مولانا غلام محمد گرامي
”هستي اپني حباب کي سي هـﻶ“
قدرت سنڌ کي هن ڌرتيءَ تي بهشت جو هڪ نمونو ڪري خلقيو آهي.
منجهس وهندڙ پاڻي آهي، جنهن جي پاسن کان وڏن ساون
وڻن وارا باغ آهن، ۽ منجهس سرسبز کيت آهن، جن ۾
وسندڙ ڳوٺن ۾، کير ۽ ماکيءَ سان گڏ زندگيءَ جون
ٻيون به ڪيتريون ئي نعمتون آهن. بهشت برين وانگر،
سنڌ ۾ هر قسم جي مند موجود آهي، ڏکڻ ۾ گهميل
آبهوا، وچولي ۾ خشڪ ۽ موافق ته اُتر ۾ سخت سرد ۽
گرم، سنڌ ۾ سمنڊ، درياءَ ٿر ۽ بر آهن. ان جي
اُڀرندي ۾ ڪارا ڪارا رڻ آهن، رڳي رڃ ئي رڃ آهي، ته
الهندي ۾ هماليه جبل کان به پراڻا پهاڙ آهن، جن جي
سخت پٿريلي سيني مان گرم گرم پاڻيءَ جا چشما ڦاٽي
نڪرن ٿا. سنڌ ۾ گنج گاهه ٻيلا آهن، جن ۾ قسم قسم
جا جانور رهن ٿا. ساڳئي وقت سنڌ دنيا جي خوبصورت
ترين پرندن جو مسڪن به آهي طائران جنت وانگر سنڌ ۾
چتن، چيهن، چانهن، هد هد، هيڙن، من موسڙن، ڪاٺ
ڪٺن، ڪبوترن، ڳيرن ۽ پٽ ڳيرين جون لاتيون ۽ باتيون
آهن. مينهوڳيءَ جي مند ۾، ٿر جي ڀٽن تي جڏهن مور
موج ۽ مستيءَ ۾ پنهنجا رنگ برنگي پر پکيڙي ناچ
ڪندا آهن، تڏهن جنسي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته
بهشت آسمان مان کڄي ڌرتيءَ تي آيو آهي. سنڌ نه رڳو
انهن پر اهڙن پکين جي به دلپسند وسندي آهي، جن جي
من کي آشياني بدران آب ۾ قرار اچي. انهن مان ڪي
ايامن کان سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا آهن ته ڪي سيلاني
آهن ۽ مند مٽجڻ تي هر سال دور دراز علائقن مان
اُڏامندا، ملڪن پٺيان ملڪ پوئتي ڇڏيندا، سون
هزارين ميلن جو مفاصلو طئي ڪندا، ايڏيءَ اُڪير سان
اچي منڇر جي ڪنڌيءَ تي لهندا آهن، جو ڄڻ ته اصحاب
جنت حوض ڪوثر تي پهتا آهن. سنڌ جي زمين زرخيز ۽
آسمان حسين آهي. ڌنڌ ۽ ڪوهيري کان سدائين پاڪ ۽
صاف، اڪثر شفاف نيرو، پر ڪڏهن ڪڏهن منجهس ڪڪرن جا
ڪارونڀار! ڏينهن جو نيري سمنڊ وانگر جهاڳ ۽ بي
انت؛ پر رات جو اهڙو جنسار، جو پورب توڙي پڇم ۾ هر
هنڌ تارن جا ڏيئا پيار ٻرن.
قدرت سنڌ کي اجهو ائين هن ڌرتيءَ تي بهشت جو نمونو ڪري خليقو
آهي. پر سنڌ جي رهاڪن جي زندگيءَ ۾ ايڏو ته ڏک
آهي. جو سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ کي ائين چوڻو پيو ته ” ڀينر هن ڀنڀور ۾
دوزخ جو دونهون.“ اڻويهينءَ صديءَ جي هاڪاري
انگريز سيلاني سر رچرڊ برٽن به ساڳئي قسم جي راءِ
ظاهر ڪئي. هن سنڌ جي ظاهر ۽ باطن جو سير ڪرڻ بعد
فتويٰ ڏني ته ”سنڌ هڪ ڏکويل ماٿري آهي.“
سنڌ جي ڏک، ۽ پيڙا جا هونئن ته ڪيئي ڪارڻ آهن، پر مکيه ٻه آهن:
پهريون ڪارڻ هي آهي ته سنڌ ۾ جاگيرداري يا
زمينداري نظام رائج آهي، جنهن موجب پيداوار جو
مکيه ذريعو زمين آهي. زمين فقط هڪ واحد شخص جي
قبضي ۾ آهي، نوانوي ماڻهو سندس ٻيلي آهن. اهي جيڪا
به محنت ڪن ٿا، ان جو مکيه فائدو اهو هڪ شخص کڻي
ٿو. سنڌ جي انهن نواني سيڪڙو پورهيتن جي حالت
غلامن واري آهي. هو جسماني لحاظ کان ته غلام نه
آهن، پر سندن ۽ غلامن جي زندگيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق به
ڪونهي سنڌ جي ماڻهن جي پستيءَ ۽ بدحالي جو ٻيو
مکيه ڪارڻ پيريءَ مريديءَ جو نظام آهي. ايران،
ترڪي ۽ ٻيا اهي ملڪ، جن وٽان سنڌ ۾ پيريءَ مريدي
جو طريقو صديون اڳ پهتو هو، سي ڪڏهوڪو انهيءَ ذهني
ڪوڙڪيءَ مان پاڻ ڇڏائي ويا. چون ٿا ته جديد ترڪيءَ
جي باني، مصطفيٰ ڪمال جي مقبري تي ڪتبو لڳل آهي ته
”انسان جو حقيقي مرشد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.“
بدقسمتيءَ سان سنڌ جي مسڪين ماڻهو جو ذهن اڃا
تائين پيرن جي مٺ ۾ آهي. رچرڊ برٽن لکيو آهي ته
”ايشيا ۾ ڪو به علائقو ائين پيرن جي چنبي ۾ نه آهي
جيئن سنڌ.“
جنهن معاشري ۾ ماڻهوءَ جو جسم ۽ ذهن ٻئي غلام هوندا، انهيءَ
معاشري ۾ ڀلا ڪهڙي ترقي ۽ سڌارو ٿيندو؟ اهو ئي سبب
آهي، جو ويهينءَ صديقءَ ۾، جڏهن انسان، سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ جي رهبريءَ هيٺ، چنڊ تي وڃي قدم رکيو
آهي، تڏهن سنڌ هن ڌرتيءَ تي هڪ اونداهي ٻيٽ وانگر
بيٺي آهي، جنهن جا رهاڪو وڃايل واٽ وارن مسافرن
وانگر پريشان ۽ سرگردان آهن.
غلام محمد گراميءَ ويهين صديءَ جي وائل ۾، انهيءَ سنڌي معاشري ۾
اکيون کوليون. هو ميهڙ ۾ هڪ غريب گهر ۾ پيدا ٿيو.
مڪتبن ۾ پڙهيو، ملن ۽ مولوين کان تربيت ورتائين.
جڏهن وڏو ٿيو ته غم روزگار جي لذت سان آشنا ٿيو.
قدرت کيس روشن دماغ ۽ حساس دل جي نعمتن سان نوازيو
هو. جيڪي شخص گرامي صاحب جي قريب رهي چڪا آهن، تن
کي معلوم آهي ته هو صاحب فڪر هو. ”انسان جو هن
ڌرتيءَ تي وجود“، ”انسان جو هن ڪائنات ۾ مقام“،
”انساني زندگي جو مقصد“ __ سندس سوچ ويچار جا مکيه
موضوع هئا، کيس انهن عنوانن تي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ڳالهه
ڪرڻ جو شوق هو.
منهنجي گرامي صاحب سان واقفيت به هڪ اهڙيءَ ئي مجلس ۾ ٿي. ويهه
_ پنجويهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي، آءُ سنه 1953ع
ڌاران نوشهرفيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ
جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد جي ڦليليءَ واري
گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو هوس. تنوير عباسي
منهنجو هم ڪلاسي هو. حيدرآباد جي صدر ۾ سندس گهر
هو، جتي روزانو رات جو اسان ڪاليج جا ڪتاب گڏ
پڙهندا هئاسين ۽ جڏهن ٿڪبا هئاسين، تڏهن سندس
گهرجي ڀرسان ”ڪراچي هوٽل“ تي چانهه پيئڻ ويندا
هئاسين. تن ڏينهن ۾ ڪراچي هوٽل حيدرآباد جي پڙهيل
لکيل ماڻهن جي بيٺڪ هوندي هئي. رات جو دير دير
تائين هتي هُتي انهن جي ميزن جي چوڌاري ماڻهن جا
ٽولا ڪچهريون ڪندا رهندا هئا.
گرامي صاحب ۽ سندس دوستن جو هڪ گروهه به ڪراچي هوٽل جي هڪ ڪنڊ
۾، گول پٿر جي ميز جي چوڌاري، روزانو پنهنجو ديرو
دمائيندو هو. گرامي صاحب، مرحوم سرائي اميد علي،
چاچو ايوب، يوسف سرحدي، ڏنل شاهه ۽ شيخ علي محمد
انهيءَ گروپ جا مکيه ميمبر هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن
ڪراچي هوٽل جو (مرحوم) مالڪ ۽ ڪي ٻيا شخص به ان
ڪچهريءَ ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. اُتي هڪ اهڙي
ڪچهريءَ ۾ منهنجي ۽ تنوير جي گرامي صاحب سان
واقفيت ٿي. انهيءَ زماني ۾ شايد گرامي صاحب ٽريننگ
ڪاليج ۾ اساد هوندو هو، جتي ڊاڪٽر جعفري پرنسپال
هو ۽ جويو صاحب وائيس پرنسپال. جويو صاحب بعد ۾
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪرٽري ٿيو، ته گرامي
صاحب کي به پاڻ سان وٺي ويو. 1957ع ۾ آءُ بورڊ ۾
اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس ته گرامي صاحب سماهي
”مهراڻ“ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. اسان جي
مهيني ماسي ملاقات ٿيندي رهندي هئي. بورڊ جي مکيه
آفيس ڪراچيءَ ۾ هئي. 1962ع ۾ جويو صاحب اسان کي
ڇڏي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ پنهنجي اصلوڪي تعليم کاتي ۾
واپس هليو ويو ۽ بورڊ جي آفيس ڪراچيءَ مان
حيدرآباد کڄي آئي. پوءِ ته گرامي صاحب ۽ مان رات
ڏينهن گڏ هئاسين. بورڊ تڪڙيون تڪڙيون انتظامي
تبديليون ٿيون. نوان نوان سيڪريٽري آيا، اول مرحوم
عثمان علي انصاري اعزازي سيڪريٽري ٿي آيو؛ ان کان
پوءِ جناب شاهه محمد شاهه آيو، تنهن کانپوءِ ڪجهه
وقت مرحوم ميران محمد شاهه هو. دوباره جويو صاحب
آيو، جنهن کان وري ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسينيءَ
چارج ورتي. اهو سڄو وقت 1962ع کان وٺي ويندي 1972ع
تائين بورڊ ۾ سيڪريٽرين جي تبادلي ۽ ٻين سبب ڪري
گهڻائي اندورني انقلاب آيا، جن کي مون ۽ گرامي
صاحب گڏجي منهن ڏنو.
انهيءَ ئي زماني ۾ سنڌ جي سياسي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا.
ون يونٽ قائم ٿي چڪو هو ۽ ملڪ تي ايوب خاص قابض
هو. سنڌي ڪلچر، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي تهذيب ۽
سنڌي ثقافت جي نالي سان جيڪا به شيءَ منسوب آهي،
سا سرڪار جي نظر ۾ معيوب هئي. هوڏانهن اسان هڪ
اهڙي اداري سان وابسته هئاسين، جنهن جو ڪم ئي هو
سنڌ ۽ سنڌ ڪلچر جو پرچار ڪرڻ، ان ڪري اسان کي
نهايت ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. اهڙو وقت به آيو، جو
سرڪار جو هڪ حڪم نڪتو ته جيڪي ماڻهو لفافن ۽ ڪارڊن
جي ايڊريس ۾ ”سنڌ“ لفظ لکندا، سي قانونيءَ طرح سزا
جا مستحق ٿنيدا. اهڙي دوري ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن
جا ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. پر سنڌي ادبي بورڊ
جو ته ڪم ئي اهو هو. سو، اسان سخت اڻاوا ڏينهن
ڏٺا.
چوندا آهن ته مصيبت سدائين ٻارين ٻچين ايندي آهي. سو بدقسمتيءَ
سان عين انهيءَ وقت سنڌ ۾ اديبن ۽ شاعرن اندر ون
يونٽ پسند ٽولو ساماڻو، جنهن اهو ڪم پنهنجي مٿي تي
کنيو ته سرڪار جو مخبر ٿي، انهن سنڌي ادبين ۽
شاعرن خلاف پڪاري، جيڪي ون يونٽ جي خلاف ڳالهائين،
۽ سنڌ دوستيءَ جو دم ڀرين. ون يونٽ پسند اديبن سنڌ
دوست اديبن خلاف جلسا جلوس ڪيا ۽ اخبارن ۾ صفحن جا
صفحا ڪارا ڪيا.
کين اندر ۾ ککندو ته هوندو ته هي ڪم ڪڌو آهي. سو سنڌ جي ماڻهن
کي ٺڳڻ لاءِ مذهب جي اوٽ ورتائون ۽ نعرو هنيائون
ته اسلام خطري ۾ آهي. حالانڪه خود سندن ذاتي زندگي
اسلامي تعليم موجب ڪانه هئي. منجهانئن گهڻا تڻا ته
رڳو نالي جا مسلمان هئا. پر چوندا آهن ته سياست ۽
ڊپلوميسي ٺڳيءَ جو ٻيو نالو آهي.
مولانا گراميءَ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ مهم شروع ڪئي وئي.
سندس خلاف فتوائون ڏنيون ويون ته ڪافر ۽ ملحد آهي.
ستت هڪ سياسي جماعت ٺهراءُ پاس ڪيو ته ”سنڌي ادبي
بورڊ ۾ مولانا گراميءَ جهڙن ڪافرن ۽ ملحدن جو
گروهه آهي، جيڪو ون يونٽ جو دشمن آهي، تنهنڪري
حڪومت ان جي خلاف قدم کڻي.“ اڳتي هلي انهيءَ
معاملي وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪئي. سنڌ جي هڪ
بزرگ شخص اهو ڏسي چيو ته ”سنڌ جا سياستدان پاڻ ۾
وڙهيا ته ون يونٽ قائم ٿيو هاڻي اديب وڙهيا آهن،
شل خدا خير ڪري!“.
اهو جهاد ايوب خان جي زوال تائين هلندو رهيو، تان جو حق جي فتح
ٿي ۽ ون يونٽ ٽٽو. تڏهن مس مس وڃي گرامي صاحب ۽
اسان جي ون يونٽ پسند سنڌي اديبن مان جند ڇٽي. حق
۽ ناحق جي انهيءَ جهاد ۾ گرامي صاحب ۽ اسان
ڪلهوڪلهي سان ملائي گڏ وڙهياسين. جيڪي دوست ۽ ساٿي
مشڪلاتن ۾ هڪٻئي سان گڏ رهندا آهن. تن کي هڪٻئي
جون ڳالهيون ڪونه وسرنديون آهن. چنانچ ڏک جي هر
گهڙي اڄ به منهنجين اکين جي سامهون آهي ته هن مجلس
۾ هيئن گڏ هئاسين، هن هنڌ هيئن گڏجي ڪم ڪيوسين، ۽
هن معاملي کي هيئن منهن ڏنوسين. ون يوٽ جي پوين
ڏينهن ۾ سنڌي اديبن جو وري ٻيو هڪ ٽولو ساماڻو
جنهن سنڌيت بدران جنسيات جي ڳالهه ڪئي. اڳتي هلي
اڃا به ڪ ٽيون ٽولو ساماڻو جنهن وري سنڌيت بدران
انانيت جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ڏٺائون ته اهي سڀ
ڳالهيون هلي نٿيون سگهن تڏهن چولا مٽائي وڏا سنڌ
دوست بنجي ويا ۽ حقيقي سنڌ دوست اديبن کي رجعت
پسند ڪوٺڻ لڳا. سندن رنگ ڏسي، ڀلاري ڀٽائي جو بيت
ياد ايندو هو:
اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪالوڙيون ڪنگن،
ايندي لڄ مرن تنهن سر مٿي هنجڙا.
جڏهن ون يونٽ جو دور گذري ويو، تڏهن گرامي صاحب ۽ مان پراڻيون
يادگيريون تازيون ڪندا هئاسين. جڏهن ڊاڪٽر حسيني
بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي آيو، تڏهن ته اسان جون ڊگهيون
ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڊاڪٽر حسيني جي وڃن
کان پوءِ جڏهن مان سيڪريٽري ٿيس، تڏهن به اهو
سلسلو قائم رهيو. اسان پهرن جا پهر روح رهاڻ ڪندا
هئاسون؛ انهن ڪچهريون جي ڳالهين مان مون اهو تجزيو
ڪيو ته گرامي صاحب بنيادي طرح سخت مذهبي ماڻهو هو.
تصوف ۽ روحانيت سان سان سندس روح واسيل هو. ان کان
علاوه هو صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو عاشق هو، ۽ سنڌ جي
عظمت جو ثنا خوان هو. پراڻي جڳ جا مذهبي ماڻهو، جن
انگريزن جي خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو،
خاص ڪري مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله
سنڌي، سي گرامي صاحب جي دل کي ويجها هئا. مولانا
سنڌيءَ سان ته هن کي بيحد عقيدت ۽ محبت هوندي هئي
۽ پاڻ کي روحاني طرح مولانا سنڌيءَ جي مڪتب فڪر
سان ملحق سمجهندو هو ۽ نشست برخاست ۽ آداب اطوار ۾
مولانا سنڌي ۽ مولانا آزاد جو طور طريقو اختيار
ڪندو هو.
گرامي صاحب پنهنجيءَ نجيءَ زندگيءَ ۾ بيحد دلچسپ ماڻهو هو. خوش
مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور. جنهن مجلس
۾ هوندو هو، اتي رنگ لايو ويٺو هوندو هو. وڏو زيرڪ
۽ ڏاهو ماڻهو هو. سندس طبيعت جي خلاف ڪا ڳالهه
هوندي هئي ته ڪوشش ڪندو هو ته ان کي کل خوشيءَ ۾
درگذر ڪري ڇڏي. بنيادي طرح سان جيڪا ڳالهه سندس
پوريءَ زندگيءَ ۽ شخصيت تي حاوي رهي، سا هيءَ هئي
ته هو مسڪين ماڻهو هو، ان ڪري هن جون تمنائون،
حسرتون ۽ اميدون سڀ مسڪينيءَ ۽ مجبوريءَ جي طابع
هونديون هيون. ان ڪري آءٌ گرامي صاحب جو اهو وڏي ۾
وڏو ڪمال ٿو سمجهان ته هن بي انتها مسڪينيءَ جي
باوجود پنهنجي سڄي ڄمار هڪ شانائتي نهج ۽ طريقي
سان گذاري. هن علم سان محبت ڪئي، ادب سان دل لاتي
۽ جيئن هڪ سچي پچي عالم جي شايان شان هوندو آهي،
تيئن انهن ڳالهين ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. هر
ماڻهوءَ کي سٺي لٽي پائڻ ۽ عيش آرام جي تمنا ٿئي
ٿي. لازمي طرح، گراميءَ صاحب غريب وٽ ڪڏهن ايترو
پئسو ڪونه ٿيو، جو سياري ۾ ڪو گرم ڪپڙو وٺي يا رڳو
هڪ نئون ڪوٽ سبائي سگهي. هر سال جڏهن سيارو ايندو
هو، ته پاڻ حيدرآباد جي بزار مان ولائتي نيلامي
ڪوٽ خريد ڪري وقت ٽپائيندو هو. گهر ۾
غلام محمد گرامي
سندس رهڻ جو جدا ڪمرو هوندو هو، ان ۾ هڪ پراڻو مٽ رکيو هوندو
هو. اهو ايترو پراڻو هو، جيتري گرامي صاحب جي عمر.
پاڻ سڄي عمر ان مٽ مان پاڻي پيتائين. مون ڪڏهن
ڪونه ڏٺو ته هن سانوڻ جي مند ۾ اهو مٽ اڇلائي،
نئون ڪورو مٽ وٺي، ٿڌي پاڻيءَ جي لذت ورتي هجي.
جنهن جاءِ ۾ سندس رهائش هئي، سا کيس هالن جي مخدوم
صاحب جي مهربانيءَ سان ملي هئي، سڄيءَ عمر ۾ کيس
ڪڏهن به اها سگهه ڪانه ٿي سگهي، جو پنهنجي ڪمري ۾
ڪتابن رکڻ لاءِ ڪي چڱا ڪٻاٽ خريد ڪري سگهي. ڀتين
تي ڪوڪا هڻائي، ڪاٺ جا تختا رکي، انهن جي مٿان
ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ڍڳ ڪندو ويندو هو. هو صحيح
معنيٰ ۾ مسڪين ماڻهو هو ۽ مسڪيني حال ۾ پوري زندگي
گذاريائين. ريڊيو تان تقريرن جي معاوضي طور يا
ڪڏهن ڪنهن ڪتاب لکڻ مان يا ڪنهن دوست احباب وٽان،
جيڪڏهن کيس چار پئسا ملندا هئا، ته اهي ٻچن ٻارن
جي ضرورت تي صرف ڪندو هو، يا وري ڪتابن ۽ رسالن جي
خريداريءَ تي، کيس راڳ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. مون
سان جيڪي سندس ڪچهريون ٿينديون هيون، تن ۾ ڪلاڪن
جا ڪلاڪ راڳ جي موضوع تي ڳالهائيندو هو. سنڌ جي
اڳوڻن گوين ۽ ڀڳتن جي گائڪيءَ جي باري ۾ پهرن جا
پهر ڳالهائيندو هو. کيس راڳ سان گڏ کاڌي جو شوق به
هوندو هو. انهيءَ باري ۾ سندس يار دوست کيس گهڻو
پٽائيندا هئا. سندس کاڌي کائڻ جا ڪيئي نقل نظير
آهن، پر سڀ کان عمدا يا جناب مخدوم صاحب جن کان
ٻڌي سگهبا، يا مرحوم نواب نور احمد لغاري ٻڌائيندو
هو.
غريب ماڻهوءَ جي زندگي پٽ کوهه ۾ گذري ٿي. پر جيڏي پٽ کوهه سنڌي
اديب کي ڪرڻي پوي ٿي، اوتري آءٌ ڀانيان ٿو ته مشڪل
سان ٻين ٻولين جي اديبن کي ڪرڻي پوندي هوندي. پر
انهيءَ ساريءَ پٽ کوهه جي باوجود گرامي صاحب هر
ڪنهن سان ياري نڀائي، ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي علم ۽
ادب سان نڀائي. جنهن ڏينهن پاڻ وفات ڪيائين، ان
جي گذريل رات آڌيءَ تائين رسالي ”مهراڻ“ جا پروف
پڙهيائين، جي ناشاد سان گڏ پنهنجيءَ جاءِ تي ڏٺا
هئائين. پوءِ پنهنجن دوستن سان گڏ وڃي هڪ هوٽل تي
ويٺو، جتي ڪباب جي چهر ۽ ڪچهري هلندي رهي. رات جو
دير دير سان دستور موجب پنهنجي گهر پهتو ۽ ڪمري ۾
وڃي سمهي رهيو. صبح جو سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽاف جا
ماڻهو دستور موجب گاڏي ڪاهي وٽس ويا، جن سان گڏ
آفيس هلڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. پر ارادو بدلائي ساڻن
شڪايت ڪيائين ته پيٽ ۾ ٿورو سور آهي، سو اوهان هلو
ته آءٌ پٺيان اچان ٿو. پنهنجي پٽيوالي کي البت
روڪي ڇڏيائين. اسٽاف جا ماڻهو هليا ويا. پٽيوالي
کي پنهنجيءَ ڪنهن تقرير جي چيڪ وٺڻ لاءِ ريڊيو تي
موڪليائين. پاڻ سوڍا جي بوتل پي ۽ ننڊ جي دوا کائي
ليٽي پيو. ڪجهه دير کان پوءِ پٽيوالو اچي ڏسي ته
ڪمري جي اڳيان صحن ۾ گرامي صاحب پٽ تي ڪريو پيو
آهي. کيس کڻي کٽ تي سمهاريائين ۽ ڊوڙي وڃي پاڙي
مان ڊاڪٽر کي وٺي آيو، جنهن چيوته شيءِ مالڪن کي
پهچي ويئي.
ان کان ٻه ڏهاڙا اڳ منهنجي ساڻس بورڊ جي آفيس اڳيان ملاقات ٿي
هئي. منهنجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسلر
مقرر ٿيڻ بابت پهرن جا پهر مون سان گفتگو ڪندو
رهندو هو: ”تون يونيورسٽيءَ ۾ وڃين ٿو، هتي بورڊ ۾
پيٺيان ڪم ڪيئن هلندو، وغير وغيره“. يونيورسٽيءَ ۾
گهڻي ڪم سبب آءٌ صبح جو سوير اوڏانهن هليو ويندو
هوس ۽ ٻه اڍائي بجي بورڊ ۾ موٽي ايندو هوس، ان ڪري
پوين ڏينهن ۾ اسان کي دلجمعيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جو
موقعو نه مليو. جنهن ڏينهن گرامي صاحب هي جهان
ڇڏيو، انهيءَ جي اڳين ڏهاڙي تي صبح جو آءٌ بورڊ جي
آفيس ۾ ٿورو ڪم ڪار لاهي، يونيورسٽي وڃڻ وارو هئس
ته ايتري ۾ شهر مان بورڊ جي اسٽاف گاڏي آئي ۽ سڀ
کان اول گرامي صاحب هيٺ لٿو. ڀاڪر پائي چيائين:”
ادا، ڪاڏي ٿو وڃين؟“ مون چيو ته ” يونيورسٽي ٿو
وڃيان.“ ڏک مان چيائين ” گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن.
پاڻ ڪچهري ئي ڪانه ڪئي آ. توکي يونيورسٽيءَ جي پٽ
کوهه لڳي پئي آهي. اُتي تو وٽ منهنجو اچڻ ڪونه ٿو
ٿئي“. مون چيو ”آءٌ اڄ يارهين ساڍي يارهين ڌاران
ڪم ختم ڪري موٽي اچان ٿو، پوءِ پاڻ ڪچهري ڪريون
ٿا.“ قسمت ۾ اها ڪچهري لکيل ڪانه هئي. ٻئي ڏينهن
فون تي مون کي اطلاع مليوته جوڳيءَ جوءِ ڇڏي ويا.
خبر ٻڌي زمين پيرن هيٺان نڪري ويئي! انهيءَ مهل مان يونيورسٽيءَ
واري آفيس ۾ ويٺو هوس _ اداس اداس، زخمي دل ۽ ڀنل
اکڙين سارو ڏينهن گذاري، شام جو گرامي صاحب جي
رهائشگاهه تي پهتس ته دوستن کي هڪ مسئلي ۾ منجهيل
ڏٺم. عام رايو هو ته گرامي صاحب کي سنڌ جي هر
دلعزيز بادشاهه غلام شاهه ڪلهوڙي جي اوسي پاسي ۾
قبر جي جاءِ ملي. پر محڪمه آثار قديمه وارن کي ان
ڳالهه تي اعتراض هو. مان اها صورتحال ڏسي شيخ علي
محمد صاحب کي ساڻ ڪري حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ
هليو ويس. هن اسان جي ڳالهه ٻڌي، هر طرح جي مدد جو
يقين ڏياريو ۽ چيو ته اوهان همت ڪري، غلام شاهه جي
مقبري جي اوسي پاسي مناسب هنڌ تي گرامي صاحب جي
آخري آرام گاهه جو انتظام ڪيو. ڪنهن جي به پرواهه
نه ڪيو. مان ويٺو آهيان. چنانچ اسان آثار قديمه
وارن کي نظر انداز ڪري، گرامي صاحب لاءِ غلام شاهه
جي پاسي ۾ جاءِ ڳولي ورتي، جتي هو هاڻي ابدي آرام
۾ آهي. مهينو ماسو گذريو ته سندس نينگر شبير پير
ڀري آيو ته ”چاچا مون کي پوليس يا آبڪاريءَ ۾ سب
انسپيڪٽري وٺي ڏي.“ اها ڳالهه منهنجي وس ۾ ڪانه
هئي. ادبي بورڊ ڇڏي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾
آيس ته پهريون ڪم اهو ڪيم ته گرامي صاحب جي اهليه
محترمه لاءِ ماهوار ادبي پينشن منظور ڪرايم. اها
هاڻي غمزده خاندان کي ٿوري گهڻي ڪم ايندي هوندي.
پر گرامي صاحب جو فرزند شبير غالباً اڃا تائين
بيروزگار ويٺو آهي. سنڌ ۾ اڄڪلهه وڏي لهر آهي. پر
دعا آهي ته خدا اهو ڏينهن به آڻي، جڏهن سنڌي
پنهنجن محسنن کي سڃاڻڻ ۽ ياد ڪرڻ جي پاڻ ۾ شناس
پيدا ڪن ۽ گرامي صاحب جهڙن گوهرن جي ٻچڙن جي
سارسنڀال لهي. |