منڍ
شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تمثيلي شعر جو
اڪثر مضمون ڪنھن قصن ۽ ڪھاڻين تي ٻڌل آھي، مگر
شاھھ پاڻ ڪوبھ قصو يا ڪھاڻي سربستيءَ ريت ۽ سلسلي
وار بيان نھ ٿو ڪري. انھن مان فقط ڪي دلچسپ واقعا
۽ احوال نظم ۾ آندا اٿس. سڄيون ساريون آکاڻيون
ڪيترين صاحبن وڏي شد ۽ مد سان ۽ پڻ نون رنگن ۽
ڍنگن سان نظم توڙي نثر ۾ نقش ڪيون آھن. مون انھن
مڙني کي پنھنجي تاليف ڪيل ”شاھھ جي رسالي“ جي ٻئين
۽ ٽئين جلد ۾ نئين لباس ۾ ظاھر ڪيو آھي. ھاڻ
پڙھندڙن جي سھوليت لاءِ انھن کي اتان ڌار ڪري، ھن
ڪتاب ۾ ھڪ ئي ھنڌ جمع ڪيو ويو آھي. البت منھنجا
ڏنل احوال رواجي ڏنل احوالن کان اور نموني جا آھن.
پر انھن اختلافن لاءِ مون وٽ معتبر حوالا موجود
آھن، جن جو ذڪر ”شاھھ جي رسالي“ ۾ اڳيئي ڪيو اٿم.
آکاڻين جي عبارت ۾ شاھھ جي سنڌيءَ بنا ٻئي ڪنھن جي
بھ عبارت جي تتبع نھ ڪئي وئي آھي.
ھنن قصن ۽ ڪھاڻين کي خالي آکاڻيون ۽
ڏندڪٿائون ڪري نھ سمجھڻ گھرجي. منجھن وڏيون
تمثيلون رٿيل آھن، جن ۾ الاھي اسرار پلٽيل آھن، جن
۾ ڳوڙھي روح رھاڻ رچيل آھي، ۽ جن جي ذريعي انسان
جو من وڃيو رب سان ملي.
جي تو بيت ڀائيا، سي آيتون آھين،
نئو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
ھوتچند مولچند گربخشاڻي
ڪراچي
16
مارچ
1933ع
|