سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:6 

ڪن ذريعن سان سنڌ ۽ پاڙيسري صوبي راجسٿان جو تعلق، ادبي ۽ لساني رابطو رھيو. دادو ديال جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: ”ھو ھڪ پڄاري جي گھر ۾ ڄائو ۽ احمد آباد ۾ وڌي وڏو ٿيو. سندس اصل نالو دائود يار ھو ۽ سانڀر جي درويش شيخ ٻـُڍڻ صوفيءَ جي دعا سان پاڻ به صاف دل صوفي ٿي پيو. جيئن پوءِ تيئن گھڻا ھندو فقير ۽ سنت سندس مڃتا ۾ آيا، اھي کيس پنهنجي ويساھه مطابق ھندو سمجھڻ لڳا. مسلمان مريد به سندس دائري ۾ داخل ٿيا. بنگال ۾ مسلمان به کيس مڃيندا آھن. دادؤ جي مريدن ۾ رجب پٺاڻ ھڪ وڏو درويش ھو جنهن جا بيت مشھور آھن(٤). ھن سلسلي ۾ جناب باغ علي شوق جي ڪتاب ”راجسٿاني زبان و ادب“ ۾ دادؤ توڙي رجب جي باري ۾ مزيد معلوم ملي آھي. باغ علي شوق، دادو ديال بابت لکي ٿو: ڪبير پنٿ جي مقبوليت سبب جيڪي تحريڪون ۽پنٿ وجود ۾ آيا، دادو پنٿ انهن م نشانبر آھي. ان جو باني دادو ديال جي آھي. ان ۾ چئن قسمن جا ساڌو آھن. اھي کاڪي، ورڪت، ٿانڀا ڌاري ۽ ناگا سڏبا آھن. کاڪي (خاڪي) جسم مٽيءَ سان ڀڀوت ڪندا آھن. مٿي تي چوٽي ٻڌندا آھن. ورڪت ھٿ ۾ ڪٽورو رکندا آھن ۽ ڀڄن ڳائيندا آھن. ناگا ۽ ٿانڀا ڌاري سفيد لباس پائيندا آھن ۽ ٻني ڪندا آھن ۽ نوڪري به. ھي بهادر ھوندا آھن. دادو پنٿين ۾ ھڪ ڳالھه مشترڪ آھي جو ھي مورتي پوڄا نه ڪندا آھن. وحدانيت تي يقين رکندا آھن ۽ شادي ڪو نه ڪندا آھن. دادوءَ جي پيدائش ۽ قوم (ذات) جي باري ۾ اختلاف آھي. ڪي کيس برھمڻ سمجھن ٿا، ڪي پڃيارو ته ڪي موچي چون ٿا. دادوءَ جي پيدائش ١٩٤٥ع (١٥٤٤ع) تي سڀني جو اتفاق آھي. چون ٿا ته ھو احمد آباد ۾ لوڌي رام نالي ھڪ برھمڻ کي سانڀرنديءَ ۾ ھڪ صندوق ۾ لڙھندي مليو. ھن کيس پاليو. دادوءَ جي گروءَ جي نالي تي به پردو پيلآھي. دادوءَ جنم ليلا ۾ لکيل آھي ته خود ڀڳوان کيس بشارت ڏني ان کان پوءِ ڀڳت ٿي ويو. اوڻيھن سالن جي عمر ۾ سانڀر کان امير، ڪلياڻ پور کان ٿيندو نيران ۾ آيو ۽ ڌرم جو پرچار ڪرڻ لڳو. دادوءَ شادي ڪئي ۽کيس ٻھ پٽ، ٻھ ڌيئرون ٿيون. وڏي پٽ جو نالو گريب داس ھو. دادوءَ ١٦٠٤ع (١٦٠٣) ۾ وفات ڪئي. جيپور کان ويھه ميل پري نرينا نالي ڳوٺ ۾ ھڪ ٽڪريءَ تي سندس نالي تيرٿ قائم آھي، جتي خلق اچي ٿي ۽ ميلو لڳي ٿو(٥).“

        دادو ديال جي ڪلام لاءِ باغ علي شوق لکي ٿو ته اھو پنگل ۾ آھي جا راجسٿاني ۽ برج ڀاشا جو امتزاج آھي(٦). ھو ڏانهن ماترڪ ڇند جي سرشتي کي به پنگل سڏجي ٿو. ڍولا مارو دوھن ۾ ان جو ذڪر آھي. دادوءَ جي دوھن جا جيڪي مثال ڏنا اٿس انهن مان ڪي ھي آھن:

ڪـَھي ڪـَھي ميري جـِيب رھي، سـُڻ سـُڻ تيري ڪان

ست گــُرو ٻاپ رو ڪيا ڪري، چيلا بـُوڌ انجان

-

ڪيا مـُنهن لي ھنسي بولئي، دادو ديجئي روئي

جنم امولک اپڻان، چلي اڪارن ھوئي.

        رجب جي، جيڪو راجسٿان جو مشھور شاعر آھي، ان ڏانهن ڊاڪٽر بلوچ به اشارو ڪيو آھي. باغ علي ان جي باري ۾ لکي ٿو: ”رجب  علي خان پٺاڻ سانگانير جيپور ۾ ١٥٦٨ع ۾ پيدا ٿيو. ويھن سالن جي عمر ۾ شادي ڪرڻ لاءِ سانگانير کان امير ويندي دادو ديال سان ملاقات ٿي. شاديءَ جو خيال ترڪ ڪري دادوءَ جو چيلو ٿيو. دادو ديال جي خدمت ۾ رھڻ لڳو. گروءِ جي فيضان ھن کي اعليٰ مرتبي تي پھچائي ڇڏيو. دادو سندس گھڻو خيال رکندو ھو. گروءَ جي وفات جي وقت کان وٺي اکيون بند ڪري ڇڏيائين ۽ مرڻ وقت تائين (١٦٨٩ع) نه کوليائين. ورٽي ۽ سروگي نالي ٻھ ڪتاب لکيائين جن ۾ دنيا جي بي ثباتيءَ بابت گھڻو لکيو اٿس. ھڪ دوھو ھي اٿس:

ڀلي ڪـَھت ماني بـُري، يھ پر ڪرتي ھي نيچ

رجب ڪوٺي گاڙڪي، جـُيون ڌوئي جيون ڪيچ

        (جو ماڻھو سٺي ڳالھه ٻڌي به خراب ڄاڻي اي رجب اھو شخص ايئن آھي جو مٽيءَ جو ٺھيل گھر جيترو ڌوئجي اوتري گپ وڌي)(٧).

        باغ علي شوق حوالا ڪو نه ڏٺا آھن، جن مان سندس ماخذن جي خبر پوي. آخر ۾ ببليو گرافيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ھن دادو ۽ رجب جو احوال ڊاڪٽر موتي لال ميناريھ جي ڪتاب راجسٿاني ڀاشا ساھتيھ (ھندي) ۽ روات سارسوت جي ڪتاب راجسٿاني ڪي ڪوي تان ورتو آھي.

        بهرحال دادو سنڌ ۾ به ھاڻي ڄاتو ويو. سندس ھندي دوھا شاھه جي رسالي جي سـُر بيراگ ھنديءَ ۾ به ھئا. قاضي قادن جو مٿس اثر رھيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو اندازو آھي ته دادو سنڌ ۾ ڳچ وقت رھيو. کيس سنڌيءَ جي چڱي ڄان ھئي. راڻيلا مٺ واري پشتڪ مان به سندس ڪلام نروار ٿيو آھي. سندس دوھن جو نمونو ھي آھي:

دادو جھاتي پائي پس پري، ھاڻي لائي ۾ وير

سٿ سڀوئي ھليو، پوءِ پسندون ڪير.

-

دادو غافل ڇو وتين، منجھين رب نهار

منجھون پي پاڻ جو، منجھيئي ويچار

-

دادو غافل ڇو وتين، آھي منجھه الله

پري پاڻ جو پاڻ سين، لھي سڀوئي ساءِ

-

دادو جين تل تـِلن ۾، جين گنڌ ڦلن

جين مکڻ کير ۾، تين رب رھن(١٨).

        سنڌيءَ ۾ جڏھن دادو ديال جو گھڻو ڪلام ميسر ٿيندو تڏھن سندس ڪلام تي وڌيڪ اڀياس ٿي سگھندو. ھن ڪلام مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي فاني ھجڻ ۽ خدا پرستيءَ وارا خيال جيڪي قاضي قادن ۽ ھن دؤر جي ٻين شاعرن وٽ آھن، سي دادو ديال جي ڪلام ۾ به لڀن ٿا. انهن خيالن جو اثر متاخرين تي به پيو. شاھه ڪريم ۽ ٻين وٽ اھو اثر آھي ۽ تصوف جي ڳالھه وڌيڪ چٽي ٿي آئي. تصوف ئي بنيادي مضمون رھيو، جيڪو اڳتي شاھه ڪريم ۽ شاھه لطيف توڙي ٻين شاعرن جو ڪلام جو نمايان مضمون ٿي سامھون آيو.

شاھه عبدالڪريم بـُلڙي وارو (١٥٣٨-١٦٢٣ع)

خاص ماخذ

        قديم شاعريءَ ۾ اڳ گذري آيل شاعرن ۾ شاھه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ھڪ تاماموڏو شاعر آھي. ايئن به پھريون شاعر آھي،  جنهن جا چيل بيت ۽ رھاڻ جو احوال سندس ئي ھڪ مريد محمد رضا بن عبدالواسع بن داروغھ گھر ساڪن ٺٽو، سيد صاحب جي وفات کان ٽي سال پوءِ ملفوضات بعنوان: بيان العارفين و تنبيھه الغافلين ۾ مڪمل صورت ۾ آندو. حديقة الاولياء (١٠١٦ھه) ، تاريخ طاھري (١٠٣٠ھه) يا ڪنهن ٻي ھمصر ڪتاب ۾ سيد صاحب جو ذڪر نه آھي، حالانڪھ حديقه خاص طور اوليائن جو تذڪرو آھي. تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ سيد صاحب جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي ۽ مقالات الشعراءِ ۾ ملفوظات ترتيب ڏيندڙ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائيءَ جو بحيثيت فارسي شاعر مختصر ذڪر ڪيو آھي. ان جو ھڪ شعر به ڏنو اٿس ۽ بيان العارفين جو حوالو به ڏنو اٿس(٩).

        محمد رضا مريد ھو. خاص رھاڻين ۾ ويھي سيد صاحب جي گفتگو فارسي تحرير ۾ ۽ بيت سنڌي زبان ۾ درج ڪيا اٿس. ڊاڪٽر دائود پوٽي ملفوظات جي تڪميل جو سال ١٠٣٨ھه يعني سيد صاحب جي وفات کان ڇھه ورھيھه پوءِ ڄاڻايو آھي(١٠). ملفوظات اندازا پوڻا ٻھ سؤ سال گذرڻ کان پوءِ عبدالرحمان ولد محمد ملوڪ ڪاٺ  ٻانڀڻ کي ھٿ آيو، جنهن ان جو منظوم سنڌي ترجمو ١٢١٣ھه ڌاري ڪيو. جيڪو مخدوم عبدالمجيد نورنگ پوٽي مرغوب پريس ھرديار بمبئي مان ڇپايو. ان کان پوءِ شاھه ڪريم جي ڪلام جي نئين سر اشاعت جو سلسلو شروع ٿيو. ھن پھريائين مرزا قليچ بيگ (وفات ١٩٢٩ع)، ١٩٠٤ع ۾ قيصريھ پريس حيدرآباد مان رسالھ ڪريمي شايع ڪيو. ھن ۾ سيد صاحب جي ملفوظات مان چونڊ قول، سندس سوانح ۽ سمن شاعر جي ھڪ بيت توڙي قاضي قادن جي ستن بيتن سميت ڪل ١٠٧ سنڌي/ ھنڌي بيت ڏنا آھن. آخر ۾ عربي جملن جي معنيٰ ڏنل آھي.

        قليچ بيگ واري ڇاپي ۽ گذريل ماخذن کي اڳيان رکي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي سيد صاحب جي سوانح ۽ ڪلام کي تحقيقي انداز سان مرتب ڪيو. ھي ڪتاب بعنوان، شاھه ڪريم بلڙ:ءَ واري جو ڪلام ١٩٣٧ع ۾ حيدرآباد مان شايع ڪيو، پر ناشر بمبئيءَ جو مولوي عبدالصمد شرف الدين ھو، ڇو جو علامھ دائود پوٽو ان وقت اسماعيل ڪاليج جو گيشوري بمبئي ۾ عربيءَ جو پروفيسر ھو. ان کان پوءِ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڪڍڻ جي تياري ڪيائين. اھو ڇپجي نه سگھيو ۽ سندس ديباچن ۾ ڪيل نوٽن جي تبديليءَ سميت ھي ٻيو ڇاپو ١٩٧٧ع ۾ ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز شايع ڪيو. ديباچي ۾ پھرين ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا مڃيل ٿورا به ڪاٽيا ويا، ان جي فوٽو ڪاپي ھن ڇاپي ۾ شامل آھي. ١٩٥٨ع ۾ رٿيل ھي اھو ئي ڇاپو آھي. ١٩٥٨ع ۾ ڪو نه ڇپيو ھو، جيئن ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پنهنجي ترتيب، تصحيح ۽ ترجمي واري ايڊيشن ۾ ڄاڻايو آھي(ڏسو مھاڳ ص ١).

        بهرحال ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جو ايڊٽ ڪيل ايڊيشن تحقيقي لحاظ کان قليچ ايڊيشن کان مٿاھون آھي. ھي به ھڪ انتخاب ئي آھي. ھر بيت ھيٺان فارسي ترجمو ۽ سنڌي معنيٰ به ڏنل آھي. سيد صاحب جا ٩٤ ۽ قاضي قادن جا ست ۽ سمن جو ھندي دوھو به شامل ڪيل آھي. آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ ڏسڻيون ڏنل آھن. مرزا قليچ بيگ بيتن جي فارسي معنيٰ نه ڏني آھي.

        ١٩٦١ع ۾ جناب مير محمد نظاماڻي ليڪچرر سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، اڳ ڇپيل ڪتابن جي دستياب نه ٿيڻ سبب شاگردن لاءِ سيد صاحب جي سوانح ۽متن تي مشتمل ھڪ ننڍو ڪتاب رسالو شاھه عبدالڪريم (ڪلام – ڪريم) فتح برادرس حيدرآباد جي توسط سان ڪڍيو، جيڪو مٿي ذڪر ڪيل مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ترتيب ڏنل رسالن جي مدد سان لکيل آھي.

        ١٩٦٣ع ۾ جناب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سکر مان”ڪريم جو ڪلام“ شايع ڪيو، جنهن ۾ سيد صاحب جي سوانح ، بيت، قول ساڳئي انداز ۾ ڏنا اٿس، جيئن اڳ اچي چڪا آھن. آخر ۾ ذڪر ھيٺ آيل شخصيتن ۽ ماڳن مڪانن جو ذڪر به آھي. سيد صاحب جي ڪلام جا اردو۽ انگريزي ۾ منظوم ترجما به ٿيا آھن. اردوءَ جو ترجمو منظوم توڙي منثور منهنجي پياري دوست ڊاڪٽر نجم الاسلام ڪيو، جيڪو سنڌالاجيءَ ١٩٨٧ع ۾ شايع ڪيو. انگريزيءَ ۾ منهنجي محقق دوست ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ ترجمو ڪيو، جيڪو ١٩٧٠ع ۾ دھليءَ ۾ ڇپيو. ھن شاھه لطيف ۽ سنڌي زبان ۽ ادب بابت انگريزي، ھندي ۽ سنڌيءَ ۾ ٻيو به گھڻو ڪم ڪيو آھي.

        بنيادي ماخذ ”بيان العارفين تنبيھه الغافلين“ جو مڪمل ترجمو، مقدمو ۽ اصل جو فوٽو اسٽيٽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري تحقيق، تصحيح ۽ حاشين سان شايع ڪيو. ھي ڪتاب ٢٠٠٢ع ۾ شايع ٿيو. ھن ۾ گذريل ماخذن کي پيش نظر رکندي بيان العارفين جو ترجمو بيتن سميت مڪمل طور ڏنو ويو آھي ۽ بيان العارفين(اصل) جو فوٽو اسٽيٽ به شال ڪيل آھي. نه رڳو ايترو پر ڪتاب ۾ مڪمل مقدمو لکي سيد صاحب جي سوانح ، تصوف، تاريخي دؤر ۽ لاڳاپيل موضوعن تي نهايت سير حاصل ۽ مدلل بحث ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر عبدالغفار جي ھيءَ محققانه ڪاوش اڳين ڇاپن کان معيار ۾ نهايت بلند آھي.

        ڪتاب ۾ ڏسڻيون به ڏنل آھ ۽ ترجمي جو معيار به اعليٰ آھي. سيد صاحب جي سوانح ۽ بيت جي باري ۾ ھي ڪتاب نهايت محققانه انداز تي مرتب ڪيو ويو آھي.

        ايندڙ صفحن ۾ آندل سوانح ۽ ڪلام جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار جي ھيءَ ڪاوش بنيادي حيثيت جي آھي.

        سيد صاحب جي باري ۾ ادبي تاريخن به گھڻو ڪجھه لکيو آھي، انهن ماخذن جو ڪتاب جي منڍ ۾ ذڪر ڪري آيو آھيان.

سوانح: شاھه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو احوال لکندي مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو:”سيد عبدالڪريم ولد سيد الله مٽياريءَ سيدن مان ھو. پھريائين سخت رياضتن ۾ گذاريائين(١١).

        ائين مير علي شير قانع، شاھه ڪريم جي سوانح ۽ روزانه معمولات جا تفصيل ھوبهو بيان العارفين تان ورتا آھن. ان مان اھو بلڪل چٽو ٿئي ٿو ته قانع سيد صاحب جي سوانح ۾ خاص دلچسپي ورتي.

        ان کانپوءِ سيد صاحب جي اولاد جو ذڪر ڪري ٿو. مجموعي طور سيد صاحب جي پنهنجي ۽ آل اولاد جي سوانح ۽ مرتبي جو بيان ڪري ٿو. ھن مان سيد صاحب جي اعليٰ انسان ھجڻ جي خبر پوي ٿي.

        سيد عبدالڪريم انسانيت جو ھڪ نمونو ھو، جنهن کي اختيار ڪرڻ ڄڻ ھڪ مثالي بلڪھ تخيلاتي ۽ آدرشي ڳالھه آھي. پوءِ جي شاعر روحل فقير جي ھن بيت ۾ اھا ڳالھه ڪيل آھي.

ڪھڻي تان ھر ڪو ڪھي، رھڻ اؤکي بات

پڌري ٿئي ٿي ذات، رھڻيءَ مان روحل چوي.

        سيد صاحب جا وڏا اصل ھرات جا ھئا. انهن مان پھريون برزگ جيڪو سنڌ ۾ آيو سو سيد حيدر ھو. ھـو تيمورلنگ سان گڏ آيل پنهنجي والد سيد مير عليءَ سان ھندوستان آيو. والد جي اجازت سان گھمندو ڦرندو سنڌ ۾ ۽ نيٺ ھالن ۾ پھتو. شاھه محمد ولد دريا خان ھالي جي حويليءَ سامھون گھر ڪري ويٺو(١٢). ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو ته ان وقت ھالا جي حاڪم ميران محمد نالي، ھالا ذات جي ماڻھن تي ڪنهن قصور ڪري ٥٢٥ روپيا ڏنڊ وڌو ھو، جنهن ڪري ھو تمام مـُڙھل ۽ ڏکويل ھئا. سيد حيدر وٽ ناڻو جام ھو. سو في الحال ميران محمد کي پاڻ وٽ گھرائي ساري رقم پنهنجي ھڙان ڀري ڏنائي ۽ ھالن جي جند آزاد ڪرايائين(١٣).“ انهي احسان جي زير اثر ھالن ڪو وقت گذرڻ بعد شاھه محمد ھالي جي نياڻي فاطمھ جو سڱ سيد حيدر کي ڏنو.  سيد حيدر اندازا ڏيڍ سال ھالا ڪنڊيءَ ۾ رھيو ۽ پنهنجي والد جي وفات جو ٻڌي ھرات وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. بيبي ڳورھاري ھئي، ان ڪري ھڪ منڊي جڙادار خنجر ۽ خدمت لاءِ ٻانهي ڇڏي ھرات ھليو ويو. اتي اندازا ٽي سال جيئرو رھيو. پٺيان فرزند ڄائو، ان جو نالو وصيت موجب ڏاڏي وارو مير علي رکيو ويو. ان وڏو ٿيڻ تي نشانيون کڻي ھرات وڃي ڀائرن کان ملڪيت جو حصو ورتو ۽ واپس آيو. ساڻس سندس چاچو مير شرف الدين به گڏ آيو. اھو ڪجھه مدت کان پوءِ گذاري ويو. سيد مير علي کي ٻھ پٽ ڄاوا ھڪڙو سيد شرف الدين جيڪو ھالن جي ڏوھٽاڻ ھو ۽ ٻيو سيد احمد جو ترڪ بيبيءَ مان ٿيو. سيد شرف الدين جي اولاد مان مٽيارين جا شرف پوٽا ۽ سيد احمد مان ميرڻ پوٽا سڏبا اچن(١٤). مير عليءَ جو ٽيون پٽ مرتضيٰ عرف پريو ھو(١٥). ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته : سيد مير علي جڏھن اولاد وارو ٿيو ته ھالا ڪنڊيءَ مان لڏي اچي پينگھاري پرڳڻي سان لاڳو پرڳڻي جي متعلھ يا متعالھ يعني متهلو (مٽھالو، مٽ ھالو) شھر ۾ ويٺو، جنهن جي نالي ڀانئجي ٿو ته اھو ھالا قبيلي جي سربراھن جي زمينداريءَ ۾ ھو، جن پنهنجي ڏوھٽي کي جاگير ڪري ڏنو. اھو شھر ھن وقت موجود نه آھي، پر شھدادپور کان ٨-٩ ميل اوڀر طرف متهلو ديھه ۽ تپو ان نالي جي يادگار طور آھن(١٦). ڊاڪٽر بلوچ جو اھو به خيال آھي ته پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب ھي خاندان ٩ صدي ھجريءَ جي پوين ڏھاڪن ۾ موجوده مٽياريءَ واري ھنڌ لڏي آيو(١٧). اھو ماڳ اڳ چانگن جي شھر مٽ آري جي نالي ھو پر ھنن ساداتن جي وڌندڙ اثر سبب معلوي به سڏيو ويو ۽ ھاڻي اصل نالي مٽياريءَ سان مشھور ۽ موجود آھي(١٨). ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کان پوءِ چاليھن پنجاھن سالن اندر ٩٤٤ھه ۾ سيد علي سنڌيءَ جي پٽ شرف الدين جي اولاد(شرف پوٽن) جي جراڙ پوٽا پاڙي مان لال محمد شاھه عرف للي شاھه جي گھر ٢٠ شعبان ٩٤٤ھه ٢٠ جنوري ١٥٣٨ع تي عبدالڪريم شاھه ڄائو، جيڪو پنهنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر ۽ فھم، تصوف ۽ توڪل جي ڪري مشھور ٿيو. شاھه للو پاڻ عابد زاھد ۽ سھروردي طريقي جو سالڪ ھو. سندس گذرسفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو ھو ۽ وفات پڻ اتي ڪيائين ۽ سھروردي سلسلي جي شھاب الدين قريشيءَ جي مقام ۾ مدفون ٿيو(١٩). موجوده بلڙيءَ (سيدپور) پاسي ڪي مريد ھئڻ جي لڏي اتي اچي ويٺا. شاھه عبدالڪريم جو والد سندس ننڍي ھوندي کان ئي گذاري ويو(٢٠). سندس تربيت والده سڳوريءَ ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال ڪئي. روايت آھي ته جڏھن پنجن ڇھن ورھين جو ٿيو ته کيس مڪتب ۾ ورھايائون. پر عام طالبن وانگر سبق ياد نه ٿيندو ھوس. ان لاءِ بيان العارفين ۾ آيو آھي ته: ننڍپڻ جو ذڪر آھي ته استاد اسان کي ڪاٺين ڪرڻ لاءِ جھنگ ۾ موڪليندو ھو ۽ ھڪ سبق به ڏيندو ھو ته اھو ياد ڪري اچجو. پوءِ جڏھن اسين جھنگ ويندا ھئاسون ته ٻيا سڀئي پنهنجو سبق ياد ڪري وٺندا ھئا پر آءٌ صرف خدا جو نالو پيو وٺندو ھوس. موٽي اچڻ کان پوءِ استاد اھو سبق پڇندو ھو ته ٻيا سڀئي ٻڌائي ويندا ھئا پر آءٌ ڪو نه ٻڌائي سگھندو ھوس. جيتوڻيڪ آءٌ پڙھڻ خاطر ڪوشش ڪندو رھيس پر ڪو فائدو نه ٿيو(٢١). ننڍپڻ کان ئي ھن جو ڌيان ڌڻيءَ جي درگاھه ۾ ھو. ظاھري علم ضروري ته آھي، پر اھو سيد صاحب کي ڪيئن مليو ان بابت وڌيڪ معلومات ڪتابن ۾ نه آھي. البت سماع ڏانهن سندس لاڙو ھو. سماع جي ھڪ محفل مان سندس وڏو ڀاءُ سيد جلال کيس زوري اٿاري آيو، ان جو حوالو بيان العارفين ۾ ھن طرح آھي: جيئن سندن وڏن کان نقل آھي ته پاڻ سماع ۾ مشغول ھئا ته سندن وڏو ڀاءُ ميان سيد جلال جيڪو پاڻ وڏو عارف ھو، اتي اچي نڪتو. ھن کين ڳل تي چماٽ وھائي ڪڍي ۽ اتان اٿاري زوري وٺي اچي پنهنجي نيڪ سيرت والده ماجده وٽ پيش ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته مان ڪو علم نه پرايو ۽ پاڻ کي ضايع ڪيم. ھي پڻ گھري ٿو ته ڪجھه نه پڙھي ۽ رڳو سماع ۾ وقت ضايع ڪري(٢٢).

        روايت آھي ته والده ماجده سيد ڪريم جو مرتبي کان واقف ھئي تنهن سيد جلال کي آئيندي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي. ان باري ۾ بيبي سڳوريءَ ڪي ٻيون ڳاليون به بيان ڪيون، جن کان سيد جلال متاثر ٿيو. ان کان پوءِ گھر گھاٽ جو ٻيو بار وغيره به شاھه ڪريم تي نه وڌائين ۽ ائين ھو پنهنجي مرضيءَ سان زندگيءَ گذارڻ لڳو. بيان العارفين ۾ سيد صاحب جي زندگيءَ جي سڀني دؤرن تي تفصيلي طور لکيو ويو آھي. ان جي نوعيت ۽ متند ھجڻ بابت محمد رضا لکي ٿو ته: اھا حقيقت سڄاڻ ۽ روشن ضمير سج جيان روشن ۽ ڪيميا جو اثر رکندڙ دانشور، حقيقت سنج ۽ حق جي ڳالھه قبول ڪندڙ کان ڳجھي ناھي. مريد پنهنجي پير جي قول ۽ فعل کان ڌار رھي نٿا سگھن. تنهن ڪري حضرت جن جيڪي ارشادات فرمايا يا سندن حاضريءَ ۾ جيڪي وھيو واپريو تنهن کي ڪنهن رسالي ۾ گڏ ڪرڻ گھرجي(٢٣).

        ان ارادي سان محمد رضا ھي بيان العارفين جي تاليف ڪئي. ان خود حاضريءَ ۾ رھي سيد صاحب جون ڪيل ڳالھيون ۽ شعر قلمبند ڪيائين. باقي سيد صاحب جي فرزندن ۽ ٻين جي ڪيل روايتن مان مواد گڏ ڪيائين. ھن ڪتاب ۾ سيد صاحب کان پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب ته ڏنل آھن، پر ٻين شخصيتن کان مليل روايتون به شامل آھن، جن سان سيد صاحب جي ذاتي ۽ روحاني زندگيءَ تي مڪمل روشني پوي ٿي. سيد صاحب جا زندگيءَ جي مختلف پھلوئن بابت رايا تمام واضح آھن. انهن کي ليکڪ سيد صاحب جا مختلف عنوان ھيٺ وراھي مناسب موقعن تي چيل پنهنجا ڪي بيت ڏنا آھن. زندگيءَ بابت مختلف رويا سيد صاحب جي شخصيت کي واضح ڪن ٿا، جي خاص طور سندس جوانيءَ ۽ پوءِ واري دؤر سان وابسته آھن. خاص طور سندس صبر، شڪر، خلق جي خدمت، لالچ کان پرھيز ۽ ٻين ڳالھين بابت منفرد آھن. ڪي واقعا زبان زد عام و خاص رھيا ۽ اڄ به حوالي ۾ آھن اچن ٿا. انهن ۾ مائي بلڙيءَ واري دعوت ۽ زمين تي ٿيل واقعو عوامي نوعيت جا بنجي ويا آھن. پھرئين ۾ مائي بلڙي شاھه ڪريم جي صبر جو انت لھڻ لاءِ کيس دعوت ڏي ٿي. ھو اچي ويھي ٿو ته کيس رٻ جو ٿانءُ ھٿ ۾ ڏيڻ بدران پٺن تي ھاري ٿي. ھـُو ڪاوڙجڻ بجاءِ ھٿ ورائي رٻ چٽڻ شروع ٿو ڪري. چوي ٿو ته: ڏاڍو سٺو پکڙجي ٺري به وئي. ٻئي واقعي ۾ ٻنيءَ ۾ پاڻي ڇوڙي ويٺو ھو ته دنگئي ھاريءَ اھو بند ڪيو ۽ ڍڳن کي لٺ ھڻي ڀڄائي ڇڏيائين. سيد صاحب چيو: ادا ڏاڍو سٺو ڪيئي. شايد آءٌ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي وھائي ويو ھوندس ۽ گگدام ڍڳن تي به تو ڪلھل ڪئي. سوانح نگارن ھنن واقعن کي اھميت ڪو نه ڏني آھي. عوامي سطح تي مشھور آھن. بيان العارفين جي صاحب، سيد صاحب جي نرم دليءَ جا ڪيئي واقعا بيان ڪيا آھن. انهن ۾ ھڪ ھي به آھي: ”حضرت جن فرمايو ته مون سڄي عمر ۾ صرف ھڪ دفعو پنهنجي پٽ کي چماٽ ھنئي پر اڄ تائين دل مان اھو افسوس ختم نه ٿيو آھي ته ڇو چماٽ ھنئي مانس. اصل شرافت ته روح جي آھي نه جسم جي. ڪھڙي خبر ته منهنجي انهيءَ فرزند جو روح مون کانوڌيڪ افضل آھي(٢٤).

        سيد صاحب کي فيض ھڪ درويش سلطان ابراھيم بهادريءَ کان مليو. سنڌ جي ٻين درويشن سان اعتقاد ۽ ارادت جو رستو به ھوس. انهن ۾ مخدوم نوح ھالائيءَ جو نالو نشانبر آھي. ملفوظات ۾ سندس روزمره جي زندگيءَ جو ھڪ خاڪو موجود آھي جو ھن ريت آھي: حضرت جن جي وڏن ساٿين کان نقل آھي ته حضرت جن جوانيءَ جو گھڻو عرصو ھن طرح گذاريو: صبح جو وڏي اسر اٿي مسجد ۾ ٻانگ ڏيندا ھئا ۽ پوءِ اتي ئي حق جي ياديا ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا، تان جو جماعت ڪٺي ٿيندي ھئي. نماز کان پوءِ ورد پڙھندا ھئا ۽ جڏھن سج نيزي جيترو مٿي ايندو ھو ته اشراق ادا ڪندا ھئا. ان کان پوءِ گھر اچي طعام پچائڻ ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. ايتري قدر جو عورتن وارا ڪم جھڙوڪ ٿانو ڌوئڻ ۽ ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي باھه تي رکڻ، ۽ چانور چاڙھڻ ۽ اھي تيار ڪري پنهنجي فرزندن اڳيان رکندا ھئا. جڏھن کائي خوش ٿيندا ھئا تڏھن گھر کان ٻاھر قدم رکندا ھئا. ليڪن تڏھن وري ڪاسو ھٿ ۾ کڻي شھر جو چڪر ھڻي جيڪو فقر ملندو ھو سو آڻي فقيرن آڏو رکندا ھئا. فقير جڏھن کائي بس ڪندا ھئا ته ھر ڪلھي تي کڻي، ڏاندن جو جوڙو ڪاھي پنهنجي ٻنيءَ تي ايندا ھئا. اھڙي طرح زمين کيڙڻ کان پوءِ ڍڳن جي گاھه خاطر جھنگ جو رخ ڪندا ھئا ۽ احو گاھه پٺو آڻي ڍورن جي اڳيان رکندا ھئا. اتي ئي وضو ساري ٻھ رڪعتون نفل جون پڙھي ٻنپھرن جي ٻانگ ڏيندا ھئا. بهرحال ٻپھريءَ جي نماز سنت جماعت سان گھڻي سڪون آرام سان ادا ڪندا ھئا. جنهن کان پوءِ وري ساڳيو ھر ڪلھي تي رکي ڍڳن جو جوڙو ڪاھي بنيءَ جي ڪم ڪار تي ويندا ھئا. ٽپھريءَ وقت وري به گاھه ڪري ڏاندن کي پاڻي پياري گھر ٻڌي مسجد ۾ اچي نماز پڙھندا ھئا. تنهن کان پوءِ اتي ئي سانجھي ۽ سمھڻي جي نماز ادا ڪري بعد ۾ گھر ايندا ھئا(٢٥).

        غرض ته اھو روز جو معمول ھو. ان معمول ۾ درگاھون ڀيٽڻ ۽ ماڻھن سان ملڻ توڙي مسجدن ۾ پاڻي ڀري رکڻ ۽ انهيءَ قسم جا ڪم ڪندو ھو. ھن ڀرپور زندگي گذارڻ وارو سيد صاحب عبدالڪريم ھڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ھو. زندگيءَ جي آخري دؤر تائين اھو معمول رھيو. سيد صاحب کي ٽي نياڻيون ۽ اٺ پٽ ٿيا، جن جا نالا ھي آھن: لال شاھه، عبدالرحيم، جلال شاھه، برھان، سيد للھ ، سيد دين محمد، سيد حسين، عبدالقدوس(٢٦). سنڌ جا اھم درويش جيڪي سيد صاحب جا مريد ھئا، انهن ۾ ھي نالا اچي وڃن ٿا. حاجي شورو، صابر شورو، بهاءُ الدين گودڙيو، سيد ابراھيم، مخدوم ابراھيم بن نوح، مھراڻ نهڙيو، صالح سمون، ميان عبدالعزيز عيسيٰ احمد فقير، ميان عبدالرشيد ۽ ابوبڪ ولد بايزيد(٢٧).

        سيد صاحب پنهنجين ڪچھرين ۾ حاضرين سان جن بزرگ ھستين جو ذڪر ڪيو، انهن جي ھڪ ڊگھي فھرست آھي.

        ڊاڪٽر دائود پوٽو، سيد صاحب جي زندگيءَ جي آخري سالن بابت لکي ٿو ته : ”رياضتن، فاقن، اوجاڳن ۽ عبادتن ڪري ھن فاني بدن کي نهوڙي ضعيف ڪري ڇڏيو ھئائون، باقي سندن روحاني طاقت زور ھئي. پيريءَ ۾ بلڪل نجھري پيا. ان ھوندي به ڪو سوالي ايندو ھون ته ان سان گڏ وقت جي حاڪمن وٽ گھوڙي تي چڙھي ويندا ھئا، اگرچھ پاڻ کي مشڪل جھلي سگھندا ھئا. چوندا ھئا ته چوويھه سال ٿيا آھن جو چار يا پنج مرض پڇاڙيءَ تائين منهنجي وجود مان نه ويا آھن. پويان ڏينهن حجري اندر گذاريندا ھئا. اڌ رات جو اٿندا ھئا ۽ سنڌي بيت ڳائيندا ھئا. صبح جو سڀ حاضر فقير ھجري جي چوڌاري اچي مڙندا ھئا ۽ راڳ ٻڌندا ھئا(٢٨).“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org