباد کڄي آيون.
پهريائين دعا سلام، پوءِ مسڪراهٽ، ان کانپوءِ هڪٻئي سان ڀاڪر
پائي ملڻ. ائين هڪٻئي کي ويجها ايندا وياسون.
سندس ٻه دوست هئا، يا هيئن چئجي ته مربي ۽ محسن هئا، جن جي
تعريف ڪندي ڍاپندو ئي ڪونه هو: هڪ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ ۽ ٻيو محمد اسماعيل نون، جيڪو نوڪريءَ جي
لحاظ کان ڊپٽي ڪمشنر هو، پر دل جي خيال کان وڏو
ادب پرور انسان هو. ٻيڙو فقير انهن ٻن بزرگن سان
سدائين گڏ گهمندو هو.
هڪڙي دفعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ غالباً ولايت ويو هو، سو، نون
صاحب جي مون کي فون آئي. چيائين ته ”رباني بدين جي
پاسي فلاڻي هنڌ تي سگهڙن جي ڪچهري رکيل آهي. هونئن
ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ مان گڏ ويندا آهيون پر هو ٻاهر
ويل آهي. سندس جاءِ تي تون منهنجي رفاقت ڪر.“ مون
چيو، ”حاضر، اهو ته منهنجي لاءِ اعزاز آهي.“ ٻئي
ڏينهن جڏهن مقرر هنڌ تي ملياسين ته جيپ ۾ ساڻس گڏ
ٻيڙو فقير به ويٺل هو. ٻيا به هڪ ٻه دوست هئا، سفر
گڏ ڪيوسون. ڪچهريون ڪندا، بدين پهتاسون. رات جو
دير دير تائين ڪچهري هلي. صبح جو اٿياسين. واپس
حيدرآباد پهتاسين. انهيءَ سفر وسيلي ٻيڙي فقير ۽
منهنجي ياريءَ جو آغاز ٿيو.
ٻيو به هڪ اهڙو سفر ياد اٿم. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ
ڏينهن فون ڪئي ته ” رباني، جي بورڊ جي جيپ جو
بندوبست تون ڪرين، ته توکي چڪر اڄ مان ڏياري
اچان.“
مون چيو ته، ”حاضر، بسم الله“.
سانجهي جي نماز کانپوءِ حيدرآباد مان نڪتاسين. ڀايان ٿو ته ٻيڙو
فقير به گڏ هو. ٽنڊي قيصر جي پاسي غالباً شيخ
ريهاڻ نالي ڪو ڳوٺ هو. ڊاڪٽر صاحب اتي هليو. اسان
جو ميزبان شايد رٽايرڊ ايس پي شيخ عبداللطيف هو يا
وري انهيءَ شخص جو ڀاءُ هو.* منجهس سنڌي چڱن مڙسن واريون سڀ خوبيون
هيون. خالص سنڌي نموني جي ماني کارايائين ۽ پوءِ
سگهڙن جي ڪچهري شروع ٿي، جنهن جي خاص مقصد خاطر
ڊاڪٽر صاحب مونکي به ساڻ وٺي ويو هو. سنڌي راڳ به
ٿيو. ٻه سٽون ورهين جا ورهيه دل تي رهيون. هڪ سٽ ۾
شاعر چيو هو ته مون قبرستان ۾ گلاب جي گلن جهڙن
محبوبن جي دلين تي مٽي جا دڙا ڏٺا.
ٻي ڪافيءَ جي هڪ اڌ سٽ اڃا ياد اٿم:
مين جتان دي ڏاچي نه هان
جا وڻ وڻ وات گهتيندي.
مرحوم نون ۽ ڊاڪٽر صاحب سان اهي ٻئي سفر عمر ڀر نه وسرندا. سنڌ
کي پنهنجو خاص ڪلچر آهي. ان جو عڪس مون انهن سفر
ڏٺو.
ان کان پوءِ، مهيني ماسي، ٻيڙو فقير حيدرآباد ۾ ادبي بورڊ واري
آفيس ۾، مون وٽ قرب جا پير ڀري ايندو هو. ڪا رهاڻ
ڪندو هو! روح جي سڄي ڪس ڪوري ڪڍندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
کيس چيڙائڻ لاءِ مان ساڻس چرچو ڪندو هوس ته ” ٻيڙا
فقير، سڄو لوڪ ادب ٻروچن جي قصن سان ڀريو پيو آهي.
تو ڊاڪٽر صاحب سان گڏجي سازش ڪئي آهي، ۽ هڻي سماٽن
جو ڪم لاهي ڇڏيو اٿئي.“ ان مهل سندس کلڻ ڏسڻ وٽان
هو. الله سائينءَ اوليائن کي معجزن جا انعام ڏنا
هئا ۽ ٻيڙي فقير جهڙن مٺن ماڻهن کي مٺي مرڪ عطا
ڪئي هئي.
سفر ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا جسماني ٻيا روحاني. جسماني ان
طرح ته ماڻهو پنهنجو جسم کڻي، هن جهان جو پسار
ڪندو آهي، گهمندو آهي. ٻيو روحاني، سو ان طرح ته
ماڻهو پنهنجي ئي اندر ۾ ٽٻي هڻي، اندرئين جهان جو
سفر ڪندو آهي. ٻيڙي فقير سنڌ جو جسماني سفر به ڪيو
۽ روحاني سفر به ڪيو. ٿورا اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي
سنڌ جي روح جو ٻيڙي فقير وانگر سفر ڪري آيا هوندا.
سندس زبان مان جيڪي موتي ۽ ماڻڪ نڪرندا هئا، سي
انهن سفرن جو مٺو ميوو هئا.
پوين ڏينهن ۾ حيدرآباد جي شهر ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي اچي خيما
کوڙيائين. گويا حافظ شيرازيءَ جي سنت ادا ڪيائين:
”ڪناري آب، رڪنا باد، گلگشتِ مصلا را“
اُتي ”ڪچهريون“ شروع ڪيائين. ڪچهريون ڇا هيون، ڄڻ ته چڱي موچاري
امير ماڻهوءَ جو وهانءُ آهي. ڇڻڪار ٿي ويندا، گلم
وڇائجي ويندا، بجلي جون راڊون لڳي وينديون، خلقون
اچي گڏ ٿينديون، پوءِ شروع ٿيندي سگهڙن جي ڪچهري،
ڳجهارتن ۽ مولودن کان وٺي سنڌي سنگيت تائين! آخر ۾
ماني کارائيندو. دال ڀت نه، ٻوڙ، پلاءَ، قورما،
ٽنڊي آدم واريون گوشت جون پڪل رانون ۽ ميواتون
وغيره وغيره.
خبر ناهي ته ڪنهن شوق جاڳايس، سو، ”ڪچهري“ نالي هڪ هفتيوار
اخبار جاري ڪيائين. پر غالباً تيسين هلي سگهي،
جيسين ٻيڙي فقير جي دم ۾ دم هو. پاڻ سان گڏ پنهنجي
سڄي ڪائنات ويڙهيون کنيون هليو ويو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪري پير حسام الدين راشديءَ سان به لاڳاپو
ٿيس. پير صاحب سندس وڏي عزت ڪندو هو. هيڪر پير
صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ٻيڙو فقير ۽ مان گڏجي
وياسين هالين پراڻين، اتي درياهه جي بند سان گڏ،
هڪ هنڌ ڪلهوڙن يا ميرن مان ڪنهن جو قبو هو. اهڙو
سهڻو قبو مون سنڌ ۾ ڪونه ڏٺو آهي. ڀتين تي اندران
تاج محل وانگر پٿر جي گلن جي ڄاري لڳل هئس.
پير صاحب تصويرون ڪڍيون ته ٻيڙو فقير ڪاڏي غائب ٿي ويو. ڪجهه
دير کانپوءِ ظاهر ٿيو. پنج ڇهه ماڻهو پويان. انهن
جي مٿن تي ديڳڙا. اسان لاءِ جهنگ ۾ خبر ناهي ته
ڪٿان ٻوڙ پلاءَ رڌائي کڻي آيو. غريب جي دل ڪيڏي نه
وڏي ٿئي ٿي! اسان جي مانيءَ جو انتظام ته ڊاڪٽر
بلوچ صاحب اڳيئي ڪٿي ڪيو هو. سو، پير صاحب سندس
قرب ڏسي محض سندس دل رکڻ لاءِ ٻه ٽي گرهه کنيا. ان
سفر ۾ مون کي هڪ سوکڙي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين.
چيائين ته ”توکي هڪ پيالي ڏيندس، جيڪا فقط پنجن
تولن مٽيءَ مان ٺهيل هوندي.“.
اهو واعدو ته پورو ڪري ڪونه سگهيو، پر ان کان بهتر ٻي هڪ سوکڙي
ڏنائين. هڪ دفعي گڏ ويٺا هئاسين. مون کيس چيو ته
ٻيڙا فقير ڪو سنڌي بيت ته ٻڌاءِ، جنهن ۾ عقل جي
ڳالهه هجي، ٿوري دير سوچي، هڪ بيت ڏنائين. سگهڙن
جي نموني تي، ”داناءَ“ لفظ کي ”دانهه“ ڪري
پڙهيائين:
دانهَه مثل درياهه جي
تَوَ سان ڪين تــــــپن
جيئن تاج محل جي ديوارين تي سنگمرمر جا گل اُڪريل آهن، تيئن
ٻيڙي فقير جو ٻڌايل اهو بيت اڄ به منهنجيءَ دل تي
نقش ٿيل آهي:
دانهَه مثل درياهه جي
تَوَ سان ڪين تــــــپن
سال ٻه پوءِ هڪ نيڪ بخت نوجوان نينگري مون
وٽ ادبي بورڊ آئي ته مان ايس پي عبداللطيف جي
ڌيءَ عائشه آهيان. مون کي ايران سينٽر ۾ نوڪري
وٺي ڏيو. مون سندس خانداني پس منظر کي خيال ۾
رکي، اها نوڪري سندس لائق نه سمجهي پنجن ستن
سالن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس
چانسيلر هوس ته وري اچي ملي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ
يونيورسٽي جي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. اها
نوڪري شريف ڇوڪري لاءِ مناسب هئي.
|