سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:درويش
وتايو فقير |
باب-- |
صفحو :7 |
فضل احمد بچاڻي
وتائي جو فلسفو
[وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۾ رڳو بازاري ٽوٽڪا ۽
ڀوڳ نه آهن، بلڪ حڪمت جون ڳالهيون آهن. اسين
انهن مان ڪيئن جو ڪيئن ٿا معنائون ۽ مطلب
ڪڍون، مون هن سان ملاقات ڪري هن جي ڳالهين جي
حڪمت هن کان ئي معلوم ڪري هتي- لکي آهي.]
فقير صاحب کان سڀ کان پهريون سوال سندس خدا
سان حجت ۽ بي تڪلفيءَ واري پاليسيءَ بابت ڪيم.
هن وضاحت ڪندي چيو:
”بابا، خلقڻ وارو به هو، ڪرڻ ڪرائڻ وارو به
پاڻ، ته ڏيڻ وٺڻ وارو به پاڻ، جيڪي ڪجهه آهي
سو هن جي طرفان آهي. هو چوي ٿو ته عزت ذلت
وٽانس ئي آهي، جيڪا چڱائي هن مقرر ڪئي آهي سا
به بندي تائين پهچي رهندي ۽ جيڪي ڀوڳنائون
ڪنهن بندي لاءِ مقرر ڪيون اٿس سي به هن تائين
اوس پهچنديون. ته سو ڏک ڏولائي جي شڪايت ۽
معيار به هن کي نه ڏيندس ته ٻيو ڪنهن کي
ڏيندس. ڏک ڪي سک جي ڪنهن ٻئي کان ڀانيان ته
جيڪر مشرڪ ٿيان، ان ذري پرزي جي مهڻي ميار
لاءِ به ساڻس ئي ڀوڳ ڪندو آهيان. جي ڪنهن بندي
وٽان سک مليم ته شڪر به انهيءَ حق حقيقي هيڪڙي
جو ڪريان. جي ڪنهن مان ڏک پرايان ته به حجت
بازي ساڻس ئي ڪريان. مون کي ته ائين ڪندي نڪو
ڀئو ٿئي نڪو ڀولو، پاڻ گهڻي دلجاءِ ۽ آٿت
ڀايان. بندا ويچارا سڀ مجبور ۽ بي مياري سندس
قدرت جون ڪاٺ پتليون. انهن کي ڇو دڙڪا دهمان ۽
ڪُر ڪُر ڪجي. ٻيو هن سان رابطو ڳنڍڻ به اصل کن
پل جي ڳالهه، رڳو هٿ کڻڻ جي دير يا اڀ ڏانهن
منهن ڪرڻ جي. هن کي ٻڌڻ ٻڌائڻ به سولو، هو ٻڌي
به ٿو سهي به ٿو. نڪو تهتان ڪاوڙ ڪري، جيڪي
چئو سو ڦٻيو وڃي. بس“
”وڏو
FATALLITS
آهين فقير؟“
ڇا آهيان؟“
”وڏو تقدير پسند آهين“
”تقدير جي معنيٰ آهي الله جي مرضي، هاڻي ٻڌايو
ته الله جي مرضيءَ کي ڪنهن ٻئي جي مرضي ڪيئن
ڀانيان يا مڃان. يا ته الله کي ئي نه مڃان ته
پوءِ ڳالهه ٻي آهي. پر هن کي جو قالوابليٰ جو
قول ڏيئي ويٺو آهيان ته توڙ نڀائڻو اٿم. اڳتي
فيصلا هن تي آهن.“
”سچ پچ الله موجود آهي؟“
”آءٌ موجود آهيان، تون موجود آهين، اهو سمجهون
۽ مڃون ٿا ته پوءِ الله جو هئڻ ڪيئن نه
مڃنداسين. ڀلا انهيءَ سچ کان ڪيئن انڪاري ٿيان
ته ساه کڻان پيو، ڏسان پسان پيو، ڏسجان پسجان
پيو، تن ۽ من ۾ جي اڪيچار ڪيفيتون آهن، هي
ظاهر ۾ جي بي شمار شيون آهن، جي نه تو خلقيون
آهن نه مون، نه ڪنهن ٻئي اهڙي دعوى ڪئي؛ سڀ
شيون پنهنجي قاعدي تي پيون هلن، لونءَ لونءَ،
رڳ رڳ ۽ نس نس پئي هن جي هئڻ جي دعوى ڪري ته
ٻيلي مون کان ته انڪار نه ٿو پڄي. هن کان
سواءِ سري به نه ٿي. بندن ۾ ڪو اهڙو آهي جو
اُپائي ڏي، بلائون ٽاري ۽ ٻيا منهنجا انگل ۽
حجتون سهي؟ جهڙيون هن سان وات مستيون ڪيون اٿم
ڪنهن بندي سان ڪريان ها ته يا عمر ڪاٺ ۾
گذاريان ها.“
”فرعون شداد ۽ ٻين دعوى ڪئي ته هو خدا آهن.“
”اي بابا…ڇا جي دعوى ڇا جي خدائي، هنن وٽ
حڪومت هئي، ڏنڍو هو، موچڙو هو، تنهن جي زور
تي پيا ماڻهن ويچارن کان پاڻ تي ڪلمون
پڙهائيندا هئا، عام لوڪ ويچارو سهي جي کل جي
آچار، پادرن جي ڊپ کان پيو هنن جي آڏو سيس
نوائيندو هو. ٻيو بندو بي ايمان لوڀ ۾ اچيو
وڃي، اڄ ڏس ته ايمان وارا به مايا جي موهه ۾
سچي خدا کي ڇڏيو بيهن، فرعون وارن ته سچي خدا
کي ٻڌو ڏٺو به ڪونه هو، جيسين حضرت موسيٰ،
فرعون کي اچي پورو ڪيو. اهي ماڻهو نويڪلا
ٿيندا هئا ته انهن ئي زبردستي جي ڪوڙن خدائن
تي هڪڙي لعنت چاڙهيندا هئا ٻي لاهيندا هئا. هي
پاڻ وارو مُجيري پاڻ لڪايو پنهنجي صحابت نبين
جي وسيلي پاڻ کي سچو مالڪ مڃايو وڃي. وري ڪو
آهي اهڙو جو چوي ته اهو هو ڪونهي آءٌ آهيان.“
”ڪي ماڻهو تنهنجي نالي جي هجي بدلايو ويٺا آهن
۽ ان مان طرح طرح جون معنائون پيا ڪڍن ته
تنهنجو نالو تنهنجي ڪردار ۽ منصب جي لحاظ کان
وطايو رکيو ويو آهي. ڪي وري تنهنجي هندوءَ مان
مسلمان ٿيڻ تي ڪاوڙيل آهن ۽ لکن ٿا ته تون ڪو
هئين ئي ڪونه. ڪنهن ليکڪ جو فرضي ڪردار هئين.“
”چئبو ته مئي پڄاڻان به پچر نٿا ڇڏينم؟ ڀلا جي
بابو مرهيات جيئرو هجي ها ته پڇانس ها ته
منهنجي ڄمڻ تي ڪهڙا عربي ۽ فارسي ڪتاب ۽ فرهنگ
۽ لغتون کولي ڏٺيو هُئي ۽ منهنجي وڏي هوندي
جي افعالن جو به اڳواٽ اندازو ڪري نالو چونڊي
رکيئي؟ هاڻي هو ته ٿيو ٻئي جهان ۾-انهن قلم جي
صاحبن جي مرضي، گڏهه کي گهوڙو ۽ گهوڙي کي گڏهه
ثابت ڪرڻ انهن جو ئي ڪمال آهي. تڏهن به مون
قلم ڪاغذ سان اصل وهنوار رکيو ئي ڪونه. رهيا
اُهي جن جو ڌرم ڇڏي مسلمان ٿيس، سي جي چون ٿا
ته آءٌ ڪو هئس ئي ڪونه سي اڃا به چڱو ٿا ڪن،
اُهي انهن کان ته چڱا ئي ٿيا جيڪي منهنجو هئڻ
مڃي ڀانت ڀانت جا بهتان ٿا رکنم، گهوڙي مان
گدڙ ٿا بنائينم، ڳالهه جو ڳاٽو هي ته سڀني کي
شابس هجي.“
”هندو هئڻ ۽ مسلمان هئڻ ۾ ڪو فرق ڏٺئي فقير
صاحب؟“
”اڙي بابا گس جدا جدا آهن باقي ماڳ مڙيو ئي
هڪڙو آهي. هو رام چون هو رحمان کي پڪارين، سڏ
ٻنهي جو انهيءَ هڪڙي کي آهي. باقي اَنڌي
هاٿيءَ وارو مامرو آهي. هو به ويٺو تماشو ڏسي،
آخر ۾ هرڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي.“
”ڀلا ڍڳي ۽ گڏه واري ڳالهه ڪيئن ٿي؟“
”بس ير…ڳالهه ئي نه پڇ، ڏاڍو ارڏو آهي پاڻ
وارو ڏاتار. ازل جون آسون تاتي اها هڪڙي گابڙي
سندس نالي تي ملي هئم، تنهن کي تاتي وڏو ڪيم،
پيٽ کي پٽيون ٻڌي هن کي کارايم. راتيون اوجاڳا
ڪڍي هن جي سار لڌيم. اڃا لڳي به ڪانه هئي پر
ڍڳي سڏجڻ جهڙي اچي ٿي هئي، جو اهو نانگو نپٽو
گڏه اچي سندس گاه تي هريو. سئونٽا هڻي
ڀڄايانس، آڪيڙا ڏيانس، ڪُکن ۾ لتون هڻيو
ڪڍانس، پر آخر گڏه گڏه جو پٽ هو نه، نيٺ هڪ
ڏينهن موليٰ ۾ حجت ساري پاراتو ڏنومانس ته خدا
ڪندو ته صبح جو اٿندس ته تنهنجو لاش اتي ئي
پنهنجي در وٽ ڏسندس. پوءِ ڏٺئي ٻڌئي ته ڇا
ٿيو. جيئن هو مون سان سدائين ڪندو آهي، صبح جو
اٿي ڏسان ته اهائي منهنجي دادلي سڪيلڏي ڍڳي
ٽنگون ٽيڙيو پئي آهي ۽ اهو ڊول بڊاڙو گڏه لئه
سان بيٺو سندس گاهه چري ۽ ڀوڪرون هڻي. اندر
سڙي ويم، اتان ئي هڪڙو انڌو پينار اچي لنگهيو،
تنهن کي سڏ ڪري چيم ته فقير هن زناور کي هٿ
لائي ٻڌاءِ ته ڇا آهي. هن ڍڳيءَ تي هٿڙا ڦيري
ٻڌايو ته ڍڳي آهي. تڏهن رهي نه سگهيس ۽ منهن
مٿي ڪري ميار ڏنيمانس ته هن انڌي جيتري به
سڃاڻ ڪانه اٿئي ڇا؟ يا تو جو ملائڪ موڪليو سو
مون سان گـِدي ڪري ويو؟ بس بابا، سور ٿو ٿئي
ته اندر مان اهڙي دانهن نڪريو وڃي شل معاف
ڪري. آءٌ ڀانيان ٿو ته هن کي انهيءَ تان ڏمر
ٿيو ته مون سندس خلقيل هڪڙي ساهه واري کي
پاراتو ڇو ڏنو. اڃا به خير ٿيو جو اهو عزرائيل
ڍڳيءَ تي ئي گذارو ڪري ويو. جي منهنجي ئي مٿان
اچي بيهي ها ته ڀلا آءٌ هن بي نياز بادشاه کي
ڇا ڪريان ها؟ يا هن ڏٺو ته فقير ماڻهو وڃي مال
جي موهه ۾ ڦاٿو آهي، سو اها سيکت ڏئي ٿي مون
کي آجو ڪيائين. سو پنهنجون مصلحتون هو پاڻ
ڄاڻي.“
”هڪڙي پوليس واري کان به پنارو پيو هئو؟“
”هڪڙي ٻڪري جي ڳالهه آهي بابا! هتي ته ماڻهو
وک وک تي انهن جي آهيءَ ۾ اچيو وڃن. خدا شل
انهن جي پناري نه وجهي. خير ڳالهه آهي وري به
ٻاجهه واري جي ٻاجهه جي، جو مون سواري گهري ۽
هن سواريءَ جي ڦر کي مون تي سوار ڪري ڇڏيو.
اهي اٿئي هن قادر جا ڪم، ڀلا ڪير ڪڇي ڪير پڇي.
جهڙس ٻيو ڪو هجي ته ان کي دانهن ڏجي، سندس
عدالت کان ڪا مٿي عدالت هجي ته اتي پڪارجي!
آءٌ وس پڄاڻي ته هن کان ڪجهه گهرڻ جو ست ئي
ڪونه ساريان جو خبر اٿم ته چوندس هڪڙي ته ڪندو
ٻي، پر وري به گهرڻو ته هن کان آهي، بندو حجت
ساري آس رکي ڪجهه گهريو وٺي، پوءِ هن جي مرضي
چاهي ته پوليس جي پناري وجهي چاهي ڪنهن ٻئي
ڪاموري جي. اهي سپاهي به سندس ئي مقرر ٿيل
آهن. آخر ڪن سان ته دوزخ به ڀرڻو اٿس. هنن مون
کان بيگرون ورتيون، ٽلها کڻايا، بکون ڪڍرايون،
پر مون کان اها نه ٿي جو ڪنهن گبر جو ماڻهو
سڏائي جند ڇڏائي وڃان، ڀلي بک ڀرم جي شال نه
وڃي شان-بندي جو بندو سڏائڻ ۽ ان تي بانور ڪرڻ
واري تي حيف آهي. تن کان اهي بيگرون ڀليون“
”فقير سائين! اوهان هڪ ڀيري مينهن وسائي ڏنو
هو؟“
”اڙي بابا، بندي کي ڪهڙي طاقت جو هڪڙي ڦڙي به
وسائي. اها ڳالهه ئي ٻي هئي. ماڻهو مون وٽ
پيهي آيا ته فقير صاحب هيل مينهن ڪونه پيو
آهي، ڌرتي اڃايل آهي، سوڪهڙي جو اُڊڪو آهي،
تون دعا ڪر ته موليٰ مينهن وسائي. مون چيو مان
ته يارو اسين پاڻ ۾ ٺهون ڪونه، ڍڳي ۽ سواريءَ
جهڙا آزمودا پرائي ويٺو آهيان اصل ماٺ ڀلي، جي
آءٌ مينهن لاءِ دعا گهرندس ته جيڪو پوڻو هوندو
سو به ڪونه پوندو. ماٺ ڪري وڃي ڪنهن مولوي
صاحب کي چئو ته نماز پڙهائي. پر هو پڙ ڪڍي
بيهي رهيا ته وتايا موليٰ کان برسات گهري ڏي.
ويچارا ويساهه وسوڙيل ماڻهو، سمجهايومان پر نه
مڙيا. نيٺ چيم ته چڱو هاڻي ڏسو تماشو ته سائين
ڇا ٿو ڪري. ڇا ڪيم جو پنهنجي گوڏ لاهي پاڻيءَ
۾ سڄي پُسائي بنان نپوڙڻ جي کڻي هڪڙي ڪنڊيءَ
تي پکيڙيم ۽ ايلاز ڪيم ته موليٰ سج کي نه
ڍڪجانءِ اڃا ائي اُس کي ٿورو تکو ڪجان ته گوڏ
جلد سڪي پوي، نه ته اجهو اگهاڙو ٿيو بيٺو
آهيان. هيترن ماڻهن وچ ۾ بس بابا، کن پل ۾ ڪڪر
مڙي آيا، سج ته ڍڪجي ويو پر برسات به اهڙي پئي
جو چوي ته اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان. گوڏ سڪڻ
جو سوال ئي نه هو. ماڻهو گد گد ٿيندا گهر موٽي
ويا. دل ۾ چيم اهڙيون کڳيون به نه هڻو،
چيومانو ڪونه ته هو منهنجي گُهريي جي ابتؤ
ڪندو. مون گوڏ سڪڻ لاءِ وڌي ته هو ان کي سڪڻ
ڇو ٿو ڏئي. هيڏو مينهن وسائي ڇڏيائين ته وتائي
جي گوڏ نه سڪي. مون سان جاڙ ٿي پر اوهان جي
ڀلو ٿيو. سو ادا هو دانابينا آهي ته اسين فقير
به سندس دانائيءَ مان ذرو ماڻيون ٿا. اهڙا چڪر
ڏيو به هن مان ڪم ڪڍيو وڃون، ٻيو ڀلا ڪنهن کي
چئون؟“
”فقير سائين، ڀلا اها هڪ رپئي، کٻڙ ۽ ان جا
لاه نڪرڻ واري ڳالهه ڪيئن ٿي؟” ”اهو به هڪ سبق
هو جو پرايم ۽ بصيرت بينا ڪرڻ وارن لاءِ لکائي
ڇڏيم. ماحول ۾ ڌن دولت وارن جو حشر نشر ڏسي
آءٌ اها بلا پالڻ کان هميشه ئي پاسو ڪندو هوس.
اهو هڪ رپيو به ميڙيو ڪونه هئم. امڙ ڪن ڏينهن
کان ٽاريو ويٺي هئي سو سفر تي نڪتس ته ور ۾
ٻڌي ڏنائين ته کنيو وڃ ڪم ايندئي. آءٌ فقير
ماڻهو انهيءَ هڪ رپئي کي به پاڻ تي جبل جيڏو
بار پي سمجهيم. ٻيا وسوسا ته متان ڪو ڦورو اچي
انهيءَ ڍينگلي سان گڏ سسي به لاهي وڃيم يا
ڪپڙا ڦري وڃيم. سو جهنگ مان لنگهندي ان کي
هڪڙي کٻڙ جي پاڙ ۾ اڇلي ۽ بي اونو ٿي اڳتي
هليو ويس. ٻئي ڏينهن اتان ئي لنگهيس ته ڏٺم ته
ڪنهن همراه کٻڙ جي هيٺان خزاني جو انومان ڪري
ان جون پاڙون به ڪڍي ٻاهر ڪيون آهن. تڏهن اندر
مان دانهن نڪتي ته آبوه! لالچ ۾ ماڻهو ڇا نٿو
ڪري؟ جي اهو رپيو هو مو وٽ ڏسن ها ته سمجهن ها
ته اڃا به ڪا دولت اٿم ۽ انهيءَ پٽ کوه ۾
منهنجا به کٻڙ وانگر لاه ڪڍي ڇڏين ها!
تون ڏس ته دنيا ۾ ائين به ٿئي پيو ڪي نه؟ ڪي
معصوم ٻارن جي ڪنن مان ڪيويٽيون لاهيندي
معصومن جا ڪن به ڇنندي دير ڪونه ڪن، ڪي ڪنهن
جي ڳچيءَ مان هار لاهڻ ڪاڻ هن جي سسي به ڪپيو
رکن، ڌاڙن هڻڻ وارا ڌاڙا به هڻن ۽ قتلام به
ڪن. الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪلور ٿا ٿين ڌن خاطر.
اهڙي شي ئي ڇو ڌارجي؟ ۽ جيڪي مال ٿا ميڙين تن
کي وري ڪهڙا سک آهن. رڳو ڏسڻ جو ڍئو آهي باقي
نه ننڊ نصيب آهي نه آرام، سمجهه جو ڦير اٿئي
متان سمجهن ته پئسي وارا فڪرن کان آجا آهن.
طرح طرح جا طعام ته ڪتا به کائين ٿا، ڀانت
ڀانت جا لباس ته ويسا ڌاري به اوڍين ٿا. جڏهن
سڀ ڪجهه هتي ڇڏي وڃڻو آهي ته اهڙو گند ميڙ جي
ئي ڇو، جو اڳتي ڪم نه اچي. پوءِ ڏٺئي ته هڪڙي
ڀيري پاڙي ۾ باه لڳي ته مالوندن جو ڪهڙو حشر
ٿيو. اصل چرين ديوانن وانگر رڙيون ڪندا ڊوڙندا
وتيا. ڪنهن کي زيورن جو فڪر ته ڪنهن کي ڪپڙن
جو، ڪنهن کي ٻڪري ٺڪريءَ جو ته ڪنهن کي هنڌ
کٽولن جو. ڪهڙا نه هاءِ دوس ۾ پئجي ويا.
هيڏانهن آءٌ پنهنجيون ٻه رليون ۽ ٻه تڏيون
کڻي، اَمڙ کي ٻانهن کان وٺي ڏاڍي دلجاءِ سان
پنهنجي ڀونگيءَ مان نڪري آيس، دل کي ذرو لوڏو
به ڪونه آيم. دل دماغ جي ڪيڏي عذاب کان بچي
ويس ڪي نه؟“
”اها کنگهڻ واري ڳالهه………؟“
”اها به هن جي هڪ رمز آهي. نه کنگهان ها ته به
ڏئي ها. جيسين ساه تيسين گراه هنجي ذميواري
آهي. پر ايترو آهي جو سڀ ڪنهن جي پنهنجي منزل
آهي پنهنجو مرتبو آهي، اسان جهڙي کي ٿورو
کنگهائي پوءِ ٿو ڏئي، نه ته ڪير رابعه بصري يا
جنيد بغدادي جهڙو ٿئي ته ان کي ته گهر ويٺي
ڳجهه ڳوه ۾ ٿو ڏئي. آءٌ هئس ڪمزور ايمان وارو
سو تڪڙ ڪري کنگهي ويٺس ته متان اهو به هٿ مان
نڪري وڃي، توڪل وارو ٿيڻ لاءِ وڏو جگر کپي
بابا! مون به ماڻهن کي اهو سبق ٿي ڏنو ته بابا
داڻو هر پکيءَ جو مقرر آهي. پر اهو هن کي
آکيري ۾ اڇلجي ڪونه ٿو ملي هن کي آکيري مان
نڪري چڳڻو ٿو پوي.
”هڪ ڀيري جو ڪاغذ قلم کڻي وڃي مسجد جي ممبر تي
بيٺا هئئو؟“
”اهو هن کي ٻڌايم ٿي ته مون کي پڪ آهي تنهنجن
خزانن ۾ کوٽ ڪانه پئي آهي، نه ته ڀلا ڪاغذ تي
صحيح ڪر، سو هو ڪري ها ڇا؟ هو به مون سان
جاڙون ڪريو وڃي! ڪڏهن فاقا ڪڍرائي، ڪڏهن انگ
اگهاڙا هلائي، مون سان ته هن کي اصل خاص حجت
آهي. سو ڀوڳ به مون سان ڪري ۽ ستائي به مون
کي. ڪڏهن مون کي بخيلي وٺيو وڃي تڏهن لاچار
وڃيو اهڙيون حجتون ڪريانس. پوءِ ڏٺئي ته پيٺل
اٽي جي ڳوڻ ڏياري موڪليائين. هو مون کي ڇيڙي
آءٌ هن سان بحث تڪرار ڪريان، اهو اسان جو ازل
کان پاڻ ۾ وهنوار آهي. جيئن هر بندي جو پنهنجي
خدا سان الڳ الڳ وهنوار آهي.
هڪڙي ڏينهن جو گهر جا ٿانو ٺڪر ئي ڪو شاهينگ
کڻي ويو ته ڏٺئي ته مون به وڃي سندس گهر مان
ٽپڙ کنيا، سو اهو ٿي ڏيکاريومانس ته ڏين به
تون ڦرين به تون ته آءٌ به تو کان ئي پنهنجو
نقصان پورو ڪندس. ماڻهو تنهنجي گهر ۾ طرح طرح
جو سامان رکيو وڃن ثواب ڪمائڻ لاءِ، ۽ منهنجي
گهر مان مٽ دلو به کڻيو وڃن ۽ تون ويٺو ڏسين.
مون سڄو وهنوار به ساڻس رکيو آهي ته منهنجي
حجت به هن تي ته ميار به هن تي.“
”وقت جي قانون جو در کڙڪائين ها“
”رهيا کهيا ٽپڙ به وڃيم ها. اٽلو پاڻ ٻڌو ويٺو
هجان ها. قانون آهي ابتو موچڙو: منهنجي خدا
کان سواءِ نه پٺ مُٺ. ٻيو ته قيامت ۾ پڇيم ها
ته مون کي دانهن ڏيڻ بدران منهنجن بندن کي ڇو
صدا ڏنئي. بابا هو ڏاڍو آهي. حضرت يعقوب سان
ٻڌئي ته ڪهڙي ڪار ڪيائين؟ هن حضرت يوسف جي
ٻانهن سندس وڏي ڀاءُ جي حوالي ڪندي هن کي پارت
ڪئي هئي ته خيال رکجانس آءٌ يوسف جي ٻانهن تو
کان وٺندس، تنهن تي ڏس ته هڪڙي نبيءَ کي
ڏولائي جا ڏک ڏنائين. ٻيو پٽ جي فراق ۾ نيڻن
جي نرت وڃائي ويٺو. بابا زاري آهي هنجي
اڳيان.“
”چور کي هٿ ڪرڻ لاءِ جو تون مقام ۾ وڃين، تنهن
۾ به شايد تنهنجي اها ئي سوچ هئي؟“
”ٻيو وري ڇا، مون اهو ٿي ڏيکاريو ته هر ڪنهن
کي نيٺ به مري قبر ڀيڙو ٿيڻو آهي، ڍلو هجي ڪي
ڀلو، چڱو هجي ڪي مدو، نيٺ اتي ته اچڻو اٿس ۽
پوءِ پنهنجي افعالن جو حساب ڪتاب ڏيڻو اٿس.
آءٌ ڪو مورک ڪونه هئس، ڄاتم ٿي ته چور ڪو اڄ
ئي ڪونه مرندو نڪو هن جو مڙه انهيءَ مقام ۾
لازمي ايندو. ٻيو هن جي جنازي کي گرفتار ڪري
ڇا ڪريان ها. پر اهو عقل وارن کي اشارو ٿي ڏنم
ته بابا ڪير ڪهڙو به عمل ڪري، نيٺ وري جواب
ڏيندو ۽ سزا جزا پرائيندو. توکي ته خبر آهي ته
ماڻهو چور کي جهلي ٿا وجهن ته پوءِ هن سان
ڪهڙي ٿا ڪار ڪن. ماري ڪُٽي بي عزتو ڪري بڇڙو
ڪري پوءِ به سپاهين جي حوالي ڪن. هن کي ڏوه
کان گهڻي وڌيڪ سزا اچيو وڃي. مون کي اها ته
ڳالهه ڪانه وڻي…“
”فقير سائين، تنهنجو چوڻ آهي ته دوزخ ۾ اڳ
تيار ڪيل ڪا باه نه هوندي. هي ماڻهن جا بد عمل
سندن باهه آهي جا هو پاڻ سان کنيو ٿا دوزخ ۾
وڃن. اها ڳالهه کولي سمجهايو.“
”ائين ڪونه به آهي ڇا؟ اها به مون هڪ سمجهاڻي
ٿي ڏني، جيئن قرآن حديث ۾ چيل آهي ته قيامت ۾
عضوا شاهدي ڏيندا. ٻيون قدرتي شيون
ڳالهائينديون ۽ شاهدي ڏينديون. ٻيو ڏس ته بد
عمل بدڪار ماڻهو جتي گهڻا ئي ۾ هوندا اها جاءِ
نسورو نرڳ تي ويندي آهي. اهي هنن جا ڪرتوت ٿا
وايو منڊل کي دوزخ جهڙو ڪن. جتي چڱا ماڻهو
گهڻا هوندا اها جاءِ بهشت ٿي پئي هوندي آهي.
خير هتي ته چئن چڱن جي محابي نرڳ به سرڳ ٿيو
وڃي، پر مٿي ته دوزخ واري ويڙهي ۾ هوندائي رڳو
بدڪار ته اهو ويڙهو ڇا هوندو؟ دوزخ بهشت انسان
جي اندر ۾ آهي بابا. هو ڪنهن شاعر ڪين چيو آهي
ته مون پنهنجي روح کي آسمانن ۾ موڪليو ته وڃي
دوزخ ۽ بهشت جي حقيقت معلوم ڪري اچ، منهنجي
روح موٽي اچي مون کي ٻڌايو ته آءٌ (روح) جو
تنهنجي اندر ۾ آهيان، آءٌ ئي بهشت آهيان ۽ آءٌ
ئي دوزخ! سو مون اها ڳالهه ائين ڪري ٿي
سمجهائي، پوءِ سمجهو ڪي سمجهن.“
”اهو شاعر عمر خيام هو.“
”جيڪو به هو، ويچارو ڪو سٺو ماڻهو هو“
”فقير صاحب! توکي پير ۾ ڪنڊو لڳو ته تو ڏاڍي
هاءِ گهوڙا مچائي، انهيءَ جي وضاحت ڪريو.“
”پهرين هيءَ ڳالهه ٻڌي ڇڏ ٻچڙا، ته جيڪي ماڻهو
پاڻ کي حوصلي ۽ همت جا صاحب سڏيندا آهن، سي
ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تيار رهندا
آهن ۽ چوندا آهن ته اسين مصيبتن کان ڊڄڻ وارا
نه آهيون، تن تي مصيبتون اچن به گهڻيون ٿيون،
۽ جيڪي اڳيئي پيا ڏيل ۾ ڏرندا آهن ۽ دعائون
گهرندا آهن ته يا خدا، اسان ۾ سهڻ ڪونهي، ڪنهن
آزمائش ۾ نه وجهجان، تن وٽ آزمائشون اچن به
خير ڪيون. يا هيئن سمجهه ته جيڏا اٺ تيڏا
لوڏا. جن وٽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ سامان
موجود هوندا آهن تن وٽ اهي ذري ذري اچيو مهمان
ٿين ۽ اڻ هوند وارن جا ڪيترا ڪم قدرتي ٿيو
وڃن. آءٌ آهيان ڪجهه جڏي دل ۽ ڪمزور ايمان
وارو. سمجهيم ته جي اڄ ڪنڊي لڳڻ تي صبر ڪيم ته
سڀاڻي ڀالو هڻندو، پوءِ ڏڦو يا ترار. اهي
آزمائشون نباهين نبي سڳورا يا قلندر، مون کي
به ٿي انهن جهڙو ڪيائين. سوچيم ته اهڙو هيسي
ڇڏيانس جو اڳتي مون کي ته نه ڪنهن آزمودي ۾
وجهي. ان ڪري ايڏي واويلا ڪيم ته سائين آءٌ
حضرت ايوب ڪونه آهيان، وتايو آهيان. هيڻو ۽
اَڌيڻو. مون کان ته ڪنڊي جي چهنب به ڪانه سٺي
ٿيندي، ڪو ٻيو قلندر تاڻ. هن ته مون سان ڀال
ڪري مون کي قلندر ٿي ڪيو، پر بابا، پاڻ کان
اهي خندقون ڪٿي ٿيون کنيون ٿين، سو ڄڻ جواب
ڏئي ڇڏيومانس. هن به وري مون کي ڪونه ڇيڙيو.
سمجهي ويو ته هن همراه ۾ سهڻ ڪونهي.
سو اها حقيقت سمجهي ڇڏ ته بندو جيترو صبر ڪندو
ايترو هن کي وڻندو ۽ هو هن کي وڌيڪ آزمائڻ ۽
پڪو ڪرڻ لاءِ اڃان ڏکيائون ڏيکاريندو. سچ پڇين
ته بندو بي ايمان نعمتن جي ڍَو تي خدا کان
ڦريو وڃي. سورن ۽ اڻ هوند تي هن ڏانهن گهڻو
مائل ٿئي. تنهن ڪري هو جنهن کي پنهنجو ڪندو
آهي تنهن کي سختيون سهائيندو آهي، جهن مان هٿ
ڪڍڻو هوندو اٿس تنهن کي ڍڳ سُکن جا ڏئي روانو
ڪندو آهي. اها هن جي حڪمت آهي ته عجيب پر هاڻي
ڪير وڃي هن کان پڇا ڪري ته سائين هي ڪهڙو
دستور؟ خير آءٌ ته ٻيلي ٻنهي قاعدن کان ڪنڌ
ڪڍائي وچون رستو وٺي هليس. ڏکن ۽ سکن جي وچ ۾
هڪڙو فقيراڻو آشرم ٺاهي ويهي رهيس. نه قلندر
واريون سختيون سٺم نه وري گمراهي وارو گس وٺي
دنيا جا عيش ماڻيم.“
”ڪيترا ماڻهو توکي چريو ٿا سمجهن فقير صاحب،
تنهنجو پنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
”انهن کي چئو ته چريو ٿيڻ به ڪا جهڙي تهڙي جي
وس جي ڳالهه ڪانهي، جيڪي چون ٿا تن مان ڪو ٿي
ڏيکاري. ڀلا جي گهڻا ماڻهو ٿا چون ته آءٌ به
کڻي مڃان ٿو؛ ڇو ته اهڙو چريو به ڪونه آهيان
جو هيترن ماڻهن جي راءِ کي رد ڪري ڇڏيان. هو
ڀل پنهنجي دل خوش ڪن. باقي اهو به ياد رکجانءِ
ته هي دنيا اَڏي ۽ هلائي به چرين آهي. سنوَن
سدائين وسندين جون وسنديون پوٺا ڪري ڇڏيون
آهن.“
”هاڻي ته وڏا وڏا اسڪالر تو تي تحقيقون ڪرڻ
لڳا آهن.“
”ٻيو ڪو ڪم ڪونه اٿن ڇا؟“
”اهو به وڏو ڪم ٿو سمجهيو وڃي هن دور ۾.“
”ٻيلي وڏو ڪم ته آهي چڱي جي ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ
۽ ان تي عمل ڪرڻ، باقي ٻيا سڀ ڪم ته خساري
وارا آهن، وري به سندن مرضي.“
”نيٺ به تنهنجي صحيح لوڪيشن هٿ ڪري وٺندا.“
”تنهن مان هنن کي ڇا ملندو؟“
”اها خبر هنن کي، آءٌ اهڙي کاپاري ۾ پوان ئي
ڪونه.“
”تون به مون جهڙو آهين ڇا؟“
”نه ته توسان رابطو قائم ڇو ڪريان.“
”ته بس تو به هن جهڙو ئي ڪم ڪيو ٻيو“
”آخر تنهنجون حقيقتون به هٿ ڪرڻيون آهن نه“
”جيڪو وڻيو سو هٿ ڪريو، پر ياد رکجو ته آءٌ
هميشہ هر دور ۾ هر هنڌ موجود آهيان. خدا
پنهنجن بندن کي گس ڏسڻ لاءِ مون جهڙا ديوانا
سدائين پيدا ڪندو آهي. ماڻهو وري اسان جي گفتن
تي غور ڪرڻ بدران اسان کي ئي پوڄڻ لڳيو وڃن“
”ماڻهن سدائين ائين ڪيو آهي؛ پيغمبرن کان وٺي
تو جهڙن فقيرن تائين.“
”تڏهن ته ڀٽڪندا وتن نه، خير-کٽين ڀاڳ،“
”ڪجهه ڏينهن اڳ تنهنجي نالي تي ٽنڊي الهيار ۾
وڏو ميڙ ڪيو ويو هو، وڏيون ڳالهيون ٿيون تو
بابت“
”تنهن مان مون کي ڇا مليو؟“
”توکي ڪجهه مليو ڪي نه، پر اسين تنهنجون
ڳالهيون ڳائيندا رهنداسين“
”باقي ان تي عمل ڪونه ڪندا!“
”هن وقت اسين ڳالهيون ڳائڻ جي دور ۾ آهيون،
عمل جو وقت جڏهن اچي.“
”اوهان جي مرضي، جهڙي نيت تهڙي مواد“
”تنهنجي قبر تي وياسين ته اتي مقام ۾ ”ڀلي ڪري
آيا“ جو بينر لڳو پيو هو. اهو ڪن ماڻهن کي
عجيب لڳو. تنهنجو ڪهڙو خيال آهي“؟
”انهيءَ ۾ ڪهڙو اهم ڪهڙو عيب؟ اهو گفتو اصل
مماتي طرفان هو. آخر آئي کي آڌر ته ڏيڻو آهي.
ائين ته نه چئون ها ته هاءِ افسوس جو هتي آيا.
آخر هر ڪنهن کي نيٺ هتي ئي اچڻو آهي. ڪير انهي
کي عيب يا نڀاڳ نحوست جي ڳالهه ٿو سمجهي ته
ڀليل آهي. اهو ته حياتيءَ جو آخري سنڌو آهي،
تنهن وٽ پهچڻ حق آهي. هونئن به اهل حيات کي
حڪم آهي ته مقام ۾ وڃو ته السلام عليڪم اي
قبرن وارا چئو، ته اهل مماتيءَ کي به حڪم آهي
ته جيئرن کي آئي ڀليڪار ڪن ته بابا هينئر کڻي
پنهنجي پيرين آيو آهين پوءِ چئن ڄڻن جي ڪلهي
چڙهي ايندين، باقي اول ڪي آخر اچڻو هتي اٿس.
سو جي اها ڀليڪار لکي ڇڏيائون ته مڙئي خير
آهي. هونئن به ماڻهن کي دانائيءَ ۾ ناداناني ۽
نادانيءَ ۾ دانائي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ظلم ۽
ناحق وارن ڪمن تي ڏند ڪڍي کلندا آهن ۽ کلڻ
وارين ڳالهين تي ڏاڍا ڳنڀير ٿي ويندا آهن.
موتي فوتيءَ جي معاملي کي ڏسندا ته ٻهه ٻهه
ٿيندا ڄڻ سچي پچي نجات جو ڪم آهي. مرگهٽ مقام
کي ڏسندا ته ٽهندا ۽ پاسو ڪندا جتي آخر اچڻو
اٿن ۽ پنهنجن ٿاڪن تي ڪانڀون ٻڌيو ٿڌو
ماجهاندو ڪيو ويٺا هوندا، ڄڻ هميشہ ئي اتي
رهڻو اٿن، قصو ئي ابتو آهي انسان جو.“
”هاڻي ته تنهنجي قبر تي چوڪنڊي ٺهندي، رستو
ٺهندو فقير سائين!“
”اهو ڪيس به مون تي رکيائون، چوندا ته وتائي
فقير هيترو خرچ ڪرائي ڇڏيو. چئي ڇڏجون ته آءٌ
ٻڌل ڪونه آهيان. ڏس ته سهي جيئري اڻڀو گراه به
ڪونه ڏنائون، مئي پڄاڻان ڪهڙيون نه پيا پاکرون
پرائينم، خير حساب ڪتاب پاڻ ڏيندا، آءٌ ٻڌل
ڪونه آهيان. اهي خاص لوڪ هاڻي مون کي پنهنجن
ايوانن ۾ ڇڪي ويا آهن ته ڀلي پنهنجو شاهاشو
شوق پورو ڪن، باقي منهنجو جيئڻ به عام لوڪ مان
ته مرڻ به انهن ئي سان جن منهنجو ذڪر فڪر ڪونه
ڀلايو.“
”فقير صاحب، هينئر هن وقت ڏاڍو ڏکيو وقت
اٿئون!“
”بس بابا، جيڪي پوکبو سو ته لڻبو. اهو ڪير جو
ڪري نه ڀري. پر اهو به آزمودو اَٿوَ نااميد نه
ٿجو، نيٺ سڻائو واءُ به ورندو، رکو موليٰ تي.
ڪتڻ جي ڪـِرت نه ڇڏجو، نه غفلت جي گرداب ۾ غرق
ٿجو. آخر به ڏوهن جو ڪفارو ڏئي لاهيندؤ ۽
سرخرو ٿيندؤ. اهو وقت ضرور ايندو ڏسجئو ويٺا،
اڄ جا ڏولاوا آزمودو آهن جي اڳتي ڪم اِيندوَ.“
”موجوده پيڙهي لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ پسند ڪندين؟“
”پيغام اهو آهي ته اَک کلي رکو ۽ علي سائينءَ
وارو اهو قول ياد رکجو ته ”دنيا داريءَ جا ڪم
ائين ڪريو ڄڻ هميشہ ئي هتي رهڻو اَٿو ۽ آخرت
لاءِ فڪر ائين ڪريو ڄڻ اڄ ئي هتان ڪوچ ڪرڻو
اٿو.“ ائين هموزنيءَ سان ساهميءَ جي پڙن کي
برابر رکي اعتدال سان وچون رستو هلندا ته اول
خير خطا نه کائيندا، سڄڻ دشمن کي سڃاڻڻ سکو،
جوشيلن قولن تي ڀنڀلجي به نه هلجو.“
وڻيس ته ڀت رڌي، وڻيس ته ماني پچائي
هڪ دفعي هڪ ڪچهريءَ ۾ وتايو فقير ويٺو هو. اتي
هڪ ماڻهوءَ ويٺي ٻين کي نصيحت ڪئي ته ادا، سڀ
ڪجهه سائينءَ جي هٿ ۾ آهي. ڪرڻ ڪرائڻ وارو
قادر آهي. هر چيز ان جي حڪم هيٺ آهي. وتائي
فقير اهو ٻڌي چيو ته: ”ٻيون سڀ ڳالهيون الله
سائين جي هٿ ۾ آهن. پر ڪا ڳالهه امان جي وس ۾
آهي. وڻيس ته ڀت رڌي وڻيس ته ماني پچائي.“
(وتايو فقير)
عابد لغاري
وتايو فقير ۽ آءٌ
وتايو، جيڪو شيخ طاهر بنيو، پر وتايو فقير سان
ئي مشهور رهيو، اهو ته منهنجو جگري يار هو ۽
ڳوٺائي به. منهنجي ته هن کان سواءِ هڪ پل به
نه سرندي هئي. اسين هر وقت هر جڳهه تي، سفر
توڙي حضر ۾، گهڻو ڪري گڏ هوندا هئاسين. سندس
پياري صحبت جي ڪري منهنجي زندگي پڻ ڏاڍي سڦلي
ٿي پئي، ڇاڪاڻ ته فقير جون ڳالهيون ۽ مقولا،
جيڪي ظاهر ۾ ته ماڻهن کي بي معنيٰ ۽ بي مقصد
پيا لڳندا هئا، وقت پڄاڻان توريل تڪيل، معنيٰ
دار، ڦل دار ۽ اڻ ميا موتي پيا لڳندا هئا ۽ هر
هنڌ ڪچهرين ۾ انهن کي ورجائي نه صرف وندر ور
ونهن جو لفط ورتو ويندو هو، پر قدم قدم تي
انهن مان رهبري ۽ رهنمائي ورتي ويندي هئي.
هو ته هئو لاطمع انسان، نه ڪنهن جي آئي ۾ نه
وئي ۾، نه ڪنهن کي ڏئي نه ڏکوئي، ۽ نه وري
ڪنهن کان وٺي ۽ ويچاري. هو هڪ فرشته صفت انسان
هو، جنهن آدم جي روپ ۾ پنهنجين چوڻين، قولن ۽
بروقت مشاهداتي راين سان دنيا جهان کي جيئن
ڏٺو، پرکيو، پرجهيو، ڄاتو ۽ سڃاتو ته اهڙو ئي
اظهار ڪيو. اهوئي سندس نه صرف ڪمال هو، بلڪ
اها ئي کيس قدرت طرفان ڏات مليل هئي.
هو صوفي هو، درويش هو، اهل الله هو، منهنجي به
ساڻس ايتري محبت ڪانه هئي جيتري کيس الله سان
هئي. اهڙا عارف با الله انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا
ٿيندا آهن. سندس زندگيءَ جا واقعاتي املهه
موتي هونءَ ته هزارين آهن پر نموني طور تي چند
پيش ڪندس.
هڪڙي ڳئون هوندي هئس، جنهن جو کير ماءُ پٽ پيا
پيئندا هئا. پاڻ فقير تن، هِتان هُتان گاهه مٺ
مس آڻيندو هو ته اهو به هڪ نٺر گڏهه وري وري
هڪلڻ جي باوجود اچي کائي ويندو هو ۽ ڳئون
ويچاري ڏينهون ڏينهن وئي پئي ڪمزور ٿيندي ۽
کير سڪائيندي. مجبور ٿي وتو بابا جي زبان مان
نڪري ويو:
”اي الله! هن گڏهه کي مار.“
قدرت جا رنگ نرالا آهن. اتفاق سان ٻئي ڏينهن
گڏهه جي بجاءِ سندس ڳئون مئي پئي هئي. فقير
بنا دير جي وڃي نبو نابين کي وٺي آيو ۽ ڳئون
وٽ بيهاري پڇيائيندس:
”ٻڌاءِ، هي ڇا هي“
نبو مئل ڳئون کي سڱن کان وٺي پڇ تائين هٿ ڦيري
امالڪ چيو ”هيءَ ته ڳئون آهي.“
”بس بس“ فقير پنهنجي ليکي ڳالهه جي تهه تائين
پهچندي ۽ پوءِ آسمان ڏانهن نهاريندي چيو:
”ٻڌين ٿو پر سمجهين ڪو نه ٿو.“
”جي!“ نبو ڪجهه پريشان ٿيندي ۽ پاڻ ڏانهن
سمجهندي فقير ڏانهن متوجهه ٿيو:
”چاچا توکي ڪونه آهيان.“ فقير بابا کيس پٺن تي
ٿڦڪي ڏيندي چيو ۽ پوءِ مخاطب ٿيو.
”ڏس نه ڀائو اسان جي يار جا ڪم، اهو انتهائي
سنجيده هو. مون چيومانس ته گڏهه مار، پر
ماريائين منهنجي ڳئون! ڇا نبو جيتري به ساڃهه
ڪانهيس؟“
منهنجي ته ڪڇڻ جي به ڀيڻيي ڪانه هئي. پر ڏٺم
ته يار جلد ئي مطمئن پئي لڳو. شايد ان ڪري ته
نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. ٻئي لاءِ به
ڇو سوڇجي ۽ سو به گڏهه جي لاءِ، جنهن چند
ڏينهن اڳ ڌڪو ڏنس ته چيلهه تي هٿ رکي ۽
چنگهندي چيو هئائينس ”تون گڏهه ته اڳي ئي آهين
وڌيڪ توکي ڇا چوان!“
هڪ ڀيري صفر المظفر جو مهينو ڏٺو ته فقير
سائين سومار تي تيار ٿيو. فقير بابا جي لاءِ
مون وٽ انڪار ته هوندو ئي ڪونه هو. فقير سائين
کي هو شوق ته ڪو ڏاند وٺي. ڀلا هڪڙي ڏاند مان
ڇا هڙ حاصل. بس خيال ٿي پيس ته ان کي پورو ڪرڻ
سندس لاءِ تمام ضروري هو.
جڏهن موٽياسين ته هڪڙو ڀلوڙ سائوڙي ڏاند سندس
هٿ ۾ هو. شوق به اهڙو جو ان جو رسو به نه پيو
ڏئي ته آءٌ ڪاهي اچڻ جي خدمت سرانجام ڏيان.
ڳوٺ کي جيئن ويجها ٿياسين تيئن جيڪو پيو گڏجي
سو پيو ڏاند لاءِ پڇي ته ڪٿان ورتو اٿو، گهڻي
ويهين مليو. الله بخش ٽالپر مليو، طالب ڪيريو
مليو، نور محمد سولنگي يا لطف الله هر ڪنهن جو
ساڳيو ئي سوال. الله بخش ٽالپر به مڙس ڀوڳائي.
هن جو ائين چوڻ ته فقير صاحب ڏاند ته ڀلوڙ
ورتو اٿئي؟ گهڻي ويهين ڏيندين، ته فقير بابا
مرڳوئي ڪاوڙجي پيو. ٿورو گهڻو جيڪو شوق مان
پئي ٻڌايائين سو به ختم ٿي ويو. پوءِ ته ڪنهن
کي آڏو ابتو جواب ڏئي پيو ته ڪنهن کي گهوري
پيو نهاري.
جيئن ئي ڳوٺ جي ٻاهران پهتاسين ته فقير صاحب
پهريون ڀيرو ڏاند جو رسو مون کي جهلڻ لاءِ
ڏنو. آءٌ اڃا انهيءَ حيرت ۾ ئي هئس ته فقير
بابا هڪ ڊگهي بڙ جي وڻ تي چڙهي ويو. وڻ تي
چڙهڻ ته وتو فقير کان ڪير سکي. ويرم ئي ڪانه
گذري ته پاڻ چوٽيءَ تي بيٺو هو. هڪلون ۽ سڏ
ڪري رهيو هو:
او ڀائر حسن شاهه هوهوءِ!
او ڀائر علي احمد بروهي هوهو!!
او ڀائر ادا محمد سومار هوءِ!
او معصوم پلي، معصوم پلي، هوءِ!!
ٻه ٽي منٽ مس گذريا ته ڳوٺ جا ننڍا وڏا معزز،
دڪاندار، مزدور سڀ ئي پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي وڻ جي
چوڌاري پهچي ويا ۽ هڪ ٻئي کان فقير وتو جي سڏن
جي ماجرا پيا پڇن. فقير صاحب اڃا لٿو ئي ڪونه
هو ته سڀ مون کي ورائي ويا. پر مون کي پتو هجي
ته آءٌ ٻڌايان. عبدالقادر منگي، ولي محمد
رونجهو ۽ عبدالرحيم ڏيٿو ته جند ئي نه ڇڏين،
چي ”توکي ضرور خبر هوندي، تون ئي ٻڌاءِ ته
فقير ڇو سڏيو آهي ته اسين وڃي ڪم سان لڳون.“
ايتري ۾ حسن شاهه ۽ عزيز جعفراڻي وتو بابا کي،
جيڪو بڙ تان لهي چڪو هو، گهيري ۾ ڪو ماڻهن جي
وچ ۾ آندو ۽ کلندي پڇيو.
”وتو سائين! ڏاند ته ڪهڻ جهڙو آهي پر عيد کان
پوءِ ڪپڙا ڪهڙا!“ شاهه صاحب جو اشارو عيد
قرباني ڏانهن هو. سڀ ٽهڪن ۾ پئجي ويا. ولي
محمد رونجهي ته حد ڪري ڇڏي. چئي
”فقير سائين لاءِ ته ٻارهو ئي عيد آهي. جڏهن
چاهي تڏهن قرباني ڪري.“ سڀني جي چهرن تي اڃا
به رونق اچي وئي. پر فقير بابا ڪنهن جي به
سوال جو جواب ڪونه ڏنو، مون کان ڏاند جو رسو
وٺندي آيلن کي چائين:
”هي ڏاند سائي سومار تان آندو اٿم ۽ هيتري
ويهين مليو آهي-بس.“ ائين چئي فقير صاحب ڏاند
ڪاهي گهر ڏانهن هلڻ لڳو. پٺيان رڙو رڙ لڳي
وئي؛ هي ڪهڙي سزا آهي. فقير صاحب! رڳو انهيءَ
ڳالهه لاءِ سڀني کي پريشان ڪيو اٿو! پر فقير
بابا ڪنهن جي ڪانه ٻڌي. آءٌ به پنهنجي جان
بچائي تڪڙو تڪڙو سندس پويان لڳس. منهنجي ويجهو
پهچڻ تي چيائين:
”ڇٽي پئي جان، وري ته ڪير پڇندو ڪونه.“
هڪ ڀيري ڀر واري ڳوٺ تاج پور ۾ نواين جو
خيراتي ڀت هو ۽ اسان کي به دعوت هئي. پهريون
ڀيرو فقير بابا کي وٺي ويس. رستي هلندي احساس
ٿيس ته سندس کيسي ۾ هڪ رپيو پيو آهي. ڏاڍو
جذباتي ٿي ويو ”اسان فقير ماڻهو، پئسي سان
اسان جو ڇا!“ ائين چئي ڀڏي جي ڀر ۾ هڪ ڪرڙ جي
پاڙ ۾ کڻي ان کي اڇليائين.
دعوت جو انتظام هڪڙي وڏي اوتاري ۾ رکيل هو
جيڪو ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن سان گلستان لڳو پيو هو.
پري پري جا ڪيترائي معزز ماڻهو پڻ شريڪ هئا ۽
سڄو اوتارو ماڻهن سان ڀريو پيو هو. ماني به
هلي پئي. ميلي جو سمان هو. هڪڙا آيا پئي ۽ ٻيا
ماني کائي نڪتا پئي. مون کي ڏسي ميزبانن مان
ڪيترائي اٿي بيٺا ۽ ”اچو اچو سائين، اچو
هيڏانهن اچي ويهو“ چوندي وٺي اچي ٻين دوستن جي
پاسي ۾ ويهاريائون. اسلم رضوي، سائين قاسمي ۽
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جن اڳي ئي اتي موجود هئا.
جان نظر ڪيان ته فقير بابا اسان ۾ آهي ئي
ڪونه. نظرون ڊوڙايم ته ان کي وزير حسين پري هڪ
ڪنڊ ۾ ويهاري رهيو هو، چي ”پوڙها تون اتي
ويهه، توکي ماني ملي ٿي.“ مون کي ڏاڍو ڏک
ٿيو. وزير حسين کڻي ڪيڏو به کل ڀوڳ ۽ طنز و
مزاح جي زبان ۾ ڪچهري جو مور هوندو آهي پر ان
فقير بابا کي يا ته سڃاتو ڪونه، يا ڪا ٻي
ڳالهه هئي.
ويرم ئي نه گذري ته اسان جي آڏو ماني رکجي وئي
۽ آسپاس جا سڀئي مهمان دستر خوانن کي چو طرف
ڦري ويٺا. جان کڻي نظر ڪيان ته وتو بابا آهي
ئي ڪونه. چوڌاري نظرون ڦيرايم پر هو نظر نه
آيو. ڪنهن کان پڇي به نه پيو سگهان. سائين
قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب توڙي چند ميزبانن
سان معذرت ڪندي آءٌ اٿيس ته اوتاري کان ٻاهر
اچي ڏسان ته وتو بابا منهنجو انتظار پيو ڪري.
منهنجي پڇڻ کان اڳ ئي چيائين:
”هل ته ڳوٺان ٿي اچون.“
”ٺيڪ آهي“ وراڻيم.
جڏهن انهيءَ دڙي وٽان لنگهياسين جنهن جي ڀر
واري ڪرڙ وٽ وتو بابا رپيو اڇليو هو، اهو سڄو
ڪرڙ نه صرف وڍيو پري پيو هو، پر ان جي آسپاس
هيڏي ساري کڏ پڻ کوٽي پئي هئي. بي حد حيران
ٿيس، وتو بابا بلڪل مطمئن نظر آيم. چيائين:
”ڏسين ٿو نه، اگر مون وٽ به اهو رپيو هجي ها
ته منهنجا به لاهه ائين نڪتل هجن ها.“
وتو بابا جي ان هڪڙي ئي جملي مان الائي ڪيترين
دنياوي ڳالهين جا راز مون تي کلي پيا. پنهنجي
زبان مان بي اختيار نڪتو ”سبحان الله“.
ڳوٺ پهچي وتو بابا مون وارو ڊبل گهوڙو بوسڪي
وارو وڳو، بوسڪي وارو پٽڪو ۽ چاندي وارو سئنڊل
پاتو ۽ ڪلهي ۾ ٻپڙي اجرڪ پائي جڏهن وري دعوت ۾
پهتو ته ميزبانن مان ڪيترن ئي اٿي سندس پرجوش
آءُ ڀڳت ڪئي ۽ نوجوان خدا بخش خان، ولي محمد ۽
ڪيترن وڏي عزت سان کيس، ٻاهرين مهمانن سان
ملايو ۽ ويهاريو. الله بخش بروهي، علي احمد
ٽالپر ۽ محمد زمان مخدوم فقير بابا سان خوش
خير عافيت ڪئي. جيئن ئي ماني لاءِ وري دستر
خوان وڇايو ويو ۽ مهمانن کي طعام تناول ڪرڻ جي
درخواست ڪئي ۽ فقير بابا زور سان ”بسم الله“
ڪئي. آسپاس جي سڀني مهمانن جو توجهه ڏانهس
ڇڪجي ويو ۽ ڪيترا ته هڪ ٻئي ڏانهن معنيٰ خيز
نظرن سان نهاريندي رڪڻ لڳا. ان هوندي به
ميزبان بي حد خوش پئي نظر آيا جيئن فقير بابا
وٽن خيرات ۾ شريڪ تي سندن عزت افزائي ڪئي آهي.
اوچتو وتو بابا چانورن جي پليٽ کڻي پنهنجي
ڪپڙن تي هاري ۽ ٻوڙ مان ٻوٽيون کڻي ڪپڙي کي
هڻندي زور زور سان چوڻ لڳو: ”کائو کائو، هي
ماني اوهان کي ملي آهي. مون کي ڪانه ملي آهي.
هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو نصيب آهي، کائو.“
سڀ ماڻهو، مهمان ميزبان حيرت مان ماني مان هٿ
ڪڍي ان ماجرا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سڀني
جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون هيون ۽ ڪيترن ئي
قسمن جا تاثرات سندن چهرن تي آيا ۽ ويا پئي.
غلام شبير ۽ عبدالقادر کي سڄي صورت حال مان
اندزو ٿي ويو. هو اٿيا ۽ وتو فقير جي آڏو گوڏن
ڀر ويهندي هٿ ٻڌي عرض ڪيائيون:
”فقير سائين! معاف ڪجو، هتي ڪيتريون ئي سهوون
۽ غلطيون سر زد ٿي ويل آهن. اوهين حق تي آهيو-
بس هاڻي معاف ڪريو.“
منهنجي لاءِ ته هي سڄي ماجرا هڪ امتحان کان
گهٽ ڪانه هئي. ڪيترن ئي سوالن جا جواب خودبخود
ملي ويا هئم. مون دورنگي دنيا جو جيڪو لقاءُ
اڄ ڏٺو، ان جي ته حد هئي ۽ نه حساب.
تن ڏينهن درياه ۾ ڏاڍو زور هو. پاڻي جو زور ۽
سير ۾ تک ڏسي ڪير به ان ۾ لهڻ جي همت نه ساري
سگهندو هو. اسان کي به وڃڻو هجي پرئين ڀر.
فقير بابا هو ته اڀرو ۽ ڏٻرو، پر توڪل ۾ سندس
ثاني ڪونه هو. مون کي ٻانهن کان وٺي دريا ۾
گهڙيو ۽ چيائين:
”وتايو وتايو ڪندو هلندي ته ٻڏندين ڪين.“
مون تي ته هون ئي سندس فقيراڻي طبيعت جو اثر
هو، ان ڪري پاڻي ۾ لهڻ سان آءٌ وتايو وتايو،
ڪندو سندس هٿ مضبوطيءَ سان جهليو ترندو پئي
ويس. اوچتو محسوس ڪيم ته فقير صاحب پاڻ ته
الله الله ڪندو پيو هلي! مون کي ويچار ٿي پيو
ته جيڪي پاڻ پيو ڪري، مون کي ان جي ابتڙ ڇو
پيو ڪرائي. عمل ۾ ايڏو فرق ڇو! بس اهو سوچيندي
ئي الله الله ڪرڻ شروع ڪيم. ويرم ئي ڪانه
گذري، آءٌ غوطا کائڻ لڳس، تڏهن وتائي سائين
جو آواز ڪنين پيم. چيائين:
”پهتو وتائي تائين ڪونهين، ڪرين ٿو الله الله
ته هاڻي کاءُ غوطا- ميان! وتايو وتايو ڪر ته
پار پهچين.“
وتو بابا جنهن طبيعت ۽ شخصيت جو مالڪ هو، ان
جي تقاضا هئي ته هو ڪوبه ڪم نه ڪري. هن کان
ڀلا ٿئي به ڪهڙو ڪم ها! جنهن جو لئون هجي لالڻ
سان تنهن کي دنيا جي ميڙي چونڊي جو ته اونوئي
نه هوندو. ٽڪر ڳڀو ملي ويو ته اهو ئي ڪافي
هوندو. کيس نه حرص نه هوس. پر گهر ۾ امڙ جي
موجودگيءَ جو احساس ڪندي ڪڏهن ڪڏهن پريشان به
ٿيندو هو. هڪ ڀيري جيئن ئي پتو پيم ته سندن
گهر ۾ اَن آهي ئي ڪونه، ته هڪ ٻوري ڪڻڪ جي
کڻائي سندن گهر ڏانهن روانو ٿيس. اڃا ڳوٺ جي
چؤسول واري مسجد وٽان لنگهيس ته حيرت زده ٿي
بيهي رهيس. ڇا ڏسان ته وتو بابا مسجد جي گنبذ
تي چڙهيو هٿ ۾ کنيل ڪاغذ هوا ۾ لهرائيندي چئي
رهيو آهي ته:
”جي کٽو هجين ته صحيح ڏي!“
اوچتو ئي منهنجي سڏن تي هيٺ نهاريندي ۽ ٻوري
تي نظر پوندي وري آسمان طرف ڏٺائين ۽ چوڻ لڳو:
”ان موڪلي ڏنئي پر صحيح ڪانه ڏنئي!“
مون کي سندس انهيءَ حجت تي حيرت وٺي وئي. آءٌ
ته جگري دوست ۽ خادم هيومانس، پر ڪڏهن به مون
سان اهڙي حجت ڪانه ڪيائين. چيائين ته ان کي
جيڪو اسان سڀني جو ڏاتار آهي- منهنجي نظر ۾
سندس سادگي جي حقيقت ۽ سچائي جي قدر و قيمت ان
وقت اڃا به وڌي وئي جڏهن پاڻ هڪ عظيم بي باڪي
جو مظاهرو ڪيو هئائين.
ٿيو هيئن جو هڪ ڀيري رستي هلندي هڪ ميت کي
قبرستان ڏانهن نيو پئي ويو. مون ۽ فقير بابا
ڏٺو ته اسان به ڊوڙي وڃي ڪلهو ڏنو ۽ ثواب ۾
شريڪ ٿياسين. اڃا ٿورو اڳڀرو مس ٿياسين ته
وتائي سائين هڪ ڪانڌي کان پڇيو:
”مرد، زائفان؟“
”زائفان“ جواب مليس.
”ٻار، بالغ“
”بالغ“ وري جواب مليس.
”پرڻيل، اڻ پرڻيل؟“
”اڻ پرڻيل“
انهيءَ جواب ڏٺم ته فقير بابا کي جولان ڏئي
ڇڏيو ۽ پوءِ سندس آواز ڪنن ۾ ڀنواٽيون ڏيندو
گذري ويو.
”ميون سهسائين پر ڏين ڪنهن کي ڪونه.“
ائين چئي وتو بابا رستو ورتو ۽ آءٌ به انهيءَ
کان اڳ جو منهنجو قيمو بنائين، ڪانڌين مان
نڪري وڃي فقير سائين سان مليس، جيڪو ڏاڍو
جلال ۾ تيز تيز هلي رهيو هو.
هڪ ڀيري فقير سائين کي شوق ٿيو ته هلي ساهرن
مان گهمي اچي. جيتوڻيڪ سندس مڱڻو ٿيل هو، پر
سک ملڻ ۽ شادي ٿيڻ جي اميد به مڙو ئي گهٽ هئي.
عمر ڪوٽ پهچندي ئي معمور يوسفاڻي کي الائي
ڪيئن پتو پئجي ويو ته فقير سائين ورهن بعد
اوچتو ئي اچي پر گهٽ ٿيو آهي، سو يڪدم هڪ
ڪچهري سڏائي، جنهن ۾ قلندر لڪياري کان اسلم
رضوي ۽ گل جمن شاه محذوب کان ولي سروري تائين
کڻي گڏ ڪيائين ۽ پوءِ فقير بابا کي ميڙون
منٿون ڪري وڃي ڪچهري جو موڙ بنايائين. ويتر جو
شهر جي ٻارن کي پتو پئجي ويو ته فقير سائين
اچي ويو آهي، تن ڪچهري جي رنگ ۾ ڀنگ وجهي سڄو
لطف ئي ختم ڪري ڇڏيو. حقيقت ۾ ٻارن جو مقصد به
اهو ئي هو ته فقير بابا جذبات ۾ اچي ڪي اڻ ميا
موتي ۽ لعل وگوهر وارا گفتا ٻڌائي. افسوس جو
اُهي مون کي ياد نه رهيا، پر ايتري سا خبر اٿم
ته پاڻ تڪڙو تڪڙو ان هل هنگامي مان ٻاهر نڪتو.
آءٌ به پويان پويان پئي ويومانس. جڏهن شهر جي
مٺي کوهه تي پهتاسين ته اتي ڪيترين نارين پاڻي
پئي ڀريو. ڪن کي ٻه ٻه دلا مٿن تي ۽ هڪ هڪ دلو
ڪچ ۾ هو.
اتفاق سان سندس مڱ به انهن ۾ شامل هئي. سڀني
الائي ڇا سوچيو سو دلا رکي فقير بابا کي اچي
کيڪارڻ لڳيون. هو به هڙني کي جواب ڏيندو ۽
سندن مٿن تي هٿ رکي ”امڙ بسم الله“ چوندو ويو.
پر جڏهن سندس مڱ جو وارو آيو ته کيس کيڪر جو
جواب ڏنائين پر مٿي تي هٿ ڪونه رکيائينس. سڀني
ڇوڪرين تي حيرت لڳي. هنن ته ڄاتو تي ته فقير
بابا مجذوب آهي، ان ڪري هو سڃاڻيندو ڪونه.
تڏهن هنن سندس مڱ ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو:
”ڇو فقير، هن کي مٿي تي هٿ ڪونه رکيئي؟“
فقير بابا هڪدم وراڻيو،
”چريا کريا آهيون پر پنهنجن کي سڃاڻون.“
ان ڏينهن وتو بابا کي مڃي ڇڏيم. ماڻهو ته
الائي ڇا ڇا پيا سمجهندا ۽ چوندا هئا، پرحقيقت
۾ هو هڪ سچو، بيباڪ ۽ الله وارو انسان هو.
سندس الله سان لنئو ۽ حجت آشڪار هئي. ان ڪري
سندس وقتائتن گفتن مان خدا جي حقيقت ۽ انسان
جي حيثيت يا دنيا جي پروڙ ملندي هئي.
گدرن وارو گهورڙيو گدرا رکيو ويٺو هو. الله جي
نالي تي گدرو گهريائين ته هڪ ڦٿل ۽ ڪنو گدرو
مليس. پوءِ کيسي مان پئسو ڪڍي ان جو گدرو
ورتائين ته اهو ڏاڍو سٺو ۽ وڏو هو. پوءِ جيڪا
ڳالهه هن الله کي چئي سا اصل ”۾ ماڻهه لاءِ
هئي، جو آسمان ڏانهن منهن ڪري چيائين:
تنهنجي نالي تي مليل گدرو به ڏس ۽ پئسي وارو
به ڏس. تنهنجو قدر ته پئسي جيترو به ڪونهي.“
تڏهن مون کي پتو پيو ته وتايو هڪ علامت آهي،
هڪ قدر آهي معاشري جو، سوسائٽي جو، تهذيب ۽
ثقافت جو. هو هڪ پرک آهي ان جي سچائي جي جيڪا
انسانيت ۽ ماڻهپي کي اشرف المخلوقات جو لقب
مليو.
سندس الله سان حجت جو هيٺيون هڪ انوکو مثال
وتو فقير بابا جي سچائي ۽ حقيقت جو دعويدار
آهي ته هڪ ڀيري ماسي سان ضد ڪيائين ته روزي
الله ٿو ڏئي. آءٌ ڪنهن کان گهرندس ڪونه، ڏس ته
ڪيئن نٿو ڏئي. ائين چئي وڃي جهنگ ۾ هڪ وڻ تي
چڙهي ويهي رهيو. بک به ڏاڍو تنگ ڪيس پر هو
پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. بس ائين چوندو رهيو
ته ”پاڻيهي ڏيندو، آءٌ ڪڍ ڇو لڳان.“
منجهند ٿي ته اچي هڪ ڄڃ ان وڻ جي هيٺان لٿي.
ڏاڍو سٺو مانجهندو ڪيائون ۽ ٻوڙ پلاءُ
ٺاهيائون. فقير به سڀ لقاءُ ويٺي ڏٺو، پر ڪڇيو
بلڪل ڪونه ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو.
جڏهن سڄي ڄڃ کائي پي واندي ٿي ۽ اڳتي رواني
ٿيڻ جا سانباها ڪرڻ لڳي، تڏهن ڪيتري ئي ماني
اڇتي بچي پين ۽ ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ واجهائڻ لڳا.
انهن جون ڳالهيون ٻڌي وتو بابا کي ٿوري کنگهه
ڪار ڪرڻي پئي. وتو فقير تي نظر پوندي ئي کيس
هيٺ لهڻ لاءِ چيائون ۽ پوءِ سڀ بچتو ماني کيس
ڏنائون. ان بعد وتو بابا جو اهو قول عام ٿي
ويو ته:
”ڏئي ٿو پر کنگهائي کنگهائي.“
هڪ ڀيري وتائي سائين کان سندس زندگيءَ جو اهم
واقعو پڇيم، جنهن ۾ کيس واقعي ڪا تڪليف ۽ اهنج
رسيو هجي.
”مٺڙا! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين!“ ائين چئي ذهن
تي زور ڏيندي هڪ واقعو ٻڌائڻ شروع ڪيائين.
”اڪيلو ئي ڪيڏانهن پنڌ پئي ويس. ٿڪجي پيس ته
رب کي سوال ڪيم ته ڪا سواري ڏيار-پنهنجي ته
ياري آهي انهيءَ سان، سو ٻئي ڪنهن کي ته چئبو
ئي ڪونه. پر هو سائين به آهي بادشاه، ڪڏهن
ڪڏهن ته يارن کي به اهڙو ٿو آزمائي جو وڃي ٿين
خير- منهنجو سواريءَ لاءِ سوال ڪرڻ ته الٽو
سوار ملي ويم.
”وتايو سائين! سو وري ڪيئن، الٽو اوهان تي
سوار؟“
مون حيران ٿي پڇيو.
”ها بابا، ڪو ڀوڳ ته نٿو ڪيان. هڪ سپاهي جي
گهوڙي ڪا تازي وئايل هجي. ڪمزور ڦر هلي نه پيو
سگهي. مون تي نظر پوندي ئي امالڪ ٻه ٽي چهبڪ
هڻي ڪڍيائين ته ان ڦر کي کڻي هلان. بلمُفتو جو
کيس ملي ويس. بس يار، منهنجي واتان نڪري ويو
ته ”چيومانءَ ته سواري ڏيار ته ڏنئي سوار-
ٻڌين ٿو پر سمجهين نٿو.“ بس ادا، اهو ڦر سو
کنيم پر پتو ڪونه پيم ته اهو منهنجي هٿن ۾ به
آهي يا نه.“
هڪڙي ٻي ڳالهه به ياد اٿم. ڳوٺ کي اچي لڳي
باهه. ماڻهن ۾ رڙو رڙ پئجي وئي. هر ڪنهن جي
هاءِ گهوڙا هجي ته فلاڻو سامان سڙي ويو. پر
وتايو سائين هڪڙي رلي کڻي، ماسي کي ساڻ ڪري
وڃي بند تي ويٺو. مون کي پري کان ايندو ڏسي
چيائين:
”ڏس نه ڀائو، ڪڏهن ڪڏهن ته سڃائي به ڪم اچيو
وڃي.“
بس ان ڏينهن کان مون هي پڪو پهه ڪيو ته هن
آئڊيل ڪردار کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مثالي
ڪري پيش ڪندس ۽ ادب جي ان صنف کي جلا
وٺائيندس، جنهن جو تعلق طنز و مزاح سان آهي.
جهڙيءَ ريت ديو مالائي قصا ڪهاڻيون واقعاتي
دورن ۾ داخل ٿيندا تخليقي ادب جو روپ اختيار
ڪندا آهن، تهڙي ريت وتائي سائين، گاموسچار،
ملان لٽر ۽ ملان دوپيازي وغيره جي ڪردارکي
بنياد بنائي، طنز و مزاح جي سنڌي ادب جي اها
کوٽ پوري ڪندس ۽ معاشرتي ڪمزورين جي نشاندهي
لاءِ هي به هڪ رستو ۽ بهترين ذريعو آهي.
منهنجو ارادو آهي ته وتو سائين کي تلڪ چاڙهي
گهمايان، پوءِ ڪيڏو نه مزو ايندو.
______
سڃائي به ڪم اچيو وڃي
هڪ سال درياءُ شاه دادلو موج ۾ هجي. سانوڻ جا
بر هڙا هجن. مٿان اچيو ٿيون برساتون پون. سڄي
شهر ۾ ٻوڏ جو خطرو ٿي ويو. ماڻهن کي سر جي لڳي
ويئي. سڀڪو ٽپڙ ڍوئڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
فقير پنهنجون ٻه ٽي رليون ۽ مختصر سامان کڻي
نڪتو شهر کان ٻاهر ماڻهن جا حال ڏسي، بيهي
بيهي چيائين ته ”ڪٿي ڪٿي سڃائي به ڪم اچيو
وڃي.“
(وتايو)