سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :3

  

سکر

 

عام حال

سکر سان منهنجو سٻنڌ پراڻو آهي. اکيون پٽيم، هوش آيم، سکر سامهون ڏٺم. اُهو سکر ٻيو هو. نه اڄوڪو گند، گوڙ ۽ گهمسان، نه ايتري تنگي، سوڙهه ۽ ماڻهن جو حال پريشان. ڇا نظارا هوندا هئا! ڪهڙا نه ِمٺا ماڻهو منجهس رهندا هئا!

اچو ته ”چؤچاڪيءَ“(1) ۾ چڙهي، پهريائين اُنهن ڏينهن جي سکر جو ڪجهه سئر ڪري وٺون ۽ ساڻس واقفيت پيدا ڪريون. پنهنجي شئل جي شروعات ٿيندي بندر سان.

بندر جي بهار جو ڪهڙو سمان هوندو!

پڪو موڪرو رستو، پپر جا وڏا وڻ، جن جون چوٽيون پيون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون، مٺي ڇانوَ، بيٺي پيئي ننڊ ايندي. هنڌ هنڌ سهڻا ساوا پارڪ، پاڻيءَ جون سبيلون، لئبرريون ۽ آرام ڪرڻ لاءِ بينچون، درياهه ۾ ”اشنان“ واسطي ڏاڪڻيون نرن لاءِ جدا ۽ نارين لاءِ جدا، وچ ۾ ڀتين جا پلويڙا، جن مان نه ديده بازيءَ لاءِ ٽنگن نڪرڻ جو امڪان، نه مٿان ڪنهن جي ٽپي اچڻ جو خطرو - بنان شنڪا، بغير چنتا، جنهن کي وڻي، پيو پاڻيءَ ۾ تڙڳي.

براج واري پاسي کان، ڪاٺ مڏيءَ يا مساڻن وٽان هلبو.

اناج جي واپارين جون ڪوٺيون، تن جي آڳر ۾ ڇڻڪار- شام ويلي رستي تي صندل ۽ کٽون پئجي وينديون. سيٺيون، ڌوتيون پهريو، وڏا پيٽ ڪڍيو، کٽن تي پلٿي ماريو يا وهاڻن تي ٽيڪون ڏيو ويٺا هوندا. وچ ۾ چالو هوندي چلم، بڙڪو به پيو لڳندو، ۽ بزار جي واءَ سواءَ تي ويچار به پيو ٿيندو.

اڳتي هلنداسين، خانبهادر ميان پير بخش مرحوم جي جاءِ نظر ايندي. ميان صاحب، حال حيات، رستي تي محفل لڳايو، پاڻ مير محفل بڻيو ويٺو هوندو. سندس نشست هڪ ڊگهيءَ موڪريءَ ”بحق ميان صاحب مخصوص“ آرام ڪرسيءَ تي هوندي، جا سندس ساريءَ ڄمار اندر نه بدلي، نه مرمت ٿي. ساڄي طرف کان کڙين ڪرسين جي قطار، کاٻي طرف ٻه کٽون. آيو ويو پيو ڍرندو. ڪجهه ضلعي جا ڪليڪٽر جا حال، ڪجهه ميان ڪرم علي شاهه جي ناڪامين جا احوال، ڪڏهن ڪڏهن مقامي هندن جي دراز دستين جا، دٻيل زبان ۾ داستان. غرض ته بندر واري هندو ڳڙهه اندر اهو ئي هڪ ديندار، ديرو دمايو، نعرو لڳايو ويٺو هوندو.

قدم وڌايوسين ته ”آزاد ميدان“، جنهن ۾ وقت جي وڏن وڏن ليڊرن ميٽنگون ڪيون. ِتلڪ ِاتي آيو، گانڌيءَ ِاتي ڳالهايو، نائڊو جا نغما ۽ نهروءَ جا نعرا اتان بلند ٿيا، اتي ئي ڪانگريس جي والنٽيئرن تي پوليس جون لٺيون ڪڙڪيون، ۽ انهيءَ ئي ميدان اندر هاريل رت جو ڪجهه حصو هندستان جي آزاديءَ واري نقشي تي اوائلي لڪيرن ڪڍڻ لاءِ ڪتب آيو.

فرلانگ - ٻه وڌانداسين ته منزلگاهه جي تاريخي ميدان سان دوچار ٿيڻو پوندو. ات انگريز حاڪمن درٻاريون ڪيون، وڏيرن انعام ورتا ۽ لونگيون پهريون. سامهون، وچ سير ۾، نظر پيو ايندو ساڌ ٻيلي جو آستان، جنهن ڏانهن ويندڙ ٻيڙين جو لنگر ميدان جي بلڪل سامهون هوندو. صبح کان لڙيءَ رات تائين ماڻهن جا ميلا هوندا.

وڌندي، وک وڌائيندي، بندر اسٽيشن ٽپندي، ميونسپل واٽر ورڪس ڇڏيندي، هلي رسنداسين لئنسڊائون پل تي. پل هيٺان پارڪ. پاسي ۾ بگين ۽ ٽانگن جو اسٽينڊ.

چو طرف گهورڙيا ۽ گاڏين وارا.

”هل يار! ٻين آنين سواري!“

”غريب آباد!.....غريب آباد!“

”جيئي شاهه.....جيئي شاهه!“

”ٿلهو!.... سيروءَ جو چونڪ!“

”هل يار! وڌ يار!“

”رک قدم ته وڌي ڀرم!“

- ِاهي ڪوڪرا لڳا پيا هوندا.

اهو ته هوندو پڪو راڳ. ڪچي گاني جا قسم هي هوندا:

”ڪلفي! نيڻ ٺار ڪلفي! سدا بهار ڪلفي...“

”ڦارهوان! ڦارهوان! مٺا ڦارهوان، سٺا ڦارهوان، من ٺار ڦارهوان،        

موذيءَ مار ڦارهوان!.... ڦارهوان! ڦارهوان....“

”پئسي گلاس! ڍولڻ، پئسي گلاس! سڄڻ، پئسي گلاس!

پئسي گلاس، فس ڪلاس! پيئندو وڃ، جيئندو وڃ!...“

”گيهه جا پڪوڙا! سوڪ، ڀرڪڻا پڪوڙا! اصل مال جا پڪوڙا، تازا پڪوڙا، چهرا پڪوڙا، چٻيندو وڃ، چپ چٽيندو وڃ!“

”ڪتل! مٺي ڪتل، ماکيءَ جهڙي ڪتل، مصريءَ مثل ڪتل، بڻائتي       ڪتل، روهڙيءَ واري ڪتل! ڪتل، ڍولڻ، ڪتل! ڪجهه کاءُ ڪتل، ڪجهه      گهر کڻ ڪتل!...“

لئنسڊائون پل کان موٽي، براج تائين، درياهه جي ساريءَ ڀڪ سان، ڳاڻاٽي کان ٻاهر، ٻيڙيون، ڍونڍيون، زورقون،چار خراريون، چوڏهن خراريون، ويهه خراريون، ٽيهه خراريون، سنڌڻيون، پنجابڪيون، بهاولپور جون، لنگر هڻيو بيٺيون هونديون، ناکئا، تيل ڦليل ڪريو، مڇون مکيو، ويٺا آڳلن ۽ پاڇلين تي حقا ڇڪيندا. مايون ڪي مانيءَ رڌڻ ۾ مشغول، ڪي ساهيڙين کان ِسير ڏيارڻ ۽ سينڌ ڪڍائڻ ۾ محو، ڪي ويٺيون جنڊ هلائينديون، ته ڪي ويٺيون اَن ڇڙينديون. جن کي هوندي لڳل لنوَ، تن جو هٿ مهريءَ ۾، منهن ”ميهر“(1) ۾، مٺ جنڊ ۾، اک ”چنڊ“(2) ۾:

”دست بڪار، دل به يار!“

منجهائن ڪي ”نوريون“(3) ، ڪي ڪوڙيون، پر وِرهه واندي ڪا ورلي!

درياهه ڀر ڇڏي، وٺو وچ شهر وارو رستو: شيخ شينهن رحمة الله جي درگاهه، چڪلي جو پاسو، فوجداري، مارڪيٽ، مناري واري چاڙهي، معصوم شاهه جو منارو، تلڪ هاءِ اسڪول، ليوڪس پارڪ، منگل مالهيءَ وارو باغ، بجلي گهر ۽ ڪليڪٽر جو بنگلو لنگهندا، ريلوي لائين لتاڙيندا، وڃي جيئي شاهه جي درگاهه تي بيهندا. هر هنڌ ماڻهن جا مجموعا. شام ويلي، ٽڪر وارن رستن تي ته خاص طرح ٽولا، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا.

”وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.“

اونداهيءَ وڳڙي چڪلي وٽان گذر ٿيندو ته ڪهڙو نظارو ڏسندا! ڏسڻا وائسڻا ڪامورا ۽ وڏيرا، منهن تي بوڇڻ ويڙهيو، پيا چڪلي مان ٻاهر نڪرندا- تکا، تڪڙا، ڄڻ ڪمان مان تير نڪتو ٿو وڃي. خدا ڏسي ته پيو ڏسي، پر واقف ماڻهوءَ جي نگاهه نه پوي!

ٻيو رستو سکر جي مين ريلوي اسٽيشن جي سامهون نڪري ريلوي ناچ گهر ۽ ڊاڪ بنگلي وٽان گذرندو، ليمجي چاڙهيءَ وٽان اچي وڏيءَ بازار ۾ پوندو.

وڏيءَ بازار جو چهچٽو به ڏسڻ وٽان هوندو هو. شيوي بوديءَ جي مڃارڪي دڪان تي اپر سنڌ جي وڏيرن جا ميلا لڳا پيا هوندا. هر قسم جي شي سوکڙي موجود هوندي هئي. شيون ڏسي وڏيرن جا وات ڦاٽي ويندا هئا. ”اصلي ولايتي مال“ پيو نڪرندو، ڇو ته شيوي بوديءَ جو ديسي ۽ نقلي مال ۾ ڪو وشواش ڪو نه هوندو هو. جي ڪو آيو، ڄڻ ڪاريءَ تي پير پيس. سيٺ شيوي مل جي پنهنجي صورت به ڏسڻ وٽان هئي. بيحد ٿلهو، هر طرف پکڙيل، ماس ئي ماس، ويٺي ويٺي وگهرجي ويو هو.

انهيءَ بزار جي پراڻي فوجداريءَ وٽ، آڏُو پساريءَ جو هٽ هو. اتي به ساڳيو ئي حال . ساريءَ سنڌ جي طبيبن ۽ پسارين کي دوائون سپلاءِ ڪرڻيون پونديون هيس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهڻو پوندو، تڏهن وڃي ٿيندو هو نسخو تيار.

بزار جي ٻئي ڇيڙي طرف وڪيلن جون آفيسون هونديون هيون، درجنن منهين. جنهن در مٿان ڏسو، ڀڀڪيدار بورڊ آويزان هوندو – ”ديوان فلاڻو ولد ديوان فلاڻو بي. اي. ايل. ايل. بي.، بار ايٽ لاءِ هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ، وغيره وغيره“. گهٽين ۾ وڪيلن جا دلال(ٽائوٽ) پيا لامارا کائيندا. ٻهراڙيءَ جو ڪو ٻروچ نظر آين ته هڪدم تاڙي ويندا. ڪاهي پوندس ڪڍ - “ميان، اسان جي ديوان جي توکي ڪهڙي خبر؟ مرليڌر وڪيل به ڪالهه کانئس صلاح وٺڻ آيو. ٽيو ڏينهن يڪا چار ڄڻا ڦاهيءَ تان لهرائي ڇڏيائين. ڌاڙي ۽ ڦر جو ڪيس ته سندس اڳيان ڊهه ئي ڪو نه جهلي، چوريءَ جي ڪيس کي ته بنهه چرچو پيو سمجهي! زوريءَ زنا جي هڪ ڪيس ۾ ٽيو ڏينهن اهڙي آڏي پڇا ڪيائين جو فريادڻ روئي ڏنو، ۽ جوابدار کلندو ويو! ڀڳل رنن کي بنگلي تي چاڙهي، وات وڪيل ٺهرائي، نڪاح جي منظوري وٺي ڏيڻ ديوان جي هٿ جو کيل آهي! پر وڪيل زبرو آهي، ڦي ڳوري وٺي ٿو، باقي اصيل وڃي ٻانهن سيراندي ڪري سمهي!“... کين خبر هوندي ته جن ڪيسن جو هو بيان فرمائي ويا آهن، تن مان ڪنهن نه ڪنهن ۾ ضرور خان واڌو ڦاٿل هوندو. ريبي ريبي نيٺ وڃي ديوان وٽ پيش ڪندس. باقي رهيل کهيل هوش ديوان صاحب پاڻ پنهنجيءَ ائڪٽنگ سان ختم ڪندس. غرض ته ”منان مردم بلوش“ جزالن ۽ بقالن هٿان ساري ڦونگڻي ڦرائي، رهيل رقم جو واعدو ڪري، وڃي گهر سهڙندو.

هڪ دفعي انهيءَ وڪيلن واري محلي ۾ اچي باهه لڳي. باهه به باهين جهڙي، جنهن جاءِ تي آءٌ رهندو هوس، اوستائين شعلا نظر ٿي آيا، پاڙي ۾ هڪ وڪيل جو گهر هو، تنهن دانهن ڪري چيو:

”ميان راشدي، اٿ! ِڪيس ٿي ويو، تون پيو اڃا ننڊون ڪرين!“

”خير ته آهي؟“

”خير وري ڪهڙو آهي، اسان وڪيلن جو سارو محلو پيو باهه ۾ سڙي! نه داد آهي نه فرياد. اڃا تائين پاڻيءَ جي انجڻ جو به سونچو ڪو نه پيو ٻڌڻ ۾ اچي!“

ٿلهي وٽ هندو هوٽلون، مشهور ۽ معروف. کاڌي جا شوقين پريان پنڌ ڪري به اچي ات کائيندا. پٽاٽي چاپون، گوشت جا ڪنڊا، ڀڳل تيوڻ، تريل پلي جا ٽڪر، وڙين جو ڳنڌڻ، دال جي ڪڙهي، چڀڙن جون ڪتريون، ميهن ۽ تورين، ڀينڊين ۽ بصرن جي ڀاڄي، پاپڙ ۽ پوريو، مکيل ڦلڪا، چٽڻي، آچار - مطلب ته ”ڍولڻَ، جو گهرڻو ٿئي، گهري وٺ.“ کاڌو سٺو، پر کاڌي ڏيندڙن ۾ صفائي ڪانه. ساڳين هٿن سان ماني ڪڍندا، ساڳين ئي هٿن سان پيا بغل کنهندا ۽ ڌوتي درست ڪندا. مسلمانن لاءِ چينيءَ جون پليٽون، هندن لاءِ پاتل يا پپر جي پنن جا دونا يا ڪٽ جا باسڻ. مسلمانن واريون پليٽون جدا رکيل هوندين، پر اهڙي ”ڀيد ڀاو“ جي باوجود به مسلمان گراڪ مکين جيان سٿيا پيا هوندا. وڃن، سو وڃن ڪاڏي؟ ”اسلامي“ هوٽلن جو کاڌو هضم ڪرڻ ۾ قدري ڏکيو ٿي لڳو. گيهه بدران چرٻي، گوشت جو الزام ڇيڇڙن تي، ٻوڙ ۾ ٻڪن منهين مرچ، ۽ نانن جي ڇڪڻ ۽ چٻاڙڻ لاءِ رڪ جي ڄاڙي ۽ رٻڙ جون رڳون درڪار!

البت شڪارپور روڊ واري ميان عبدالرحمان جي چانهه سا پيئڻ جهڙي هوندي هئي. ان جي خاطر ورهين جا ورهيه ماڻهن جا ڳاِهٽ رهيا. هڪ دفعي پيتوَ، ته ٻئي ڏينهن پاڻيهي ٻاڙ کڻندوَ. مون پاڻ ِپي ڏٺي. سبحان الله! ڇا سواد، ڇا خوشبو، ڇا رنگ! ڪن سالن بعد ئي وڃي راز کليو ته ان چانهه ۾ ڏوڏيءَ جو ڪافي مقدار درج ڪيو ويندو هو... پر اوستائين ميان عبدالرحمان عملاً رٽائر ڪري چڪو هو!

وچ بازار ۾ هڪ ٻيو دڪان ميان عبدالخالق شڪارپوري بوٽن واري جو هوندو هو، جو صاحب مون سان خاص مروت ڪندو هو. پر بدقسمتيءَ سان هڪ واقعي ڪري اسان جي تعلقات ۾ ڪجهه ڪشيدگي پيدا ٿي پيئي. اهو سال شايد 1922ع هو. بمبئيءَ جو گورنر، سر جارج لائڊ، سکر براج جو بنيادي پٿر رکڻ لاءِ سکر ۾ ساري صوبي جي درٻار ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ براج ڪالونيءَ جو نانءُ نشان ئي ڪو نه هو، ٺلهو ميدان لڳو پيو هوندو هو. ٻين سان گڏ مون کي به بطور اخباري خاطوءَ جي درٻار جي ٽڪٽ مليل هئي. سياري جي موسم هئي. درٻارين کي پرهه ڦٽيءَ اچي درٻار ۾ ويهڻو هو. اڳئين شام تي لٽي ڪپڙي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويئي. ڏٺم ته موجوده بوٽ پنهنجي عمر طبعي اڳ ۾ ئي پوري ڪري چڪو هو. تنهن ڪري نئين ”شوز“ خريد ڪرڻ لاءِ ڪاهي اچي ميان عبدالخالق جي دڪان تي پهتس، سلام ڪلام خوش خيرعافيت بعد، بوٽن جي پادرن جا انبار لائي ڇڏيائين. هڪ پادر پسند آيو، پائي ڏٺم. قيمت طئه ٿي، رعايتي ۽ ڪفائتي، ميان عبدالخالق، تڪڙو تڪڙو ٻيو پادر به باڪس ۾ بند ڪري، باڪس مٿان سڳو ويڙهي، پارسل بگيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو. آءٌ خوش ته خريداري ڪامياب رهي. ٻئي صبح اسر ويل ڪپڙا ڍڪي، ڍڪيءَ ۾ ئي درٻار ڏانهن روانو ٿيڻو هو، سٿڻ قميص پهرڻ بعد بوٽ جو پهريون پادر پاتم، ِفٽ ٿي ويو. پر ٻيو پادر کڻي پير ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ته پير پادر ۾ پوي ئي ڪو نه! پادر ماپي ڏٺم ته معلوم ٿيو ته پويون پادر ٻه نمبر ننڍو هو. مصيبت ٿي ويئي! منهن روئڻ جهڙو تارون خشڪ. اسر مهل بوٽ بدلجي ته ڪٿان بدلجي؟ ۽ نه وري گورنر جي درٻار ۾ اگهاڙين پيرين وڃڻ جو ئي ڪو سوال پيدا ٿي ٿيو. وڃجي ته ڪيڏانهن؟ نيٺ، مولا مدد پڪاري اکيون بند ۽ دل پڪي ڪري زور سان پير پادر ۾ وڌم. ڪٻو ِٿي اندر لنگهيو، ۽ درٻار جو سارو وقت، يعني  چار - پنج ڪلاڪ، ڪرنڊڙيءَ حالت ۾ رهيو، بنهه سڪي سڙي ويو. پر درٻار جو شوق کڻيو  بيٺو هو، ۽ ان جي تاريخي حيثيت جو احساس. جا ڪسٽي قسمت آندي هئي، سا نيٺ ڪاٽي وڃي ٻاهر پيس. شام جو ميان عبدالخالق وٽ شڪايت کڻي ويس. همدردي گهڻي ڪيائين، پر جنهن صورت ۾ اهو بدنام پادر ٿورو استعمال ٿي چڪو هو، تنهن ڪري واپار جي رولن ريگيوليشين مطابق دڪاندار لاءِ ان جو واپس وٺڻ بيقاعدي هو. ان ڏينهن کان وٺي ميان صاحب ۽ اسان جا ”ڊپلوميٽڪ تعلقات“ ٽٽي، هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. الله تعاليٰ مون کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي، ۽ ميان عبدالخالق کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي!

سکر جون ٻيون خصوصيتون ۽ چونڊ سوکڙيون هونديون هيون:

ديش ڀڳت ويرومل بيگراج جي گانڌي ٽوپي، ۽ جيڪي ڪجهه ان جي اندر سمايل هو.

ديوان ڀوڄسنگهه جي ڊگهي ٽالپري ڪلهنگي.

خانبهادر ميان پيربخش مرحوم جي عصا.

سائين ڪرم علي شاهه جو درٻاري لباس.

سائين ڪرم علي شاهه کي ڏسي، عبدالله صاحب سجاده نشين درگاهه شيخ شينهن جي دل جو دورنگي دنيا تان هڪدم اچاٽ ٿي وڃڻ.

ديوان صاحبسنگهه وڪيل جو هار سينگار ڪري، هڪ اک تي سونو مونوڪل لڳائي، گهڙيءَ پل ۾ ساري دنيا تي ڪاميابيءَ سان نظر ڦيرائي وڃڻ.

ريلوي ناچ گهر جو ناتال جي رات وارو رقص.

بليءَ ايڪٽريس جا، ”دردِ دل عرف ميٺي ڇري“ کيل ۾ گانا – ”روئي گي چپيڙ کائيگي، بلي!“

مولوي محمد شعيب صاحب جون مارڪيٽ واريءَ مسجد مان ٻانگون.

گل خان جي هوٽل جا نان - پاوا.

عبدالرحمان جي ڪڙڪ چانهه.

درياهه جا تازا پلا.

ساڌ ٻيلي جا ٿلها متارا پر چوريءَ ڦاسايل کڳا.

برف ڇاپ جون ڪلفيون.

سکر واهه جي پل وٽان صبح جو نظارو.

ٽڪر جي ٿڌي رات.

کرڙيءَ واري پوليس ٿاڻي جي مارڪٽ.

 

سرڳواسي ٽيڪچند ماکيجاڻي

وڏن ماڻهن، ليڊرن ۽ مالدارن کي ڪجهه وقت لاءِ اکين کان ٽاري، اڄ آءٌ پنهنجن انهن سڄڻن ۽ ساٿين جي ياد ۾ ڪجهه ڳوڙها ڳاڙيان ٿو، جن جي محبت منهنجي زندگيءَ کي معنيٰ بخشي ۽ برداشت جي قابل بڻايو.

پنهنجي حياتيءَ اندر، تجربي ۽ تحقيق ڪندي ڪندي، جا قيمتي حقيقت مون تي کلي آهي، سا هيءَ ته سچيءَ محبت ۽ بيغرض دوستيءَ جي ڳولائن کي محلن ۽ ماڙين ڏانهن نه، پر غريبن جي ڪکاين جهوپڙين ۽ مسڪينن جي شڪسته، مڪانن ڏانهن منهن ڪرڻ گهرجي. ماڙيون دغا ۽ دولاب، روڄ ۽ روڳ جو گهر آهن، مسڪينن جون ڀونگيون محبت ۽ وفاداريءَ، صفائيءَ ۽ سچائيءَ جو مرڪز! جي مارئيءَ جي دل آهي ته پنهنجو مقام مارن جا پکا آهن، ٿوڳن ۽ ٿوهرن ۾، ۽ نه عمر جي ماڙيءَ، باغن ۽ باغيچن ۾. دلين جو ڪوس ڪرائڻو آهي ته هلو بنگلن ڏانهن. دلين کي ڌوئڻو آهي ته ڳوليو اڌ اَڏيل آڏاڻا، اباڻن جا، پيٽ بکين ۽ انگ اگهاڙن اباڻن جا، آباديءَ کان پري، تمدن کان ڏُور، ِڀٽن جي ڀر ۾!

سرڳواسي ٽيڪچند ماکيجاڻي سکر ميونسپل جي جنرل لئبرريءَ جو لئبررين هو. اخلاق، ايمانداريءَ، سچائيءَ ۽ دوستيءَ جو مجسمو هو، ۽ پنهنجي مذهب جو ڪوڏيو. فرض جي بجاآوري ۽ دوستيءَ جو نيباهه ڪو کانئس سکي. ديوان ڀوڄسنگهه سندس لئبرري ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو هو. ڀوڄسنگهه جي اهڙي عزت ڪندو هو، جهڙي پنهنجي پتا جي. سکر ۾ وبا پوي، طوفان اچن، بارشون ڪڙڪن، ۽ رستا واهه ٿي ڇڙن، پر ٽيڪچند هر حال ۾ ڊيوٽيءَ جي مقرر وقت کان مڙيوئي پنج منٽ اڳ لئبرريءَ ۾ موجود هوندو، بيمار هوندو، نست ۽ ناتوان، پر جيستائين ڀوڄسنگهه لکت ۾ موڪل منظور نه ڪري، ٽيڪچند پاڻ کٽ تي کڻائي به اچي آفيس ۾ حاضر ٿيندو. لئبرريءَ جي ڪتابن کي اولاد ڪري ڀانئيندو. مجال آهي جو ڪنهن ڪٻٽ يا ڪتاب يا رسالي تي مٽيءَ ذرو رهجي وڃي!

پنهنجي ماتا ۽ پتا جي پيرن جي پيزار هوندو هو. مهيني جي پهرين تاريخ ساري پگهار آڻي سندن اڳيان رکندو. هو پنهنجن هٿن سان جيڪا خرچي ڏيندس، سا وٺي اچي دوستن ۽ يارن کي کارائڻ پيارڻ تي خرچ ڪندو. والدين اڳيان حرام جو بيحجاب ٿي ڳالهائي، يا سندن گفتي کي ڪو رد ڏئي. جو چون، سو صحيح ۽ سند طور پيش ٿيڻ جي قابل. ڏانهن پٺي ڏيئي ڪڏهن نه هلندو. وڏي ڀاءُ جي موجودگيءَ ۾ محض مشڪندو به ڪو نه. پاڻ کان وڏا گهر ۾ موجود هوندا ته پنهنجي ڌرم پتنيءَ سان به نه ڳالهائيندو. هوڏانهن هوءَ مائي به پنهنجي منهن تي لٽو ڏيئي پيئي هلندي. عام حياداريءَ جو هيءُ عالم، جو منهنجي واقفيت وارن پندرهن سالن اندر مون ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو ته هن ڪنهن ڌاريءَ عورت ڏانهن ڇڙو اکيون کڻي به واجهايو هجي. عورت جو پاڇو پوندس ته اکيون وڃي زمين ۾ کپندس. ڪنهن به انسان جي دل ڏکوئڻ پاپ سمجهندو. زيردستن کان خطا ٿي پئي ۽ پاڻ ناراض ٿيو، ته سندس مک مان جي سخت کان سخت اکر نڪرندا، سي هي هوندا: ”ڀائي صاحب، پوءِ اها ڳالهه ته ڪا نه ٺهي!“. مون کي يقين آهي ته سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪوڙ ڪو نه ڳالهايائين.

بدقسمتيءَ سان، 1930ع ڌاري ۽ ان کان پوءِ، سکر هندو - مسلم ڇڪتاڻ جو وڏو مرڪز بنجي چڪو هو. هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ پهرين پهرين نفاق جي جيڪا باهه ڀڙڪي، ۽ جنهن باهه پوءِ وڌي ساريءَ سنڌ جي سون ورهين جي شاندار تاريخ، روايتي پريم، مثالي تهذيب، بلڪ ماڻهپي کي به ڀسم ڪري ڇڏيو، تنهن باهه جي پهرين چڻنگ سکر ۾ دُکي. شروعات 1929 -30ع ۾ ٿي، پوءِ ڏهه سال دکندي رهي. آخر 1940ع ۾، منزلگاهه مسجد واري سوال تي ڀڙڪو کائي اٿي، ۽ هزارن منهين انساني حياتين ۽ ڪروڙين رپين جي جائداد کي ساڙي ٻاري وڃي ٻاهر پئي.

1930ع  واري هندو- مسلم فساد جي سلسلي ۾ ڪن تنگدل هندو مهاسڀاين مسلمانن خلاف ڪوڙا فوجداري ڪيس داخل ڪيا. جيڪو به چرندڙ پرندڙ، قومي ڪم ۾ مسلمانن جي خدمت ڪندڙ مسلمان ڏٺائون، تنهن کي جيل ۾ وجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. منهنجي پريس (”سنڌ زميندار“) جو مئنيجر، مرحوم نظر علي خان به سندن زد ۾ اچي ويو. مرحوم کان ٻيو ڪجهه ٿي سگهي يا نه، پر هندو - مسلم سوال تي تقرير ضرور ڪندو هو، ۽ سا به وڏي گرجدار آواز ۾، جيڪا هندو مهاسڀائي مهاشين جي ڪنن کي ڏاڍي ڳوري لڳندي هئي. مٿس ڪيس داخل ٿيو، ۽ الزام هي آيس ته فساد واري ڏينهن، جنرل پوسٽ آفيس جي ٻاهران کلئي ميدان ۾، هن صاحب، ڀائي چوئٿرام جي پيٽ ۾ آر لنگهائي سندس پران پورا ڪرائي ڇڏيا. اهو قصو هو سڄو ڪوڙو، نظر علي خان، ۽ ڪنهن جو ساهه وٺي؟ امير جان باورچي ڪڪڙ جو ٻچو وٺي ايندو هو ته ان جي ذبح ٿيڻ به مرحوم اکين سان ڏسي ڪو نه سگهندو هو. بهرحال، ڪيس داخل ٿي ويو ۽ ڪراچيءَ کان آيل سي. آءِ. ڊي. عملدارن سختيءَ سان جاچ شروع ڪري ڏني. نظرعلي خان جي پريشاني ڏسڻ جي قابل هئي.

اصل حقيقت هيءَ هئي ته فساد واري ڏينهن آءٌ ۽ نظر علي خان مورڳو سکر هئاسون ئي ڪو نه، اڳينءَ شام جو اسين ٻيئي ريل ۾ چڙهي لاڙڪاڻي هليا ويا هئاسون. پنهنجي غير حاضريءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ شاهد ڪٿان آڻيون، ۽ سي به غير مسلم، ڇو ته ان وقت جي فضا اندر مسلمان ملزم جي فائدي ۾ مسلمان شاهد جي شاهدي خود بخود ڪوڙي سمجهي ٿي ويئي، ۽ تنهن ڪري بيڪار هئي، هينئر هندو شاهد اچن ڪٿان؟ شاهدي ڪيتريقدر به سچي ڇو نه هجي، پر ڪهڙي هندوءَ کي مجال هئي جو پنهنجي جاتيءَ جي فائدي، پاليسيءَ ۽ آگيا خلاف لبڪشائي ڪري سگهي؟

جنهن ڏينهن اسين لاڙڪاڻي روانا ٿي رهيا هئاسون، مسٽر ماکيجاڻي اسان کي ڇڏڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تائين آيو هو، ۽ جيستائين ٽرين ڇٽي هلي، هو پليٽفارم تي موجود هو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ضرورت محسوس ٿي ته مسٽر ماکيجاڻي اها شاهدي اچي پوليس اڳيان ڏئي. پر ماکيجاڻي هندو هو، ۽ مسٽر نظر علي خان جي نظر ۾ ڪٽي قسم جو، ڇو ته ساڻس گفتگو جي دوران هو صاحب هميشہ هندو ڌرم جي اصولن جي چڱائيءَ جو شرح ۽ بيان ڏاڍي زور سان ڪندو رهندو هو. اهو سچ هو ته ماکيجاڻيءَ جو پنهنجي ڌرم سان ڳوڙهو پريم هو، سندس ايمان هو ته هندو ڌرم ۽ ڌرمي ريتن رسمن ۾ اهڙي ڪا به شي ڪا نه هئي، جنهن جو بنياد عقل ۽ انسانذات جي فائدي تي رکيل نه هجي.

مسٽر نظر عليءَ جي نااميديءَ جي باوجود، مون وڃي ماکيجاڻيءَ سان سندس شاهديءَ جي ڳالهه ڪڍي. ٻڌندي ئي تيار ٿي بيهي رهيو. چيائين:

”آءٌ سچ چوڻ کان ڪڏهن ڪو نه پوئتي پوندس!“

”پر ان مان هندو قوم ۾ تنهنجي خلاف ڏاڍي ناراضگي ڦهلبي.“

”سچ ته بيٺو نچ!“

”تنهنجي پتا منع ڪئي ته پوءِ؟“

”منهنجو پتا سچو هندو آهي. پنهنجي پٽ کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي هرگز ڪمپيل(مجبور) نه ڪندو.“

”جيڪڏهن جنرل لئبرري ڪاميٽيءَ جي ”ڪافرن“ توکي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ؟“

”مسٽر راشدي، اهائي ته زور آوري پيا ڪريو. ڪافر ڪنهن کي نه چئجي. ڪافر ڪو به ڪو نه آهي. سڀ ڌڻيءَ جا ٻانها آهن. ڌڻي چڱو، ته ٻانها به چڱا. نوڪري کسيندا ته ڇا ڪري وجهندا؟ رزق جي جوابداري انهيءَ مالڪ تي آهي. جنهن پيدا ڪيو آهي، ته نپائيندو به اهو.“

ان کان پوءِ هڪ ڊگهي تقرير ڪيائين، جنهن جي دوران ۾ سکمني صاحب ۽ ٻين هندو پستڪن جا بيشمار ٽڪرا بطور ثبوت جي پيش ڪندو ويو.

آخر انڪوائري آفيسر اڳيان اچي شاهدي ڏنائين، ۽ مسٽر نظر علي خان جي جان ڇٽي.

سرڳواسيءَ جي سادگيءَ ۽ اسان سندس دوستن جي پرڪاريءَ جو هڪ واقعو ٻڌو.

آءٌ مٿي لکي چڪو آهيان ته هو صاحب ڌاريءَ عورت جي پاڇي کان به بيزار هوندو هو. هڪ دفعي اچي اسان کي شرارت سجهي.

مون چيومانس: ”فلاڻي ڇوڪري توتي ڇڪن ٿي پيئي آهي. تون کيس ڪو منهن ڪو نه ٿو ڏين. پرماتما وٽ ڪهڙو جواب ڏيندين؟“

پرماتما جو نالو ٻڌي ڏڪي ويو، ۽ چيائين: ”پر پرماتما جي ئي آگيا آهي ته پنهنجيءَ ڌرم پتنيءَ سان سچا رهو!“

”جيڪڏهن پرماتما جي اها مرضي هجي ها ته پوءِ توکي اهڙو حسن ڇو ڏئي ها، جيڪو هر ڏسندڙ ڇوڪريءَ کي ساڙيندو ٻاريندو رهي ٿو؟ قادر جو ڪو به ڪم چڱي مطلب کان خالي نٿو ٿئي.“

سندس ظاهري صورت معموليءَ کان به ٿورو گهٽ هوندي هئي، پر اسان جي يقين ڏيارڻ تي خاطري ٿي ويئي هيس ته پاڻ واقعي حسين آهي. مٿيون جملو ٻڌي، پنهنجي ڪرسيءَ تي کڙو ٿي ويهندو. پتلون جي ڪريز ۽ ٽاءِ کي درست ڪري، منهن تمام ڳنڀير بڻائي، چوڻ لڳندو:

”مسٽر راشدي، مان اوهان جي راءِ ڪو نه ٿو ريٽيان، پر انهن ڪمن ڪرڻ سان ته مورڳو ڌرم ڀرشٽ ٿي ويندو.“

”ڌرم عشق آهي، ۽ عشق ڌرم آهي. دل ۾ عشق ۽ عشق جو درد نه هوندو ته ڇڙيءَ جسماني تپسيا سان ڌرم ڪهڙيءَ طرح درست ڪري سگهبو؟“

”اسان جي پستڪن ۾ به اهو ئي لکيل آهي. پر ماڻهو عشق ته پنهنجي ڌرم پتنيءَ سان به ڪري سگهي ٿو؟“

”اهو ته ٿيو تنهنجي عشق جو نمونو، جو اصولاً بلڪل صحيح آهي، پر هن غريب ڇوڪريءَ کي جو اچي لڳو آهي عشق، تنهن جو علاج ڪهڙو ٿيندو؟ جي هوءَ ِان عشق ۾ مورڳو مري وڃي ته پوءِ ان جو بنبال ڪنهن تي پوندو؟....پوءِ ته ڄڻ تون خوني ٿي پئين! ۽ اوهان جي شاسترن ۾ ته شايد اهو به لکيل آهي ته جيوَهتيا نه ڪجي!“

”مون کي پڻ اهو ويچار ٿئي ٿو. جڏهن کان اوهان ڳالهه ٻڌائي آهي، پورو روٽيءَ ٽڪر به ڪو نه ٿو وڻيم. جيڪڏهن اوهين چئو ته مان پنهنجي ڌرم پتنيءَ سان به صلاح ڪريان! نيٺ زالون زالن جو کاڄ آهن، مانَ ڪو گر ٻڌائي؟”

“تنهنجي مت ته، ديوان صاحب، ويئي آهي بنهه مارجي. جي مائيءَ کي وڃي اها خبر ٻڌائيندين ۽ کانئس مشورو ۽ موڪل وٺندين، ته موڪل موڪل جي جاءِ تي، توکي به موچڙا هڻي گهرکان ٻاهر ڀڄائي ڇڏيندي، ۽ تنهنجي پتا کي به وڃي خبر ٻڌائيندي. ساڳئي وقت، اسان، تنهنجي سچن دوستن جي ريپوٽيشن پڻ خواهه مخواهه خاڪ ۾ ملي ويندي!“

اسان جو هڪ ٻيو دوست هوندو هو – ”ريمنگٽن“ ٽائپ رائٽر جو مقامي ايجنٽ، مسٽر ٽينڊن. اصل يو. پيءَ جو رهاڪو هو، سخت تيزفهم پر بيرحم، تنهن ان فرضي ڇوڪريءَ جي نالي ۾ هڪ درد ڀريو خط جرئت ڪري مسٽر ماکيجاڻيءَ جي ائڊريس تي ٽپال ۾ وجهي ڇڏيو. ان خط ۾ اظهار محبت بعد اهو به دڙڪو ڏنل هو ته ”جيڪڏهن فلاڻي ڏينهن، فلاڻيءَ جاءِ تي تون اچي مون سان نه ملندين ته آءٌ سڌو روهڙيءَ واريءَ پل تان وڃي پاڻ درياهه ۾ اڇلائينديس ۽ آپگهات ڪنديس! مرڻ کان اڳ هڪ خط تنهنجي پتا ڏانهن ۽ ٻيو تنهنجيءَ زال ڏانهن به روانو ڪري ڇڏينديس، جنهن ۾ لکيل هوندو ته تون منهنجي ڌرم ڀرشقٽ ڪرڻ بعد مون ساڻ پنهنجا واعدا نه پاڙيا، تنهنڪري آءٌ دنيا ڇڏيو ٿي وڃان!“

هڪ روز منجهند جو پري کان ڏسان ته مسٽر ماکيجاڻي ڀڳو ٿو اچي. ڊنل، گهٻرايل، پگهر ۾ ڀريل - اچڻ سان آرام ڪرسيءَ تي ڊهي پيو ۽ منهن تي رومال وجهي روئڻ شروع ڪري ڏنائين. آءٌ حيران، پريشان، ته آخر ڪهڙي مصيبت اوچتو مٿانس نازل ٿي آهي. اڃا صبح جو ته وٽانس ٿي آيو هوس. ٽينڊن جي شرارت جو اوستائين مون کي ڪو پتو ڪو نه هو.

حڪم ڪيائين: ”ماڻهو ٻاهر ڪڍ!“ تعميل ڪيم. ايتري ۾ ٽينڊن جو سندس پيرو کنيو ٿي وتيو، سو به اچي مٿان سهڙيو. مون ماکيجاڻيءَ کان پڇيو ته حڪم هجي ته ٽينڊن کي به ٻاهر ڪڍان؟ چيائين، ”نه نه، ٽينڊن ته پنهنجو ڍولڻ ياڙ آهي، عقل به گهڻو اٿس، ان جي ِبرين (Brian) جو فائدو وٺڻو آهي!“

ٻيو حڪم ٿيو: ”در بند ڪراءِ!“ در بند ٿيا.

درين جا طاق ڏياري ڇڏ!“ اٿي طاق ڏنم.

”بجليءَ جي پکي جي چيئون - چيئون بند ڪر! ڊسٽرب ڪندو!“ پکو بند ٿيو.

ان کان پوءِ، خط کيسي مان ڪڍي مون کي ڏنائين. هيڏانهن مون خط پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ هوڏانهن ماکيجاڻيءَ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا: اکيون مٿي کڻي، مون ڏانهن ڏسي، ڳوڙهن جي لڙي ڌرتيءَ تائين پڄائي، وري اکيون بند ڪري، ڪنڌ هيٺ لاڙي، گوڏن تي پيو هٿ هڻي. هوڏانهن ٽينڊن، خط سڃاڻي، تير نشان تي پوندو ڏسي، پنهنجو منهن ڪومائي، سر تاپا سوال جي صورت بڻجي ويهي رهيو. خط ڏسندي ئي آءٌ سمجهي ويس ته اها حرڪت ڪنهن جي آهي.

پاڻ پڙهي، خط ٽينڊن کي ڏنم، ٽينڊن خط جا پهريان ٻه جملا ڏسندي ئي زور سان اڇنگار ڪئي. هيڏانهن ماکيجاڻي اڇنگار ڪڍي، هوڏانهن ٽينڊن اٿي ٻانهون وڌايون، ۽ هيڏانهن ماکيجاڻيءَ وڌي ٻانهون ڊگهيون ڪيون.....ٻئي ڀاڪرين پئجي ويا، ۽ اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا! ٽينڊن ڌرتيءَ تي ِڪري پيو ۽ پنهنجي ٻکَ ۾ ماکيجاڻيءَ کي به هيٺ کڻيو ويو. هينئر ڏسان ته ٽينڊن ۽ ماکيجاڻي، ٻئي پيا ڌرتيءَ تي ڦٿڪن!

گهڙيءَ کان پوءِ ٽينڊن کڻي اکيون ٻوٽيون، ڄڻ ته بيهوش ٿي ويو آهي. سندس واتان روڄ جو آواز بند ٿي ويل ڏسي، ماکيجاڻيءَ ڪرَ کڻي ڏانهنس نهاريو. اڳئين کان وڌيڪ زور سان اڇنگار ڏيئي، دانهن ڪيائين: “تون اڃا ويٺو ڏسين! ويچاڙي کي ڏندڻ پئجي ويا آهن! پاڻيءَ لوٽو کڻ، منهن تي وجهينس ۽ ڏندڻ ڀڃينس!“

مون کي اهي ِانسٽرڪشن ڏيئي، پاڻ وري اکيون ٻوٽي رودن ۾ مشغول ٿي ويو.

هينئر جي آءٌ ِکلان ٿو ته ماکيجاڻيءَ جي دل کي صدمو رسي ٿو. جيڪڏهن اصلي حقيقت ظاهر ڪريان ٿو ته گاهي اعتبار نه ڪندو. ظالم ٽينڊن توڙ جي سٽي هئي، لاچار، اٿي پاڻي ڀري آيس، ۽ ڏندڻ ڀڃڻ لاءِ نظر علي خان مرحوم جي کٿل ٽوٿ برش جي ڏانڊي هٿ ڪيم. پاڻيءَ جو لوٽو کڻي ٽينڊن جي منهن ۽ ڪپڙن تي نايم. تڏهن به سندس ڇند قائم! آخر برش جي ڏاٽي زور سان وٺي وات ۾ لنگهائيمانس اکيون پٽي، اشارو ڪيائين ته ”ان کان بچاءِ!“ ٻن - ٽن منٽن کان پوءِ، پاسو ورائي، ماکيجاڻيءَ ڏانهن نهاريائين. ماکيجاڻي هر اکيون کولي ۽ هر بند ڪري - ٻنهي حالتن ۾ سندس سڏڪا چالو! ٽينڊن هٿ ڊگهو ڪري پاڻيءَ جو ٻيو ڀريل لوٽو مون کان ورتو، ۽ وٺي ماکيجاڻيءَ جي مٿي ۽ جسم تي اڇلايائين. مون کي هڪل ڪيائين:”ماکيجاڻيءَ تي اڃا به پاڻي وجهه، مبادا سندس هارٽ فيل ٿي وڃي!“ مون ٻيو لوٽو ڀري آڻي ڏنس. وري به ماکيجاڻيءَ تي وڌائين. غرض ته پاڻيءَ ۽ گپ ۾ ٻنهي جا سوٽ ڀرجي ڇوڙو ٿي پيا. سندن پنهنجن منهن ۽ مٿن جو حال ته ان کان به ابتر هو.

اڌ - مني ڪلاڪ بعد ٽينڊن پاڻ به اٿيو، ۽ ماکيجاڻيءَ کي به اٿاري، سڌو ڪري وري آرام ڪرسيءَ تي ويهاريائين. مون کي چيائين: ”آءٌ هاڻ گهر ڪو نه ويندس. منهنجي زال ۽ ڀاتي ڇا چوندا ته ڪٿان آءٌ سوٽ ۽ پنهنجو مٿو خراب ڪرائي آيو آهيان! مون کان ڪوڙو جواب ڏنو ڪو نه ٿيندو. جي سچي ڳالهه ٻڌائيندس ته منهنجي دوست جي بدنامي ٿيندي. خدانخواسته، سڀاڻي جيڪڏهن اها ڇوڪري وڃي آپگهات ڪري ۽ پوليس - جانچ شروع ٿئي، ته هيءُ واقعو اسان کي ملزم ثابت ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪافي ٿيندو!“

مسٽر ماکيجاڻيءَ به فرمايو: ”ڪوائٽ رائٽ! پوءِ ته ”سِٽوئيشن“ سچ پچ ”ڊپليڪيٽ“ ٿي پوندي!“

قصو ڪوتاهه - ٽينڊن ماکيجاڻيءَ کي وٺي وڃي اندرينءَ ڪوٺي ۾ ويٺو. پنهنجو به سوٽ لاٿائين، ماکيجاڻيءَ جو سوٽ به لهرايائين. اهي کڻي وڃي مون وڌا سڪڻا. پاڻ انگوشا ٻڌي ويهي رهيا. مون ٽينڊن کي پاسي ڪري چيو ته ”خدارا هاڻي وڌيڪ بدمعاشي بند ڪر، نه ته ماکيجاڻي غريب جو خون ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو!“

”هائو، پر پهرين شربت، ماني، ميوو آلو ۽ سڪو کاراءِ - ورنه رات تائين ماکيجاڻيءَ کي ِهت ويهاري ويٺو هوندس! ٻي ڳالهه ته کانئس بک هڙتال به ڪرائيندس، ته جيئن سندس عاشق ڇوڪريءَ جي دل ڀڄي پوي ۽ پنهنجو ضد ڇڏي ڏئي ... پوءِ ته تنهنجو ماکيجاڻي سچ پچ مري ويندو!“

مجبوريءَ وچان، جا به شي طلب ڪيائين، سا آڻي موجود ڪيم. کائي ِپي، سوٽ سڪائي، نئين استري ڪرائي، روانو ٿيڻ لڳو. وڃڻ کان اڳ مشورو ڏيئي ويو ته ”ڇوڪريءَ جي ڏسيل جاءِ تي ماکيجاڻيءَ پاران راشدي وڃي، ۽ وڃي ڇوڪريءَ کي سمجهائي ان ارادي تان باز آڻي.“

ان وقت ته مسٽر ماکيجاڻي به هليو ويو، پر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وري واپس آيو. ڪنڊ ۾ وٺي وڃي چيائين: ”گهر پهتس ته هڪ پائنٽ ويچار ۾ آيم. چيم ته ڊوڙي وڃي پنهنجي ڀاءُ جي ڪن تي وجهي اچان؟“

”چڱو ٿيو جو آيا. فقط پائنٽ ٻڌايو!“

”ڇوڪڙيءَ کي هيءَ ايڪسپلين ڪندا ته مسٽر ماکيجاڻي اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي!“

موٽي اچي آءٌ ميز تي ويٺس. پر گهڙي نه گذري ته ماکيجاڻي وري موجود -

”خير ته آهي ؟“

”ون مور پائنٽ!“

”ڇوڪڙيءَ کي ڀل هيئن به ٻڌائيندا ته مسٽر ماکيجاڻي جا ويچار هينئر برهمچاڙ پاسي پيا هلن!“

مسٽر ماکيجاڻيءَ جي اها اچ ۽ وڃ، آنڌ ۽ مانڌ ڏسي، آءٌ در بند ڪري ويهي رهيس. ان کان پوءِ به هڪ دفعو هو صاحب موٽي آيو، پر نوڪر واتان اهو ٻڌي ته آءٌ ٻاهر نڪري ويو آهيان، واپس هليو ويو.

آخر فرضي ڇوڪريءَ واري فرضي خط ۾ مقرر ڪيل تاريخ ۽ وقت تي، گهڙيءَ - سوا لاءِ، ٻاهران ڦيرو کائي، اچي مسٽر ماکيجاڻيءَ سان مليس ۽ کيس تسلي ڏنم ته ڇوڪريءَ کي سمجهائي پرجهائي، باز آڻي ڇڏيم: ”برهمچار جي امڪان جي خبر ٻڌي ته ڇوڪري بنهه ڀڄي ويئي!“

پاڻ فرمايائين: ”مسٽر راشدي، اوهين ويچار ڪري ڏسو، ڇوڪريءَ کي پوتر لوِ(Love) ڪا نه هئي! ”ڪام“ جو پاڇو پيل هوس. تنهنڪري ئي برهمچاڙ جو ٻڌي ڀڄي ويئي! اڄوڪيون گهڻيون ڪاليجي ڪنيائون آهن ئي ”ڪام“ جي ڪڍ. ۽ ڪام جي ڇو نه ڪڍ هونديون؟ صبح ويل کائن بيدا، منجهند جو واپرائن ماس، ۽ رات جو ڏسن ناٽڪ!“

ان فتح عظيم جي خوشيءَ ۾، مسٽر ماکيجاڻي اسان ٻن - چئن ساٿين کي ٿلهي واري ريسٽورانٽ تي وٺي وڃي پارٽي کارائي. پارٽيءَ ۾ ٽينڊن بلڪل بيدرديءَ سان کاڌو، ۽ مرڻ جيئڻ جي ڪا نه ڪيائين. آخر ته بل غريب ماکيجاڻيءَ کي ئي ڀرڻو ٿي پيو!

افسوس اهو آهي ته ان ڏينهن، گفتگو هلندي، ٽينڊن ۽ مسٽر ماکيجاڻيءَ جي وچ ۾ تلخي پيدا ٿي پيئي.

ٽينڊن، گذريل واقعي تي آخري رائزني ڪندي چئي ويٺو ته “ڇوڪري ته هئي ڪام جي پوڄارڻ، پر مسٽر ماکيجاڻي به ماکيجاڻي نه آهي: عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ جنهن طرح هو ”بنگل“ ڪري ٿو، ان مان ظاهر آهي ته هو ماکيجاڻي نه، پر ”مکي کاِني“ (يعني مکيون کائيندڙ) آهي!“

”مکي کاني؟ نان سينس! شٽ اپ! واٽ آر يو ٽاڪنگ؟ يو آر انسلٽنگ مي!“(1)

ماکيجاڻي صاحب غصي ۾ بلڪل پيلو ٿي ويو، ۽ ان ڏينهن کان پوءِ وري ڪڏهن به ٽينڊن جي ويجهو نه ويو. مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي ۾ وري صلح ڪرايان، پر مسٽر ماکيجاڻي پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

هندو ڌرم جي چڱاين ٻڌائيندي مسٽر ماکيجاڻي ڍاپندو ئي ڪو نه هو. هڪ لڱا نظر علي خان ۽ منهنجي اڳيان وياکياڻ ڏنائين. صحت بابت هندو ڌرم جا اصول - ان سلسلي ۾ ٻڌايائين ته شاسترن ۾ لکيل آهي ته سنان وقت ماڻهوءَ کي سرينهن يا ڄانڀي جي تيل جي آڱر ڀري، جسم جي هر سوراخ ۾ ڦيرائي ڇڏڻ گهرجي.

نظر علي خان مرحوم کي پنهنجيءَ صحت جو هر وقت خيال رهندو هو، تنهنڪري مفت ۾ جيڪا به دوا يا ڪو سستو ۽ سولو ڏس ملندو هوس ته هڪدم پاڻ تي آزمائي ڏسندو هو. تنهن صاحب ماکيجاڻيءَ وارو ڏس ٻڌي ڪو دل ۾ رکي ڇڏيو هو. بواسير جي شڪايت اڳ ۾ ئي هيس. ٻئي ڏينهن صبح جو غسلخاني ۾ ويو. گهڙيءَ کن کان پوءِ غسلخاني مان دانهون اچڻ لڳيون، پر تمام زور سان، ڊوڙي غسلخاني ڏانهن ويس.

”آغا، خير ته آهي؟ ڇا ٿي پيو؟ در ته کول!“

”ظالم! ڀڄي وڃ! تون به ظالم، تنهنجا يار به ظالم!“

”پر آغا! غسلخاني اندر اسان توسان ڪهڙو ظلم ڪيو؟“

”ڪهڙو ظلم ڪيو! خدا جي مار پوي توتي ۽ ماکيجاڻيءَ تي، مون سان ناحق ڪري ڇڏيوَ!“

ان کان پوءِ ٻيو اڌ ڪلاڪ کن به دانهون ۽ گاريون غسلخاني منجهان اينديون رهيون. نيٺ آغا صاحب گوڏ ٻڌي، ٿاٻڙندو ڦٿڪندو، اچي کٽ تي ڪري پيو. سو به اهڙيءَ طرح، جو منهن هيٺ ۽ پٺ مٿان.

معلوم ٿيو ته آغا صاحب غسل بعد، هندو شاسترن ۽ مسٽر ماکيجاڻيءَ جي وياکياڻ تي عمل ڪندي، ڄانڀي جي تيل مان آڱر ڀري استعمال ڪرڻ فرمائي هئي!  تيل وڃي لڳو هوس موڪن تي، جن جي سڙڻ ۽ ڪڙهڻ ڪري اها قيامت کڙي ٿي هئي. برابر ٽي - چار ڏينهن آٰغا کٽ تي ڦڙهه ٿيو پيو هو، ۽ مکڻ استعمال ڪندو ٿي رهيو.

آغا جي غصي جو اهو حال ڏسي، مون مسٽر ماکيجاڻيءَ کي بروقت اطلاع ڪري ڇڏيو ته ”آغا سان ائڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي. مبادا اوهان سان ڪو متڀيد ٿي پويس، تنهنڪري ٻئي اطلاع تائين پريس ڏانهن اچڻ جي تڪليف نه فرمائجو!“

آغا نظر علي خان مرحوم

سرڳواسي ماکيجاڻيءَ جي ذڪر هلندي، آغا نظر علي خان جي ياد به قيْئي ستائي، تنهنڪري سندس احوال به هن ئي موقعي تي قلمبند ڪري ڇڏيان ٿو.

مرحوم لاڙڪاڻي جو ويٺل ۽ پهريائين پي. ڊبليو. ڊي ۾ داروغو هو. قومي ڪمن سان ڳوڙهي دلچسپي هيس. لاڙڪاڻي جي ڪنِ ڪٽر هندن جو ستايل هو. 1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو - مسلم فساد ٿيا. فساد جي مکيه ڪيس ۾ جي مکيه مسلمان جوابدار بڻايا ويا، تن مان هڪ نظر علي خان به هو. مقدمي مان باعزت آزاد ٿيڻ بعد، مسٽر کهڙي کيس ”سنڌ زميندار“ پريس جو مئنيجر مقرر ڪري سکر روانو ڪيو. ٻن - ٽن مهينن کان پوءِ آءٌ به ساڳيءَ پريس ۾ ايڊيٽر ٿي ويس. مئنيجر ۽ ايڊيٽر جي پگهار، انهن ڏينهن ۾ هئي هڪ روپيو يوميه، ۽ اهو سال هو 1929ع.

نظر علي خان جي حياتيءَ جا اصول هئا: مالڪ پريس (مسٽر کهڙي) ذات سان وفاداري، خرچ جي معاملي ۾ ڪفايت شعاري، بني نوع انسان تي بي اعتباري، هندو ذات کان بيزاري، اڇيءَ چمڙي(يعني انگريزن) اڳيان نيزاري، مسلماني نالي ۾ مستقل آه ۽ زاري، صحت جي معاملي ۾ خبرداري، مفت جي ماني ملي ته پيٽ کي پورن آزادي، بيماريءَ جي حالت ۾ دانهن ڪوڪ سخت، مگر دوا ضرور ملي مفت، جيڪڏهن پيرين پنڌ هلڻ ممڪن هجي ته بگيءَ جو ڀاڙو خرچ ڪرڻ بدترين بدعت، صورت رعبدار، آواز گرجدار، يارن جو يار، پرمذاق، بذله سنج -.

الله تعاليٰ جون شال سندس مرقد منور تي رحمتون وسن! مون جهڙي اڙٻنگ انسان جون جيتريون الغرضايون ان شخص برداشت ڪيون، نه ٻئي ڪنهن اڄ تائين برداشت ڪيون، ۽ نه هن کان پوءِ ئي ڪو ڪندو.

اسان ٻنهي، سالن جا سال، گڏ گذاريا. هڪ جاءِ ۾ رهندا هئاسين، هڪ ٿانوَ مان کائيندا هئاسين، ۽ جيستائين بجيٽ ۾ وسعت پيدا ٿي، سمهڻ لاءِ فراسي به ساڳي ئي استعمال ڪندا هئاسين. اخبار نويسيءَ جو ڌنڌو مالي نقطه نگاهه سان هونئن به هر سمي ۾ خراب آهي، پر انهن ڏينهن ۾ ته خاص طرح عذاب هوندو هو. پگهار رپيو روز - کائون ته پهريون ڇا، ۽ پهريون ته کائون ڇا؟ تنهنڪري شب و روز تير تڪليءَ تي گذارو ڪرڻو پئي پيو. ڪم جي هيءَ حالت جو خبرن گهڙڻ، آرٽيڪلن ۽ ايڊيٽوريلن لکڻ کان سواءِ، ڪڏهن ڪڏهن اخبار کي فولڊ ڪرڻ ۽ ٽڪلين لڳائڻ جو ڪم به اسان ٻنهي شخصن کي ئي ڪرڻو ٿي پيو. پر نظر علي خان جي سنگت ۾ رهي مصيبتون محسوس ئي ڪين ٿي ٿيون. سڄو ڏينهن کل مذاق ۾ گذرندو هو. نظر علي خان جي دلچسپ شخصيت هر روز ڪو نه ڪو لطيفو پيدا ڪريو ويٺي هوندي هئي.

مون مٿي عرض ڪيو آهي ته مرحوم هندو مهاسڀاين جو سخت ستايل هوندو هو. تنهنڪري هندوءَ جو نالو پيو ته ڄڻ ڪانوَ ڪمان ڏٺي. اصولاً دورانديش ۽ عافيت پسند هو، تنهنڪري زباني جمع - خرچ کان سواءِ، عملي طرح، هندن کي به ڪنهن خاص نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪندو هو. پر انهن ڏينهن جا مهاسڀائي مهاشي مذاق سليم کان بلڪل عاري ۽ ”اسپورٽنگ اسپرٽ“ کان قطعي خالي هوندا هئا، چرچن ۾ چڙي ويندا، جنهن ڪري جتي به ڪو هندو - مسلم جهيڙو ٿيندو، ته جوابدارن ۾ سڀ کان پهريائين نالو نظر علي خان جو ڏيندا هئا. هوڏانهن نظر علي خان جو نالو آيو، ۽ هيڏانهن ”سنڌ زميندار“ پريس ۾ ٽيجهو شروع ٿي ويندو. تارون، خط، عريضيون اخباري آرٽيڪل دانهون، ڪوڪون، نمازون، نفل، صلواتون، هر وقت ۽ هر طرف، پهريائين پنهنجي مرشد، مولانا ڪمالديرويءَ کان وڃي دعا طلبي ڪندو. ان کان پوءِ ٽڪٽ وٺندو لاڙڪاڻي جي- تاڪ پنهنجو حال زار کهڙي صاحب کي ٻڌائي کيس مدد لاءِ اُٿاري کڙو ڪري. انهن ڏينهن ۾ منهنجو ته خاص طرح سان اٿڻ ويهڻ، سمهڻ سڀ حرام ڪري ڇڏيندو. اڌ رات جو ڄنگهه کان وٺي اٿاري ويهاريندو:

”اي ظالم، اُٿ ته سهي! تنهنجي وفادار دوست جي هارٽ فيل ٿي رهي آهي. ڪيڏو نه سنگدل آهين! منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي ويو آهي، ۽ تون اڃا پيو نڀاڳ جون ننڊون ڪرين!“

ان دلدوز تمهيد کان پوءِ، بيخوديءَ جي حالت ۾ سندس دماغ اندر جيڪي به بخار اٿيا هوندا، تن کي ويهي ٻاهر ڪڍندو. مون کي جهوٽا کائيندو ڏسي فرمائيندو:

”تنهنجو ايمان اصل کان ڪمزور آهي. اڄڪلهه ڪفر ۽ اسلام جي جنگ چالو آهي. مجاهدن تي ڌڙاڌڙ مقدما داخل ٿي رهيا آهن. مهاسڀائي ته تنهنجو نالو ئي ڪو نه ٿا وٺن، توتي ڪو مقدمو ئي داخل ڪو نه ٿا ڪن، تنهن مان ظاهر آهي ته تنهنجي ايمان ۾ سقم آهي! پنهنجي ايمان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. جهاد جي ايام اندر جنهن مسلمان کي ننڊ آئي، تنهن جي مسلمانيءَ ۾ شڪ ڪرڻ لاءِ سبب آهي.“

زجر و توبيخ جو اهو سلسلو اوستائين چالو رکيو ايندو، جيستائين فجر جي نماز جو وقت ايندس. نماز پڙهڻ کان پوءِ، اُڀ - پيرين بيهي، دعائون پڙهندو، چئني طرفن ڏانهن درود شريف ڇوڪاريندو، ۽ پڻ پنهنجي چوڌاري آڱر سان حفاظتي حلقو ڪڍندو.

سندس باري ۾ بيشمار لطيفا آهن.

تندرستيءَ کي قائم رکڻ ۽ بيماريءَ کان بچڻ جو خيال مراق جي حد تائين پهتل هوس. هڪ دفعي سندس هڪ هموطني، لاڙڪاڻائي عملدار دوست سکر بدلي ٿي آيو. تنهن صاحب نه ڪئي هم نه تم، بئگ ۽ بسترو کڻائي اچي پريس ۾ لٿو. پريس ۾ کٽون هونديون هيون ٽي، تن مان ٻه قابل استعمال ۽ ٽين ڇنل. مهمان کي ڏسي، مستقبل جو سارو نقشو آغا صاحب جي دماغ ۾ چڪر ڪاٽڻ لڳو. کٽون سڄيون هيون ٻه - هڪ تي سمهندو هو پاڻ، ٻيءَ تي آءٌ. مهمان جي تشريف آوريءَ سبب، هڪ کٽ ته ويندي ان ڏانهن، باقي بچندي کٽ هڪ - هاڻي اها پاڻ استعمال ڪري يا آءٌ؟ اهو هو فوري ”پرابلم“، جنهن کي ”ڊسڪس“ ڪرڻ لاءِ مون کي سڏي وڃي پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريائين.

تقرير شروع ٿي (تقرير جو ڏاڍو شوق هوندو هوس، ۽ يقين هوس ته سندس تقرير ٽڪرن ۾ به ٽنگ ڪري سگهي ٿي)، جنهن جو ماحصل هيءُ هو:

”... اهو مهمان تمام وڏو آفيسر آهي. پريس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، کهڙي صاحب، جو همڪلاسي دوست آهي. اسان جو ڪم ڪار ڏسي کهڙي صاحب کي هڪ اکر چيائين، ته اسان جي پگهارن ۾ خودبخود اضافا ٿي ويندا. ماني پنهنجي پاڻ تيار ڪرائيندو. باورچي ساڻ اٿس. دسترخوان تي لازماً اسان کي به سڏي پيو ويهاريندو. بنان خرچ جي پيا سٺيءَ ماني جا مزا ماڻينداسين. خوراڪ به لذيذ ۽ ساڳئي وقت خرچ جي به بچت. دورانديشيءَ جا اهي خيال رکي، مون فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجي کٽ سندس حوالي ڪريان.“

مون عرض ڪيو:

”اوهان جي سوچ سٺي آهي. ڀل پنهنجي کٽ ڏيوس. اوهان کي خاص اضافو وٺرائي ڏيندو. منهنجي خرچ لاءِ موجوده تنخواهه ڪافي آهي.“

”ادا سائين، توکي خبر آهي ته مون کي جگر جي بيماري آهي. ننڊ آرام جي نه آئي، ته بخار چڙهندم. تنهن کان پوءِ قد بت ۾ به آءٌ توکان ڊگهو ۽ موٽو آهيان. جيڪڏهن پاڻ واري کٽ تون مون ڏانهن ٽرانسفر ڪندين، ته تنهنجي هڪ وفادار دوست جي جان به بچي پوندي ۽ ساڳئي وقت توکي ثواب به حاصل ٿيندو. کٽ نمبر ٽيون، توڙيجو عمر رسيده آهي، پر ان هوندي به تنهنجي سمهڻ لاءِ منجهس ڪافي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي.“

مون بهرحال، انهن فائدن ۽ ثوابن پرائڻ کان نابري واري. پر رات جو ٻاهران گهمي ڦري، موٽي اچي ڏٺم ته آغا صاحب اڳ ۾ ئي مون واريءَ کٽ تي قبضو ڪيو، اکيون ٻوٽيون، ڦڙهه لڳو پيو آهي. نوڪر کي چئي ڇڏيو هئائين ته مون کي ٻڌائي ته کين اوچتو سخت بخار ۽ دل جي ڌڙڪڻ  جو عارضو پيدا ٿي پيو هو ۽ ڊاڪٽر هدايت ڪئي اٿس ته سر شام سمهين پوي، ۽ ساري رات آرام جي ننڊ ڪري!

لاچار مون کي کٽ نمبر 3 تي سمهڻو پيو. ان کٽ جي عمر طبعي اڳ ۾ ئي پوري ٿيل هئي. جنهن طرف پاسو ڦيرايان، واڻ جي ٽڙڪڻ جا آواز پيا اچن! لاچار اُٿي ويهي رهيس. سوچڻ لڳس ته ڪهڙي اسڪيم ڪري ان مهمان کي خود آغا هٿان ڪڍرايان، جيئن منهنجي کٽ پالهي ٿي پوي. نئين کٽ خريد ڪرڻ جي گنجائش نه اسان جي پنهنجي بجيٽ ۾ هئي ۽ نه ان تي پريس جي پئسن مان ئي خرچ ڪرڻ جو ڪو جواز هو. الله تعاليٰ بروقت مدد فرمائي. منهنجي نگاهه مهمان جي طرف ويئي - ڏسان ته ننڊ جي حالت ۾ به پيو ٽنگون کنهي، ۽ قدري زور سان!

صبح تي مون آغا صاحب سان کٽ واري معاملي متعلق ڪا شڪايت ڪا نه ڪئي. پاڻ زور سان سندس خير عافيت پرسي ڪئي ۽ کٽ نمبر 3 جي تعريف ڪيم. کيس بلڪل اطمينان حاصل ٿيو، سندس بخار به لهي ويو ۽ دل جو ڌڙڪڻ به بند ٿيو.

منجهند جو مهمان آفيس مان موٽي اچي پنهنجي کٽ تي ستو ۽ ننڊ ۾ وري پنهنجون ٽنگون ۽ انهن کان مٿئين بدن جي حصي کي زور سان کنهڻ شروع ڪري ڏنائين. مون آغا کي وٺي وڃي مٿانئس بيهاريو ۽ هن طرح عرض ڪيو: ”هيءُ غضب ته ڏسو! هن مهمان کي ته خارش جي بيماري آهي ۽ سا به جسم جي ناقابل بيان حصي ۾. ِاها خارش وچڙندڙ قسم جي معلوم ٿئي ٿي. ٿورن ڏينهن اندر اسان سڀني کي وڪوڙي ويندي. مون کي سخت خوف ٿو ٿئي سو آءٌ ته وڃي ٿو ٻئي هنڌ رهان. خارش ٿي ته ڪهڙو منهن ماڻهن کي يا خود مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ڏيکاريندس. ڇا چوندوسانِ ته ڪٿان اها بلا پرايم؟ دشمن قسماقسم جا قصا ٺاهيندا ۽ دوست به پيا اجايا انومان ڪندا.“

بيماريءَ جو نالو ٻڌي آغا جي لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ان وقت ئي مشوري لاءِ وڃي ڊاڪٽر سان ملياسين. حقيقت مون پيش ڪئي  ۽ مناسب حڪمت عمليءَ سان. ڊاڪٽر صاحب راءِ ڏني ته خارش وچڙندڙ قسم جي ٿي سگهي ٿي. رات جو دستوري گهوم بعد واپس آيس، ته مهمان ڪو نه هو ۽ مهمان واريءَ کٽ تي منهنجو بسترو لڳل هو! اصل ۾ اها کٽ آغا صاحب جي هئي ۽ کٽ نمبر 2 کان وڌيڪ ڪشادي ۽ آرام ده، پر جنهن صورت ۾ ان تي هڪ رات وچڙندڙ خارش جو مريض مهمان سمهي چڪو هو، تنهن صورت ۾ دستوري دورانديشيءَ کان ڪم وٺي آغا صاحب آئنده لاءِ اها کٽ مون تي مرحمت فرمائي ڇڏي.

رسيده بود بلائي، ولي بخير گذشت!

آغا صاحب سخت ڪفايت شعار هوندو هو. جيڪڏهن مفت ۾ ڪم نڪري، ته پئسي خرچڻ جو بنهه نالو نه وٺندو. سوال شريعت جي پيرويءَ جو هو ۽ شريعت ۾ اسراف جي منع هئي!

تيل، صابڻ ۽ ٽوال پنهنجو ڪڏهن ڪو نه آڻيندو. منهنجين ئي شين تي پيو سندس گذارو ٿيندو. اصولاً به ان ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو. مئنيجر ۽ ايڊيٽر توڙيجو ظاهري طرح ٻه شخصيتون آهن، مگر حقيقت ۾ هو هڪ ئي شاهي ِسڪي جا ٻه پاسا ٿين ٿا - يا هڪ ئي مالڪ جي زمين جا ٻه ٻارا، پوءِ هڪڙي ٻاري جو پاڻي ڀڄي ٻئي ٻاري ۾ لنگهي پيو، ته ان ۾ ڪو مذائقو ڪو نه هجڻ گهرجي. ان سونهري اصول پٽاندر، منهنجي ڪا به شيءِ آغا صاحب جي تصرف کان محفوظ ڪا نه هوندي هئي. تيل جي شيشن تي سندس خاص نگاهه ڪرم هوندي هئي. منهنجو نوڪر ڇوڪرو، علي محمد، ڪنهن شيءِ ڏيڻ کان انڪار ڪندس ته کيس پريس کان ٻاهر ڪڍي بيهاريندو. اصول کان ٻاهر آغا ڪو قدم ڪو نه کڻندو. علي محمد جي اخراج ۾ اصول هيءُ مضمر هوندو ته هو منهنجو خانگي نوڪر آهي ۽ ”خانگي ماڻهن“ جو پريس اندر رهڻ قاعدي جي سراسر خلا ف!

آغا صاحب کي هر روز تيل به ڪافي مقدار ۾ کپندو هو. وار گهاٽا، ڏاڙهي وڏي، ۽ ساري جسم تي تيل جي مالش نه ٿئي ته خشڪي، خشڪي مان وري خارش جو خطرو!

هڪ دفعي منهنجو سؤٽ مرحوم سلطان شاهه بيمار حالت ۾ مون وٽ آيو. ڊاڪٽر مشورو ڏنو ته سندس قارو رو تپاسايو وڃي. مرحوم علي الصباح قارو رو ڪري تيل جي خوبصورت خالي شيشي ۾ بند ڪري، ڪٻٽ جي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو. پاڻ ۽ آءٌ ٻئي ٻاهر هليا وياسين. آغا صاحب پويان غسل فرمايو ۽ تيل جي تلاش ۾ ڪٻٽ ڳوليندي اچي قاروري واريءَ شيشيءَ تي بيٺو. مال مفت دل بيرحم. ساري شيشي مٿي، منهن، ڏاڙهيءَ ۽ جسم تي مکي وڃي ٻاهر چڙهيو. پر قاروري ڪٿان ٿي تيل جون سڪون لاٿيون؟ موٽي آياسين ته آغا صاحب علي محمد ملازم تي باهه ٿيو ويٺو هو. - چي، ”هاڻي بي ايمان ٿي پيو آهي، توسان سخت ٺڳي ڪري ٿو، سستيون شيون وٺي اچي ٿو، ۽ بچايل پئسا مٿان پاڻ هضم ڪري وڃي ٿو. اڄ مون سندس آندل تيل استعمال ڪري ڏٺو آهي. شيشي ٻاهران ته خوبصورت پر اندر جهڙو پاڻي. ساري شيشي کپائي اٿم پر حرام جو جسم تي تريءَ ۽ چڪنائي جو ڪو نشان پيدا ٿئي. ٿڌ ۾ ڦٽل چپن کي ذرو لاتم ته مورڳو ڪرڻ لڳا. اهڙي حرامخور تي ڪرڙي نظر هجڻ گهرجي. ماڻهو جي پئسو خرچ ڪري، ته شيءِ ته سٺي ملڻ گهرجي!“

علي محمد کان پڇا ڪيم، هن چيو ته تيل جي شيشي ته اندر بند پئي آهي،آغا اهو تيل ڪٿان آندو؟

ورائي آغا کان پڇيم. وٺي وڃي قاروري جي خاليءَ شيشيءَ تي بيهاريائين.

پوءِ جو پيدا ٿيل Crisis بيان کان ٻاهر آهي. مختصراً، غسل ٿيا، گرم پاڻيءَ سان. جسم مبارڪ تي ميٽ تيل ۽ بيسڻ جون مالشون. ان جي مٿان صابڻ، هرملي ۽ عود جا واس. نمازون. پاڪائيءَ جون دعائون. آئنده جي احتياطي تدابير جو پروگرام. غرض اهو سارو ڏينهن پريس جو سمورو عملو ٿرٿلي ۾ رهيو.

پر منهنجي تيل جي شيشين جي ان کان پوءِ به جان ڪا نه ڇٽي.

*              *             *

اوائلي ڏينهن ۾، سنڌ زميندار پريس مارواڙي محلي ۾ هوندي هئي، ۽ پريس جي ٻنهي پاسن ڏانهن مارواڙين جا گهر. انهن مارواڙي عورتن جهيڙي ۽ گارين جي فن کي ترقي وٺائيندي، وڃي هڪ مستقل آرٽ جي حد تائين پهچايو هو. جهيرو ٿي پيو ته هفتن جا هفتا چالو رهندو. هر فريق محلي جي ٻين عورتن کي به وٺي اچي پاڻ سان جهيڙي ۾ شامل ڪندو. ان طريقي سان جهيڙو ڪاٿي به شروع ٿئي ۽ ڪهڙين به ٻن عورتن جي وچ ۾ ٿئي - پر محلو سارو ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويندو. جهيڙي جو پلان هيءُ هوندو: صبح جو گهر جي ڪم حاج لاهڻ بعد ٻيئي ڌريون گهرن کان ٻاهر نڪري اچي رستي تي ويهنديون، هڪٻئي جي سامهون. وچ ۾ چوني سان اڇو پٽو ڪڍي، طرفين جون حدون نروار ڪيل هونديون - پهريائين هڪ پارٽيءَ جون عورتون اٿنديون. گاريون وسائينديون، هٿن جا چالا ڪنديون، اڇي پٽي تي پهچنديون. ان کان پوءِ هو پوئتي ورنديون ۽ ٻئي طرف واريون اٿي حملو شروع ڪنديون. ساڳيءَ طرح گارين جا ”وڏڦڙا“ وسندا، ۽ هٿ فضا ۾ ڦرندا ايندا. شام  تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. گهر جي ڪم جو ٽائيم آيو ته ”ٽروس“ ٿي ويندو ۽ ٻيئي ڌريون کير کنڊ، جيستائين وري ٻيو صبح اچي ۽ ميدان ڪارزار نئين سر گرم ٿئي. لڙائي هڪ دفعي شروع ٿي ته مهينن جا مهينا پيئي هلندي، پر ان طريقي سان ته روزانه مقرر وقت اندر جهيڙو، ۽ ان کان پوءِ وري ٻئي ڏينهن تائين خير.

ان جهيڙي جي دوران ۾ آيو ويو، جيڪو به رستي تان لنگهندو، ان کي وچ ۾ آڻي پيون هڪٻئي کي پڻينديون - مثلاً:

”اڙي اهو ٽوپيءَ وارو توکي...“

”ٽوپيءَ وارو مون کي ڇو؟ توکي...“

آغا نظر علي خان روزانو ڏهين بجي مهل اخباري پني جي خريداريءَ لاءِ بزار ويندو هو. پريس کان ٻاهر قدم رکندو، ته جهيڙي واريون عورتون سندس اهڃاڻ ڏيئي، هڪٻئي تي گاريون وسائڻ شروع ڪنديون --

”اڙي، اهو ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ وارو تنهنجو....“

”ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو تنهنجي آڪهه جو...“ وغيره وغيره.

روزانه اها ڪارروائي هلندي رهندي هئي، ۽ واٽ ويندي پيو آغا صاحب ائين گهلبو هو، پر مون کي اها خبر ڪا نه هئي.

هڪ ڏينهن آغا صاحب فرمايو: ”اڄ مون سان گڏجي بازار هل ته توکي هڪ اهڙو مزو وٺرايان ٿو، جنهن ۾ مزي جو مزو به ۽ شرع شريف جي به ڪا ڀڃڪڙي ڪا نه.“

آءٌ تيار  ٿيس. آغا صاحب ڊگهي شيرواني زيب تن فرمائي، پوءِ ترڪي ٽوپيءَ کي برش هڻي مٿي تي رکيائين ۽ لڪڻ هٿ ۾ کنيائين. ”مولاد مدد“ ڪري، پير دروازي کان ٻاهر وڌائين. آءٌ به سندس ڪڍ.

مارواڙين جو جهيڙو اڳ ۾ چالو ٿي چڪو هو. پري کان هڪل ڪئي هڪ عورت:

”اڙي! توسان اهو ڊگهي ڪوٽ وارو مولانا...“

ٻيءَ وراڻي ڏني:

”ڊگهي ڪوٽ وارو توسان، تنهنجيءَ آڪهه سان..“

آغا صاحب ڪنڌ ورائي فاتحانه انداز ۾ مون ڏانهن ڏٺو، پر ان وچ ۾، دانهن آئي -

”اڙي اهو ڊگهي ڪوٽ وارو منهنجي آڪهه سان ڇا ڪندو. مان سندس آڪهه...“

يعني گارين جو رخ ڦري پيو ۽ هينئر طرفين جون گاريون سڌيءَ طرح خود آغا صاحب قبلي تي وسڻ لڳيون. عورتن ڏسي ورتو هو ته اهو شخص روزانه جهيڙي جي ٽائيم تي اچي وچ ۾ پوي ٿو، تنهنڪري اڄ ضرور سندس حاج به لاٿي وڃي.

هيڏانهن گارين جي ٽاڙا واڙي تيز ٿيندي ويئي، ۽ هوڏانهن آغا صاحب جا قدم تيزيءَ سان اٿڻ لڳا. گهڙي ڀر ۾ وڃي نيم جي چاڙهيءَ وارن هٽن ۾ پناهه ورتائين. مان ڪيتري به ڪوشش ڪئي، پر آغا صاحب کي پڄي نه سگهيس. تنهنڪري موٽي پريس ۾ آيس. آغا صاحب سارو ڏينهن گهر بدر رهيو. شام جو جهيڙي ختم ٿيڻ بعد ئي واپس آيو. سخت ناراض. مون ڏانهن اکيون کڻي نه سگهي. هليو هو پاڻ به شرعي مزو ماڻڻ ۽ مون کي به راهه هلندي لطف وٺائڻ. مزو مزي جي ماڳ، وچان مٿس گارين جا بادل برسي پيا.

مون کي حڪم فرمايائين ته بطور ايڊيٽر جي آءٌ هڪ زوردار ليٽر پوليس جي فوجدار ڏانهن لکان، جنهن ۾ کيس استدعا ڪريان ته هو انهن عورتن جي جنگ بند ڪرائي، ڇو ته ان مان پاڙي پنبي وارن لاءِ سخت آزار متو آهي. ليٽر ويو. پوليس آئي. جهيڙو بند ٿيو. پر عورتن جي دل ۾ آغا ڏانهن پاڻ زهر وڌيو.

آغا صاحب جو دستور هوندو هو ته صبح ويلي اس وٺڻ جي غرض سان کڏيءَ تي چڙهي ويهندو هو. اها کڏي حاطي واري دروازي جي مٿان هوندي هئي. هڪ ڏينهن آغا صاحب حسب دستور وڃي کڏيءَ تي ويٺو.هيڏانهن هن جو موڙي تي ويهڻ ۽ هوڏانهن مٿانس پٿرن جو وسڪارو شروع ٿيڻ! شڪست خورده مارواڙي عورتن رات جو ئي پنهنجن گهرن ۾ پٿر گڏ ڪري رکيا هئا، جيڪي هينئر آغا صاحب تي وسڻ لڳا.

مان اندر ڪمري ۾ هوس. اوچتو آغا صاحب جون دانهون ڪنن تي پيون. ٻاهر نڪري اچي ڏٺم ته نه فقط کڏيءَ تي پر اسان جي ساري اڱڻ تي پيا پٿر وسن. پوئين دورازي کان نڪري، آءٌ ۽ آغا صاحب وڃي فوجداريءَ ۾ پهتاسون. اتانهون پوليس وٺي اچي ان مصيبت کي ختم ڪرايوسين.

انهن ڏينهن کان پوءِ پريس ۽ پاڙي وارن جا تعلقات ناخوشگوار ٿي پيا ۽ سلامتي ان ۾ ڏٺي ويئي ته پريس جي جاءِ بدلائي وڃي. چنانچ اسان پريس کڻائي، وڃي ڪوئنس روڊ تي هوتچند وڪيل جي جاءِ ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪا ليوڪس پارڪ جي ڀر ۾، ۽ چرچ آف انگلنڊ جي بلڪل سامهون هوندي هئي.

*              *             *

پريس جي پئسي کي ڪفايت سان استعمال ڪرڻ متعلق مئنيجنگ ڊائريڪٽر وٽان آرڊر پهچي چڪا هئا. جا هدايت خاص طرح سان ڏنل هئي، سا هيءَ ته ڪنهن به نئين مد تي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اڳواٽ اجازت کان سواءِ، ڪو به خرچ ڪرڻ ۾ نه اچي.

سکر ۾ هڪ سال ڏاڍا مينهن اٺا. ستت ئي ڪالرا به اچي ٽٽي. صفائيءَ تي هر ڪنهن کي خيال ڪرڻو پيو، پر ان معاملي ۾ اسان جي پريس جو حال اڳ ۾ ئي ابتر هو. اڳيان مئنيجر صاحب گهڻو اهڙو مال ڇڏي ويا هئا، جو نه سوختني  هو نه فروختني - مثلاً ڇنل پراڻا موڙا، ڀڳل کٽولا، ڪٽيل خالي مس جا ٽين، پراڻيون اڳڙيون، بيڪار اخبارن ۽ ڦاٽلن ڪاغذن جا سٿا، کوکا، بوتلون، شڪسته ڪرسيون وغيره وغيره. پريس جو گهڻو حصو ان سامان سان ڀرپور هو. گند جي کوڙيءَ هيٺان ٻلين ٻچا ڄڻيا هئا، ۽ هر الماڙيءَ ۾ چمڙن، ڪوئن ۽ ڪرڙين جا آستانا هئا. مينهن کان پوءِ ته هر کوڙ مان عجيب قسم جي بوءِ نڪري، رهندڙن جي دماغ کي معطر ڪرڻ لڳي. سامان جي ڪڍائي ڦٽي ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿي ٿيو. پريس جي رولن موجب اهو ”ڊيڊ اسٽاڪ“ هو، ۽ ”ڊيڊ اسٽاڪ“ نيلام ذريعي نيڪال ٿيڻو هو. پوءِ مينهن ۽ وبائن هلندي ڪنهن کي پئي هئي ته اچي اهو گند خريد ڪري؟ هوڏانهن آغا صاحب لاءِ به ناممڪن هو ته هو رول ٽوڙي. تنهنڪري ان ڊيڊ اسٽاڪ جو پريس ۾ پيو رهڻ امر فطري هو.

ان اپرانڌ آغا صاحب کي هاضمي جي مستقل شڪايت رهندي هئي، جنهن ڪري هر گهڙي کين بيت الخلا ۾ وڃڻو پوندو هو. ٻه جايون کيس ڏاڍيون پياريون هونديون هيون، جاءِ نماز ۽ بيت الخلا. هر روز سندس حياتيءَ جو وڏو حصو انهن ٻن مرڪزن تي ئي پيو صرف ٿيندو هو.

بارشن ۽ وبا هلندي، هڪ ڏينهن شهر جو ڪو رولاڪ ۽ بيمار ڪتو، گهمندي گهمندي، آغا صاحب جي بيت الخلا ۾ لنگهي آيو ۽ اتي مري ويو. خبر تڏهن پيئي جڏهن آغا صاحب، حسب دستور، ڪاڪوس جي دوري تي ويو ۽ اتان فريادون ڪندو ٻاهر نڪري آيو. هڪدم پريس جي ڀوريءَ ڀنگياڻي جي تلاش لاءِ آرڊر جاري ٿي ويا. سندس ڳولا ۾ ماڻهو هر طرف پکڙي پيا. پر شام تائين ڀوريءَ ڀنگياڻيءَ جو پتو ڪو نه پيو - ۽ سانجهن جو جڏهن آئي به ته هيءُ عذر پيش ڪيائين ته مئل ڪتو ڪڍڻ سندس فرائض ۾ داخل ڪو نه هو: ان ڪم لاءِ ته ٻه - چئن مردن ۽ ميونسپل جي گند واريءَ گاڏيءَ جي ضرورت هئي! کيس راه راست تي آڻڻ لاءِ آغا صاحب هڪ طويل تقرير فرمائي، پر تقرير ختم ٿئي ان کان اڳ  ۾ ئي ڀوري پنهنجو ٽين ۽ ٻهارو کڻي پريس کان ٻاهر نڪري ويئي. ڪتي جو لاش بدستور ڪاڪوس ۾ موجود ۽ ”سئرِ ڪاڪوس“ کان آغا صاحب محروم.

آغا صاحب ڪوشش ڪئي ته ڪتي جو مڙهه خود پريس جي نوڪرن ۽ چوڪيدار هٿان ڪڍارائي، سو ان مقصد سان، شريعت مطهره، صفائيءَ جي معاملي ۾ سچن مومنن تي جيڪي فرض عائد ڪيا آهن تن کان چڱيءَ طرح آگاهه ڪيائين، مگر عملي جا اڪثر ماڻهو قلب جا ڪارا هئا، تنهن ڪري هن دنيا جي زندگيءَ کي آخرت جي مزن تي ترجيح ڏيندي ڪتي کي هٿ لائڻ کان نابري واري ويهي رهيا. ان ”ڊيڊ لاڪ“ ۾ رات به گذري ويئي.

ٻئي صبح تي ميونسپل جي ڀنگين سان ”گفت شنيد“ شروع ٿي. ڪتي ڪڍاڻيءَ جي في پندرهن رپيا گهريائون. اها رقم تمام وڏي هئي ۽ اصولاً ”نئين خرچ“ جي مد ۾ ٿي آئي، تنهنڪري بغير اجازت مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي، خرچ ٿي نٿي سگهيو. ڪفايت جي ڪوششن ۽ انهن قانوني موشگافين هلندي هلندي، ڪتي به اچي بوءِ ڪئي، ۽ پريس ۾ رهڻ ناممڪن ٿي پيو. ان اپرانڌ جا مصيبت کڙي ٿي، سا هيءَ ته آغا صاحب جي ”سئرِ ڪاڪوس“ جو سلسلو بند ٿي ويو. کيس هر هر لوٽو کڻي مسلم بورڊنگ هائوس ڏانهن وڃڻو ٿي پيو، ۽ ان صبح جو ته کيس ٻين زائرين سان گڏ باقاعده ”ڪيوُ“ (لائن) ۾ بيهڻو پيو هو.

آخر ٻيو ڪو به رستو نه ڏسي، ايڊيٽر ۽ مئنيجر ٻئي درٻاري لباس پهري درخواست کڻي وڃي ميونسپل چيف آفيسر جي در دولت تي حاضر ٿياسون. چيف آفيسر کي اسان ڏانهن ذاتي شڪايت هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ، سندس هڪ معاشقي متعلق سنڌ زميندار اخبار ۾ آرٽيڪل ڇپجي چڪا هئا، جن جي ياد سندس دل تان اڃا محو ڪا نه ٿي هئي. ڪتو ڪڍايائين، پر وڌيڪ ٻارهن ڪلاڪن جي تاخير بعد. اهو سارو عرصو اسان کي پريس کان ٻاهر، بطور مهاجر جي، رهڻو پيو.

آغا صاحب کي مون تي غصو ايندو هو ته ان غصي جي اظهار جو طريقو هيءُ هوندو هو:

پهريان سڏي سامهون ويهاريندو. ان کان پوءِ غصي جو ڪارڻ تمام زورائتن اکرن ۾ بيان ڪندو. جڏهن بيان ختم ٿيندو،تڏهن پاڻ ڪرسيءَ تي آئڙي پوندو يا چوندو:

”ظالم هاڻي آڻ بندوق، دوست جو سينو موجود آهي. اچي ڪراءِ ڊز، ڊز، ڊز!“

“ڊز” ”ڊز“ جي اهڙي دعوت هر هفتي ٻه - ٽي دفعا ملندي رهندي هئي، پر ان مان فائدي وٺڻ جو ڪو سوال ڪو نه هو.

هڪ ڀيري سنڌ جي ڪمشنر ٿامس خلاف مون سخت مضمون لکيا. ان زماني ۾ ڪمشنر سنڌ جو بي تاج بادشاهه هوندو هو. ڪنهن کي مجال هئي جو سندس ڪنهن فعل تي نڪته چيني ڪري سگهي؟ پر مون کان اهو گناهه سر زد ٿي ويو. ستت ئي ڪمشنر جي منزل سکر ۾ ٿي. منهنجي نالي خط آيو ته اچي ڪمشنر سان مل. اهو خط ٻه لانسرز جا باوردي گهوڙيسوار سپاهي کڻي آيا، جيڪي ڪمشنر جا باڊي گارڊ هوندا هئا. ان گهڙيءَ آءٌ پاڻ پريس ۾ موجود ڪو نه هوس. تنهنڪري ليٽر آغا صاحب تي تعميل ڪري ويا.

پريس ۾ موٽي اچي ڏسان ته آغا صاحب ”ڊز، ڊز“ جي موڊ ۾ - چهرو لال، لب خشڪ، فل يونيفارم، پنهنجي ميز تي ”به اجلاس ڪائونسل“ ويٺو آهي. مون تاڙي ورتو ته اڄوڪي ”ڊز، ڊز“ ڪنهن خاص قسم جي آهي.

”ميان صاحب! پنهنجي زيارت ته ڪرايو!“

اچي سامهون ويٺس.

”ان مان هٿ ڇا آيوَ؟“

”ڇا مان!“

”مون ٻچڙيوال جي عزت کي ڊيم ڪرائڻ ۾.“

”خدا، خدا ڪر، مان ۽ تنهنجي عزت جو دشمن!“

”ڇڙيءَ عزت جو نه، پر جان جو به دشمن؟“

”آخر خبر ته ڪريو، مون ڪهڙي دشمني ڪئي؟“

ڪمشنر وارو خط ڪڍي. مون ڏانهن اڇلايائين. خط پڙهي عرض ڪيم:

”هيءُ خط مون ڏانهن آهي. اخبار جي مضمونن جي ذميواري ايڊيٽر تي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي جيل ۾ وجهندا، ته ايڊيٽر کي - اوهان جو تنهن سان ڇا؟“

”پر اخبار جو پرنٽر پبلشر ته آءٌ آهيان! ايڊيٽر ڪا به بڪواس لکي، پر ان جي اشاعت جي جوابداري پرنٽر پبلشر تي پوي ٿي...“

”آءٌ قبولدار ٿيندس، سڄي جوابداري پاڻ تي کڻندس.“

”گويا ملزم به تون ۽ فيصلي ڪندڙ به تون؟“

”پر آغا، همت مردان مددِ خدا! پبلڪ جي خدمت ڪندي تڪليف اچي ته ڀلي اچي.“

”همت جو ڪهڙو سوال آهي؟ تون پاڻ جيڪڏهن اڄوڪو ڪربلا وارو نظارو ڏسين ها ته توکي خبر پوي ها ۽ نه وري اهو ئي اصول ڪو صحيح آهي ته پبلڪ خدمت ڪندي هروڀرو پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻچن کي تڪليف ۾ وجهجي. الله پاڪ پاڻ فرمايو آهي ته :اُدع اليٰ سبيل ربڪ بالحڪمہِ والموعظہِ الحسنہِ: ڪهڙي به ڊيوٽي هجي ان کي اهڙيءَ طرح بجا آڻجي، جو پنهنجي جان ۽ عزت هر حال ۾ سلامت رهي. ِسر آهي ته سڀڪجهه آهي.“

”هندو قومي ورڪر هر روز ڇا پيا ڪن؟ روز جيل، پوليس جا ڏنڊا، ڦاسيون، وغيره.“

”هندو قوم ۽ پاڻ واريءَ مسلمان قوم جي ذهنيتن ۾ به ته ڪو فرق آهي يا نه؟ هندو قوم پنهنجي هر ورڪر جي هر قدم جي پٺڀرائي ڪري ٿي. برعڪس ان جي مسلمان قوم پنهنجن ورڪرن کي خود پنهنجن هٿن سان پيئي ذليل ڪري. ڪو مسلمان ورڪر پبلڪ خدمت ڪندي، جيل ۾ ويو ته قوم ان ۾ ۽ عادتي ڏوهاريءَ ۾ ڪو فرق ڪو نه ڪندي. ورڪر پاڻ جيل ۾، پويان سندس ٻچا بک ۽ ڏک ۾، قوم کلندي، يا اٽلندو مٿس چٿرون ڪندي وتندي. تنهنڪري اهڙيءَ قوم جو ڪو ڪم ڪرڻو پوي ته به پنهنجي سلامتيءَ جو خيال هر حال ۾ مقدم رکڻ گهرجي. ان کان سواءِ وڙهڻو هجي ته هميشہ پاڻ کان هيڻي سان وڙهڻ گهرجي، جيئن تڪليف به ٿوري ۽ فتح به يقيني. گهٽ ۾ گهٽ ته به پنهنجي جيءَ لاءِ جوکو گهٽ! تنهنجي بيوقوفي ۽ منهنجي بدبختي اها آهي، جو تو وڃي جهيڙو جوٽيو آهي سنڌ جي بادشاهه سان! نالي ۾ بادشاهه ڪير به هجي، پر حقيقت ۾ سنڌ جو بادشاهه سنڌ جو ڪمشنر صاحب آهي.“

”آغا، نادر به نادر آهي، پر قادر به قادر آهي. جيڪڏهن قدرت کي نيڪي منظور آهي ته ڪمشنر جو بابو به ڪجهه ڪري ڪو نه ٿو سگهي.“

”اها نا تجربيڪاري آهي. تون جيڪڏهن فقط اڄوڪيءَ ڪربلا جو نظارو ڏسين ها، ته دل هڪدم ٽٽي پويئي ها ۽ وڃي ڪرين ها ڦهه پٽيءَ تي.“

”ڪربلا جو ڪهڙو واسطو؟“

”چمڪندڙ تيز تکا اُڀا نيزا، گهوڙا ۽ شمر جهڙيون شڪليون ڪربلا ۾ هونديون يا سکر ۾؟“

”پر اهي شڪليون تو خواب ۾ ڏٺيون ٿيون ڏسجن. انهن جو ڪمشنر جي ليٽر يا منهنجي آرٽيڪلن سان ڪهڙو واسطو ؟“

”ڪمشنر جو ليٽر ڪير کڻي آيا هئا؟ - ٻه بيرحم جلاد! گهوڙن تي چڙهيل، هٿن ۾ چمڪندڙ نيزا، ۽ نيزن جي چوٽين ۾ لال جهنڊا ڊز - ڊز - ڊز! اهي نمونا ڪربلا جا آهن يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ جا؟ پاڙي پنبي جا ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري اچي اهو دردناڪ نظارو ڏسڻ لڳا. جا ڳالهه ان کان به وڌيڪ خراب ٿي، سا اها ته اسان جون دشمن پاڙي واريون سيلاٽڻيون زالون اسان جو اهڙو حشر ڏسي، ڏند ڪڍي ٽهه ٽهه ڪرڻ لڳيون! هينئر ڪهڙو مانُ اسان جو هن محلي ۾ رهيو؟ پريس کان ٻاهر منهن ڪڍڻ جي قابل نه رهيا آهيون! جيڪڏهن سڀاڻي گرفتار ٿي وياسون ته پويان اهي دشمن سيلاٽڻيون سڄيءَ پريس کي تنبي، تيلي مڃ کان، مڃ تيليءَ کان ڌار ڪري ڇڏينديون. اهڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو آهي. ٻه - نالي بندوق کڻي آءُ ۽ اچي منهنجي سيني ۾ ڪر ڊز - ڊز - ڊز..“

مون مان وڌيڪ کڙ تيل نڪرندو ڪو نه ڏسي، آغا صاحب متوجه الي الله ٿيو. مصلو وڇيو، نماز پڙهيائين، درود شريف دم ٿيو، ۽ آڱر سان پنهنجي چو طرف دستوري سلامتيءَ ۽ خير وارو حلقو ڪڍيائين. اهو ڪاروبار ٿوري ٿوري وقفي بعد چالو رکيون آيو. ان وچ ۾ جيڪو به ملاقاتي آيو، ان سان اهو حال بيان ڪندو رهيو، ۽ حال جي پڄاڻي هميشہ هن جملي سان ٿي ڪيائين: ”ادا، هاڻي ته راشدي ميان کي بس بندوق کڻي منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي ڊز-  ڊز - ڊز!“

ٻئي ڏينهن آءٌ وڃي ڪمشنر سان گڏيس. ڪمشنر پهريان تيز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي تيز جواب ٻڌڻ کان  پوءِ آسمان تان لهي زمين تي آيو ۽ اسان ۾ صلح صفائي ٿي ويئي - تڏهن وڃي آغا صاحب جي ”ڊز - ڊز – ڊز“ مان منهنجي جان آزاد ٿي.

* * *             * * *          * * *

آغا صاحب جي لطيفن کان قطع نظر، سندس شخصيت بيحد خوبين جي حامل هئي. پنهنجي زماني اندر مسلماني ڪمن ۾ پيش پيش رهيو. هندو - مسلم فساد هجن، يا سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري هلچل، يا 1938ع کان سنڌ اندر جاري ڪيل مسلم ليگ تحريڪ، يا سکر منزلگاهه مسجد جي وا گذاريءَ  لاءِ ستياگرهه - آغا صاحب باڪار رهيو ۽ نه بيڪار. جا به خدمت سندس سپرد ٿي، سا سهڻي نموني ۾ سرانجام ڪيائين. شال حورن  جي هنج ۾ هوندو‍!

خانبهادر ميان پيربخش مرحوم

سکر شهر جو ِپيل پائو سمجهيو ويندو هو. عيسوي اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي ۽ ويهين صديءَ جا پهريان پنجٽيهه سال سکر جي فضا تي ڇانيو رهيو. جنم 1854ع ۾ ۽ وفات 1935ع ۾ ٿيس. ان وچ ۾ سرڪاري ملازمت ڪندي، ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو، ۽ رٽائر ڪرڻ بعد پبلڪ لائيف ۾ گهڙيو. فرسٽ ڪلاس اسپيشل ماجسٽريٽ ٿيو، بمبئيءَ ڪائونسل جو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر، سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ ۽ سکر ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو صدر رهيو. خانبهادريءَ ۽ سي. آءِ. اي. جا لقب مليس. انگريزن جو مٿس وڏو اعتبار هو. ڪنهن به تيز قسم جي قومي تحريڪ ۾ حصو ڪو نه ورتائين. ”انجمن اسلام“ نالي هڪ جماعت قائم ڪئي هئائين، جنهن جو پاڻ صدر هو. انجمن جي نالي ۾، مسلمانن جي تعليم، نوڪري، ۽ حقِ نمائندگي سان تعلق رکندڙ سوالن بابت، موقعي سارو، سپاسناما پيش ٿيندا هئا. هر سپاسنامي جي ابتدا انگريز حڪومت سان وفاداريءَ جي اعلان، ۽ انتها ملڪ معظم جارج پنجم جي ذاتي اقبال صحت لاءِ ”دلي دعائن“ سان ٿيندي هئي. اهي ڏينهن ئي اهڙا هئا. ميان صاحب مرحوم تي ڪا خاص ميار ڪا نه هئي.

وقت جي حڪومت سان هر طرح وفاداري ڪرڻ سنڌ جي مسلمان زميندارن ۽ ڪاموري طبقي جي ماڻهن جي فطرت جو هڪ اهم جزو هو. حاڪم مغل هجن يا پٺاڻ، راڄ ٽالپرن جو هجي يا انگريزن جو - سنڌ جا وڏيرا هميشه ”اُڀريءَ کي سلام“ ڪندا رهندا، ۽ هر حاڪم کان انعام ۽ آفرين ناما وٺندا ايندا. اوائلي ڏينهن ۾ ته جاگيرون ۽ زمينون به ملنديون هين.

جن ڏينهن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انهن ڏينهن ۾ ته ان وفاداريءَ جي وبا جو خاص زور هوندو هو - مثلاً، 1919ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، ارل مانٽيگو، تحقيقات ڪرڻ آيو، ته هندستان جي ماڻهن کي سياسي سڌارا ۽ خود - حڪومت جا حق ڏجن يا نه؟ اهو فخر فقط سنڌ کي ئي حاصل ٿيو ته اتانهون جي مسلمان نمائندن سندس اڳيان وڃي سپاسنامو پيش ڪيو، جنهن ۾ هيءَ ارداس ڪيل هئي ته سنڌ جا مسلمان چالو ڪمشنري راڄ مان بلڪل راضي آهن، ۽ کين ڪنهن به قسم جا سياسي سڌارا ڪو نه گهرجن! تنهن ڪري ، اهڙي سمي اندر، مرحوم ميان پير بخش صاحب جي ”انجمن اسلام“ جو اعلان وفاداري ڪرڻ ڪو غير معمولي قدم ڪو نه هو.

مرحوم پير ڪرم علي شاهه، جنهن جو احوال اڳتي ايندو، ميان پربخش جو سياسي رقيب هو. ميان صاحب انجمن اسلام ٺاهي، ته ان جي مقابلي ۾ پير صاحب به پنهنجي هڪ انجمن اسلام کڙي ڪئي. اچي لڳو جهيڙو ”اسلام“ جي ٻنهي انجمنن جي وچ ۾. خود انگريز تنگ ٿي پيا. سالن جي هنگامي بعد وڃي فيصلو ٿيو ته هڪ انجمن جو نالو هجي “انجمن اسلام” ٻيءَ انجمن جي نالي ۾ “ن” کي زير اضافت ڏيئي اچارجي، يعني “انجمنِ اسلام”(انجمني اسلام). پوءِ لڳي لٺ ميمبر سازيءَ تي. ساري شهر جا مسلمان ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويا، حالانڪ ٻنهي انجمنن جي زندگيءَ جو مقصد هن کان سواءِ ٻيو ڪو ڪو نه هو ته وقت جي انگريز آفيسرن اڳيان حاضر ٿي، شهر جي مسلمانن پاران وفاداريءَ جي اعلان جي تجديد ڪنديون رهن.

اهو اُهو وقت هو، جڏهن هندو قوم سياسي طرح سخت سجاڳ ٿي چڪي هئي، ۽ ان جا فرد آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ٿي، هر قسم جون سختيون ۽ سور سهندا ٿي رهيا. سکر شهر ڪانگريس هلچل جو مرڪز بڻجي چڪو هو. ديش ڀڳت ويرومل ان هلچل جو مقامي اڳواڻ هو ۽ وقتاً فوقتاً جيل جون سزائون ڀوڳيندو ٿي رهيو. مقابلتاً شهر جا مسلمان ليڊر ڪوشان ٿي رهيا ته ڪنهن به طرح مسلمانن کي انهن تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ نه ڏين. هندو، سرڪاري نوڪرين جي حصول وارو مقام اڳ ۾ ئي حاصل ڪري، هينئر آزاديءَ واري وڏي مقصد جي حصول لاءِ ميدان ۾ گهڙي پيا هئا. مسلمان اڃا پهرئين مقام تائين به نه پڳا هئا، اڃا کين پوري تعليم ۽ ڪافي تعداد ۾ معمولي سرڪاري نوڪريون به ڪو نه جڙيون هيون.

ميان پيربخش مرحوم ديندار، سنجيدو، سياڻو، ۽ بزرگ صورت هوندو هو. ميمڻڪو لباس پهريندو هو: زريدار گول پڳڙي، ڊگهو ڪوٽ، ۽ موڪرو پاجامو، هٿ ۾ ڊگهي عصا - آهستي ڳالهائيندو هو ۽ هر اکر چٻي چٿي. نڪتچيني ڪرڻي هونديس، ته به اشارتاً. نه ڳوڙهي دوستي رکندو نه هٿ وٺي دشمني ڪندو. مرحوم ميان عبدالرحمان پيرزادي ۽ سرڳواسي ديوان ڀوڄسنگهه وڪيل سان رستو هوس. ٽيئي شهر جا برک بزرگ هئا. انتهائي شرافت سان هڪٻئي سان نڀائيندا رهيا.

ميان صاحب مرحوم پاڻ ۽ سندس فرزند ميان رسول بخش مرحوم (جنهن پڻ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو) ۽ ميان نبي بخش (انڪم ٽئڪس آفيسر) مون تي ذاتي طرح مهربان رهيا. مون کي هميشه اها آس رهندي آئي ته ڪڏهن ميان صاحب مرحوم کي سندس ابتدائي زماني جا حالات ٻڌي، قلمبند ڪريان. پاڻ اهڙو واعدو به ڪيائين، پر منهنجي بدقسمتي، جو فرصت ڪا نه مليم. معلومات جو وڏو خزانو هو، جو هٿان هليو ويو.


(1) چؤچاڪي“: وڪٽوريا قسم جون چئن ڦيٿن واريون بگيون سکر ۾ عام هونديون هيون، عرف عام ۾ ماڻهو ان قسم جي گاڏين کي چؤچاڪيون سڏيندا هئا.

(1)  ميهر: يار يا سينڌو

(2)  چنڊ: محبوب.

(3)  نـُـوريون: جن ۾ ڄام تماچيءَ واريءَ نوريءَ جهڙيون وفاداريون ۽ نينهن نباهڻ جون خصلتون موجود هجن.

(1)  Makhi Khani? Non sense! Shut up! What are you talking? “You are insulting me!”

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org