سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:درويش
وتايو فقير |
باب-- |
صفحو :5 |
مريم مجيدي
وتايو وير
جي مون مُوڙهي مِت، ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين
اصل اَواين جا عيب ڍَڪي تون اَت
اِي پرين تنهنجي پت، جيئن وِلهيون ڍَڪين
وَلها.
اُلاّ ڏاهي ۾ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسين
مون سان مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا
(شاه)
ڪلهوڙا شاه عنايت سان ڪيل اَبياءُ جي عيوض
پنهنجو راڄ ۽ ڀاڳ وڃائي چڪا آهن.
ميرن جي صاحبي جا پهريان ڪرڻا، سنڌ سونهاري جي
وسين واهڻن، ڳوٺن ڳلين، شهرن برن، پڊن پوٺن ۽
گهيڙن گهٽين کي سوجهري جي نور ۾ وهنجاري رهيا
آهن. سنڌ جي سوني تخت تي ٽالپر سردارن جي
پهرين چوياري جي چانڊاڻ آهي.
1781ع واري هالاڻي جي ويڙهه ۾، سنڌ امڙ جي
سيني تي پنهنجي وياءُ جي ڪوس جا گهاءُ اڃا چڪي
رهيا آهن ۽ ماءُ مٺيءُ کي پنهنجي باقي بچيل
ٻچڙن جي آئندي جي به اون آهي. مطلب ته سنڌ جي
ساري وايو منڊل تي هڪ ڳجهو ۽ اڻ چٽو ڊپ ۽ هراس
ڇانيل آهي. ڇا ٿيندو ۽ ڇا نه ٿيندو جا الڪا ۽
اڊڪا سنڌ جي فضائن ۾ الجهيل آهن.
انهي سمي سنڌ جي تخت گاه کان اٽڪل ويهارو ميل
پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ تاج پور ۾ هڪ پورهيت هندو
کتري جي گهر ۾ جنم ٿئي ٿو پنهنجي وقت جي تمام
وڏي ڏاهي، سچار ۽ سگهاري سگهڙ ”وتائي وير“ جو.
اتهاس جا ڄاڻو وتائي کي سندس جوڀن وارن ڏينهن
۾ تاج پور مان لڏائي، نصرپور ۾ آڻي، ڪلمون
پڙهائي، کيس وتائي مان ”شيخ طاهر“ بنائين ٿا ۽
ان جو ڪارڻ وتائي جو دين ڏانهن روحاني لاڙو
ٻڌائين ٿا. پر سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اتهاس
رچيندڙن جي مت مان اها ڳالهه کسڪي ويئي آهي ته
وتايو، جيڪو سڃاڻپ جو سرموڙ آهي، جيڪو پنهنجن
گفتن ۽ نڪتن کي رومال ۾ ويڙهڻ جو ڪاريگر، ۽
ٻين کي ته ڇڏيو پر الله پاڪ کان به کل ئي کل ۾
بازيون کڻي وڃڻ وارو، سو کانئن ته سموري موڙي
ميڙيندي مهل ئي ڪين ڪندو.
منهنجي خيال ۾ ته وتائي وير جي ان مذهبي مٽاءَ
۾ به هڪ ڳوڙهو ڳجهه سمايل آهي. هو پاڻ ڄاڻي ٿو
ته جتي ۽ جنهن راڄ ۾ واڻئي جو رڳو گهوڙي تي
چڙهڻ به ٿر کي ٿيلهو آهي، اتي ان راڄ ۾ هڪ
هندو جي الله سائين سان حجت ڪرڻ جي سهپ ڪٿان
ايندي! تنهن ڪري خيال ٿو ڪري ته وٺجي آڙ اسلام
جي، جو کِل به رچي ۽ کَل به بچي؛ ان لاءِ ته
سياڻپ جا اهي سبق ڏيئي وڃجن جو هنن جون
پيڙهيون ۽ پريون به پييون ياد ڪن!
جن تاريخدانن ۽ اتهاس جي ڄاڻن موجب وتائي
وريام ڌرم کي تياڳي دين جي دولت مان جهولي ان
ڪري ڀري آهي ته آخرت ۾ اهي دولت جا داڻا آجپو
ڏياريندا يا جنت ۾ وڃي ڪو رتول جوڙائيندا.
ائين سمجهڻ وارا اتهاسڪ اڻ ڄاڻائي جي اونده ۾
هٿوراڙيون ٿا هڻن.
حقيقت ۾ وتائي وير جو اهو ويس رڳو ارڏن ۽
اڻانگن اکرن کي آساني سان اَلائڻ لاءِ ئي
اوڍيل آهي.
وتايو سگهڙپائي ۽ سياڻپ ۾ سمورن سگهڙن ۽ سياڻن
جو سرهيال آهي ۽ اها ڄاڻ اسان کي سندس دانائي
جي گفتن ۽ نڪتن مان ملي ٿي. اسان وٽ عام چوڻي
آهي ته:
سون پرکي ڪسوٽي، چاندي پرکي باه
ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪجهه ڳالهاءِ
جڏهن وتايو ڳالهائي ٿو، تڏهن سندس فڪر ۽ فهم
کي ماپڻ ۽ ڪٿڻ لاءِ ڏاهپ ۽ دانش جون جوڙيل
سموريون ڪسوٽيون ڪوڙيون ۽ کوٽيون ثابت ٿيو
پون.
وتايو پاڻ کي چريو کريو ٿو چوائي ته ڀلي پيو
چوائي ۽ ٻيا تاريخدان ۽ اتهاس جا استاد کيس
مست ۽ مجذوب ڪوٺين ته سندن مرضي، پر انهن
ڳالهين جي مڃتا لاءِ مون ۾ اهڙي سگهه نه آهي،
جنهن جي سڃاڻپ ۽ سڄاڻتائي جون ڀيرون هن ڀلاري
ڀونءَ جي هر ڀت ۽ ڇت هيٺ پييون وڄن، تنهن کي
چرئي سمهڻ جي چريائي ٻيو ڪو ڪري ته ڀلي ڪري،
پر پاڻان نه پڄي.
وتائي پاڻ تي جيڪي فقيري ۽ اٻوجهائي جا اوڇڻ
اوڍيا آهن، انهن ۾ به ڏاهپ ۽ ڏانءُ لڪل آهي.
وتايو فقير جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪري ته سندس حشر
به شاه عنايت صوفي جهڙو ٿو ٿئي- نه ڪفر جي
فتوائن کان ٿو بچي ۽ نه وري مذهبي ماڻهن جي جٺ
ڦٺ مان ئي جان ڇڏائي ٿو سگهي. جي وري انهن ڏچن
۾ ٿو پوي ته سندس مقصد مشن اڌورو ۽ اڻ پورو
رهجي ٿو وڃي.
وتايو اهو وينجهار آهي جيڪو عقل هوش ۽ سُڌ ٻُڌ
جا موتي ونڌي ٿو ۽ سموري سنسار کي سياڻپ جون
سُتيون ڏيندي ڪيترن ئي ڳوڙهن ڳجهن جون چٽايون
ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته دوزخ جا ٻارڻ به هتان
ئي انسان پاڻ سان کنيو ٿو وڃي ۽ عذابن جو
گهڙيندڙ الله پاڪ نه پر انسان پاڻ آهي. رب پاڪ
پنهنجي مرضي سان ڪنهن کي به ڏک ۽ ڏهاڳ نه ٿو
ڏي، پر انسان پنهنجي اِڇا ۽ اعمال پٽاندر انهن
۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو.
وتايو وينجهار رڳو تاج پور، نصرپور يا ولهار
پرڳڻي جي رهاڪن کي کلائڻ ۽ وندرائڻ ڪونه آيو
آهي، پر انهن اٽڪلن ۽ عملن وسيلي سموري سنڌ جي
ماڻهن کي مُرڪي ۽ مشڪي ڏکين ۽ اڻانگين حالتن
کي ٽارڻ ۽ گهارڻ جون اڻ ملهائتيون پٽيون
پڙهائڻ پڻ آيو آهي، جيئن اُهي دنيا جي مڙني
ڏکاين کي مڙس ٿي منهن ڏين، ۽ سڀئي سنڌ واسي
حياتي جي هيبتناڪ حالتن مان کلندي ڪُڏندي، ٽهڪ
ڏيندي سورهه انسانن جيان اُڪري وڃن: ڇو ته سخت
حالتن ۾ رئندڙ ۽ پٽيندڙ ماڻهو پنهنجو ماڳ ته
ماڳ پر پنهنجو پاڻ به وڃائي ويهندا آهن.
وتائي انسان کي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ جو جيڪو ڏس
ڏنو آهي ان ۾ به ڪيڏي نه دانائي سمايل آهي.
گڏه جيڪو سندس ڳئون جو گاه کائي وڃي ٿو، ان کي
پاڻ هٿيڪو ڪرڻ- يا سندس مالڪ کي چئي روڪائڻ جي
بدران الله سائين کي ٻاڏائي ٿو ته ”مُئي گڏه
کي مار!“ پر سندس پٽ ۽ پاراتو سندس ئي ڳئون
مٿي وڃي ڪري ٿو. تڏهن وتايو ڪنن ۾ هٿ وجهي سڄي
جهان ۾ هوڪو بيٺو ڏي ته: ”الله ٻڌي برابر ٿو
پر سمجهي ڪونه ٿو“ تنهن ڪري هرڪو پنهنجي سمجهه
کان پاڻ ڪم وٺي ۽ نقصان کان بچڻ جو اپاءُ پاڻ
ڪري. اکين ڏٺو نقصان ٿيندو ڏسي الله تي ڀاڙي
ويهي رهڻ به ڀورڙائي آهي.
ضروري ڪونهي ته الله جا فيصلا ماڻهو جي منشا
مطابق ٿين. هو مرضي جو مالڪ آهي ۽ سندس ڪرڻي
ڪنهن به انسان جي مرضي سان ٻڌل ڪانهي. موت ۽
حياتي انسان جي اختيار ۾ نه آهي، پر زندگي
ڪهڙي ريت گهارجي اهو البت انسان جي هٿ وس آهي:
وڻيس ته ماني پچائي، وڻيس ته ڀت رڌي. باقي موت
يا زندگي جي معاملي ۾ انسان کي هر حال ۾ رب جي
رضا تي راضي رهڻ گهرجي.
سندس ڪرڻي تي احتجاج يا واويلا ڪرڻ جو وتائي
وٽ ڪو ويچار ئي ڪونهي.
جڏهن سندس پياري ڍڳي جي مرڻ تي ماڻس روڄ راڙو
ٿي ڪري ته وتايو سندس وات تي هٿ رکندي چويس ٿو
ته ڀاڳن ڀري، چپ ڪر متان وري الله سائين
ڪاوڙجي ڏوڌ به نه وصول ڪريئي.
وري وتائي جا پار ته ڏسو! سندس دوستي جو دم ته
پروڙيو. حجت جي به ڪا حد ٿيندي آهي. بندي ۽
باري تعاليٰ ۾ به ڪو سنڌو سيڙهو ٿيندو آهي. هو
پاڻ کي خدا جو ماڻهو ٿو چوائي. خدا کي ڄڻ
پنهنجي گهر جو سرهيال ٿو سمجهي. ننڍن ٻارن
جيان کيٽا ٿو ڪري. گويا خدا به ڏٺو اٿس ته خدا
جي گهر جو به پتو اٿس ۽ خدا جي سخا کان به
واقف آهي. وٽس گهر ۾ ان کٽي ويو آهي ته پنو ۽
قلم کڻي، مسجد ۾ گهڙي، منبر تي چڙهي، الله
سائين کي چوي پيو ته: ”جي کٽو هُجين ته هت
صحيح ڏي، نه ته اَن ڏي“! ڏسو ته رونشي رونشي ۾
وتايو ڪيئن نه سڄي جڳ کي خدا جي جي هرهنڌ حاضر
۽ پالڻهار هجڻ جي ساڃاه پيو ڏي! وتايو وريام
نه رڳو پنهنجي وقت جي مذهبي دڪاندارن، جڙتو
ملن ۽ پاڻ هرتُو پيرن جي سڃاڻپ پيو ڪرائي، پر
جڳن جي سموري جيون کي انهن جي افعالن جي ڄاڻ
پيو ڏي ته جيڪي ماڻهو عبادت ۾ الله کي پاسيرو
رکي دنيوي مفادن يعني ڍڳي جا ڳولائو آهن، تن
جي پويان نماز به نه پڙهجي.
وتائي جو سمورو جيون توڪل جي ترهي تي گذري ٿو.
نه کيس اڄ جي اون آهي ۽ صبحاڻي جو اُلڪو. اڄ
به الله ڏنو آهي، صبحاڻي به اهو ئي ڏيندو.
هلندي جيڪڏهن رپيو جڙيس ٿو ته ان کي به پاڻ تي
بوجهه سمهي ڦٽو ڪري ڇڏي ٿو.
هو هوند کان پري ۽ اڻ هوند کي ويجهو آهي. سندس
ويساه آهي ته جنهن ساه ڏنو آهي سو گراه به
ڏيندو. ان ڳالهه جي پرک ڪيترائي ڀيرا ماڻهن کي
وٺي ڏيکاري ٿو ته ڪيئن نه ٿورڙي چرپر ڪرڻ يعني
کنگهڻ تي سندس لاءِ خومچا ڀرجي ٿا اچن.
وتايو وير سادگي کي نعمت ۽ سچائي کي برڪت ٿو
ڀانئي. پنهنجي ۾ ئي پورو، نه ڪنهن جي پنجن ۾
نه ڪنهن جي پندرهن ۾. نه ڪنهن جي ڇيڙي ۾ نه
نبيري ۾، رڳو پنهنجي ئي ڌُن ۾ مست، جيڏانهن
ڪنڌ تيڏانهن پنڌ. اڄ هتي صبحاڻي هتي. ڪڏهن گهر
۾ ته ڪڏهن مسجد ۾_ مطلب ته هي بنهه سادگي ۽
سچائي سان، سياڻائي ۽ ڏاهپ جو وَکر ڪل جڳ ۾
ونڊيندو ۽ ورهائيندو رهي ٿو ۽ مڙني سنساري
ڳُجهن بابت ساڃاءِ ۽ سرت ڏيندو رهندو ٿو وتي.
وتايو انسانن ۾ مڙني چڱاين ۽ براين جي سببن ۽
جراثيمن کي چرچي ۽ مزاح جي مائيڪرو اسڪوپ تي
تمام چٽائي سان ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڏانءُ سان
مالامال آهي.
مايا جي موه ۽ پيسي جي پيار کي جتي دنيا جي
سمورن مذهبن جي پيغمبرن ۽ ڏاهن، انسانن جي
چڱاين لاءِ هاڃيڪار ڄاڻايو آهي، اتي سدوري سنڌ
جي پيار ۽ سچائي جي پيغمبر، سنڌ جي سادن ۽
سٻاجهن ماڻهن کي پڻ تمام سادگي ۽ سٻاجهائي سان
مايا موهه کان پري رهڻ جا سون ورنا سبق ڏنا
آهن. سندس مشاهدي ۾ دنيا جي مايا موهي ماڻهن
وٽ الله پاڪ جو مان هڪ رپئي_ يا_ ڦٿل گدري
جيترو مس آهي. مايا موهي انسانن کي سڌاري جو
اهڙو زورائتو چهبڪ وتائي کان سواءِ ٻئي ڪنهن
کي هڻڻ جي اٽڪل ئي ڪانهي. وتايو تمام اڪابرن
جو اڳواڻ ۽ امام آهي. سندس هر رمز ۾ هڪ وڏو
راز لڪل آهي. پر ان کي ڪير پرکي ۽ پروڙي به
سگهي.
وتايو وريام اڄ به وقت جي گهڻ ڄاڻ ماڻهن کي
نينڊ ٿو ڏي ته مون کي چريو ۽ مست سمجهڻ وارا
دانش وَرو! ڪجهه سڃاڻپ جون اکيون به ڌاريو. نه
ته ماڻهن کي متين ڏيڻ لاءِ مرڻ يا ڪشٽ ڪاٽڻ
مان ڪهڙو فائدو؟ اُتي مرجي ئي ڇو جتي سڃاڻپ نه
هجي! يا وري جن لاءِ مرجي اُهي ڪانڌي ته نه
ٿين، ٻيڻو ڏچو پيدا ڪري، ميت جي مٽي به رلائي
ڇڏين.
وتائي جي اها نينڊ اڄوڪن ساهت جي سرواڻن،
محققن، عالمن ۽ اتهاس جي جاکوڙين لاءِ ڪوٺ آهي
ته وتائي سان لاڳاپيل مڙني ڳالهين جي سچيتي ۽
سيبتي کوجنا پٽاندر وتائي وريام جي ماڳن
مڪانن، گسن پنڌن، ٻولن قولن، نقلن ۽ نظيرن جا
انگ اکر چٽا ڪري پاڻ تان ۽ پنهنجن پيڙهين تان
وتائي جي لهڻي جو بار هلڪو ڪن.
آخر ۾ وري به ورجائجي ٿو ته وتايو جي سياڻپ،
سڄاڻتائي، سچائي ۽ سگهڙپائي جو نه رڳو سج جهڙو
اڇو اُجرو ۽ اڻ مٽ نشان آهي، پر سنڌ جي سڀيتا
۽ ساهت جي سدا سهاڳڻ ڪنوار جي لالي هاڻن لبن
جي اُها مرڪ ۽ مشڪ به آهي، جنهن ۾ صدين جي سک
شانتي، وندر ۽ ورونهن جي سڳنڌ سمايل آهي.
سير سراڙي سان جي اُڪرن
تن کي ٻوڙيندي ڇا کڏ
گوءِ کڻن ٿا ميدانن ۾
ڪٿ ڪٿ ڏاهن کان پڻ ڏڏ
(م.م)
___
آءٌ ڪنهن جي پٺيان نماز پڙهان
هڪ ڏينهن وتايو فقير مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو.
پيش امام نماز پڙهڻ لڳو. فقير ٿوري وقت بعد
هري هري ٿي صف مان نڪري وڃي جدا نماز پڙهڻ
بيٺو. نماز بعد ماڻهن چيس ته: تو جماعت سان
نماز ڇو نه پڙهي؟ فقير چيو: آءٌ ڪنهن جي پٺيان
نماز پڙهان؟ آخوند ويچاري پئي ڍڳي ڳولي، پوءِ
چيم ته هاڻ پنهنجي ٻاريان، ٻيو هن مان ڪونه
وريو. تنهن ڪري وڃي جدا نماز پڙهيم.
محمد حسين ڪاشف
رچي جي ريٽو ٿيا
شعر ۽ سخن، سڄاڻائي ۽ ڏاهپ ۾ سنڌ ڌرتي جيڪي
هيرا ۽ املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ لطيف
رح ۽ وتائي جو نالو ۽ مقام مٿاهون آهي. ڇاڪاڻ
ته ٻئي سيلاني رهيا ۽ ٻنهي جو تعلق سماج ۽
سماج جي ماڻهوءَ سان نهايت سٻاجهو ۽ پيار ڀريو
رهيو. ٻنهين جي سماجي مطالع جا رخ الڳ هوندي
به انسان جو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ انسان کي
سماجي آلودگي مان ڪڍي کيس حقيقت سان ۽ حقايق
سان روشناس ڪرائڻ رهيو. اهو ئي سبب آهي هو
انهن بزرگن کي سنڌ جو “مزاج“ چئي سگهجي ٿو: هت
منهنجو مقصد لطيف ۽ وتائي جي ڀيٽ نه آهي، پر
مون ان جو اشارتاً ذڪر محض انهي ڪري ڪيو آهي
ته جيئن اسان کي وتائي جي تشخص ۽ هن جي سماجي
اهميت کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. ڇاڪاڻ ته اڪثر
ڪري وتائي فقير جي گفتن ۽ نڪتن کي خالي هڪ
پهاڪي ۽ مثال جي صورت ۾ بيان ڪري جنهن طريقي
سان نظرانداز ڪيو وڃي ٿو اهو غلط آهي. وتائي
فقير جي ڏاهپ ڀرين ڳالهين ۾ جيڪو سماجي عنصر
سمايل آهي، اهو ادب جي دنيا ۾ هڪ مستقل قدر ۽
فڪر جي حيثيت رکي ٿو؛ جنهن کي تاريخ جي ڪنهن
به دؤر ۾ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هن
ماڻهوءَ جي روح ۾ ليئو پائي ان جي ذهني ۽
سماجي گُهٽ ۽ ٻوسٽ کي محسوس ڪري ان کي گفتي جي
اوٽ ۾ نهايت نزاڪت سان پيش ڪيو آهي، جيڪو ادب
۽ احساس جي قدر کي متعين ڪري ٿو، ۽ ادب جي
اها حد جيڪا عبوديت جي دائري ۾ اچي ٿي، ان کي
اورانگهي انسان ۽ ان جي رشتي ۾ پاڻيني جو
احساس پيدا ڪري ٿو. وتايو فقير نه صرف سنڌ پر
دنيا جي ڏاهپ جو اڳواڻ آهي.
اهو بجاءِ آهي ته هن وٽ سقراط ۽ افلاطون جيان،
ارسطو ۽ فيثاغورث جيان فلسفي جا ڪليات ۽
مسلمات نه آهن. پر هن جو ذهن زندگي جي مطالعي،
ان جي حقيقتن ۽ انهن جي اپٽار ۾ هڪ نرالو
طريقو رکي ٿو، جيڪو فلسفي کان وڌيڪ آسان ۽
حقيقت کي سمجهڻ ۾ نهايت وڏو ڪم ڏئي ٿو سندس
گفتن ۾ سوچ ۽ سمجهه جو ۽ عقل ۽ ڏاهپ جو اهو
وکر ونڌيل آهي، جيڪو اڄ به اهڙو ئي املهه ۽
ماڻ وارو آهي جيترو ان وقت هو، ۽ آئنده به
رهندو.
وتايو فقير زندگي جي هر طبقي ۾ مقبول هو ۽
آهي. اهو انهي ڪري جو وٽس ماڻهوءَ جي حقيقت جي
اظهار جي زبان آهي. هو هڪ صوفي منش انسان هو.
نه هن پنهنجي ذات کي ورتو ته آءٌ هندو آهيان
يا مسلمان، پر هن جي آڏو صرف انسان ۽ ان جي
مشڪلات ۽ ان جو حل هو، ته اهو ٿيڻ گهرجي ۽ ان
جي هن شدت سان ضرورت محسوس ٿي ڪئي ته ماڻهوءَ
کي ماڻهپي جي ضرورت آهي ۽ کيس پنهنجو اهو حق
ملڻ گهرجي. اهو سماج هجي اندر جي يا خالق
ڪائنات آڏو هجي. سندس حجت جو انداز به محض
انهي ڪري رهيو، جنهن جي بنياد تي هن اهو واضح
ڪرڻ تي گهريو ته انسان پنهنجي حيثيت ۽ حقيقت
کي سمجهي، جيڪا هو سماج جي اندر آلودگي ۾ اچي
وڃائي ويٺو آهي؛ ۽ انهي تعلق کي خيرباد ڪريو
ويٺو آهي، جيڪو ازل کان هن جو پنهنجي پالڻهار
سان آهي. وتائي فقير علم ۽ تصوف جي گهواري
اگهم ڪوٽ ۾ اَک پٽيندي، اتي صحبتون ڪندي به
ڪنهن علمي يا صوفيانه مقام تي فائز نه ٿيو؟
اهو هڪ سوال آهي. جڏهن ته وتائي فقير جي انهن
صحبتن ۽ سلوڪ جي مجلسن ۾ شرڪت جو ذڪر اسان کي
ڪتابن ۽ روايتن ۾ ملي ٿو.
انسان جي اصلاح لاءِ قدرت مختلف طريقا مقرر
ڪيا آهن. وتائي بجاءِ منبر ۽ مسجد جي استعمال
۽ خانقاهه ۽ خرقه پوشي جي اختيار ڪرڻ جي هڪ
مخصوص طريقو استعمال ڪيو، جنهن ۾ هن حقيقت
شناسي، انسان شناسي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ لاءِ
”مزاح“ جي زبان ۽ ان جو طريقو استعمال ڪيو،
جنهن ۾ نه ته سڌي سنئين هجو آهي ۽ نه وري
نشترزني پر سندس هڪ عام گفتگو جو انداز آهي،
جيڪو سڄو چتر زباني تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ هي چار
نڪتا بکندا نظر اچن ٿا ته: صلاحيت صالحيت کان
سواءِ، عقل معقوليت کان سواءِ، بصارت بصيرت
کان سواءِ ۽ علم عرفان کان سواءِ ڪا حيثيت ۽
حقيقت نٿا رکن. اهي قدر جيڪڏهن پنهنجي انهي
ذاتي وصف يا ڪيفيت کان خالي آهن ته انهن جي
حيثيت سلبي آهي نه ايجابي. اهي قدر مثبت رويا
روپ ۾ انسان لاءِ تڏهين ڪم جهڙا ٿي سگهن ٿا
جڏهين اهي پنهنجي انهن صفتن سان متصف هجن. اهو
ئي سبب آهي جو وتايو فقير زندگي جي واردات ۽
علمي ڪيفيت مان گذرندي پوءِ ئي ان جو اظهار
ڪري ٿو. پنهنجي ان اطهار لاءِ هن ڪي به ڪليه
يا ٽپ استعمال نه ڪيا آهن پر سڌو سنئون حقيقت
جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان کي اهڙي منزل تي وٺي ٿو
جو ان ۾ ذات باري تعاليٰ سان پنهنجائپ جي جهلڪ
نظر اچي ٿي ۽ هو ان کي پنهنجو حق سمجهي
استعمال ڪري ٿو. اها نهايت وڏي ڳالهه آهي.
منصور اناالحق جو نعرو هڻي ٿو ته ڪفر جي فتويٰ
اچي ٿي. ”با يزيد بسطامي“ سبحاني ما اعظم شاني
چوي ٿو ته ٿرٿلو مچي وڃي ٿو. ليڪن وتايو ته ان
کان به اڳتي وڌي حجت ڪري ٿو جا هڪ ڪمال جي
ڳالهه آهي. وتائي انسان جي تعلق بالله واري
عنصر کي اتصال جي ڪيفيت ۽ غلو جي حد کان پري
ڪري عام سهپ واري اظهار جي انداز ۾ بيان ڪيو
آهي جيڪو سندس فڪري ڪمال آهي. هو انسان جي
قلبي بصيرت جو قائل آهي. ڇاڪاڻ ته ڪائنات ۾
هدايت جو عمل نفوس انساني جي اصلاح تي مدار
رکي ٿو. دنيا جي هر ريفامر ۽ ڏاهي وٽ اها
ڳالهه آهي. وتايو ماڻهو کي جسماني طور زنده
رهڻ سان گڏ قلبي طور زنده ڏسڻ گهري ٿو. جنهن
ڪري هن ٻين راهن کان هٽي ڪري اهو طريقو
استعمال ڪيو. وٽس شعور انساني مختلف التباسات
جي صورت ۾ اظهار پذير آهي.
انساني شعور کي عموماً وهبي تصور ڪيو وڃي ٿو.
ليڪن سماجي ارتقا جي نظرئي مطابق انسان جي ان
حاصلات لاءِ سندس تجربي ۽ مشاهدي کي ڪنهن به
صورت ۾ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. جيڪو سندس
زندگي ۾ اول کان وٺي آخر تائين ٻٽ رهي ٿو.
انسان پنهنجي شعور کي زندگي جي طويل تجربي بعد
حاصل ڪيو آهي. هن وقت اها ڳالهه خارج ازبحث
آهي. هت وتائي جي انهي شعوري بلندي جي سلسلي ۾
ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن درويش ڳالهه
مان ڳالهه ڪندي جيڪي گفتا ۽ نڪتا بيان ڪيا آهن
اهي لک لهن. جن کي هن پنهنجي شايد احساس ۽ سوچ
بعد بيان ڪيو آهي. جن ۾ سندس مخصوص مزاج
جهلڪندو ۽ جرڪندو نظر اچي ٿو. جنهن ۾ نه هو
پنهنجي ذات کي بخشي ٿو ۽ نه سماج کي نه وري
ذات واجب الوجود کي. وتايي جي انهي ڪيفيت کي
محسوس ڪندي، کيس مجذوب ڪوٺيو وڃي ٿو. حالانڪ
منهنجي خيال م اهو صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته
روحانيت ۽ ولايت ۾ مجذوبي ڪيفيت ٻن حصن ۾
تقسيم آهي: (الف) مجذوبي جي اها ڪيفيت جنهن ۾
صاحب جذب پنهنجو پاڻ کان ۽ دنيا و ما فيها کان
بي خبر هوندو آهي. نڪا جهوري جهنگ جي نڪا ثمر
سندي تات. لهي ته ڇو اڀري ته ڇو! هن جو ڪنهن
به ڪائناتي يا سماجي عمل سان ۽ تنزلات جي ان
سلسلي سان ڪو واسطو نه هوندو آهي. جيڪي
مدبراةالامر يا مقام احديت مان نزول ٿيندا
رهندا آهن. (ب) صاحب جذب جو ٻيو اهو مقام آهي
جنهن ۾ هو ڪائنات جي اندر پنهنجي عقلي توڙي
روحاني دائره اختيار انهن جي مرجعات ۽ مقتضيات
کي پاڻ ۾ حلول ڪري ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي واردات
کي پنهنجي ذات تان گذاري ان بعد ئي ان جو
اظهار ڪري ٿو. جت تصرف ۽ حجت روا آهي. وتايو
فقير مجذوبيت جي انهي مقام جو سيهوڳي هو. اهو
ئي سبب آهي جو سندس گفتن ۽ نڪتن ۾ جامعيت جو
پهلو آهي، جيڪو انسان کي اڳتي وڌي زندگي جي
مختلف زاوين بابت سوچڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ۽ اسان
کي سندس مزاج ۾ ان شعوري مزاج جو عنصر نظر اچي
ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس گفتن ۽ نڪتن ۾
حقيقت پسندي جي جهلڪ ۽ پرتوو آهي.
وتايو اسان جي سماجي زندگي جي هڪ علامت ۽ روح
آهي. هي اها علامت آهي جيڪا زندگي جي هر نڪتي
جي بهتر کان بهتر ترجماني ڪري ٿي. جنهن ۾ هُن
هِن سماج جي ڀرڪندڙ ۽ هيسائيل اُڃايل ۽ تڙپندڙ
روح جي ترجماني ڪئي آهي. جيڪو اڳ به ائين هو ۽
هاڻي به محتاج وقت آهي. وتائي جو اهو ورثو
اسان لاءِ فڪري توڙي عملي طور عظيم آهي، جنهن
تي اسين جيترو ناز ڪريون اوترو ٿورو آهي.
ڀنيءَ ڀڙڪا ڪن باهيون بيراڳين جون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا مٿي تن مچن
ملا سنساسين، جڙ لڳي جان ۾.
(شاهه)
عبدالله ورياه
وتائي
فقير جي صحيح سڃاڻپ
وتايو فقير ورهين کان سنڌ جي ماڻهن ۾ مشهور
رهيو آهي. سندس شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج
نه آهي. پر هن قسم جو هي پهريون سيمينار آهي،
جيڪو وتائي فقير جهڙي هڪ وساريل شخصيت بابت ٿي
رهيو آهي. مون کي به هن موقعي تي ڪجهه لکڻ
لاءِ چيو ويو هو. منهنجي لاءِ اهو مرحلو تمام
ڏکيو هو. سوچيم پئي ته سندس ڪهڙي پهلو بابت
لکان، ڇاڪاڻ ته مون هميشہ سنڌ جي تاريخ ۽ سڪن
بابت تحقيقي مقالا لکيا آهن. پر وتايو فقير
نڪي ڪنهن پرڳڻي جو حاڪم هو نه ئي هن ڪي سڪا
جاري ڪيا هئا، جن تي ڪو بحث ڪجي. ويچارو وتايو
ته هڪ الله وارو سادو ۽ سٻاجهڙو فقير هو، جنهن
پنهنجي سڄي زندگي انتهائي سادگي ۽ سچائي سان
گذاري عام ماڻهن لاءِ هڪ مثال پيدا ڪيو آهي.
سندس سڄي زندگي ۾ هڪ دفعو سڪي جو ذڪر اچي ٿو،
پر اهو سڪو (رپيو) به کيس واٽ هلندي لڌو هو.
پر ڦورن جي ڊپ کان وڻ جي پاڙ ۾ پوري ڇڏيائين.
موٽندي ان وڻ جي حالت ڏسي وري ڪڏهن به رپيو هٿ
ڪرڻ جي خواهش پيدا نه ٿيس ته متان سندس حالت
به ان وڻ جهڙي نه ٿئي، جنهن جون پاڙون ئي پٽيل
هيون. وتايو فقير ڌڻي تي توڪل رکندڙ هڪ لاطمع
انسان هو، جنهن کي ڌن دولت سان ڪا به محبت
ڪانه هئي. کوٽ ٽوٽ ۾ به بندن تي بار ٿيڻ بدران
مسجد جي منبر تي چڙهي پنهنجي پالڻهار کان
گهرندي ڏٺو ويو، جنهن کيس ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽
سدائين سندس مدد ڪئي.
وتايو فقير عام طرح سنڌ واسين ۾ هڪ چرچائي ۽
مسخري جي حيثيت ۾ مشهور ڪيو ويو آهي، پر اصل ۾
هو هڪ سادو، سٻاجهڙو، الله وارو فقير ۽ مجذوب
هو، جنهن پنهنجي قول ۽ فعل سان عام ماڻهن کي
اهڙيون ته اڻ ملهه ۽ بي بها ڳالهيون سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي، جن کي عام طرح ضخيم ڪتابن
لکڻ يا ڊگهيون تقريرون ڪرڻ سان عام ماڻهن جي
ذهن ۾ ويهارڻ انتهائي ڏکيو آهي.
سنڌ جي ماڻهن ۾ سندس سڃاڻپ سمجهو ۽ مشهور ٿيڻ
بعد ٿي. ان جو اهم ثبوت آهي ته وتايو فقير عام
طرح ڀوڳ ڪندڙ رواجي ماڻهو نه هو، جنهن جي
ٽوٽڪن کي ٻڌي ٽهڪڙا ڏيئي ٽاري ڇڏجي. بلڪ ضرورت
ان ڳالهه جي آهي، ته انهن نصيحت جي نڪتن کي
سمجهي انهن تي عمل ڪجي ۽ عام ماڻهن تائين سندس
پيغام پهچائجي. جيڪر سندس ٽوٽڪن ۽ نڪتن تي نظر
ڪبي ته معلوم ٿيندو ته پاڻ معاشري ۾ موجود
براين ۽ بدعتن جي خلاف آواز اٿاريندا ۽ عام
ماڻهن کي انهن کان آگاه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاء نه ٿيندو ته جهڙيءَ طرح
سنڌ واسين ۾ لطيف سائين جو مان ۽ مرتبو پنهنجو
مٽ پاڻ آهي ۽ ڪو به سنڌي اهڙو نه هوندو جنهن
کي شاه سائين جو ڪو بيت يا وائي ياد نه هجي.
ساڳئي نموني سنڌ ۾ رهندڙ ڪو به اهڙو ماڻهو نه
هوندو جنهن وتائي فقير جو نالو نه ٻڌو هجي يا
کيس ان بابت ڪو ٽوٽڪو ياد نه هجي. پر اڳتي هلي
ائين ٿيو ته هند سنڌ ۽ ايران افغانستان جي ڪن
ٻين ماڻهن سان منسوب واقعا ۽ ٽوٽڪا به سندس
نالي ۾ لکيا ويا. مختلف ماڻهن وتائي فقير جي
ٽوٽڪن کي هٿ ڪري ڇپايو پڻ آهي، پر انهن به وڌ
۾ وڌ کلائيندڙ نقل ڏنا آهن ته جيئن ڪتاب وڌيڪ
وڪامي، هنن جي ان سلسلي ۾ ڪابه ڇنڊڇاڻ ٿيل نه
هئي.
سنڌ ۾ وتائي فقير جو نالو ته ورهين کان ورجايو
پيو وڃي، پر سندس ڏاهپ ۽ سچائي واري شخصيت تي
اهڙا ته پردا پيل هئا، جن کي لکڻ جي خواهش جو
ڪٿان به اظهار نه ٿيو. اسين صرف اهو بحث ڪندا
رهياسين ته وتايو ت سان لکبو يا ط سان لکبو.
ٺٽي يا نصرپور جو رهندڙ هو يا اگهم ڪوٽ ۽
اڏيري لعل جو. هندو هو يا مسلمان هو، ڪلهوڙن
جي دور ۾ ٿي گذريو يا ٽالپرن جي دور ۾. پر اڄ
تائين انهن سڀني سوالن جا اڃا تائين ڪو پڪ
وارو جواب هٿ ٿي نه سگهيو آهي. بيشڪ اهي سڀ
ڳالهيون تحقيق طلب آهن ۽ انهن بابت ڪم ڪرڻ ۽
سندس نقلن ۾ موجود فلسفي ۽ پيغام کي عام ڪرڻ
اسان سڀني جو اولين فرض آهي، جنهن تي اسان سان
ڪنهن کي به ڪو اختلاف نه هئڻ گهرجي ۽ ان طريقي
سان ئي سنڌ جي هن اهم شخصيت جي صحيح سڃاڻپ ٿي
سگهندي. جنهن کي هن کان اڳ هميشہ نظر انداز
ڪيو ويو آهي ۽ صرف سندس ٽوٽڪن کي کلائڻ جو
ذريعو بنايو ويو هو.
مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هن سيمينار کان پوءِ
سنڌ جي ماڻهن ۾ اهو وتايو عام طرح ڄاتو سڃاتو
ويندو، جيڪو عقل ۽ ڏاهپ جي نشاني آهي ۽ هن طرف
توجه ڇڪائڻ لاءِ سنڌ جا عالم اديب ۽ عام ماڻهو
اسان جي پياري دوست عبدالقادر منگي کي به
هميشہ ياد رکندا، جنهن جي ڪوشش سان هيءَ محفل
متي آهي ۽ اسان کي سنڌ جي هڪ سڄاڻ جي صحيح
سڃاڻپ حاصل ٿي سگهي.
قلندر لڪياري
وتايو
فقير جو سماجي شعور
آدجڳاد کان اڄ تائين انساني تهذيب ڏکن ڏولاون
جي اوجهڙ مان پار نه پئجي سگهي آهي. دولت جو
درندو انسانيت کي چچريندو، چٿيندو، چيريندو،
ڦاڙيندو، ٽان ۾ ٽاڏون ڏيندو اڄ به من مستين ۾
مصروف آهي: طاغوت ان جو نالو آهي. هڪ لک
چوويهه هزار نبين، مجاهدن ۽ ولين، سياڻن ۽
سوچيندڙن الله اڪبر جون اذانون ڏنيون، لا
اِلله الاالله جو انقلابي علم بلند ڪيو.
سوريون سينگاريون، سعوبتون سٺيون پر انسانيت
انهيءَ ئي طرح (خداءِ واحد کان منهن موڙيندي)
دولت جي ديوتا اڳيان سربسجود آهي ۽ موذي جون
مهميزون سر تي سهندي اچي. دولت، طاغوتي تهذيب
جي معبود ۽ محور هوندي آهي ۽ ايوان اقتدار ان
جي عبادت گاهه رهي آهي. عزت ۽ احترام جو انعام
ان تي ايمان آڻيندڙن (۽ خدا سان ڪفر ڪندڙن)
لاءِ مخصوص رهيو آهي، جڏهن ته ڏک ڏولاوا،
ذلتون ۽ رسوائين ان سان ڪفر ڪندڙن (۽ خدا تي
ايمان آڻيندڙن) جي ئي پلئه پيا آهن. تڏهن به
ڪهڙا نه عجيب آهن هي قلندر ماڻهو، جي ”وهه
پسئو وهسن گهڻو“ چي: ”جو ورنهه وهاٽي سو سر
وٽ، سرو ساهنگو“ ڪُڏڪارا ڪريو وڃيو سوري
سينگارين، ”اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا“
چي: ”سي ڌڙ پسي سڌ ڪنهن ڀاڳي نه ٿئي“ ڪڙين ۽
ٻيڙين ۾ ڏک کان ڏوڙو سرور ملين. ”نير منهنجو
نينهن اجاري اڇوڪيو“ مطلب ته هنن مستن جا
معيار ئي پنهنجا: ”جا عمر، تو مل عيد، سا اسان
سُوء ورتي سومرا“
خدا رحمت کند اين عاشقان پاڪ طينت را
ته عرض پئي ڪيم ته انساني تهذيب جي سموري
تاريخ دراصل انهيءَ ئي ڪافرانه طاغوتي تهذيب
جي ڪارستانين بلڪ سياه ڪارين جي درديلي داستان
جو ئي نالو آهي: سمورا قديم آثار، ڪنارا ۽
ڪوٽ، دڙا ۽ ڀڙا، اِهرام ۽ عمارتون، محل ۽
ماڙيون، جن کي انسان پنهنجو سرمايهء صد افتخار
سڏيندي ڍاپي ئي ڪونه ٿو، انهيءَ ئي تهذيب جا
اهڃاڻ آهن جيڪا انساني بيگر، هيڻن جي هڏ ۽ چم،
رت ۽ ماس تي تعمير ٿيل آهي پر شيطان جي آنڊي
کان ڊگهي ۽ دانگيءَ جي پٺ کان ڪاري انهيءَ
اونداهي سفر ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو ڏيو يا ڏياٽي واُچن
۽ واچوڙن سان برسر پيڪار به پيا نظر ايندا:
ستيزه کار رها هي ازل سي تا امروز چراغ مصطفوي
سي شرار بولهبي هاڻي مان مٿاهون ڪنهن جو؟
چوڙيلين جي چؤنرن جو يا محلن ۽ ماڙين جو؟ سيڻن
جو يا سون جو؟
ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ هڪ انقلاب آندو. هڪ
معاشرو ترتيب ڏنو. هڪ تهذيب جاري ڪئي جنهن جو
بنياد طاغوت سان ڪفر ۽ الله تي ايمان تي هو.
هتي اقتدار جي صاحب سڄي عمر جهوپڙيءَ ۾ گذاري.
چتين لڳل لباس پهريندو فاقا ڪڍندو رهيو. سخت
پورهيو ڪري سخا جو درياءَ وهائيندو نوازيندو
رهيو.
ککيء هاڻيون کاريون ڇڇيء هاڻا ڇڄ
پاند جنين جي پاند سين لڳي ته ٿئي لڄ
سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين
به نبوي صه انقلاب وانگر لاجواب هئي:
سردارن کي ”تبت يدا ابي لهب وَ تب“جي ڪُن ۾
ڪيرايائين ته حبشي غلام کي سيدنا بلال جي رتبي
تي رسايائين:
کوء سميون، ٻن سومريون، جي اچن اُنچي ڳاٽ
ورسي ڪنجهر ڄاڻيون جن تماچي جي تات
راڻين ملا رات، ماڻڪ مي پرائيو.
پر طاغوت وري به صحتمند سيل (Cell)اندر
وائرس (Virus)
وانگر پيهي ويو ۽ اڌ صديء کان ٿورو ئي اڳيان
ڪٽاري ۽ ڪنڌ جي راند وري شروع ٿي. طاغوت جا
عبادت گاه-محل ۽ ماڙيون، دربارون ۽ دربان- وري
به اڏيا ۽ اُڀا ٿيا. شاه وگدا، محمود و اياز،
ڍاوا ۽ بکيا، ونهيا ۽ ولها، ڏاڍا ۽ هيڻا.
وري ويڇا وڌيا. اها ئي اُلٽي گنگا. اهو ئي ڪتي
جو پڇ اهائي ”جتي دي کوتي اُٿي آڻ کلوتي“ اڇو
پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن.
پر:
حبين هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
اهڙيءَ گهٽ ۽ ٻاٽ واريء فضا ۾ علماء حق صوفين
۽ مجاهدن جا قافلا طاغوتي ظاقت کي للڪاريندا،
حق جي علم کي بلند رکندا ۽ ”الفقرفخري“ جي
معيار کي قولاً ۽ عملاً زنده رکندا ۽ پکڙيندا
آيا. مزاحمت جي هيءَ تحريڪ
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي
اصل اسلامي فڪر جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ سلسله
فقراء تصنيفات، ملفوظات، شاعري علامات (Symbols)،
ريتن (Rituals)
وغيره جو هڪ وڏو خزانو ڇڏيو آهي:
واڄٽ ويراڳين جا مون وٽ وڏو مال
مقالا مهند ٿيا ڪونهي وٽن قال
حاصل جنين حال، آءٌ نه جيندي ان ري
اسين ننڍي هوندي وتائي فقير کي وتايو ولي به
ٻڌندا ۽ چوندا هئاسين سو هيءُ فقير به مجاهدن
جي انهيءَ سلسلي جو هڪ روشن ستارو آهي، جنهن
ڪن ٻين بزرگن وانگر وري صدين کان مروج عام
فهم، دلنشين، سادو ۽ سلوڻو ٽوٽڪائي طريقو
اختيار ڪيو، جيڪو کل ڀوڳ ۾ مقبول عام ٿي، اهل
زر ۽ اهل اقتدار جي (بظاهر) مضبوط قلعن ۽ ڪوٽن
۾ ناقابل مرمت ڏار وجهيو ڇڏي.
حضرات، آءٌ نه محقق آهيان نه تاريخدان، نه ئي
ڪو عالم يا دانشور (باقاعده لکڻ جي ابتدا به
هن ئي مهيني کان ڪئي اٿم ۽ هيءَ منهنجي ٻي
لکڻي آهي، جنهن کي مقالو به سڏجي يا نه، اهو
به اوهان تي ئي آهي) فقط هنن لائق صد احترام
بزرگن جو نالائق معتقد، بهرحال هن فقير جي
ٽوٽڪن مان مون کي اهائي سڳنڌ حاصل ٿي آهي جنهن
جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي.
وتائي فقير جي ٽوٽڪن مان هن جي پختي سياسي ۽
سماجي شعور جي پروڙ پوي ٿي. هن اهل دل بزرگ جي
حساس سيني ۾ ابن آدم لاءِ اٿاهه احترام ۽ پيار
آهي. جو انسان ۾ ”امر ربي“ ۽ ان نور جو جلوو
پسي ٿو جنهن هن کي ملائڪن جو مسجود بنايو هو.
ليڪن انهيءَ ئي انسان کي (ثم رددنٰہ اسفل
سافلين) هو غير الله دولت جي چائنٺ تي سجده
ريز ۽ نتيجتاً ذليل ۽ رسوا، جيئري ئي جهنم جي
عذاب ۾ مبتلا ڏسي سندس ئي چواڻي ته دوزخ ۾ ته
ٽانڊو آهي ئي ڪونه) هن جي من ۾ مانڌاڻ مچي ٿو،
اندر ۾ اڌما اٿن ٿا. وجود ۾ ولوڙ پوي ٿي، بي
چين ۽ بيقرار ٿي هو وڏي سڏ واڪا ڪري ٿو، صداءِ
احتجاج بلند ڪري ٿو.
رڃن ۾ رڙ ٿي ڪر ڪرڪي ڪونج
نعرو منجهه نڪونج، اي تان آه عشق جي
يا
جي هيان هوت پنهونء سين مون جيئن ملاقات
ٻانهن وجهي وات، ريهون ڪيان رڃ ۾
هڪ ماهر نباض وانگر هو انسان کي سندس سموري
پيڙا جي اصل سبب کان آگاهه ڪري ٿو ۽ ان جو
ڪامل ۽ شافي علاج ڏسي ٿو. ڪيڏي نه وڏي ڳالهه
ڪهڙي نه سادي پيرائي ۾ ڪري ٿو! ڪيڏو نه املهه
نسخو ڪيئن نه بي ملهو ڏئي ٿو!
طوالت جي خوف کان آءٌ هتي صرف سندس چند ٽوٽڪن
جي تشريح انهيءَ ئي پس منظر ۾ عرض رکندس.
فقير جي گدري خريد ڪرڻ واري ٽوٽڪي ۾ اسان جي
اسلامي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ٿو. خدا جي
نالي سڙيل گدرو ته ٽڪي ۾ وڏو ۽ پڪو! هتي تو
کان ته ٽڪي جو ملهه به مٿي آهي! فقير سور وچان
رڙ ڪئي. اُڀ ڏانهن آڱر سڃڻ اجائي. اسين ڪنهن
جي پوڄا ٿا ڪريون؟ خداءِ واحد جي يا زر جي؟
وري لڳي ڳوٺ کي باهه. فقير رلي ۽ تڏو، لوٽو ۽
لٺ کڻي وڃي ڊٻ تي ويٺو. ماءُ (جنهن جو ذهن
زماني سان هم آهنگ هو) کي سمجهائڻ جو هيءُ
سهڻو موقعو هو. ڪيئن مٿو کائي ڇڏيو هئي ته گهر
۾ به ڪو ڇلر ڇوڏو گڏ ڪريون! هاڻي ڏسين ٿي انهن
جا حال جن ميڙي چونڊي (حلال ۽ حرام جي تميز
وساري) کڻي ڍڳ ڪيا هئا؟ آهن نه نسوري ويل ۾؟ ۽
پاڻ ڪهڙا نه سکيا ۽ بي اونا ويٺا آهيون! مال و
دولت جي ڪوڙي خدا جي بيوفائي ۽ بي ثباتي جو
ڪهڙو نه سلوڻو سبق آهي؛ ۽ انسان ذات کي تنبيہ
ته سڄي آزار ۽ سڀني مصيبتن جي جڙ بيشڪ دولت ۽
فقط دولت ئي آهي. سڪون ۽ اطمينان آهي ته فقط
استغنيٰ ۾، توڪل ۾، ۽ انفاق في سبيل الله ۾
آهي.
فقير جو رپيو اڪ جي پاڙ ۾ پورڻ ۽ موٽندي ان جا
لاهه پٽيل ڏسي اطمينان جو ساهه کڻڻ وارو ٽوٽڪو
ڪيئن نه وڏي واڪي اسان کي زرپرستي جي خطرناڪ
انجام کان آگاهه ڪري ٿو! دولت آخرڪار لاهه
پٽيو ڇڏي. جيئن وڻ جو پاڙ کان رشتو ڪٽجي ويو
تيئن انسان جو به روح سان رشتو منقطع ڪريو
ڇڏي. پوءِ روحاني موت ڪيڏو نه برو آهي جسماني
موت کان! خود جسماني طور به دولتمند ڪيترن نه
خوفن ۽ خطرن ۾ گهيريل آهي! هو جڏهن شاهينگن جي
ور چڙهيو وڃي ته پوءِ سندس حال به انهيءَ اڪ
کان گهٽ ته ڪونه ٿو ٿئي نه؟
۽ پوءِ فقير چور جا پيرا کڻڻ ڇڏي، قبرستان ۾
وڃي ان جو اڳ جهلي ويهي رهيو. ”ايندو ته نيٺ
هتي نه؟“ هن نتيجو ڪڍيو ته اسين سڀئي چورئي ته
آهيون! (حلال حرام جو سنڌو وساري) حصول دولت
پٺيان سرگردان نه ڏينهن ڏسون نه رات. وساري
ڇڏيوسين پنهنجو ماڳ اتي ئي ته آخر موٽڻو آهي.
پوءِ گڏ ٿيل دولت مان گهڻو اڳتي کڻي وينداسين
۽ جيڪو ڪجهه ڪمايوسين ان جو حساب ڪتاب به ته
ڏيڻو آهي.
حميرن حساب، ڪوه ڄاڻان ڪيهو ٿيو
پوءِ جي هٿ هڻون ته
ڪائو ڪمايوم، موتي مرن نه وڻجئا
تنهن کان سياڻپ انهيءَ ۾ آهي ته:
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
ويچيندي ولات ۾ ذرو نه ٿئي ضاءِ
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳہ جنهن جي ابهين.
آهي ڪنهن ۾ همت جو وتائي وليءَ جون ڳالهيون
ٻڌي سگهي ۽ ٻڌائي سگهي!
پڻهين جو گهر هي آهي!
هڪ ڏينهن وتايو فقير پنهنجي گهر آيو ته ڏٺائين
ته دروازي جي ڀرسان هڪ ڇوڪر ويٺو ٽورو ڪري.
کائنس پڇيائين ته: ڇوڪرا، ڪنهن جو پٽ آهين؟
ڇوڪر جواب ڏنس: الله جو. تڏهن يڪدم ٻانهن ۾ هٿ
وجهي وٺي هلي مسجد جي در وٽ بيٺو. اتي چيائين
ته: ابا پراوا گهر هنگي نه وڃاءِ! پڻهين جو
گهر هي آهي.
(وتايو فقير)