سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :6

 

ڪوٺاوالا صاحب کي ماڻهن جي نفسيات سمجهڻ لاءِ خاص ملڪو حاصل هو. منهن ڏسندي سمجهي وٺندو ته اڳلي جي دل ۾ ڇا پيو وهي واپري، ڪهڙيون تمنائون اٿس، ۽ ڪهڙي ڳالهه ٻڌڻ سان خوش ٿيندو. انهن نُڪتن کي سامهون رکي، آيل ماڻهوءَ سان، عين سندس مقصد ۽ طبيعت مطابق، پاڻ گفتگو شروع ڪري ڏيندو، ۽ کيس خوش ڪري گهر روانو ڪندو. سکر ضلعي ۾ ڪو به اهڙو چُرندو پُرندو ماڻهو ڪونه هو، جنهن ڪوٺاوالا کي خاص پنهنجو دوست ۽ مهربان نه ٿي سمجهيو. صبح ٿيندو، ۽ موٽرون، ٽانگا ۽ وڪٽوريا ٻگهيون ڪوٺاوالا جي بنگلي طرف هلڻ شروع ڪنديون. سج مس اڀرندو ته ماڻهن جا ڪٽڪ لڳي ويندا. سنڌي چوڻيءَ موجب، هر ڪنهن کي ”پُٽ ڏيئي روانو ڪندو، ڌيءَ ڏيڻ جو ته سوال ئي ڪونه هوندو!“ اها پاليسي ان ڪري ڪاميابيءَ سان هلائي ٿي سگهيو، جو سندس طبيعت ۾ چِڙ يا غصو قطعاً ڪونه هو. صبح کان رات تائين، ڪم جو ڪيترو به بار ڇو نه هجيس، منهن ڪڏهن ڪونه گهنجائيندو. دل ۾ جيڪي به هوندس، پر ظاهريءَ طرح هر ڪنهن سان پيو کلندو ڳالهائيندو. جيڪڏهن غصي ڪرڻ جي عادت هجيس ها ته هڪدم ظاهر ٿي پوي ها، ۽ سندس اها پاليسي ڪامياب ٿي ڪانه سگهي ها.

کيس آرٽ ۽ تاريخي يادگارن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. شوق کي ڇڏي به، اهي شيون بجاءِ خود قيمتي ٿين ٿيون. اُڀي جي هڪ مخدوم صاحب جو اچي منجهس ڪم پيو. هوشياريءَ ۽ زماني شناسيءَ ۾ اهو مخدوم صاحب ڪوٺاوالا کان به ٻه - چار قدم اڳڀرو هو. هڪ ڇنل پراڻيءَ ٽپڙيءَ جو ٽڪر آڻي ڏنائينس، چي، هيءُ شاهجهان بادشاهه جي نماز پڙهڻ جو مصلو هو، جو اسان جي خاندان ۾ اڄ تائين محفوظ رهندو آيو آهي! تبرڪ وٺي، ڪوٺاوالا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم ڪم ڪري ڏنائينس! - جتي لوڀي هوندا، اُتي ٺوڳي بک نه مرندا.

ان ڪاروبار ۾ سندس صاف ۽ وڻندڙ چهري خاص مدد ٿي ڪيس.

هڪ دفعي مولوي ضياءُ الدين صاحب، سکر ضلعي جو پوليس سپريڊنٽ مقرر ٿي آيو. اصل پنجاب جو هو، پر ملازمت سنڌ ۽ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ڪئي هئائين. گول، چاپئين سونهاري، مٿي تي وڏي، ڪاري، بوجري، علامه اقبال واري ٽوپي، جسم تي عربي ڍنگ جي عبا. ملاقاتي ويندس ته ساڻس زماني جي ڳالهين کان وڌيڪ الله ۽ رسول جون ڳالهيون ڪندو. نوانوي فيصدي ملاقاتي وٽانئس پنهنجو ايمان تازو ڪرائي ٻاهر نڪرندا، ڪم ته حوالي قادر جي. زيردست پوليس عملدارن جي ڪم ۾ دست اندازي ڪانه ڪندو هو. هندن ۾ به مقبول هوندو هو. مسلمان ته اڳ ۾ ئي مولوي صاحب جي عالمانه وصفن کان متاثر هئا، پر تصوف ۽ ويدانت جي علم ۽ گفتگو وگهي هندڪار به سندس قائل ٿي ويو هو.

سکر جي عملدارن جو قصو جماندار درياخان جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ کان سواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي. درياخان هوندو ته فقط پوليس جو جماندار هو. پر سندس دماغ وڏين وڏين اسڪيمن سان پُر رهندو هو. مثلاً، جنهن به ٿاڻي جو انچارج ٿي ويندو، ته اُت مهماني ۽ رسائي فنڊ ڪٺي ڪرڻ لاءِ عجيب غريب تجويزون رٿي عمل ۾ آڻيندو، ۽ ڪمال اهو ته سندس هر تجويز آئيني (Constitutional) قسم جي هوندي، ۽ قانوني لحاظ سان ناقابل شڪايت! مثلاً، پهرين ساريءَ حد اندر مشهور ڪرائي ڇڏيندو ته ”بدمعاشن جي رجوعات“ لاءِ ”مٿان“ سخت حڪم پهچي ويا آهن، تنهنڪري جماندار صاحب کي جلد گرفتارين ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ، هٿڪڙيون ۽ زنجير صاف ڪرائڻ شروع ڪندو. ڏينهن جا ڏينهن نمائشي نموني ۾ پيو اهو ڪم هلندو، ۽ ان ۾ علائقي جي سمورن ڪاٽڪن کي خبرون پهچي وينديون ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گرفتار ٿيڻا آهن، تنهنڪري ٿاڻي ۾ هٿڪڙين ۽ زنجيرن جي ”ماڃ ماڃا“ پيئي ٿئي. هٿڪڙيون ۽ ٿاڻي جا زنجير صاف ٿي ويندا، ته وري عام ماڻهن کان گهوڙن جا نيل گهرائڻ شروع ڪندو. چي: “سخت حڪم اچي ويا آهن. بيشمار ماڻهو گرفتار ٿيڻا آهن. ٿاڻي جون سرڪاري هٿڪڙيون پوريون ڪين پونديون، تنهنڪري وانگار ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجن گهوڙن جا نيل اڌارا ڏيو. جڏهن هٿڪڙيون رُجهي وينديون ته اهي نيل گرفتار ٿيل ماڻهن جي پيرن ۾ وڌا ويندا. پوءِ نيل اچڻ شروع ٿيندا.

ان وچ ۾ ڪاٽڪو ۽ وڏيرا، ان ايندڙ پليگ کان پاڻ بچائڻ خاطر، هڪدم جماندار صاحب سان ”منهن ڏيڻ“ ۽ ”منهن رکڻ“ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيندا. اڃا به ڪا ڪسر رهجي ويئي، ته هٿڪڙين، زنجيرن ۽ نيلن ساڻ بيل گاڏي ڀرائي، ٿاڻي جو سارو اٽالو ساڻ کڻي، گشت تي نڪري پوندو. پوءِ اهڙو جلوس ڏسي، ڪهڙي ڳوٺاڻي جي دل دهلجي نه ويندي؟ جتان گهمي ايندو، ڄڻ ماڪڙ ڦيرو کائي ويئي!

هيٺئين درجي جي پوليس عملدارن مان ٻيا به ڪيترا نالي وارا هوندا هئا: مثلاً، محمد بخش صوبيدار، جيڪو ڏهه - پندرهن ورهيه ساندهه ڳاهيجن تعلقي ڳڙهي ياسين جي ٿاڻي تي رهيو. مٿير مڙس هو. پنهنجن عملدارن خواهه وڏن زميندارن خواهه ڪاٽڪن کي هڪڙيءَ ئي بوتل ۾ بند رکيو ويٺو هوندو هو.

ان ڪڙيءَ جا ٻه - چار ٻيا صوبيدار به ان زماني ۾ هوندا هئا. صوبيدار جمعو خان، مديجيءَ جو ويٺل هوندو هو. تقريباً اڻپڙهيل، پر انڊين پينل ڪوڊ سارو حفظ ڪري ڇڏيو هئائين. علي بخش خان ماهوٽو، ماهوٽن ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، پر صوبيداري سکر ضلعي ۾ ڪيائين. شڪل ڪانه هيس، پر پوليسي ڪم جو ڪاريگر هو. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ويهارو ورهيه جيئرو رهيو، ۽ گهڻو ڪري سارو ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ۾، شاهي رستي تي، وڻن هيٺان ڪرسيون وجهيو، ڪچهري لايو ويٺو هوندو هو. غلام اڪبر خان، اصل پنجاب جو ويٺل هو. گهڻو وقت سکر شهر ۾ صوبيدار ٿي رهيو. ان کان پوءِ ترقي ڪندي ڪندي، آخر ۾ وڃي پوليس سپريڊنٽ بڻيو. صوبيداريءَ ۾ به ڪرڙو آفيسر هو. حضرت پير صاحب پاڳاري عليہ الرحمة تي پهريون مقدمو سندس صوبيداريءَ جي زماني ۾ قائم ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي ڌر ڪامياب رهي. مرحوم خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ جي ڪيس جي جانچ به ان صاحب ڪئي. ساڳيءَ طرح خانبهادر ايوب کهڙي کي، خانبهادر الهه بخش سومري جي قتل جي سلسلي ۾، ان صاحب رجوع ڪيو، پر خوشقسمتيءَ سان کهڙو صاحب آخر بيگناهه ثابت ٿي باعزت آزاد ٿيو.

اهي صوبيدار نه هئا، پر پنهنجي وقت جا نواب هئا - عام علم کان زياده عقل ۽ سيني جي زور تي.

ٻڍڙو فقير

سنڌ جي حق ۾ تصوف يا صوفي سلسلو باعث رحمت هو يا باعث زحمت، ان جو فيصلو هن وقت ڪرڻ مشڪل آهي. ڪن جو خيال آهي ته تصوف جي سيلاب ۾ وهي وڃڻ سبب، سنڌين کي پنهنجي ديس جي سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ڪو اونو ڪونه رهيو. جنهن به رهزن سنڌ تي ڪاهيو، ڪامياب ٿيو. درگاهون ۽ آستانا آباد، مگر سنڌ باقي هر معاملي ۾ برباد ٿيندي ويئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته تصوف جو ڪيف انسان کي دنيا کان ڇني هڪ اهڙي رستي تي وجهي ٿو، جنهن جي انتها وڃيو عالم بالا ۾ ٿئي. ان کان سواءِ، ان جي وسيلي انفراديت کي تقويت پهچي ٿي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪمزوري واقع ٿئي ٿي. هر شخص پيو پنهنجي آخرت ۽ اڳئين جهان کي موچاري بنائڻ جي ڪوشش ڪندو. روحاني پِڪ جو پيالو وڌيڪ پِي ويٺو، ته مورڳو تارڪ الدنيا ٿي وڃي جهنگ وسائيندو -

”منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾؟“

جنهن ”ڀنڀور“ جا بهترين ماڻهو دنيا کان تارڪ ٿي ويندا، ان ڀنڀور جو دنيوي ڪاروبار ڪير هلائيندو، ۽ اهو خود ڪنهن جي حوالي ٿيندو؟ تصوف جي راهه تي قدم رکڻ کان پوءِ دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ پورو تناسب قائم رکيو اچڻ، هر ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. اهو تناسب ۽ توازن فقط اهي چند بزرگ رکي سگهن ٿا، جن جو مقام عام سطح کان بالا آهي - ۽ اهڙا گهڻا ماڻهو هر سمي ۾ پيدا ٿين ٿا؟

تنهنڪري، گهڻن مفڪرن جو اهو خيال آهي ته سنڌ جي اجتماعي ۽ خاص طرح سان سياسي زندگيءَ کي غير متوازن ۽ عوامي قسم جي تصوف وگهي گهڻو نقصان پئي پهتو آهي.

پر ان جي اها معنيٰ نه آهي ته اهو نقصان فائدي کان قطعاً خالي پئي رهيو آهي. مثلاً، تصوف جي طفيل، سنڌ اندر، اوائلي زماني ۾، هندن ۽ مسلمانن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن حد تائين يڪرنگي پيدا ٿي ويئي هئي. مسلمان بزرگن جا هندو مريد ٿيا، ۽ ڪيترن هندو سنتن جا معتقد مسلمان هوندا هئا. ان سلسلي اهڙيءَ حد تائين ترقي ڪئي جو بيشمار هندو گهرن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ٿيندي رهي، ۽ ڪيترن مسلمانن شوق سان گيتا جو اڀياس ڪيو. پوئين زماني ۾، جيڪڏهن سياسي حالتون غلط پلٽو نه کائين ها، ۽ هندن ۾ ملڪ گيريءَ جي هوَس پيدا نه ٿئي ها، ته شايد صوفي بزرگن جي ان پوکيل ٻج مان سنڌي قوميت جو ڪو شاندار درخت نمودار ٿئي ها. اهو ته مون پاڻ به ڏٺو ته راڄوڻي فيصلن ۾ هندو قرآن مجيد جي قسم کڻڻ کان پوءِ هرگز ڪوڙ نه ڳالهائيندا هئا، ۽ نه وري مسلمان ئي ڪوڙ تي ”گيتا“ کي مٿي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا هئا.

ان طرح جي خيال مان ٻيو اهو فائدو حاصل ٿيو ته سنڌ جي لٽريچر کي گهڻي هٿي ملي ويئي. جنهن به بزرگ تي اها روحاني ڪيفيت طاري ٿي، سندس دماغ ۽ زبان هڪدم کُلي پيا: درد ڀريا ڏوهيڙا چوندو، سوز ڀريل ڪافيون ٺاهيندو، ۽ جيڪڏهن اظهار جي انهن طريقن مان به تسڪين حاصل نه ٿيس، ته يڪتارو هٿ ۾ کڻي ميدان ۾ نڪري پوندو - پاڻ به بيتاب رهندو، دنيا کي به بيتاب ڪندو ويندو. گهڻن درويشن ته اڪتفا فقط ان يڪتاري تي به نه ڪئي، پيرن ۾ ڇيريون ۽ هٿن ۾ گهنگهرو ٻڌائون - جنهن محفل ۾ داخل ٿيا، محشر مچائي ڇڏيائون!

سچل سرمست، مصري شاهه، خير محمد فقير هيسباڻي، ۽ ٻيا بزرگ اسان جي سانڀر کان اڳ ٿي گذريا هئا. منهنجي ڏينهن ۾ اڃا ٻه درويش زنده ۽ خاص طرح مشهور هوندا هئا: محمد فقير کٽياڻ حيدرآباد پاسي، ۽ ٻڍڙو فقير شڪارپور طرف.

ٻڍڙو فقير، جنهن کي ”ٻڍل سائين“ به چوندا هئا، شڪارپور کان پنجن ميلن جي فاصلي تي، بخشي انڙ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. وڏيءَ عمر کي رسي، سال 1939ع(1) ۾ وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان عبدالواسع صاحب هو.

ٻڍڙي فقر کي ننڍڙي کان ئي ”لَنو“ ۾ ڪا ”لغار“ لڳل هئي. ڍورن چاريندي، پَسڻ ٿي ويو هوس. هڪ ڏينهن، ذوق جي انتهائي غلبي ۾، سندس واتان هيءَ ڪافي نڪتي (جا سندس پهرين ڪافي چوڻ ۾ اچي ٿي):

سگهو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون!

پويون بند هوس:

عشق ”ٻڍل“ کي هو ٻنڌڻن لاڪؤن،
منهڙو ڍڪين ٿو ڇو محب اسان کئؤن،
روح رَتو آ تن هي توهان کئؤن،
دم نه ٿجانءِ تون ڌار، توڏي ٿا نهاريون!

چون ٿا ته ڪافي چوندي، غش کائي ڪِري پيو. گهر - ڀاتين سمجهيو ته ڪنهن جن ڀوت جو پاڇو پيو اٿس. دعائون ۽ ساٺ سوڻ شروع ڪرايائون، پر، بزرگ اڳ ۾ ئي ان مقام معليٰ تي پهچي چڪو هو، جت انهن شين جو ڪو چارو ڪونه ٿي چليو. پاڻ نتيجو هيءُ نڪتو جو رهيل کهيل حجاب جو پردو ڦاڙي، پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو کڻي، نچڻ ۽ ڳائڻ نڪري پيو. خويشن عزيزن سمجهيو ته بنهه ”ڪل ٿڙي ويئي“ اٿس، ۽ چريو ٿي پيو آهي. تنهنڪري، ٻين علاجن سان گڏ، جسم تي ڏنڀ به ڏياريائونس. مگر فرق ڪونه پيو، پڇاڙيءَ تائين پنهنجي حال ۽ درويشي خيال تي قائم ۽ مستحڪم رهيو.

منهنجيءَ سانڀر ۾، سندس ڪلام ننڍي وڏي جي وات تي هوندو هو. ڪو به ڳائيندڙ اهڙو ڪونه هوندو، جو شروعات ٻڍڙي فقير جي ڪلام سان نه ڪندو. ڪلام جي نموني طور، ٽي ڪافيون ڏجن ٿيون.

(1)

(طرز بيدل: سک رمز وجود وڃاوڻ دي، ناهي حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي)

سک رمز جِيتي مرجاوڻ دي،

ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي.

 

 

شاهه منصور سر سُولي ٻولي،

رمز اِنهيءَ سان اِها ڳالهه چولي،

 

لنو لنو دي وچ ڏتڙي لولي،

انا الحق آلاوڻ دي.

 

علم عقل نون عشق نه مندا،

جان جان هستي حال نه ڀندا،

 

ڇوڙ تڪيا اِنهيءَ خاڪي تن دا،

نيت نه رک ول آوڻ دي.

 

ڇوڙ دعويٰ هڪ درد ڪون گهِن تون،
مرشد
واري مام چاڳهين تون،

بد هوائي دا بوتا ڀن تون،

مرشد واري مام چاگهن تون،

ڪر نه ڪسب ڪماوڻ دي.

 

پڙهه پڙهه علم ڪيا فاضل هووين،

مرڻ ڪنون اڳي مول نه مووين،

 

جهڙا هووين تهڙا هووين،

پڙهه آيت آپ وڃاوڻ دي.

 

”ٻڍل“ نفي اثبات ڪر ڄاڻين،

وچ اپڻا دي آپ نه آڻين،

 

 

ساري ذات صفات سڃاڻين،

احدؤن عبد ڇپاوڻ دي.

 

 

 

 

 

(2)

(طرز فريد: بن دلبر شڪل جهان آيا.)

 

     وه دلبر ڪر سينگار آيا،

     هر صورت دي وچ يار آيا!

 

ڪاٿي ميخاني تي مخمور ڏٺم،

ڪاٿي شريعت ذوق ظهور ڏٺم،

 

ڪاٿي سوري تي منصور ڏٺم،

چئي انا الحق اظهار آيا.

 

ڪاٿي تخت مٿي تيار ڏٺم،

ڪاٿي چِٽو چوڪيدار ڏٺم،

 

ڪاٿي ڪارائو تي ڪمدار ڏٺم،

 

ڪاٿي ناچو ٿي نروار آيا.

 

ڪاٿي عيسيٰ روح الله ڏٺم،

ڪاٿي ابراهيم خليل الله ڏٺم،

 

ڪاٿي موسيٰ ڪليم الله ڏٺم،

ڪاٿي احد، علي اظهار آيا.

 

ڪاٿي صحيح ”ٻڍا“ سلطان ڏٺم،

ڪاٿي پڙهندا ياد قرآن ڏٺم،

 

ڪاٿي ڳل جڻيا صنعان ڏٺم،

ڪاٿي يوسف مصر بازار آيا.

 

 

 

 

 

 

 

(3)

تن مارن جا، ميان عمر، سور وڃن ٿا ساڙيون:

 

 

پَسان پيڪن جون پَٽ تي، ويڙهيچن جون واڙيون.

 

 

آءُ ڪانگا ڪا تن جي، لَنؤ هاڻي لات وري،

 

سانگيئڙن جي سڪ ۾، رئندي ڳچ  پيا ڳري:

 

 

دم دم ڪريان ٿي دانهون، ڳوڙها ڳلن تي ڳاڙيون.
 تي ڳاڙيون.

رنجايل جي روح ۾، پلپل پُور پون،

 

سانگيئڙن کي ساريو، نت نت نيڻ وهن:

 

 

 

بيوس ٿي هان بند ۾، روز ڪريان ٿي راڙيون.

تن مارن سان عمر منهنجا نيڻ لڳا،

 

ساهه سيبائي ڪينڪي، تنهنجا ويس وڳا:

 

 

لاکيڻي اٿم لوئي، پَٽُ ڦِٽي ڪريان ڦاڙيون.

”ٻڍڙو“ آکي، ٻن پيا تن ريءَ گهر گهٽيون،

 

جهانگيئڙن سان جهنگ ۾، وڃي پيان خوب کٽيون:

 

 

ڏوٿيئڙن جي ڏک ۾، مور وڻن نه ماڙيون.

 

 

 

 

 

مير علي نواز علوي

شڪارپور جي مقتدر هستين مان هو. منهنجي زندگيءَ جي اوائلي دور اندر زنده هو. عالم هو، شاعر هو، ۽ وڏي پايي جو طبيب هو. مالدار ماڻهو ڪنهن سخت بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندا هئا ته علاج لاءِ مير صاحب کي سڏيندا هئا. رهڻي ڪرڻي اميراڻي هوندي هيس. وڏو ڪتبخانو ڪٺو ڪيائين، پر اولاد ڪونه هوس. سندس انتقال بعد گهڻا ڪتاب ضايع ٿي ويل ٻڌجن ٿا.

سندس ڪلام عام ۾ ايتريقدر مقبول ۽ مشهور نه هو، جيترو عالم ۽ خواص طبقي ۾. فارسي، سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ چوندو هو، ۽ سندس ڪليات سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپجي پڌري ٿي.

ڪيترا ڪتاب لکيائين، مثلاً: (1) صارم المسلول عليٰ منڪر علم غيب الرسول (4 جلد)، (2) الاشاره، (3) بياض علوي (علم طب).

سال 1940ع ۾ سندس انتقال ٿيو. عين نزع جي حالت ۾ هي ڪلام چيائين:

منهنجي دل ٿي ساري، سڄڻ کي سنڀاري،
زيارت مديني جي رب شال ڪاري!

 

منهنجو مير آهي مديني ۾ جاني،
نه هت ڪو سندس مٽ، نه عقبيٰ ۾، ثاني،
سندس هجر مون کي ڏني ناتواني،
جدا جسم کان جان، هت ڪيئن گذاري --
                        منهنجي دل ٿي ساري...
ڪري پنڌ پٽيون، مان ڏونگر کي ڏوريان،
وڃي پِر جي پاڙي ۾ آءٌ جاءِ جوڙيان،
ڳجهو حال دل جو عجيبن سان اوريان
ٿيان شاد، رهبر جو روضو نهاري --
                منهنجي دل ٿي ساري...
عرب ڏي مهارون مان قسمت جون موڙيان،
پرين جي مان پيزار تان پاڻ گهوريان،
سڄڻ ساڻ هڪ ٿي، ٻيائيءَ کي ٻوڙيان،
پوان نت وڃي مان پرين جي پناري --
                منهنجي دل ٿي ساري...
سندس ڪلام اڪثر نعتيه هو، ۽ اثر سان ڀرپور. نعت سان هونئن به سنڌي شاعرن جي ڪافي دلچسپي پئي رهي آهي. حضور صلي الله عليہ وسلم سان جا محبت سنڌ جي ماڻهن کي رهي آهي، ان جو مثال مون کي خود عرب ملڪن ۾  به نظر ڪونه آيو. حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جو نالو ايندو ۽ سنڌي بيتاب ٿي ويندا. سندن تعريف ۾ جو ڪلام واتان نڪرندن، شعله بدامان هوندو. ساڳيءَ طرح، حضرت غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ سان پڻ جا عقيدت هن علائقي جي ماڻهن کي آهي، اهڙي عقيدت ڪنهن ٻئي اسلامي ملڪ جي عوام کي ساڻن ڪانه آهي. خود عراق جي حالت اها آهي. مان بارها، صبح ۽ شام ويلي، سندن درگاهه تي حاضر ٿيندو رهيو آهيان، پر مجاورن کان سواءِ ملڪي زائر گهڻو ڪري موجود ڪونه ڏٺو اٿم. سندن زيارت لاءِ ماڻهو ٻاهران اچن ٿا، خاص طرح سان پاڪستان ۽ هندستان مان. انهن زائرن جي محبت ۽ مراد البته ڏسڻ وٽان آهي. هت به ڪهڙو سنڌي ڳوٺاڻو آهي، جنهن محبوب سبحانيءَ جي ”يارهين“ نه ڪئي هوندي، يا مشڪل آئي ”سوا ڪسيرو“ نه باسيو هوندو؟ مير علوي جو ڪلام ان عام سنڌي جذبي جو هڪ بهترين مظهر هو.

پر ان جي اها معنيٰ نه آهي ته مير مرحوم ٻين مضمونن تي طبع آزمائي نه ڪئي. عشق تي به گهڻو ڪجهه پئي آلاپيو اٿس. فارسيءَ ۾ فرمائي ٿو:

رسيد موسم گل، ترڪ ڪار بايد ڪرد،      
                نظارهِّ گل و روي نگار بايد ڪرد.
غم و نشاط جهان را چو اعتباري نيست،    
                بعيش عشقِ بتان اختصار بايد ڪرد.

سرائڪيءَ ۾:

شوق ملڻ دا ٿيا بسيار، منهن ويکان هڻ شال صنم دا!
نال ماهي دي نينهڙا لاتم، بار برهه سر اپڻي چاتم،
زلف ماهي ڳل جڻيا پاتم، عشق سڄڻ دا ڪر اختيار،
        سمجهه ڳيس ڳُّجهه دين ڌرم دا.    

 

“ سنڌي ڪافي، مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي مشهور ڪافيءَ جي تتبع تي:

تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، انسان هزارين، مان نه رڳو.

تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو،
تنهنجي سونهن سندو مَٽ ماهه نه ڪو،
تنهنجي خيال کان خالي ساهه نه ڪو،

 

خواهان هزارين، مان نه رڳو.

 

قرآن سراسر شان تنهنجو،
آهي واصف خود رحمان تنهنجو،
ٻيو ڪهڙو ڪري ته بيان تنهنجو،

 

حيران هزارين، مان نه رڳو.

 

ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا،
ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا،
ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا،

 

سلطان هزارين، مان نه رڳو.

 

تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا،
ڪيئي عاشق اسرافيل جهڙا،
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا،

 

دربان هزارين، مان نه رڳو.

 

توتان پاڻ فدا ڪن شاهه گدا،
ريءَ ناڻي ٻانها ٻول ٻڌا،
ٿيا خادم تنهنجي خُلق سندا،

 

خاقان هزارين، مان نه رڳو.

 

ناهي ”علوي“ هڪ ”مفتون“ تنهنجو،
آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو،
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو،

 

قربان هزارين، مان نه رڳو.

 

هيمو ڪالاڻي

ملڪ جي آزاديءَ خاطر جن پروانن شمعِ وطن اڳيان پنهنجين ڳچين جا ڳچ نذر ڪيا، تن مان هڪ هيمو ڪالاڻي به هو. وڏي ناانصافي ۽ سخت ناشڪر گذاري ٿيندي، جيڪڏهن سکر جي ذڪر هلندي آءٌ کيس وساريندس.

نوجوان هو، اڃا تعليم به پوري ڪانه ڪئي هئائين. پراڻي سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب مان هو. ظاهري طرح سياست سان ڪو واسطو ڪونه هوس. توڙي جو آءٌ ورهين جا ورهيه سکر ۾ رهي چڪو هوس، پر سندس نالو ڪڏهن به منهنجي ڪن تي ڪونه پيو. معلوم ٿئي ٿو ته اندر ئي اندر ۾ پئي سڙيو ٻريو.

1942ع ۾، مهاتما گانڌيءَ انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ مشهور (Quit India) ”هندستان مان نڪري وڃو“ تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري هندستان اندر باهه ٻري ويئي: بيشمار فساد ٿيا، سرڪاري عملدارن تي خوني حملا ڪيا ويا، ريلون ڪِريون، پوليس ٿاڻا سڙيا، سرڪاري عمارتون ڀسم ٿي ويون. انتقام جي جذبي ۾ انگريز به انڌا ٿي پيا. جبر ۽ تشدد جو اهڙو طوفان کڙو ڪيائون جو خود سندن تاريخ ۾ به ان جا ٿورا مثال ٿي مليا.

ان دوطرفيءَ خوني هلچل جو پاڇو سنڌ تي به پيو. سال 1942ع ۾، هيمو ڪالاڻيءَ، پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ هڪ جاءِ تان ريل جي پٽي ڪڍي، ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ريل ته ڪانه ڪِري، پر پاڻ پڪڙجي پيو. انهن ڏينهن ۾ حرن کي سزا ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي سنڌ سان مارشل لا لاڳو ٿي چڪو هو. هيموءَ تي به ڪورٽ مارشل ۾ ڪيس هليو، ڦاسيءَ جي سزا مليس. مٽن مائٽن سندس پاران گهڻيون ئي رحم جون درخواستون ڪيون، پر هيمو ڪالاڻيءَ پاڻ اهڙيءَ ڪنهن به درخواست تي صحيح ڪانه پاتي. ملٽري ڪمانڊر، انهن رحم جي درخواستن تي فيصلي ڪرڻ کان اڳ، پنهنجا عملدار موڪليا ته هيموءَ سان ملي معلوم ڪن ته کيس پنهنجي ڪِئي تي شرمندگي محسوس ٿي آهي يا نه. ڪمانڊر جو خيال هو ته جيڪڏهن منجهس ٿوري به پشيماني آئي هجي ته هو مٿانئس ڦاسيءَ جي سزا معاف ڪري ڇڏي.

عملدارن وڃي هيموءَ سان ملاقات ڪئي، پر ڇا ڏٺائون؟ اڳ کان اڳرو! نه ڪئي تي پشيماني، نه موت کان ڪا ڪنبڻي. چيائين:”جيئرو رهيس ته وري به اهڙا ڪم ڪندس! ۽ اوستائين جاري رکيو ايندس، جيستائين انگريزن جي حڪومت هندستان مان ختم ٿي نه ويئي آهي!“

ڪيترا مهينا ڦاسي نه ڏنائونس. اهو سارو وقت انگريز فوجي عملدار ان انتظار ۾ رهيا ته ڪڏهن ٿو ڇوڪرو پڇتائي. پر هيمو، ۽ پشيماني يا پريشاني؟ ناممڪن هو! آخر تنگ ٿي، تختي تي چاڙهيائونس. رسيءَ کي چمي ڏنائين، ۽ کلندي ساهه سائينءَ جي سپرد ڪري ڇڏيائين.

سردار بهادر امام بخش جتوئي

سندس وجود، هڪ خاص اداري جي حيثيت ٿي رکي. جتوئي قوم جو سردار هو، نيپئر آباد نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو. درياهي علائقي، يعني ڪَچي، جو بي تاج بادشاهه هو. لاڙڪاڻي کان ڪشمور تائين، درياهه جي ٻنهي ڀرين تي. جهنگن ۾، سندس قوم جي ماڻهن جون دڻيون پکڙيل هيون. ساري ملڪ جي “ٻڌي - ڇوڙي“ انهن دڻين تي پيئي طئه ٿيندي هئي. چوپايو مال چوري ڪٿان به ٿئي، پر ان جو ڇوڙ وڃي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن دڻيءَ تي ٿيندو. رگويد ۾ لکيل آهي ته اڳئين زماني ۾ سنڌ جا چور ۽ رهزن ڏکڻ ۾ مدراس تائين پهچي وڃي چوريون ڪري ايندا هئا، ۽ ان ڪري ڏکڻ جون ساريون قومون پيون کانئن ڏڪنديون هيون. ممڪن آهي ته اسان جن همعصر ڪاٽڪن جي به ڪا لِڇ وڃي انهن بزرگن سان لڳندي هجي. بهرحال، جيڪي ڪجهه اسان پاڻ اکين سان ڏٺو، سو به ڪو گهٽ ڪونه هو.

آباديءَ کان پري، گهاٽي جهنگ ۾، درياهه جي ويجهو وڃي وجهندا هئا اهي دڻيون. دڻيءَ جي معنيٰ هڪ - ٻه ڇپر پنهنجي رهڻ لاءِ، باقي چوپائي مال جي بيهارڻ لاءِ مَنههُ. چوپايو مال گهڻو ڪري مينهنِ جو هوندو هون. چوري ڪارِي به مينهن جي ئي ڪندا رهندا هئا. مينهن ٻڌي ته هڪ دُڻي ٻيءَ دُڻيءَ تائين پهچائيندس، ۽ ٻي وري ٽينءَ تائين. نتيجو اهو نڪرندو جو لاڙڪاڻي مان چورايل مينهن ٿورن ڏينهن اندر ئي وڃي پهچندي ڪشمور. ان جي بدلي ۾ وري ڪشمور وارا رواني ڪندا اتان جي چوري ٿيل ڪا مينهن، جيڪا لاڙڪاڻي رسڻ بعد بلڪل ”مال حلال“ بڻجي پوندي. ٻئي طرف، مينهن جا مالڪ قرآن مٿن تي کڻيو پيا دڻيون گهمندا ۽ چورن کي ستائيندا. عام دستور هوندو هو ته چوري ٿيل مال جا ڀاڳيا، قرآن شريف کڻي، پاڙي جي ڪاٽڪن جي دڻين تي پهچي وڃي کين قسم ساک وجهن ۽ چوري ٿيل مال جو ڏس پتو پڇن. اوائلي زماني جا چور ته قرآن شريف کان گهڻو ڊڄندا هئا ۽ قرآن آئي، جو به پتو هوندو هون، ٻڌائي ڇڏيندا هئا. پر وقت گذرندي اها مراد ختم ٿيندي وين، ۽ پوئين زماني ۾ ته قرآن پاڪ ڏسي چوندا هئا:”ڀلا ڀل پيا ڀلن ڏي اچن!“ - يعني قرآن به ڀلو، ۽ پاڻ چور به ڀلا: هڪٻئي ڏانهن لنگهي آيا، ته اُن ۾ خوف ڪرڻ ۽ چوري ٿيل مال موٽائي ڏيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي! نعوذ بالله!

اڄ تائين به ايترو رواج ضرور آهي ته ڪو چوريءَ جو ستايل غريب، قرآن شريف کڻي، ڪنهن ”مهانڊي“ چور وٽ لنگهي آيو، ته اڳلو پري کان قرآن پاڪ ڏسي استقبال لاءِ اٿي بيهندو، قرآن وٺي اکين تي گهمائيندو، ۽ چمي، مٿانهينءَ جاءِ تي رکندو. ان کان پوءِ، آئي کي مانيءَ ٽڪر کارائيندو، ۽ کانئس حال احوال وٺندو، چوريءَ جو ڏس پتو ڏئي يا نه، پر ايترو آڌرڀاءُ ضرور ڪندو. موٽندي، لٽي ٽڪر ڦاڙي، قرآن شريف تي پوتي به چاڙهي ڇڏيندو!

چوري ٿيل چوپايو مال پوليس جي مدد سان هرگز نه موٽندو. ٿاڻي ۾ رپورٽ ٿي ته الله ٻڌي پوليس جي! چوري ٿيل ڍور ته ڪونه ملندو، باقي ڀاڳئي جا رهيل ڇيلا ڪڪڙ به سندن مهمانين ڪندي ختم ٿي ويندا. تنهنڪري، چوپائي مال جي چوري موٽائڻ جا ٻيا طريقا هوندا هئا. مثلاً: (1) قرآن شريف گهمائي، خود چورن مان پتو لهڻ، ۽ کين ستائي، قرآن محابي مال ورائڻ،

(2) ڀونگ (يعني روڪ رقم) ڏيئي، اصلي مال موٽرائڻ (ڪيترا چور ته ڀونگ وٺي پوءِ به مال ڪونه موٽائيندا هئا ۽ مال خواهه ڀونگ ٻئي هضم ڪري ڇڏيندا هئا)،

(3) مال جي پتي پوڻ بعد، چورن جي قومي سردار کي منٿون ميڙيون ڪري، کانئس چورن تي دٻاءُ وجهرائڻ ۽ ان طريقي سان مال واپس ڪرائڻ.

چور قرآن کي ڏسي ڀل نه ڀِرمن، پر پنهنجي سردار سان ڪوڙ ڪڏهن ڪونه ڳالهائيندا. سردار جي کٽ تي هٿ رکي ڳالهه ڪيائون ته گويا وڏي ۾ وڏو قسم کڻي وڌائون. جنهن شخص کٽ تي هٿ رکي ڪوڙ ڳالهايو ۽ اڳتي هلي سندس ڪوڙ ظاهر ٿي پيو، ته سندس لاش درياهه ۾ لڙهندو هٿ ايندو. خود پنهنجيءَ قوم جا ماڻهو سر وڍي ختم ڪري ڇڏيندس.

”دڻين“ تي رات ڏينهن پيا چورين ۽ چورن جا قصا هلندا. انهن دڻين کي پنهنجي زباني ”وائرليس“ هوندي هئي. ڪو به اهڙو واقعو ڪونه ٿيندو، جنهن جو چورن سان واسطو هوندو ۽ ان جي خبر جلد کان جلد انهن دڻين تائين پهچي نه ويندي. رات ڏينهن دڻين جي ماڻهن جي هڪٻئي ۾ اچ - وڃ لڳي پيئي هوندي. هڪ ڪنڊ جي هليل خبر، بنادير جي وڃي ٻيءَ ڪنڊ تائين پهچندي. ٿاڻي تان پوليس جو ٽولو اڃا مس روانو ٿيندو ته اڳواٽ دڻين تائين خبر پهچي ويندي. مال کي هڪلي وڃي لڪائيندا گهاٽي جهنگ ۾، پاڻ مرد به ٿي ويندا ”ڪک پن“، باقي دُڻيءَ تي وڃي رهنديون ڪراڙيون عورتون، جيڪي قرآن جي ڪوڙن قسمن کڻڻ ۽ سچ کي لڪائي، پوليس کي دوکو ڏيئي ٻئي پاسي رواني ڪري ڇڏڻ واري فن ۾ ڪيئي ڊگريون ۽ ڊپلوما حاصل ڪريو ويٺيون هونديون! پوليس اڃا به سختي ڪئي ته اوڇنگارون ڏيئي، روئڻ پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ شروع ڪري ڏينديون، پوءِ ڪير هوندو جو اهو ماتم ڪندو ڏسي پوئين پير نه ورندو؟

انهن چورن جون صورتون به ڏسڻ وٽان هونديون. سکن وانگر، منهن يا مٿي جي وارن کي هرگز هٿ نه لائيندا. ڏاڙهي جيتري ڊگهي، اوترو مڙس مهانڊو. ڀرون وڌي اکين ۾، ۽ مڇون وڌي وات ۾ پوندن، ڏاڙهين جو دُن تائين پهچڻ معمولي ڳالهه هوندي. مٿي تي وڏو اڇو پڳڙ، هيٺتي سٿڻ هجي يا ڇڙو پوتڙو ٻڌل، تنهن جي پرواهه ڪانه. عام طرح هٿ ۾ لٺ، چوريءَ جي شغل سان نڪتل هوندا ته ڪلهي تي ڪهاڙي ۽ چيلهه سان ، مال کي ڪڙڻ لاءِ، ٽوڙهو وڪوڙيل هوندن. خوراڪ کير مکڻ ۽ لسي. گوشت ڪڏهن ڇٺيءَ ڇماهيءَ. ڳنڌڻ جو خيال ٿين ته چڻن يا مٽرن جي پلي، يا سرينهن ڄانڀي جا ڳنر چاڙهيندا، سي به ٺڪر جي ڪُني ۾. ماني جوئر جي، تئي تي نه پر ٺڪر جي دانگيءَ يا پٿر جي ٿوٻيءَ تي پڪل. تعليم سان بنهه واسطو ڪونه. شهرن کان بلڪل ڀڳل. جيل وڃڻ کان ڪيٻائيندا ضرور پر مٿي تي اچي وين ته مڙس ٿي منهن ڏيندا. جيل مان نڪرندا ته اڳ کان اڳرا ٿي، چوندا هئا: ”مڙس لاءِ جيل ائين آهي، جيئن ڪنوار لاءِ ونواهه.“

جهڙا پاڻ تهڙا سندن نالا: مثلاً ڀوت، گوشو، ٽنڊو، راوت، اوڀاهيو، شاهم، بنڊيڻ، يختيار (اختيار)، وغيره وغيره.

زال ذات لاءِ قاتل، ڪنهن عورت جي چال بابت شڪ پين ته هڪدم قتل ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ عورت جي واهر سندس پيڪا به ڪونه ڪندا. جيڪڏهن مڙس همٿ نه ڪئي ته پيڪا پاڻ پورو ڪري ڇڏيندس. ڀائر ڀينرن کي ماريندا، پيئر ڌين کي. نه دانهن نه ڪوڪ، نه شاهد نه گواهه- ڄڻ ڄائي ئي ڪانه هئي. عورت جو قصو ختم ڪري، پوءِ پوندا مشڪوڪ مرد جي ڪڍ. اُن جي جان فقط ٻن حالتن ۾ بچي سگهندي: سردار وٽان فيصلو ڪرائي، بدلي ۾ سڱ ڏئي يا سڱ جي قيمت بطور حرجاني جي ادا ڪري. اها قيمت هزار کان ٻن هزارن رپين تائين هوندي. ٻيءَ حالت ۾، ”ڪارو“ ڪري، ڪتي وانگر ماري ڇڏيندس. مجال آهي جو مقتول جو ڪو مٽ مائٽ به وڃي سرڪار ۾ دانهين ٿئي!

پر عورت جي فطرت کي ڪٿي ٿي اهي ڪهاڙيون قابو ۾ رکي سگهيون؟ موت جي ان ظاهري يقين هوندي به، حضرت عشق جون ڪار فرمايون بدستور جاري هونديون. لنوَ لڳي ويئي ته سارا ڀوَ ڀولا ختم ٿي ويا. هٿ کولي عشق جو استقبال ڪنديون. جيترا ڏينهن لڪي سگهيو، لڪائينديس، ظاهر ٿي پيو، ته نه ڀڄنديون، نه ڊڄنديون. مقرر ڏينهن تي، وهنجي سهنجي، سينڌ سرمو ڪري، مِٺن پيارن کان موڪلائي وڃي سر اڏيءَ تي رکنديون!

عشق جي انهن شهيدن کي ٻروچڪي ٻوليءَ ۾ ”ڪاري“ ۽ ”ڪارو“ سڏيندا - يعني عورت هوندي ته ”ڪاري“، مرد هوندو ته ”ڪارو“. ڪو ٻروچ بزرگ ڍڳي جي چوري ڪندي، يا کاٽ هڻندي، لٺ، لَوڙِ يا لوڙهه لڳڻ سبب مري پيو ته وڏيءَ عزت وارو موت نصيب ٿيس. يار دوست عذر معذور لاءِ ايندا، عزيز خويش سندس ياد ۾ پيا روئندا ۽ پار ڪڍندا. پر عشق ۽ عاشقيءَ جي سلسلي ۾ ڪا عورت فقط شڪ جو ئي شڪار ٿي ويئي، ته ڄڻ ڪتي ٻلي مري ويئي. گهڻو ڪري، ماري، لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيندس. پر جيڪڏهن درياهه ويجهو نه هوندو، ۽ لاش کي دفن ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي، ته به بنان ڪفن جي، ۽ فقط اونهي کڏ کوٽي، مئل مڙهه کي ٽَنگ يا ٻانهن کان گهلي، منجهس اڇلائي ڇڏيندا، نه قبر هوندي، نه لوڙهه جو نشان. مجال آهي جو ڪو گهر جو ڀاتي به ڪڏهن مقتوله کي وري ياد ڪري يا سندس نانءُ وٺي!

ڪيتريون عورتون ته بيگناهه فقط ”ويڻ“ وگهي به مارجي وينديون. ”ويڻ“ جي معنيٰ هيءَ آهي ته عورت جي مڙس کي ڪنهن شخص، ڪنهن پنهنجي ٻيءَ دشمنيءَ سبب ئي، فقط هيترو چيو ته ”پاڻ ته پڳڙ ٻڌيو ٿو وتين، جوڻهين وتي ٿي جهنگ جهٽيندي!“ پوءِ اڳلو نه ڪندو جاچ نه جوچ، کڻي ڪهاڙي، پل ۾ پنهنجيءَ زال کي پورو ڪري ڇڏيندو.

اهڙن خونن جي سلسلي ۾، هر سال سوين ٻروچ ڦاهين تي لڙڪندا رهن ٿا، مگر ان هوندي به اهو خوني سرشتو قائم رهندو پيو اچي. ڪاريءَ ڪاري ماريندي جنهن کي ڦاسي آئي، ڄڻ شهيد ٿيو!

* * *           * * *           * * *

جتوئين جي قوم جو سردار هو، سردار بهادر امام بخش خان.(1) نوي - پنجانوي سال جيئرو رهيو. انگريزن کيس پهرين ”خانبهادر“ ۽ بعد ۾ ”سردار بهادر“، جو لقب ڏنو.

حڪومت جي ”وفادارن“ ۾ پهريون نمبر هو، رڄ چڱو مڙس هو. صورت ۾ به اثر هوس. ٻروچن جي دستور موجب، ڪارو ڪپڙو ڪڏهن نه ڍڪيندو. مٿي تي اڇي وڏي پڳ، جسم تي موڪرو پيراهن، هيٺتي شلوار، پيرن ۾ سنڌي جُتي، جيڪا ڳاڙهي پٽ تي ڀريل هوندي، هٿ ۾ رات - ڏينهن تسبيح، چپ هميشہ متحرڪ.

سندس اوطاق تي رات - ڏينهن چورين ۽ خونن جا فيصلا پيا ٿيندا. آئي وئي جي ڌم لڳي پيئي هوندي. ڪنهن فيصلي جي سلسلي ۾ ڪنهن ڌر تي ڏنڊ وڌائين ته ان ڏنڊ جو مقرر ”سرداري حصو“ سندس پنهنجي خزاني ۾ جمع ٿيندو. وقت سر راڄ مان ڦوڙي به وصول ڪندو. مثلاً، ”في پڳ تي رپيو، يا في پڳ تي ٻه رپيا“. ڪنهن کي به طاقت نه ٿيندي جو ان ”سرداري ڦوڙيءَ“ جي ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري. ساري عمر چڱي دٻدٻي سان رهيو. پنهنجيءَ قوم اندر ڏاڍي مڃتا هيس. البت، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ نئينءَ حڪومت جي نظر ۾ سردارن جو اڳيون وقار ڪونه رهيو. قريبي زماني ۾ امام بخش خان جي عزيزن تي قتل جا مقدما ٿيا. انهن جي سلسلي ۾ پاڻ لاهور ويو، ۽ اتان موٽندي، ريل ۾ ئي سندس موت واقع ٿي پيو-

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين دمامين نقرين، پر ۾ پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾!

 

ڪوٽ مير محمد جا مير صاحب

روهڙي تعلقي ۾ ٽالپر ميرن جا ڪيترا ڳوٺ هوندا هئا. انهن ٽالپرن جو اصلي تعلق خيرپور جي شاهي گهراڻي سان هو. مير علي مراد خان کي رياست ملڻ بعد، باقي خاندان جي فردن رياست مان نڪري وڃي ٻاهر انگريز جي حد ۾ نوان ڳوٺ ٻڌا هئا، جن ۾ مشهور ڳوٺ هوندا هئا: ڪوٽ مير محمد خان، ڪنڌرا، داڙا واهڻ، جنوجي، راهوجا، آٽيري، وغيره. انهن صاحبن جي هٿن ۾ وڏيون جاگيرون هونديون هيون، تنهنڪري معاش جي فڪر کان آزاد رهي، اڪثر وقت شڪارن ۽ تفريحن ۾ پيا صرف ڪندا هئا. اهي جاگيرون نالي ته هونديون هيون گهرن جي پڳدارن جي، پر پگهارون باقي سڀني فردن کي پيون ملنديون هيون.

مير محمد خان

مير محمد خان جو ڪوٽ، انهن مير صاحبن جي مکيه مرڪزن مان هڪ هو. جنهن زماني جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اُن زماني ۾ اُتانهون جو پڳدار هوندو هو مير محمد خان مرحوم. صورت ۽ سيرت ڏسڻ وٽان هيس. سفيد چاپوئين ڏاڙهي، قد ۾ قدري ڀريل، جسم تي شلوار ۽ پيراهن، مٿي تي ڀرت ڀريل بخملي ٽوپي، پير ۾ سيم تي سنڌي جُتي، موقعو ايندو هو ته زريءَ سان ڀريل بخملي ڪوٽ پهريندو هو. طبيعت جو ايتريقدر مٺو، جو ڪنهن سان ڏاڍيان به نه ڳالهائيندو. نوڪرن چاڪرن، ڪامي ڪمدارن سان بيحد ڪريماڻو سلوڪ ڪندو. جو پئسو ايندس، متعلقين تي صرف ڪري ڇڏيندو. حساب ڪنهن کان نه وٺندو. پنهنجن فرزندن کي به ”سائين“ ڪري سڏيندو – ”مير فتح محمد خان سائين،“ ”مير گلڻ سائين“، وغيره وغيره.

شڪار جو ڏاڍو شوق هوس، جاگيرن جو وڏو رقبو سندس مهاڙين هيٺ هو. ٻارهن ئي مهينا شڪار، ۽ جو وقت شڪار کان بچندو، سو شڪار جي ڳالهين ۾ صرف ٿيندو. شڪار تي نڪرندو ته ساري خاندان جي فردن کي ساڻ کڻندو. سڀ سندس مهمان هوندا هئا، ۽ هر مهمان جي خدمت انتهائي ڪشاده دليءَ سان پيئي ٿيندي.

منهنجي ڏاڏي مرحوم سان سندس خاصي دوستي هوندي هئي، هڪ دفعي ريڻيءَ جي شڪار تي دعوت ڏيئي کيس وٺي ويو. آءٌ به سندس خدمت ۾ حاضر هوس. (ريڻيءَ جي معنيٰ آهي ”اٿاهه ٿر“، جيڪو روهڙي ڊويزن ۽ جيسلمير رياست جي سرحد تي آهي.) انهن ڏينهن ۾ نه موٽر هئا، نه جيپون. سواري اُٺن تي ٿيندي هئي. پهرين منزل داڙا واهڻ ۾ ٿي، جت  شڪار جي پارٽيءَ جا سڀ ميمبر اچي گڏ ٿيا. باقاعدي قافلو تيار ٿي ويو. ٻه سؤ کن اُٺ هئا، ڪي سواريءَ جا، ۽ ڪي بار برداريءَ لاءِ. رهائش واسطي تنبو ۽ رانوتيون کنيل هين. کاڌي جي انتظام لاءِ بورچين جي جماعت هئي. خوراڪ سان تعلق رکندڙ اهڙي ڪا شي ڪانه هئي، جا ساڻ نه کنئي ويئي هئي.

داڙا واهڻ ڇڏڻ کان پوءِ، شڪار جون منزلون شروع ٿي ويون. اسان جي پهچڻ کان اڳ، قافلي جو بار برداريءَ وارو حصو، منزل واريءَ جاءِ تي پهچي، منزل جو انتظام ڪندو هو. ميرن ۽ مهمانن لاءِ تنبو ۽ نوڪرن لاءِ رانوتيون کڙيون ڪيون وينديون هيون. بورچيخاني لاءِ پاسي پلؤ مان ڪاٺيون ۽ ڪک گڏ ڪري اچي لانڍيون اڏيندا هئا. ٿر ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي هئي، تنهنڪري منزل هميشه ڪنهن نه ڪنهن تڙ جي قريب ڪئي ويندي هئي.

صبح جو منزل تان روانو ٿبو هو. هرڻن جو شڪار هوندو هو، ۽ مهاڙي جي نموني جو. هڪ پاسي کان ڀِٽون سامهون ڪري، ڪکن جا کُڏ ٺاهي، شڪاري پاڻ ويهي رهندا هئا، ٻئي پاسي کان اُٺن وارا وڃي هرڻن کي هڪل ڪندا هئا. هرڻن جا وڳ هلي اچي شڪارين جي سامهون لنگهندا. سوين بندوقون ڇٽي وينديون. جانور ڀڳڙن وانگر ڀُڃجي پوندا. جنهن شڪاريءَ ڪو ڀَڄندو هرڻ رائفل جي گوليءَ سان ڪيرائي وڌو، ته واه واه  ٿي وينديس. پر جيڪو گُسي پيو، ته شامت اچي ويس. اهو سارو ڏينهن شرم وچان منهن لڪايو پيو هلندو. انهن ڏينهن جا شڪاري نر - ماديءَ جو خيال ڪونه ڪندا هئا، جو جانور سامهون آين، بندوق هڻي ڪڍندس. هڪ مهاڙ ختم ٿي، ته وري ٻه - چار ميل اڳتي هلي، ٻيءَ مهاڙيءَ ۾ ويهبو. ان طرح شام تائين پنج يا ڇهه مهاڙيون کڄي وينديون. سارو ڏينهن کل ڀوڳ لڳو پيو هوندو. منجهند جي ماني ڪنهن مقرر جاءِ تي، وڻن جي سايي ۾ کائڻي پوندي هئي. منزل وارا طعام پچائي، ٿانون ۾ بند ڪري، ۽ پاڻي گهڙن ۾ کڻي، اچي اڳواٽ ان جاءِ تي ويهي رهندا هئا. گلم غاليچا ۽ اُٺن جون نتون وڇائجي وينديون. هڪڙيءَ ئي جاءِ تي ويهي سڀ ماني کائيندا. طرح طرح جا طعام هوندا، جيڪي شهرن ۾ به ميسر ٿيڻ مشڪل هئا. نمڪين ٻوڙ، مٺا ڪوفتا، دم پختا، پلاءُ، چاشنيون، ڪباب، پڪل هرڻ، تترن جون سيخون، ڪڪڙن جا قورما، حلوا، مٺايون، ميوا، شربت - غرض ته کائو، پيئو، اوڳرايون ڏيو، ۽ وقتي رزاق مطلق ياد پوي ته ”الحمد الله“ به چئي وٺو!

ان علائقي ۾ ڪو اهڙو گاهه هو جو جيڪڏهن ڪنهن هرڻ کاڌو هوندو ته ان هرڻ جي گوشت ۾ جلاب جو اثر پيدا ٿي پوندو هو. پوءِ جنهن به ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ اهڙو گوشت داخل ٿيو، تنهن کي اسهال شروع ٿي ويندا، ۽ اسهال به اهڙي زور جا، جو اڳٺ ٻڌڻ يا ڇوڙڻ جي مهلت به ڪانه ملنديس. ان مصيبت وگهي، ڪئمپ جا گهڻا ماڻهو، ڪئمپ جي ٻاهران، جهنگ ۾ ٿوهر، ڦوڳ، لاڻي ۽ ڪنڊين جي ٻوٽن پٺيان پکڙيا پيا هوندا هئا. ان خوف وچان معززين پاڻ گهڻو ڪري هرڻ جي گوشت کي هٿ ئي نه لائيندا هئا. سندن واسطي ڇيلن ۽ ٻڪرين جي گوشت جو انتظام ڪيو ويندو هو.

شڪار جي تياري انڌاري ۾ ٿيندي هئي. چئين وڳي صبح جو هر تنبوءَ ۾ ناشتي جو وڏو ٿالهه اچي نازل ٿيندو هو. هرڪو اٿي ناشتي تي ويهجي ويندو هو. ناشتي ۾ به هر چيز هوندي - اڦراٽا، پڪل گوشت، حلوو، بسڪوٽ، مٺايون، چانهه، وغيره. ناشتي مان فارغ ٿي، ڍڪيءَ ۾ ئي، اُن تي سوار ٿي، شڪار واريءَ جاءِ ڏانهن روانو ٿيڻو پوندو هو.

مير صاحبن وٽ، ان زماني سارو، تمام اعليٰ قسم جا هٿيار هوندا هئا. گهڻو شوق رائفل سان هوندو هون. مزل لوڊر جا ڏينهن ختم ٿي چڪا هئا، حالانڪ ڪي شوقين اڃا به چونڊ ۽ نشان جي چٽين لوڊرن کي ساڻ کنيو وتندا هئا. بريچ لوڊرن جو اهو اوائلي زمانو هو. اڃا ڪاري داروءَ جا ڪارتوس پيا استعمال ٿيندا هئا. اڇي ۽ ڪورڊائٽ دارونءَ جو رواج اڃا هاڻي پئي پيو. بريچ لوڊرن جا جيڪي بور اوستائين رائج ٿي چڪا هئا، سي هئا: 303، 605 ايم - ايم، 40 - 32، 22 هاءِ پاور، 3000 - 250. هٿيارن جي سلسلي ۾ مير صاحبن جو هڪ خاص دستور هو. بندوقن جي ڪنداقن تي بخمل جا پوش چاڙهيندا هئا، گهڻو ڪري سائي يا آسماني رنگ جا، جن تي ريشمي ڀرت جا گل ڀريل هوندا هئا. رنگارنگي ۽ بيحد خوبصورت. بندوقن کي ڦاڙهي جي رڱيل کل مان ٺهيل چولين ۾ رکندا هئا، ۽ انهن چولين تي به ڀرت هوندو هو. ترارين جو رواج بلڪل ختم ٿي ويو هو، فقط ڪي ڪي پوڙها پراڻي زماني جا ميراڻا ملازم نمائش خاطر اڃا به چيلهه سان ٻڌيو وتندا هئا.

مير محمد خان مرحوم وٽ پراڻين جوهردار تلوارن جو هڪ وڏو ذخيرو هوندو هو. انهن مان ڪيتريون ته بلڪل تاريخي هيون، جيڪي سنڌ جي قديمي جنگين ۾ استعمال ٿي چڪيون هيون. ترارين تي ۽ انهن جي هٿين تي سون جو ڪم ٿيل هو، اصلي مالڪن جا نالا، ۽ فارسي شعر به سون ۾ ئي اڪريل هئا. ٻاهران کپن تي به سون ۽ چاندي چڙهيل هئا، ڪن ڪن تي ته جواهر به جڙيل هئا. هر تلوار جو نالو جدا هو، ۽ هر تلوار جي اڳوڻي تاريخ مشهور. گهڻيون تلوارون اصلي ايران کان آيل هيون. ڪيتريون ته ان وقت جي ايراني بادشاهن وٽان، تحفي طور، سنڌ جي حاڪمن کي مليون هيون.

سنڌ جي ميرن جا ايران جي بادشاهن سان ڳوڙها تعلق هوندا هئا. في الحقيقت، اهو ئي ڪارڻ ٿيو سنڌ تي انگريزن جي پهرين نگاهه پوڻ جو. اڻويهين صديءَ جي اوائل ۾، نيپولين اعظم ايران جي رستي سان هندستان ۾ داخل ٿيڻ ٿي گهريو. ان غرض سان هن ايران جي بادشاهن سان اڳواٽ راهه رسم پيدا ڪئي. اها خبر انگريزن کي به پئجي ويئي. هنن سمجهيو ته ايران جي شاهن جي سنڌ جي ميرن سان دوستي آهي، تنهنڪري شايد ان تعلق سبب هندستان جو دروازو نيپولين لاءِ کُلي پوي. ابتدائي تحقيقات لاءِ هينري پاٽنجر کي روانو ڪيائون، جنهن صاحب جي فراهم ڪيل معلومات، اڳتي هلي، انگريزن لاءِ ڏاڍي ڪارگر ثابت ٿي.

مير محمد خان مرحوم، پنهنجن شڪاري دوستن کي ڪڏهن ڪونه وساريندو هو. شڪار جي موسم شروع ٿيندي ته دعوتون موڪليندو - سانوڻيءَ جي موسم آئي ته پنهنجي باغ جا انب ۽ کارڪون تحفي طور موڪليندو. سَوَن جي مُنهن ٽوڪرا ايندا. انب جي هر داڻي  تي  نالو لکيل هوندو. مير صاحب جا باغ مشهور هئا. انب جي هر وڻ تي جدا نالو رکيل هو. ان ڳالهه کي ستٽيهه ورهيه گذري چڪا آهن، پر انهن انبن جو ميٺاج ۽ لذت اڄ تائين به حافظي ۾ محفوظ آهي.

مير محمد خان مرحوم پاڻ علم سان گهڻو واسطو ڪونه رکندو هو، پر سندس ننڍو ڀاءُ، مير راز محمد خان، فارسي علم جو گوهر هو. ڇا سندس گفتگو، ڇا سندس وقار ۽ رعب، ڇا سندس فهم ۽ معاملي شناسي، هر لحاظ سان مير راز محمد خان جي شخصيت قابل قدر ۽ قابل ديد هئي.

مير صاحبن کي حقي ۽ چلم جو خاص شوق هوندو هو. حقي تيار ڪرڻ لاءِ خاص عملو رکيل هو. چانديءَ جا حقا ۽ ڪانسيءَ جون چلمون هونديون هيون. نڙ ڊگها، پيچوان، زريءَ ۽ ريشم جي ڪم سان. تماڪ سٺو، ڳڙاڪو، جنهن ۾ خوشبو لاءِ عنبر وڌل هوندو هو.

پنهنجي رهڻ لاءِ مير صاحبن ڪي به محلاتون يا وڏا بنگلا ڪونه ٺهرايا. في الحقيقت، سندن زماني ۾ عمارتسازيءَ جي فن سان ڪنهن جي دلچسپي ڪانه هئي. سندن زنانخانا وڏن ڪوٽن جي اندر هوندا هئا، جن ۾ ڪچين سرين سان جڙيل مختصر جاين کان سواءِ، ڪکايون لانڍيون به هونديون هيون، جن ۾ پوڙهيون طعام رڌينديون هيون ۽ پاڻ به پيون رهنديون هيون. ٻاهر، مير صاحبن جي پنهنجي ويهڻ لاءِ نالي ماتر بنگلا هوندا هئا. ڪَچين سرن سان ٺهيل، تمام ٿلهيون ديواريون، ڇت بيحد اوچي ۽ ڪاٺيءَ ۽ پٿرن سان جڙيل. اهڙي بنگلي جي معنيٰ هڪ ورانڊو، اُن جي اندر هڪ وڏو صفو، ۽ صفي پٺيان يا پاسي ۾ ٻه ڪوٺيون جن ۾ هنڌ بسترا، گهوڙن جا هنا ۽ اُٺن جا پاکڙا پيل هوندا. سياري ۾ ورانڊي اندر باهيون ٻاري ويهندا. سانوڻ جو اٿڻ - ويهڻ صفي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ هٿ سان لوڏڻ واري جهلي لڳل هوندي. ان قسم جي عمارتن جي وڏي خوبي اها هوندي ته سياري ۾ گرم ۽ سانوڻ ۾ سرد هونديون - سنڌ جي عين آبهوا مطابق. جهولن جي زماني ۾ ڪَچيون لانڍيون جوڙيون وينديون هيون، جن جي پاسن ۾ ڪانڍيري جي ٻوٽن مان ٺاهيل پترون هنيون وينديون هيون. انهن پترن تي سارو ڏينهن ماشڪي پيا پاڻي اڇلائيندا. هيٺ فرش تي واري پيل هوندي، جنهن تي پڻ ڇڻڪار پيو ٿيندو. جهولي جو جيڪو جهوٽو اندر ايندو، سو ٺريو ڳڱ ٿيو ايندو. اڄوڪي زماني جي ايئر ڪنڊيشن کان اهو انتظام بدرجها زياده آرام ڏيندڙ ۽ صحت بخش هوندو هو.

مير صاحبن جي ڏينهن ۾ عمارتسازي ان سبب به ترقي ڪري نه سگهي، جو مير صاحبن جو پنهنجو وقت شڪار جي شوق ۾، گهڻو ڪري جهنگن ۽ ٻيلن ۾ پيو گذرندو هو. پوءِ لکين رپيا خرچ ڪري محلاتون ٺهرائين، ته انهن ۾ رهي ڪير؟

پاڻ اهل تشعيت جا هوندا هئا. گهر گهر ۾ حضرت عباس علمدار جو آنگاس يا عَلم لڳو پيو هوندن. محرم جي ڏينهن ۾ ڪارا لٽا پائيندا هئا، ۽ ماتم ڪرائيندا هئا. پر ستائيندا سُنين کي به ڪونه هئا. سندن رواداري بيمثال هوندي هئي.

سردار سيد ثابت علي شاهه مرحوم

سکر ۽ روهڙيءَ ۾ ٻه - ٽي خاندان تاريخي هئا. حڪومتن ۽ زمانن ڦرندي، اڳئي کان گهڻي گهٽتائي هئي، پر ان هوندي به اڃا صفحه هستيءَ تي موجود هئا. معصومي ساداتن جو خاندان پراڻي سکر ۾ رهندو هو. سندن مورث اعليٰ مشهور سيد محمد معصوم بکري هو، جنهن سکر ۾ پنهنجي نالي سان منارو ۽ ٻيا ڪيئي يادگار ٺهرايا. ”تاريخ معصومي“، ”طب نامي“، ”ديوان نامي“ وغيره سندس تصنيفون آهن. اڪبر اعظم جو معتمد خاص هو. عمارتن ٺهرائڻ، ڪَتبن اُڪرائڻ، ۽ ڪتابن لکڻ جو خاص شوق هوس. سکر شهر کي سينگارڻ جو ڪم سڀ کان پهرين سندس هٿان شروع ٿيو هو.

آءٌ پهرين سکر آيس ته شوق پيدا ٿيم ته ڪنهن طرح سيد معصوم جي سوانح متعلق معلومات جمع ڪري شايع ڪريان. اوستائين سيد صاحب جي ڪم جو ڪنهن کي احساس ڪونه هو. سندس لکيل ”تاريخ معصومي“ اڃا تائين ڪانه ڇپي هئي. ان ڪتاب جا فقط ٻه - ٽي قلمي نسخا ڪن ڪن جاين تي موجود پيا ٻڌبا هئا. باقاعدي تحقيقات ڪنهن به ڪانه ڪئي هئي.

مون سڀ کان پهرين مناري واري قبرستان ۽ ٻين آثارن تي جيڪي به ڪتبا لکيل هئا، تن کي نقل ڪيو. ان ڪم کي اهڙي شوق ۽ انهماڪ سان جاري رکيم جو هڪ دفعي سياري جي موسم ۾ سرد هوا لڳڻ ڪري، ڪتبن نقل ڪندي، نمونيا به ٿي پيئي. پر ڪتبا سڀ نقل ٿي ويا. سيد معصوم سان جن جن يادگارن جو تعلق هو، سي معلوم ٿي ويا. سندس تصنيف ڪيل ڪيترا ڪتاب نظر مان گذريا. اڪبري دربار مان کيس مليل پروانن ۽ سَنَدن سان ڀريل هڪ صندوق ڏٺم(1) . ان کان پوءِ، سيد صاحب جي سوانح تي جيڪو به مواد اوستائين ميسر ٿيو، تنهن جي بنياد تي هڪ مضمون به شايع ڪيم. ان تحريڪ ايتري زندگي پيدا ڪئي، جو سيد صاحب جي خاندان جي سمورن فردن پنهنجي ڪانفرنس ڪري، پاڻ مان سڀ کان وڏيءَ عمر واري بزرگ، سيد ميان ثابت علي شاهه کي پنهنجو سردار چونڊيو، ۽ کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌايائون. ان کان پوءِ ستت ئي ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب(2) بمبئيءَ مان هلي سکر آيو، ۽ مون وٽ گڏ ٿيل معلومات کي نگاهه مان ڪڍي، موٽي وڃي ”تاريخ معصومي“ جو پهريون بمبئي - ايڊيشن شايع ڪيائين.

سيد ثابت علي شاهه پراڻي ۽ گذري ويل زماني جو بهترين يادگار هو. مخلص، سچو، شريف، عبادتگذار، ۽ نرم طبيعت جو صاحب هوندو هو. پنهنجي سرداريءَ کي ڪنهن به سياسي جهڳڙي ۾ استعمال نه ڪيائين. پنهنجي خاندان جي هر فرد سان محبت ڀريل سلوڪ ڪندو رهيو. اهڙن نيڪ انسانن کي وري ڏسڻ لاءِ اکيون پيون ترسن. پر اهي بهشتي پکي هئا - دنيا ۾ آيا، گهڙي ساعت رهي، پنهجين خوبين سان ماڻهن کي مسرور ڪيائون،وري اڏامي هليا ويا!

سيد صادق علي شاهه مرحوم

روهڙيءَ جي معزز ڪوٽائي سادات خاندان جو سردار هو، فرسٽ ڪلاس جاگيردار، ۽ اڳوڻي زماني جي اميرانه روايتن جو آئينه دار. جاگيرن مان آمدني گهٽجي ويئي، حصيدارن جو تعداد وڌي ويو، نه قديمي قدر رهيا نه قدردان حاڪم، پر صادق علي شاهه مرحوم وس آهر پنهنجي وقار ۽ پراڻين خانداني روايتن کي قائم رکيو. محلاتن جو زمانو گذري ويو، ته ڪوٽ جي ڪنڊ تي هڪ اُنچو دڙو ڏسي، ان تي اوطاق ٺهرايائين. هڪ ڪمرو، هڪ ورانڊو، آڳر ۾ اڳڻ، اڳڻ ۾ جهَلي لڳل، ڪمري کي سينگارڻ لاءِ سخت ڪوشش ٿيل، کٽ تي هر وقت ريشمي بسترو وڇايل، سامهون ڪرسين جي صف، وچ ۾ ٽيبل، ڀت تي ڪئلينڊر ۽ قطعا. هڪ دفعو سڄو سامان آڳر ۾ رکرائي، پاڻ ۽ پُٽَ، وچ ۾ ويهي، فوٽو ڪڍرايائون. سندن پويان سندن ملازم بندوقون ۽ تراريون ڪلهن تي رکي بيٺا. فوٽوءَ وقت هڪ نيٽ جي ڪرسي ٻاهر رهجي ويئي هئي: ان گهٽتائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ، فوٽو گرافر کي بعد ۾ هٿ سان هڪ وڌيڪ ڪرسيءَ جو نقش، ٺهيل فوٽوءَ مٿان چٽڻو پيو. روهڙيءَ جي هڪ هيءَ رسم به هوندي هئي ته محرم جي جلوس ۾ ڪوٽائي سردار ۽ سندن سپاهي اگهاڙيون تراريون کڻي هلن. جلوس رات جو نڪرندو هو، شايد ڪنهن زماني ۾ سنين جي خوف کان اها حفاظتي تدبير رائج ڪئي ويئي هئي. سائين صادق علي شاهه پڇاڙيءَ تائين اهو حق هٿان نه ڇڏيو. محرم رات آئي، ۽ مرحوم تراريون کڻائي اچي شامل ٿيو.

مهمان نوازيءَ ۽ واعدي جي سچائي سندس خاص خوبيون هيون. هڪ ڏينهن ڪنهن اليڪشن جي سلسلي ۾ مون کيس ووٽ لاءِ عرض ڪيو. پاڻ واعدو ڏنائين. پولنگ واري ڏينهن سخت بيمار هو، پر پاڻ کٽ تي کڻائي به اچي ووٽ داخل ڪيائين.

صورت جي سينگار جو به گهڻو خيال هوندو هوس، ٻاهر نڪرندو ته ٺهي ٺڪي، سينڌ سرمو ڪري - مٿي تي بوسڪيءَ جي پڳ، بوسڪيءَ جي قميص، کُنڀيل ۽ چڱيءَ طرح چُڻيل سلوار، الپاڪي جو ڪوٽ، ڪوٽ جي کيسي مان سوني زنجيري لڙڪندي رهندي. ڪوٽ جا ٻيڙا هرگز بند نه ڪبا، جيئن قميص ۾ لڳل سونن بٽڻن جي قطار نگاهن کان غائب نه رهي.

سندس دستر خوان تي موسم آهر روهڙيءَ جو پڪل مشهور پلو ضرور موجود هوندو. البت حلوي ۽ سَيِن لاءِ ته موسم جي محتاجي ڪانه ٿئي!

 

--------


(1)  تاريخ 12 - آڪٽوبر، 1939ع

(1)  سنڌ جي هڪ اڳوڻي ڪمشنر سر هينري لارينس جي زال، ليڊي لولي لارينس پنهنجي ڪتاب ۾ به سندس ذڪر ڪيو آهي.

(1)  بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته انهن ڪاغذن مان گهڻا اڏوهي لڳڻ ڪري ضايع ٿي ويا، ۽ مالڪن درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيا.

(2)  شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ جي اسماعيل ڪاليج (انڌيري) جو پروفيسر هوندو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org