سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:16

بهرحال ميان صاحبڏنو فاروقي ھڪ صاحب دل درويس ھو. سندس ھڪ مجذوبه سان ملقات جو ذڪر به ڪتابن ۾ آيو آھي. ان ج زڪر سچل سائين مثنويءَ راز نامھ ۾ ڪيو آھي. ان سلسلسي جا ٽي بيت به مولانا راڻيپوريءَ ڏنا اھن. ميان صاحبڏني جو ڪلام موجود آھي، جتهن جا موضوع ظاھر پرستيءَ ۽ خداپرستي جي باري ۾ آھن. ملان کي خاص طور ننديو اٿس. شاعر جي خيال ۾ ملان جي وس ۾ حقيقي عشق کي رسڻ آھي ئي ڪو ته، سڪ سوا رڳو ڪتاب پڙھڻ مان ڪجھه حاصل ته ٿيندو، اندر جا راز اندر ۾ سانڍڻ کپن.

ملان مجاور ڪانءُ، ٽيئي اکر ھيڪڙي،

ھو ويجھو ته ٿئي وصال کي، ھو نيتهن ته ڳتهي ناءَ،

ھو واجھائي واٽن تي، ته ڀريل اچي ڪو ٿانءُ،

جـِت گرڙ پکيءَ جو گناءُ، ات ڪنگ رڙندو ڪيترو.

-

ملان جي محبت جي، وٽي ھڪ پئين،

ڇڏي مڪتب معرڪو، سوريءَ سر ڏئين،

ڪيئن ٿو تون جيئن، ري سڪ صاحبڏنو چوي.

-

ري سڪ صاحب ڏنو چوي، ڪوڙئين پڙھن ڪتاب،

ڀڄن غير گناه کان، سوين ڪرن ثواب،

سئي دھشت دوزخ جي، اکين ڀرن آب،

اٿئي سڀ حجاب، ري سڪ صاحب ڏنو چوي.

-

ري سڪ صاحبڏنو چوي، متان آخوند ڪوٺائين،

ڇڏي مڪتب معرڪو، تون عشق ته اٺائين،

نيتهن نٿو لائين، ڪامل پتهنجي ڪانڌ سان.

-

ڪامل پتهنجي ڪانڌ، اوھان خبر آھي خاصي،

اوڏا ٿيو ته عشق کي، اھا بات ته اوھان باسي،

آھيو اوھان به اداسي، پر ڪاري مس ڪارا ڪيئو.

-

ادا ڙي آخوند، مار ته معصومن کي،

جيڪر تتهنجي جان تي، بره اٺي ھئي بوند،

ته ھئين ته مارين ھوند، ناحق نادانن کي،

-

پاڻ پتهنجو پاڻ ۾، جن پسيو ته پيھي،

صاحبڏنا صورت جي، ڪل تنين ڪيھي.

-

فڪر فرھي جن، اٺ ئي پھر مراقبو،

دلين جي درياءَ ۾، تٻي ڏني تن،

سي ٿا لقا پسن، ننڊ عبادت ان جي.

-

اٿي آڌي رات کي، چـِتئون چرخو چور،

جوڙي ويھج جھد مان، متهن ته ٻئي موڙ،

ساھي ٻڌ صاحبڏنو چوي، ڏاھي ائي ڏور،

اولائتي ٿي اور، ڳجھه اندر جون ڳالھڙون.

-

ڪتهن جو نيتهن تهر سان، ڪن دٻايا درياءَ،

صاحڏني جي ساھه، آھي سمنڊ سمائيو.

        ميان صاحبڏني جو ننڍو فرزند ۽ گادي نشين ميان عبدالحق به شاعر ھو. سندس ڪجھه فارسي ڪلام ۽ ”مدح حضرت محبوب سبحاني شاھه عبدالقادر جيلاني“ ، سنڌيءَ ۾ موجود اھي. مدح جو مطلع ھي آھي:

بهر خدا و مصطفيٰ يا غوث رب العالمين،

دل کي ڪرين سيد صفا، يا غوث رب العالمين.

ميان صاحب ڏني ١١٩٢ھه/

مدن ڀڳت

شاھه عبداللطيف جي ھمعصر طور ھن ڀڳت جو نالو آيو آھي. تذڪره لطفي ۾ انهيءَ حوالي سان ڀڳت جو ذڪر آھي ته سندس ھڪ بيت موجود اھي، اھو بيت ھي آھي:

ڪالھه پڻ ڪالھه ھئي، اڄ پڻ ڏيتهن ٻيو،

مرھيءَ ۾ مدن چئي، ويھي ڪانگ ويو،

جتهن ۾ ماڻ ٻيو، سا رھي رھندي ڪيترو(٦).

        بدوي صاحب لکي ٿو ته:”سترھين صدي عيسويءَ ۾ ھن ھندو شاعر جي نالو شاھه ڀٽائي جي صحتين ۾ نظر اچي ٿو. ھـُو ڪھڙي ڳوٺ يا شھر جو رھندڙ ھو ان بابت ڪا به تحقيقاتي خبر پئجي ته سگھي آھي. ھو صاحب دل ۽ صوفي ھو. سندس ڪلام ڪڏھن ڪڏھن ٻڌڻ ۾ ايندو آھي(٧).“

        ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، مدن کي ڪوٽڙي مغل جو رھاڪو ڄاڻايو آھي ۽ ھڪ بيت ڏنو اٿس، جو ھي آھي:

محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،

ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو(٨).

        لڳي ٿو ته ھن انداز جا بيت مدن جا ٻيا به ھوندا، پر يڪجا ٿي ته سگھيا آھن. مدن ۽ شاھه لطيف جي بيتن ۾ گفتگو جو ذڪر به ڪتابن ۽ زباني روايتن ۾ آيو آھي. مثال طور ھڪ ڀيري شاھه صاحب ساڻس دل لڳي ڪندي پڇيو ته: ”مدن ڏيتهن قيام جي ڪافر ڪندا ڪيئن.“ مدن جواب ڏنو ته سائين! ڪڏھن وقت سر ثابت ڪندس، جڏھن ھڪ ڏيتهن ٻئي درياءَ پار ڪرڻ لاءِ پتڻ تي آيا ته شاھه صاحب پاتڻيءَ کي چيو ته ادا اسان کي به پار اڪار. ھـُن جواب ڏنو ته پـُور ڀرجي آيو اھي. جاءِ ناھي! مدن ڪڍي پئسو پاتڻيءَ کي آڇيو -  ته ھن ھڪدم چيو ته سائين اچو. جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺا ته مدن ھٿ جي تري کولي چيو: سائين اوھان جيڪو سوال پڇيو ھو ا ن جو جواب ھي آھي ته:

ھٿ جنين جو ھيئن، پھرين پتڻ پار سي.

        ھنن ٻتهي سٽن کي جوڙيو ته ھڪ بهترين ۽ پـُر معنيٰ بيت جـُڙ پوندو. ھن مان اھو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته شاھه صاحب جي ھمعصرن ۾ مدن ڀڳت ھڪ برجستو شاعر ھو.

مئين عنات رضويءَ جي خاندان جا شاعر

        ميون شاھه عنات رضوي نصرپوري ھڪ وڏو شاعر ٿي گذريو. سندس خاندان م به شاعريءَ جو ذوق رھيو. مئين شاھه عنايت رضويءَ جو ڪلام ڊاڪٽر بلوچ صاھب مفصل مقدمي سميت ايڊٽ ڪيو آھي. سڄي خانوادي جو احوال تفصيل سان لکيو اٿس. اتان ٿورن سان ھن خاندان جي باقي شاعرن جو احوال وٺجي ٿو.

        مئين عنايت جو فرزند محمد شريف عرف شاھه شريف شاعر ھو. سندس پٽ بلال شاھه ۽ پوٽو قطب شاھه به شاعر ھئا. ھن خاندان مان عباس علي شاھه، ھوندل شاھه، اميد علي شاھه، غلام حيدر شاھه ۽ حاجي پير شاھه به شاعر ھئا.

        شاھه شريف لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ھـُو اندازا ١٠٥٠ھه ۾ ڄائو ١١١٥ھه ڌاري پتهنجي والد جي زندگيءَ ۾ گذاري ويو. سندس ڪلام تي مئين عنات جو نمايان اثر آھي. سندس ڪلام به ڪتاب ”مئين شاھه عنات جو ڪلام“ ۾ درج ٿيل آھي. ٨٢ بيت ۽ ھڪ وائي ذڪر ڪيل جلد ۾ شامل ڪيل آھن. ڪلام جو نمونو ھي آھي.

ڪيم جي ڪلتار، سي پسيو پاڻي ھاريان،

مديون سڀ معاف ڪرئين، بخشين بخشڻھار،

صاحب در شريف چئي، آھيون اميدوار،

سٻاجھا ستار، عيب متهنجا ڍڪئين.

-

عاشق سڻج ايئن، لنؤن لـِڪائج نـِڪڻين،

جئن ٻـَرو ٻھر ته نڪري، تن ۾ رکج تئين،

سانڍن گھڻو شريف چئي، نيتهن تهائينءَ جئن،

ته ميڙائي جا ميتهن، ويٺي ئي وسائيين.

-

نـِيتهن اڳھين سيتهن، تو ته سـُئو سپرين،

ٻوليو ته ٻھر پيو، سٽيو سانوڻ ميتهن،

سنئون تنين جو ڏيتهن، سانڍيو جن شريف چئي.

بلال شاھه

        ھي شاعر اندازا ١٠٧٥ھه ۾ ڄائو. سندس ڪلام مان ٦٣ بيت ۽ ھڪ وائي ڊاڪٽر بلوچ، ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ شامل ڪئي آھي. ڊاڪٽر صاحب مئين عنات، شاھه شريف ۽ بلال شاھه جي پاڻ ۾ بيتن جي روح رھاڻ جو ذڪر به ڪيو آھي، بلال شاھه تي شاعريءَ ۾ پتهنجن بزرگن جو اسلوب، انداز بيان ۽ زبان جو مڪمل اثر آھي، سندس ڪلام جو نمونو ھي آھي:

عاشق زھر پياڪ، پسي وھه وھسيا،

ڪڙي ۽ قاتل جا، اصلان ئي ھيراڪ،

بازو ان بلال چئي، چارئي چڪن چاڪ،

توڻي انـَت اولاڪ، ته پڻ آھه ته سلن عام کي،

-

موکي متارا آئيا، اوٿي ھٽ اپٽ،

تتهن جي بها وٺ بلال چئي، جو مـَنڌ سانڍيو ئي مـَٽ،

ساقي ان شراب جي، وٽي کڻي وٽ،

سسين آھي سٽ، جي پروڪو پياريين،

-

جڏھن اتر اور، گھارين ميتهن ميدان ۾،

بيراڳي بلال چـَئي، ٿيا ڪتهن سناسي سـُر،

آسڻ آئي ان جي، ڏک مرئي ڏور،

ھلي پرينءَ حـُضور، وڃي نانگا گڏيا ناٿ سين.

قطب شاھه

        ھي شاعر بلال شاھه جو فرزند ھو. اندازا ١١٣٠ھه ڌاري ڄائو. ھن جي ڪلام تي پتهنجي بزرگن جي زبان ۽ بيان جو نمايان اثر موجود آھي. قطب شاھه جا ١٥٠ بيت ”مئين عنات جي ڪلام“ ۾ شامل ڪيل آھن. سندس ڪلھوڙن جي حڪومت سان تعلقات جو ذڪر ڪندي. ان سلسلي ۾ ھڪ واقعو ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو اھي. قطب شاھه ٽالپرن جو حامي ھو ۽ ڪلھوڙن سندس ڳالھه کي مان ته ڏنو.

قطب شاھه جي ڪلام جو نمونو ھي آھي:

ايندءِ ڪم قطب چئي، اي بوتا منجھه بـَرن،

ات اڳي ئي ٻيا گھڻا، چانگا ٿا چـَرن،

جايون گھڻيون ان جوءِ ۾، ٻي ڪاتهي کونيس کرن،

سي ڏاگھا ڪيم ڏارن، ماڙ جنين جي مصطفيٰ،

-

دم دتهين تي ته ھڻڻ، اوءِ ولھن ۾ وھسن،

ڪيھي ڳالھه قطب چئي، ڪئي قبول ڪاپڙين،

ھوءِ ھليا ھنگلاج ڏوتهن، ٻيون ڏيئي ٻن،

تـِر ته طمع ڪـَن، توڪل تڪيو تن جو.

-

رونجھي وت رھاڻ، سدا سوالين جي،

پيتيون پاڻيوٽن جون، پھئو بخشي پاڻ،

لٿي قطب چئي ڪاڻ، جو ٻيلي ڌڻيءَ ٻاجھون ڪيون.

        اھڙيءَ طرح ھن وڏي خانوادي جي ٻين شاعرن جي ڪلام بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب پتهنجي ڪاوش”مئين شاھه عنايت جو ڪلام“ ۾ تفصيلي معلومات ڏني آھي(٩).

ڪي ٻيا ھمعصر

        يقينا شاھه صاحب جي دؤر ۾ ڪي ٻيا ننڍا ۽ غير معروف شاعر ٿي گذريا ھوندا. اتهن مان ڪي اڄ ڏيتهن تائين به گمنام ھجن، ڪن جا ھڪ ٻھ بيت ڇپيل ھجن. اتهن جي ڪا گھڻي اھميت ته آھي. ڪن چند شاعرن کي تذڪرن ۽ تاريخن محفوظ رکيو آھي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پتهنجي تاليف ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ يڪجا ڪيو اھي. اھي ھي آھن:

تماچي فقير

        ھي فقير، شاھه صاحب جو خاص خليفو ھو. سندس ڪجھه ڪلام موجود آھن. ھڪ بيت ھي اٿس:

گھر ڀريو ئي گھور، نيتهن نماڻي نجھڙي،

تاڻي تنگ تماچي چئي، اٿي ڏونگر ڏور،

سسئي سڱ سنڍور، ڪر ڪا ٻاتهپ ٻاروچل جي.

صالح فقير

        ھي فقير ڪڇ جي گوھر نالي ڳوٺ جو رھاڪو ھو، ان ڪري گوھري سڏجڻ ۾ آيو. ڀٽ تي اچي رھيو ۽ شاھه صاحب جي وفات کان ڪجھه وقت پوءِ ھي جھان ڇڏيائين. سندس بيت رسالي جي سـُر ڌناسريءَ ۾ سامل آھن. ڪي بيت ھي اٿس:

لويون ليڙا اک جون، اڃان آلڙيون،

ڪين پائيندي ڪامڻي، ويھي والڙيون،

ڇڏ ڳڙھي ڳالھڙيون، ته وڃي متهن ماروئڙن جي.

-

متهنجو من منجھائيو، جتن جي جمال،

وڌو سـُر سرير ۾، ڪيچن جي ڪمال،

ھوت ته ڀائي حال، مٽ ته ٿيا معذور جا.

-

ذاتي مان صفاتي ٿيو، صفاتي مان جڳ،

آديسي الک، مشاھدو محبوب جو.

 

عارف ڪلھوڙو

        عارف، سنڌ جي آخري ڪلھوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ جو پٽ ھو. ميان جڏھن افعانستان ڏاتهن ڀڳو، تڏھن ٻار ٻچا پتهنجي ولي عھد محمد عارف سان جوڌپور جي راجا بجيسنگھه وٽ پناھه لاءِ موڪيلائين. عارف پوءِ ١٧٩٤ع ۾ ھڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. سندس قبر ضلعي مظفر ڳڙھه ۾ آھي.

        سـُر مارئيءَ ۾ ويھه راتيون مڪمل ڪيائين، پھرين رات بابت ھي بيت اٿس: چي:

عمر آڇ ته اھڙا، ويڻ ميان مون کي،

وطن وساري پاتهنجو، آءٌ ڇڏيان ڏاکي،

تون ڇا ڪندين زور ضعيف سان، جي رکندڙ راکي،

توڪل ڪوٽ تتهن جو، آھي اصل اسان کي،

ته آھي ڪي آنکي، ڪنجيون ھٿ قھار جي(١٠).

عنايت فقير ڏيرو

        ھن فقير جو احوال ڪتهن حد تائين فقير عنايت الله چوڍي سان گڏجي ويو آھي. حقيقت ھيءَ آھي ته عنايت الله چوڍو، ارڙھين صدي٤ جو ھوئي ڪو ته جو شاھه صاحب جي ھمعصرن ۾ ليکجي. ”شاھه جو رسالو: رسالي جو ڪلام“ ۾ به ڊاڪٽر بلوچ فقط مئين شاھه عنايت جو ڪلام ڏنو آھي. تذڪره لطفي ۾ پروفيسر بدويءَ، عنايت ل چوڍي جو بيان شاھه صاحب جي مريدن ۾ ڪيو آھي(١١). چوڍو شاھه صاحب جي شان ۾ بيت ۽ مدح چئي اھي. ھـُو ١٩٩٠ع ۾ گذاري ويو(١٢). ڪتهن به طرھ ھنن ٻن عنايت نالي شاعرن کي ھڪ ته سمجھن کپي. پروفيسر محبوب علي چته پتهنجي مقالي م بدويءَ جي رآ٣ کي قبول ڪيو آھي، پر شخصيتون ٻھ آھن، ھمعصرن ۾ عنايت فقير ڏيروآھي.

        عنايت فقير ڏيرو، جانيءَ جـُبير (زبير يا جـُبو پائڻ وارو) جو پٽ ھو. جاني ھڪ زميندار ھو. عنايت ڏيرو ساھه صاحب جي محبت ۾ وٽس آيو. چته صاھب جي لکڻ موجب رسالي ۾ عنات تخلص وارا بيت، مئين عنات رضويءَ جا عنايت نالي وارآ شآحح غڻآ:ٽ شح:ڊ ڄآ ۽ عنايت الله وارا عنايت فقير جا آھن(١٣).

        اتهي لحاظ کان ”عناتا اتاھين، جاني جري ٻنڌ“ وارا بيت به عنايت فقير بجاءِ مين عنات جو ليکبو. بهرحال ھن فقير جو به ڪو ڪلام ٿي سگھي ٿو. اڃا ھن سلسلي ۾ تحقيق جي ضرورت آھي.

تمر فقير

        تمر فقير پتهنجي زندگيءَ جي سفر، ڪڇ ڏاتهن وڃڻ ۽ موٽڻ جي سبب شاھه صاحب جي مڙني فقيرن ۾ نشانبر آھي. شاعر ھجڻ ڪري به مشھور ٿيو. ھونئن حاضريءَ جي سڀني فقيرن ۾ ننڍو به ھو. شاھه صاحب جي خدمت جا فقط چند سال نصيب ٿيس. کانئس وڏي عمر جي فقيرن ۾ محبت فقير سالارو(تمر جو چاچو)، محمد عالم ڏيرو، عبدالواسع سالارو، سکر فقير، ڪمال فقير، اجن فقير، اسماعيل فقير سمون، سيد تهال شاھه، وڳند فقير، محمد رحيم (منشي)، عنايت فقير وساڻ، عبدالمجميل انڙ، وتهيون فقير، سومر فقير خانپوري، رھمون فقير (بورچي)، راول فقير، عارف فقير ٿيٻو، سيد تقي شاھه، عرس فقير ساند ۽ عمر فقير سھتو وغيرھ آھن.(١٤)

        ڊاڪٽر دائودپوتي جڏھن ١٩٥٥ع ۾ نئين زندگيءَ ۾ تمر فقير بابت مضمون لکيو. ان وقت کيس فقير جي والدين بابت به پوري ڄاڻ ته ملي. ان ڪري لکيائين ته تمر جي ماءُ ۽ پيءُ جا نالا به معلوم ته اھن(١٥).

        ”ان کان پوءِ ساھه صاحب جي سوانح عمريءَ جي سلسلي ۾ تمر فقير جو به نالو آيو آھي. سندس پيءُ جو نالو صحبت فقير ھو. ھو ذات جو سالارو ھو. ڀت ساھه کان پنج ميل ڏکڻ اولھه ڏاتهن کنڊوءَ جي ويجھو ڳوٺ بلند شاھه جو ھو. سالارا اصل ھالا قوم جا آھن(١٦).

        قادن شاھه لکي ٿو ته: ”عام روايت آھي ته تعمر فقير جي والدين کي اولاد ٿيندو ئي ڪو ته ھو. ھڪ ڀيري ڏاڍيءَ سڪ ۽ سوز سان اچي شاھه ڀٽائيءَ کي عرض ڪيائون ته قبلا اسان لاءِ درگاھه الاھي سان دعا گھرو ته ڪو خير جئڻ جو اولاد ٿئي. چون ٿا ته شاھه صاحب ھنن لاءِ دعا گھري(١٧)“ تمر فقير جا والدين حج تي ويا. اتي صحبت فقير جي گھر اميدواري ٿي. اتي ئي رھي پيا ھئا. تمر اتي ئي ڄائو. جڏھن وطن وريا ته شاھه حبيب گذاري چڪو ھو. مرشدن سان ملڻ ۽ عذر خواھيءَ لاءِ ويا. شاھه صاھب ننڍڙي تمر کان پاٻوه سان نالو پڇيو. ھن ”حاجي علي“ ٻڌايو ته شاھه صاھب حضرت علي عليه السلام جي ادب سبب ننڍڙي جو نالو تمر تجويز ڪيو. ڇو جو ھو کجيءَ جي وڻ ھيٺ ڄائو ھو. شاھه صاھب کين عرب عورتن جي ان وقت خوشيءَ مان ڳايل ھن گيت جو به اشارو ڏنو: فوق مطر- تحت التمر -  لبن البقر -  ھات الله ھات الله (مٿان ميتهن، ھيٺان کجور، ڳئون جو کير، ڏي الله ڏي الله) (١٨). ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ھي خيال آھي ته تمر ١١٥٠ھه ۽ ١١٥٥ھه جي وچ ۾ ڄائو آھي. اتهيءَ اندازي موجب ساھه صاحب جي وفات وقت ١٣-١٤ سالن جو ھوندو. ان ڪري شاھه صاحب سان وڌيڪ ريجھه رھاڻ يا مئين عنات ڏاتهن نصرپور وڃن واريون روايتون سڪي اھن. ائين سندس والده جو والد جي وفات کانپوءِ محرم(ڏير)سان حج وڃڻ به اعتبار ۾ نٿو اچي(١٩).

        بهرحال شاھه صاحب جي وفات کان ڀٽ جي سيدن جي باھمي اختلاف کان پاڻ بچائڻ خاطر ڪڇ ھليو ويو. ساڻس گڏ چند ماڻھو ھئا. ھي درويش طنبورو ۽ رسالو ساڻ ڪري اڏيري ۽ بدين کان ٿيندو ڪماگون پھتو(٢٠). ھي مقام ڀڄ کان ٩ ميل پري آھي. ڪڇ جو راجا به دعا گھرڻ لاءِ وٽس آيو. ڪماگون ويجھو تمر فقير جا بونئرا موجود آھن. پوين ڏيتهن ۾ مرشد جي ڇڪ سبب اتان واپس ڀٽ ڏاتهن روانو ٿيو. ڏاچيءَ تي سوار ھو واٽ تي دم ڏنائين. کيس درگاھه ڀٽ شاھه جي احاطي ۾ دفن ڪيائون. ھن وقت سندس سلسلي جي گاديءَ تي مھربان دوست فقير الله بچايو تمراڻي آھي(١٢).

        تمر فقير، ڀٽ شاھه تي شاھه جي راڳ جو اڳواڻ ھو. کانئس پوءِ ڪمال فقير ۽ يعقوب فقير (شھيد) اڳواڻي ڪئي. اسماعيل فقير الياس فقير کي مقرر ڪيو. الياس فقير بعد مراد فقير ٻگھيو اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ ٻيا فقير ھي منصب ماڻيندا آيا ۽ ويھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ گادي نشين پير غلام ساھه لطيفي راڳ جو سروان ٿيو(٢٢).

        تمر فقير جو گھڻو ئي ڪلام ھو، پر محفوظ ٿورو رھيو آھي. ھو شاھه صاھب جھڙي آسمان ادب جي درخشنده ستاري جي اثر ھيٺ اسريو. اھا چمڪ پيدا ته ٿيس، پر ان انڊلٽ جا رنگ تمر م اھن. رسالي جو روح قائم رکڻ جي ڪوشس ضرور ڪئي اٿس. مختلف سـُرن ۾ ڪلام موجود اٿس. ڪڇ ۾ ھو ته آستان لطيف جي سڪ کانئس ھيئن چوايو:

ھـو ڀونگا ھـُو ڀينيون، ھـُو مارن جا مڪان،

ڪي ڏيتهن ھتي جيڏئين، ھئا گھيٽن سان گذران،

سي ھنڌ پسي سومرا، ھينئڙو ٿيو ھيران،

مارو ھئا مھمان، اٺي ويئڙا اڪري.

ھـُو ڀونگا ھو ڀيڻيون، ھو پکا ھو پٽ،

ڪي ڏيتهن ھتي جيڏئين، ٿي موڪ ولوڙيا مـَٽ،

سي ھنڌ ساري سومرا، گھاءُ لڳا مون گھـَٽ،

مارو ھئڙا مـِٽ، اٺي ويئڙا اڪري،

        شاھه صاحب جو اثر، شاھه صاحب جي سڪ تمر وٽ سرس آھي، شاھه صاحب کي پل پل ياد ڪنو ھو، مرشد کي رامڪليءَ ۾ ھيئن ٿو ساري:

رام جنين جي روح ۾، تن ڪيو ڪاپڙين ڪمال،

جنين پاتو تنين ماپيو، جانب جو جمال،

تنين جو تمر چوي، ھـُئي موچاررو حال،

او نانگا ٿيا تهال، پڇن گس گــوروءَ جو.

        تمر فقير کي سـُر رامڪليءَ سان وڌيڪ دلچسپي ھئي، ان ڪري ھن سـُر ۾ سندس ڪلام نسبتا وڌيڪ آھي. ھو سـُر جي خاص انداز ۾ چوي ٿو:

ڳتهيو ڀڻن ڳالھڙي، سڀئي سالڪ،

پورب ۾ پيھي ويا، سامي کني سنک،

ڏسنديئي الک، نانگا نسورا ٿيا.

        تمر فقير جي ڪلام جو انتخاب ھي آھي:

ھيڪائي ھيڪ ٿيا، اوڏا ساڻ احد،

ھيءَ ڇڏيائون حد، ويا مطلق محو ٿي.

ويا مطلق محو ٿي، سڃاتائون سوئي،

ته آھي اھو ئي، گھٽ ته ڏسن ڪي ٻيو،

(قطار البحرين جو انداز)

-

پريندي پنڌ ٿي، جتن ڪارڻ جوءِ،

واڪا ڪيو وڻن ۾، ريھون ڪيو روءِ،

طالب کي تمر چئي، ڏس ڏيرن جو ڀوءِ،

ڪيچان اوري ڪوءِ، ڪجا غور غريب جو.

-

پتهونءَ ڪارڻ پٻ ۾، ھلي ھيڪاندي،

آڌر ھوت پتهونءَ جي، اتاھين آندي،

ڪيچ ڌڻي ڪانڌي، ٿيس تيڏي مھل تمر چئي.

-

ٿيا مٽ معذور جا، حال ته ڀائي ھوت،

لڳندي لڪن سيٺ پاڻان ٿيرس پوت،

مٿي تائين موت، سڪ ٻاروچي ته لھي،

-

ھـُو ڀونگا ھـُو ڀينيون، ته ڇانگون ته ڇيلا،

سي ھنڌ پسي سومرا، ڪريان رندن تي ريلا،

بختين ٿين ڀتن تي، مارن سين ميلا،

سھڙن سويلا، اٺي ويئڙا اڪري.

-

ھـُو ڀونگا ھو ڀيڻيون، ھو اباڻا ُتر جھل،

ڪي ڏيتهن ھتي جيڏئين، ھئي ڇيلن سين ڇل،

سي ھنڌ پسي سومرا، اچي آب اڇل،

مارو ھئام امل، اٺي ويئڙا اڪري.(٢٣)

ديني نظم ۽ نصابي ڪتاب

        دين جي مختلف پھلوئن کي نطيمي صورت ۾ سمجھائڻ لاءِ سنڌ جي عالمن ھڪ قسم جا طوين نظم لکيا. جن کي مـُلڪي سنڌي ۽ ڪبت به چئجي ٿو. پير محمد لکويءَ جو آحرو نظم جتهن جو ذڪر پھئين دؤر ۾ ٿي آيو آھي، سو شايد ھن طرز جي سلسلي ۾ اول اچي ٿو. ھن جا آٿار آڳاٽا آھن. بقول ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي زبان جا ھي اوائلي منظوم ذخيرا سترھين صدي عيسويءَ جي اڌ يا ان کان به آڳاتا آھن(٢٤). ڊڪاٽر بلوچ اتهن منظوم علمي، اديبي ذخيرن جو ذڪر پتهنجي تصنيف ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾، ان کان سواءِ ھنن آڳآٽڻ ۾ڻظ۾ ذ:ڙڻ ؛: ڪٽآٻ ٻغڻآڻ: ”سنڌي بولي جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ ۾ شايع ڪيو آھي. ھي منظوم ذخيرو ڪاتب عزت بن سليمان، مختلف ذريعن مان اتاري ھڪ ھنڌ ١٠٦٧-١٠٦٩ھه/١٦٥٥-١٦٥٧ع ۾ مڪم ڪيو(٢٥٩. بقول ڊاڪٽر صاحب: ”ان وقت جي عالمن ۽ استان اھي موصوع تعليمي مقصد خاطر، ان وقت جي عام رائج سنڌي بوليءَ ۾ منظوم ڪيا ته جئن اھي سولائيءَ سان سيکاري پڙھائي سگھجن(٢٦).“ ظاھر آھي. ھي علمي ذخيرو ڪافي آڳاٽو ھوندو. ھي ذخيرو ڪل ٣٩ موضوعن تي ورڇيل آھي.

        ھيئت جي مدنظر ھي مواد ڊگھن بندن(ڪبت/سنڌيون) جي طرز تي آھي ۽ ان سان گڏ بيت جي ھيئت ۾ به آھي. ھتي ترجيحا اسين ڊگھن بندن (ڪبت/ سنڌيون) جو بيان ڪنداسين. ھنن منظومين کان پوءِ سنڌ جي عالمن ١٨-١٩ ۽ ٢٠ ھين صدي عيسويءَ ۾ پڻ تعليمي، ديني ۽ نصابي طرز جون سنڌيون(ڪبت/ ڊگھا بند) مھيا ڪيا، عالمن جون ھي ڪاوشون ھڪ طرح سنڌي صورتخطيءَ جي ابتدا، اوسر ۽ ترويج سان شروع ٿيون. ابوالحسن جيڪا صورتخطي اختيار ڪئي، ان جون پاڙون ماضي ۾ ٤ صدي ھجري (١٠ صديع ) ۾ کتل ھيون. منصوره ۾ اھا رائج ھئي. البروني ان کي سيندب (سيندو، سنڌي) سڏيو آھي(٢٧). ان جي ارتقا ۽ اوسھ جي نتيجي ۾ اندازا ١٥-١٦ صدي ع ۾ ادبي، ديني ۽ نصابي منظوم ڪتابن جو سلسلو ھليو. عزت بن سليمان جي اتاريل منظوم ذخيري جي موضوعن ۾ پھرين خدا جي حمد آھي. مثال:

حوض ڪوثر ٻيو سجرة المنتهيٰ طوبا ورک وڌيا

سھس اڱارھ ٿيا پيدا ڀـُويـُون اڀ وڇايا،

سج چنڊ تارا پڻ خلقي وارن تي سر واھيا،

ڏونگر بحر سمونڊ سرجيا، پاڻي پٽ لوڙاھيا،

بحرا مارڳ مٿي خلقي تتهين ڪري وھايا،

ڪڪر ھيھن ھي' بهانو مٿان ميتهن وسايا،

ملڪ ماڙھو جن اپنا، ڀـُون ۾ اوڀڙ ڄايا،

دل مرو پکڻ اپنا وڻ ٽڻ ڦلين، ڇايا.

        ھي ذخيرو مدح رسول، تعليم تربيت، نصيحت ۽ ھدايت توڙي نبين جي فصن تي مشتمل آھي، ھي سلسلو تمام وسيع ٿيو. اڳتي عالمن خاص طور تعليم ۽ تربيت، توڙي نصاب جي گھـُرجن جي پورائيءَ لاءِ ننڍا رسالا ۽ ڪتاب لکيا. ھي درسي ڪتاب مدرسن ۾ رائج ٿيا. اتهن جا موضوع قران، حديث، تفسير، فقه، اسلامي اصولن، سوانح، تاريخ، تصوف، اخلاقيات، سماجي اصلاح ۽ طب تي مشتمل آھن. ترجمي جو سلسلو به ھليو. اھم سنڌي ڪتابن ۽ ملفوظات جو فارسي ۽ عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو. اتهن ۾ شاھه ڪريم، خواجھ مھمد زمان ۽ ڪيترن ٻين جا ڪتاب اچي وڃن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ مان سنڌي م ترجما ٿيا. اتهن جي ڊگھي فھرست آھي. آُتهن مترجمن ۾ آخوند عزيز الله، مخدوم عبدالله، مولوي احمد، مولوي محمد حسين، مخدوم عبدالسلام، مخدوم محمد ھاش، مخدوم عبدالخالق، مخدوم محمد انور لاڙائي، محمد عارف صنعت، عبدالصمد نورنگ زادو ۽ ٻين جو ڪم نمايان آھي.(٢٨)

        ديني توڙي درسي منظوم ڪتابن ۾ ھڪڙا اھم ليکڪ ٿي اڀريا، اتهن جو تعلق خاص طور دين سان ھو. اتهن کي مـُلا يا مـُلان سڏيو ويندو ھو. اتهن جي سنڌي ڪتابن کي ”مـُلڪي سنڌي“ سڏيو ويو. ھندي٤ جي حوالي سان اتهن نظمن کي ڪبت به سڏيو ويو.

        گھڻا نظم واو عطف ۽ الف جي قافيي تي آھن ته اتهن کي الف اشباع وارا نظم به سڏيو ويو. ھتي اھڙن چند ۽ اھم عالمن جي ڪاوشن جو سرسري جائزو وٺجي ٿو، جن وقت جي علمي ماحول تي اثر وڌو ۽ مدرسن جي درسي ڪتابن جي گھرج به پوري ڪئي.

مخدوم ابوالحسن:  (ولادت ١٦٦١ع) ھونئن ته گذريل دؤر جي پير محمد لکويءَ جي ڪلام ۾ طويل نظم موجود آھي ۽ لطف الله قادريءَ جي ”سنڌي رسالي“ ۾ به شريعت بابت ابيات آهن. هي طويل نظم يا سنڌيون تعليمي گهرج جي پورت لاءِ لکيون ويون. روايت آهي ته حضرت شاهه عبدالقادر جيلاني بغداديءَ جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي سنڌ ۾ تبليغ جي ارادي سان آيو. اُن جي تبليغ سان لاڙ جا ڪيترا ماڻهو مسلمانٿيا. اُنهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ مدرسن ۾ هن سنڌيون رائج ٿيون. مخدوم ابوالحسن مڪمل ڪتاب نماز بابت ”مقدمة الصلواة“ 1700ع ۾ لکيو. هن ڪتاب لاءِ اڳ موجود عربي اکرن ۾ ڪجهه ڦير ڦار ۽ ايجاد ڪري ڪتاب مڪمل ڪيائين. ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿو:

ڪارڻ طلب طالبين رسالو لکيوم،

مقدمة سنڌي نالو تنهن رکيوم.

        مخدوم ميان ابوالحسن جي هن ڪتاب جي پيروي ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ اُستادن ڪئي. سندس ابتدائي زندگيءَ بابت تذڪرن ۾ تفصيلي احوال نه آيو آهي. هن بزرگ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت ٺٽي ۾ درس تدريس ۾ گذاريو. اُن وقت عالمن ڪنهن هڪ مقرر الف – ب ۾ ڪتاب ڪو نه ٿي لکيا. هو پنهنجي پنهنجي انداز تي لکندا هئا. عربي، فارسيءَ جا به عالم هئا، تنهن ڪري الف – ب جو بنيادي ڍانچو سندن اڳيان هو. نج سنڌي آوازن لاءِ ابوالحسن ڪي صورتون مقرر ڪيون. ڪي اردو گاڏڙهيون ۽ ڪي خود اختيار ڪيائين. اُنهن مان اڪثر ايندڙ وقت ۾ به رائج رهيون ۽ قائم ڪيون ويون. 1853ع واري صورتخطدي ڪميٽيءَ به انهن تي غور ڪيو. هي ڪتاب مخدوم ابوالحسن پنهنجي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ جڏهن مخدوم محمد هاشم پنهنجو تصنيف ڪيل ڪتاب ”فرائض الاسلام“ پڙهائڻ گهريو ته ابوالحسن جي جهونن شاگردن اعتراص ڪيا. اُن ڪري مخدوم محمد هاشم مجبور ٿي ڪري اضافن ۽ ترميمن سان وري مقدمة الصلواة رائج ڪيو. هي نظم يڪن قافين جي انداز تي آهي. چند سٽن کان پوءِ قافيا بدلجن ٿا ۽ آوازي يڪسانيت کي ٽوڙين ٿا. ڪتاب ۾ وضوع، نماز ۽ غسل جي باري ۾ سمجهاڻيون ڏنل آهن. ابوالحسن جي شعر ۾ ڪو به تڪلف ڪونهي. نهايت سادن لفظن ۾ بنا ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي صاف ڳالهه ڪيل آهي. سند طور ڪتابن جا حوالا به آندل آهن. ڪفن بابت لکي ٿو:

ٻه گراٺيون ٻنهي پارين، مٺيا تن ڪجن،

موڪرائي ۾ ميت کي ويڙهي جئن وڃن،

پر مُٺيا پهرين چادر ۾ چيائون گهرجن،

منجهينءَ ۾ ناه ڪو احتياج ستدو تن،

امدادالفتاح ۽ متانت انپر ٿا لکن.

نماز ڀجھڻ جا سبب جھاڻائيندي فتح القدير ۽ بحر جا حوالا ڏي ٿو:

فتح القدير ۽ بحر ۾ هن پر ٿو چوي:

ته ايڪتاليهون اوچتي جي ڪنهن قيءَ اچي،

سار وري پوءِ نه پڌري ڀري وات وجهي،

ته اهڙي قيءَ نماز کي پڙهيا چون ڀڃي.

        ڪتاب جي آخر ۾ پنهنجي فرزند عبدالعزيز جو نالو آڻي کيس به هنن مسئلن کي سمجهڻ جي تاڪيد ڪندي، پنهنجي نجات لاءِ ٻاڏائي ٿو:

ابول عبدالعزيز ڀڇي پڙهين کان

هي مسئلا نماز جا ساري سنڌي واءُ.

ته مان هُو تن کي سکن سهج منجهان،

هن ڪميڻيءَ کي ڪن ڪا ڪارڻ ڌڻي دعا.

        ابوالحسن گهڻو ڪري عربي فارسيءَ جا دقيق لفظ ڪم نه آندا آهن. هو ٺٽي جو هو ۽ اندازو آهي ته هن کي ڪڇي ۽ لاڙي پڙهدنڙن جو خيال هو، اُن ڪري اُنهن جي لاءِ اهڙي ٻولي ڪم آندي اٿس، چند لفظ هي آهن: وترو= تکو، مهيلي= عورت ، جها= جهڙا، ملا= وٽان، پُجهن= ٻودجن، جيڻو= ساجھو، مرهڻ= معاف ڪرڻ، اُبهڻ= بيهڻ، پُنو= پهتو، ماڙهو= ماڻهو، پانجو= پنهنجو، توو= تنهنجو، ڪريج= ڪج، ويج= وڃج ۽ ڪجھاڙو= ڇا.

مخدوم ضياءُ الدين(1091-1171-هه/1677-1757ع)

        مخدوم ضياءُ الدين بن مخدوم هارون بن مخدوم عجائب بن مخدوم الياس، سنڌ جي قديم شهر جُوڻ ۾ جھائو. هو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان هو. سندس پڙڏاڏو مخدوم الياس سومرن جي دور ۾ عراق کان ترڪ وطن ڪري جوڻ ۾ اچي رهيو(29). مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”هو صاحب پهرين ورياه ۾ اچي رهيو پوءِ لڏي وڃي ٺٽي ۾ ويٺو(30)“. مخدوم ضياءُ الدين، ٺٽي جي مشهور عالم ۽ فاضل مخدوم عنايت الله کان تعليم حاصل ڪئي. مشهور عالم مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو به سندس شاگردن ۾ شامل هو. مخدوم ضياءُ الدين جي شخصيت ۽ علميت جي باري ۾ مير قانع لکي ٿو ته :”هو باوجود وڏي علميت جي، فقيريءَ جي راه جو سالڪ ۽ نهايت نوڙت وارو بزرگ هو. پنهنجن همعصرن ۾ وڏي هدايت ۽ ڪافي فيض سان زندگيءَ گذاري 80 ورهين جي جھمار ۾ گذاري ويو. سندس فرزند ميان يارمحمد ۽ پوٽو غلام محمد به وڏن جي نقش قدم تي هلي وڏي مان ۽ مرتبي وارا ٿيا(31).“

        مخدوم ضياءُ الدين جو ڪتاب”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏجي ٿو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب نه رڳو وضو ۽ نماز جا مسئلا مسجهايا اهن، پر ٻيا به اسلامي عقيدا ۽ فرض بيان ڪيا اٿس. جهڙوڪ: ٻار کي نماز جو عادي ڪيئن ڪجي، اسلام جا پنج اُصول، ايمان جون ست صفتون، جسم ۽ لباس جي پاڪيزگي، غسل، واجب، سنتن ۽ وتر نماز جو بيان اچي وڃي ٿو. مجموعي طور گهڻن اسلامي اُصولن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. نظم جو نمونو هي آهي:

ست ادب موچارا وضوءَ جا سڻيج،

دستار لاهي مٿي اُتان گوڏي تي رکيج،

پهريائين پاڻي ڪرڻا هٿ جيڻي هاريج،

پوءِ تون ڏائي هٿ کي ان ڀر پاڪ ڪريج،

ڌوئي هٿ ڪرائي سين، ٻئي ڦٽرا ڪريج،

پاڻي نڪ ۽ وات کي ساري سڦرو ڏيج،

ڏندڻ هرئي ڪ سڪي سين وات کي سوئيج،

جي نه لڀي ڏندڻ کي ته آڱر هلائيج،

غرغرا ۽ گرڙيون موچاريون ڪريج.

        مختلف ديني ڪتابن تان جي گهڻو ڪري عربيءَ ۾ هئا، اُنهن مان استفادو ڪري هي ڪتاب لکيائين. سندس زبان لاڙي آهي، ”ڦٽرو“ يا ڪو ڪو ۽ ٻيا لفظ ڪڇي محاوري جو به ڪم آندا اٿس. سندس ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. تازو ڇاپو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1992ع ۾ ڇاپيو آهي.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1104-1174هه/1690-1761ع)

        مخدوم محمد هاشم ٺٽوي دينيات جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن تي علمي دنيا جيترو ناز ڪري بجا آهي. هُو هڪ اهڙو ستارو آهي. جنهن سنڌ جي نالي کي هنڌين ماڳين روشن ڪيو. هو اجھوڪي ٺٽي ضلعي جي ميرپور بٺوري (هاڻي شهر) جي ويجهو بهرامپو ۾ 1690ع ۾ جھائو هو. سندس والد جو نالو عبدالغفور (پنهور) هو. سندس شجرو مقالات الشعرا ۾قانع هن ريت ڏنو آهي: محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمٰن بن عبداللطيف بن عبدالرحمٰن بن خيرالدين سنڌي بٺورائي ثم بهرامپوري ثم ٺٽوي(32). اُن کان سوا3 مخدوم صاحب پنهنجي هڪ عربي ڪتاب الشفاءَ في مسئلة الراءِ جي حآسيه تي خود لکيو آهي(33). پير صاحب حسام الدين جي مرتب ڪيل فهرست موجب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا تصنيف ڪيل ڪتاب 139 آهن. پير صاحب، مخدوم صاحب جي خاندان جو فرد جناب مخدوم غلام محمد جي حوالي سان 150 تصنيفات لکيون آهن. پنهنجي فهرست ۾ 139 جھاڻايون اٿس، جن ۾ عربي ۾ 86، فارسي ۾ 20 ۽ سنڌي ۾ 10 آهن. هي زبانوار جوڙ 116 ٿو ٿئي، ڇو جو ڪن جا مسودا گم آهن ۽ زبان جي چٽائي فهرست ۾ نه ٿيل آهي، سندس فرزندن ۽پٽن پوٽن به اها علمي شمع روشن رکي.

        مخدوم محمد هاشم جي فرزند، مخدوم عبداللطيف هڪ ڪتاب ذب ذبابا الدراسات عن المذاهب الاربعة المتناسبات، لکيو، جيڪو مخدوم محمد معين جي ڪتاب دراسات اللبيب جي جواب ۾ هو. ٻئي فرزند عبدالرحمٰن سنڌيءَ ۾ مناسڪ حج تي ڪتاب حيات العاشقين لکيو. مخدوم محمد هاشم جي پوٽي مخدوم محمد ابراهيم بن عبداللطيف فقه ۽ تصوف بابت اٽڪل 25 ڪتاب لکيا. اُن جي پٽ عبدالغفور به هڪ ڪتاب لکيو.

        مخدوم محمد هاشم ابتدائي تعليم پنهنجي والد مخدوم عبدالغفور کان ورتي. اُن کان پوءِ ٺٽي وڃي مخدوم ضياءُ الدين ۽ مولوي محمد سعيد کان تعليم حاصلڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ به ٺٽي ۾ تعليم جاري رکندو آيو. مخدوم محمد هاشم ڇو جو هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جھائو هو اُن ڪري مير علي شير قانع کيس تحفة الڪرام ۾ ”ڳوٺاڻو“ سڏيو آهي. مخدوم صاحب تعليم دوران ۽ پوءِ فارغ التحصيل ٿيڻ تي ڏٺو ته ٺٽي توڙي سجھي سنڌ ۾ بدعتون عام هيون. اسلامي اصولن جون ظاهر ظهور خلاف ورزيون پئي ڪيون ويون. پاڻ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ قلمي جهاد به ڪيائين ۽ علمي طور به ميدان ۾ آيو. هن سلسلي ۾ واليءَ سنڌ، نادر شاهه ۽ احمد شاهه واليءَ افغانستان ڏانهن خط لکيائين. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان کيس اهڙو پروانو مليو، جنهن موجب حڪومتي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته بدعتن جي پاڙ پٽڻ ۾ مخدوم صاحب جي مدد ڪن. پاڻ وضو جي پاڻي بچائڻ لاءِ ننڍا ڪونرا(ڪرا- ڪُوزا) رواج ۾ آندائين. رمضان ۾ عملي طور ڏسندو هو ته ڪٿي ڏينهن جو ماني ته ڪو نه ٿي پچي. اڪثر ماڻهو ان ڏهڪاءُ ۾ رهندا هئا. ويهين صديءَ جي دوران به ڪن مولوين لاءِ ٻڌوسين ته گهرن ۾ وڃي دانگيون ڀڃي ايندا هئا.

        مخدوم محمد هاشم تحرير، تقرير ۽ علمي ڪم ۾ پنهنجي دور (پوءِ ايندڙ وقت) لاءِ هڪ اهم علمي شخصيت، عالم، محقق ۽ دانشور آهي. سندس ڪتاب الازهر(مصر) ۾ به پڙهايا ويا. 1135هه ۾ مدينه منوره ويو ته اُتي به عالمن ۾ هُن جو گهڻو قدر ٿيو. مخدوم محمد معين جنهن سان ذهني هم آهنگي نه هئس. اُن جي ڪتاب ۾ به مخدوم صاحب جي علم ۽ فيض بابت آيو آهي ته ”پهريائين جڏهن مخدوم محمد هاسم هڪ بهزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کي تلقين لاءِ عرض ڪيو ته اُن بزرگ فرمايو ته منهنجي سامهون مون کان تلقين حاصل ڪرڻ وارن جون صورتون پيش ڪيون ويون، تن ۾ تنهنجي صورت ڪا نه هئي. اهو جواب ٻڌي مخدوم محمد هاشم عرض ڪيو ته مون کي اُها جڳهه ٻڌايو، جتي منهنجو شيخ(مرشد) آهي. بزرگ فرمايو ته تون سيد سعدالله سورتيءَ جي خدمت ۾ وڃ. انهيءَ تي مخدوم محمد هاشم، سيد سعدالله سورتيءَ وٽ ويو ۽ فيض حاصل ڪيائين(34).“اُن بزرگ سان هو حج تان موٽندي 1137هه ۾ سورت بندر ۾ ملي چڪو هو.

        پوئين زماني ۾ مخدوم صاحب ٺٽي ۾ ئي رهي پنهنجي علمي ۽ ديني خدمات سر انجام ڏيندو رهيو، ڇهين رجب 1174هه(1761ع) ۾ وفات ڪيائين. مڪليءَ تي سندس آخري آرامگاهه آهي.

        عربي ۽ فارسيءَ ۾ مخدوم صاحب جون تصنيفات نه رڳو مخدوم محمد هاسم جي علمي مورتبي ۽ معيار جون شاهد آهن، پر سنڌ جي عظمت به ظاهر ڪن ٿيون. پير صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل فهرست ۾ سنڌي ڪتاب هيٺيانآهن: اصلاح مقدمة – بناءَ الاسلام، تحفةالتائبين، تفسير هاشمي، رساله في ذڪر افضل، رساله في موعظة ما يتعلق با احوال القبر و ما بعده، رساله سنديه، راحت المومنين(ذبح شڪار)، زاد الفقير (روزي بابت)، قوت العاشقين.

        هن فهرست ۾ فرائض السلام جو سنڌيءَ جي حوالي سان ذڪر نه آهي جو اُهو اصل ۾ عربيءَ ۾ هو. سنڌ ۾ مخدوم صاحب جا ٽي ڪتاب مشهور ٿيا. ڪن تي اسلاميات جي موصوع ۾ پي ايڇ . ڊي ٿيسز به لکيون ويون. مولوي (ڊاڪٽر) عبدالرسول مگسي قادري4، مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ علمي خدمتن بابت ٿيسز لکي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ . ڊي ڪئي. هتي مخدوم صاحب جي ڪن سنڌي تصنيفات جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

فرائض السلام : هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم پهرين عربيءَ ۾ لکيو ۽ پوءِ اُن جو خود سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. اصل ڪتاب اندازاً 1123هه ۾ لکيائين. فراهض الاسلام جو اردو ترجمو مولانا ابوالقلام محمد عبدالعليم بدويءَ ڪيو. جو مدينة العلوم ڀينڊي طرفان 1986ع ۾ ڇپيو آهي. اصل عربي ڪتاب جو تازو ڇاپو به ڀينڊي شريف وارن 1978ع ۾ سائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي مقدمي سان ڇپايو آهي. سنڌي ترجما به ڇپجندا آيا آهن.

فرائض الاسلام ۾ اهي سڀ ڳالهيون آهن، جيڪي اسلامي فرضن جي دائري ۾ اچن ٿيون. فرض هڪڙا اعتقادي آهن، ٻيا علمي، مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ ابوالحسن ۽ ڪن عالمن جي تحريرن سان متفق نه ٿيندي پنهنجا رايا ظاهر ڪيا آهن. فرائض الاسلام جي مُنڍَ ۾ لکي ٿو:

جيڪي فرض سنڌيءَ ۾ عاجز سڻايا

سي ٻارهن سؤ ٻاهٺ ٿيا ليکي شمارا،

پر ڪنهين عالمن هيڪڙو سؤ ٽيهه فرض چيا،

لکيائون تن کي جدا ڪري چوکا بيانا،

لکيائون تن ۾ امر سي جي فرض نه چئبا،

ڇڏيائون فرض ڪيترا قطعي جي ٿيا،

سهو ٿي اُن کان بخشين مون موليٰ،

        فرائض الاسلام ۾ مخدوم صاحب جيڪي مسئلا ۽ فرض بيان ڪيا آهن، اُنهن جي عبارت سادي آهي، سندس نظم لاڳيتو الف اشباع جي قافيي ۾آهي ۽ ٻارهن هزار مصرعون آهن. آقافيه جي آوازن ۾ فرق نه رکيو ويو آهي. نظم ۾ آن، آءِ ۽ آهه کي گڏ ڪم آندو اٿس. مثال:

ٽيون ايمان اُن ڪري ته آهي هير موجودا،

چوٿون ته هو موجود مون ڌڻي آڳاٽو اُنهان،

هڻڻ علم عظيم جو آهي، هميشاه.

        موضوع جي لحاظ کان فرائض کي بيان ڪندي مشهور ۽ مستند ديني ڪتابن جو نچوڙ پيش ڪيو اٿس. جيئ سندس بيان معتبر ۽ مؤثر بجي ۽ جتي متقدين سان اختلاف ڏيکاريو اٿس، اُتي حوالا به ڏيندو ويو آهي. اُن لاءِ ته غلطيءَ جو احتمال ۽ اعتراض جي گنجائش نه رهي.

        اهڙن مستند ڪتابن ۾ بحرالرائق- امدادالفتاح- فتح القدير، درمختيار، شرح هدايا، فتاوا عالمگيري ۽ تفسير بيضاوي وغيره اچي وڃن ٿا. فرائض جي پوري سمجهاڻي ڏيندي ڪتاب جي آخر ۾ لکي ٿو:

فائدو پهريون اي سڻو مومناه

ور ته جھاڻي سڀڪو مومن مشتاقا

ته جيڪي هن سنڌيءَ ۾ ٿيو مذڪورا،

ڪنا فرضن رب جي تان هن مڪانا،

جڪي فراص عين سين، ڪي فرض ڪفايتا،

پر فرض عين مڙيئي جي تعلق وارا،

سين پنجن رڪنن اسلام جي، جي دين جا بنا.

        اهڙي طرح مقصد جي ڳالهه ڪندي ڪتاب کي مڪمل ڪري ٿو.

زادالفقير (درويش جو ثمر): خانبهادر ميمڻ لکي ٿو ته فرائض الاسلام (سنڌي) جي تصنيف کان ٻه سال پوءِ 1125هه ۾ زادالفقير لکيائين(35). هن ڪتاب ۾ روزي جي اهميت ۽ شرعي حيثيت تي بحث ڪري ٿو. هن ڪتاب جي لکڻ جي مقصدن ۾ هڪ اهو به آهي ته سنڌي ۾ لکجي ته عربيءَ کان ناواقف ماڻهو به سمجهن ۽ فائدو وٺن:

عربي اَجھاڻن کي گهڻو ڏهلي هوءِ،

سنڌي ڪيم سهکي چان سکي سڀڪوءِ،

        ڪتاب جي عنوانن ۾ هي عنوان آحي: رمضان شريف جي چنڊ جي پڪ ڪيئن ڪجي؟ سحري ۽ افطار جا وقت، روزي جا قسم(فرضي، واجبي ۽ نفلي) روزي جي نيت، روزو ڪنهن تي فرض آهي ۽ ڪنهن تي ناهي.

        مخدوم صاحب روزي جي اهيمت ۽ ماهيت تي سير حاصل بحث ڪيو آهي. هن تصنيف جا محرڪ به ديني جذبا آهن. هي ڪم پاڻ ديني فرض جھاڻي ڪيائين:سائين سنيون پائيين، موليٰ مؤمنن،

مٿي راه رسول جي، راتو ڏينهن رڙهن،

سکن مسئلا دين جا، پُڇن ۽ پڙهن،

پڙهي پروڙي تن کي، عامل عمل ڪن.

        هنن چئن سٽن ۾ تجنيس حرفيءَ جو به سهڻو مثال قائم ڪيل آهي. اڳ جي مثال کان وڌيڪ زيبائتو نظم آهي. معنوي خوبيون، لفظ ۽ صنعتون به عام جام ملن ٿيون.

ذبح شڪار عرف راحة المؤمنين: هن مختصر ڪتاب/ رسالي جو تت هي آهي ته جانور کي ڪيئن حلال ڪجي، حلال جانور ڪهڙين حالتن ۾ مڪرهه ٿئي ٿو. ڪهڙا جانور حلال ۽ ڪهڙا حرام آهن. حلال جانور جي گوشت جا ڪهڙا حصا کائڻ گهرجن ۽ هٿيارن سان ماريل جانور جو حلال حرام ٿيڻ وغيره.

        ڪتابجو مقصد واضح آهي ته حلال حرام جو فرق محسوس ڪجي ۽ شريعت موجب عمل ڪجي. رسالي جي تمهيد ۾ لکي ٿو:

هينئڙي منجهه حقير جي اچي وهم پيو،

ماڻهو مسئلا ذبح جا پڇن گهڻيرو،

ڪي لکجي تن منجهان گهڻو جي ٿورو.

        هن ڪتاب جو مقصد واضح ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب پنهنجا دليل نهايت وزنائتا ڏنا آهن. نظم به نهايت وڻندڙ ۽پختو آهي. ٻن ٻن يا ٽن ٽن مصرعن تي قافيا بدلائيندو ويو آهي. شڪار جا شرط بيان ڪندي چوي ٿو:

اٺون شرط شڪار جو پڻ سو ياد ڪجاه،

جڏهن شڪاريءَ ڪتو ڊوڙايو چئي بسم الله،

تڏهن سو ڪتو رسڻ ري شڪار ڪري ٻي هاج نه ڪا،

سنهي ٿلهي نه ڪري نه ڪي ماني کاءِ،

نه ڪو وـي قرار ڪو پسي ٿڌيري جاءِ،

وڃي ڪيائين قتل شڪار کي تنهن پجھاڻان،

تڏهن سو حرام ٿيو کيڻ ماڻهن کان.

        اهڙيءَ طرح ذبه ۽ شڪار بابت شرعي سمجهاڻيون ڏيندي هن ڪتاب کي ختم ڪري ٿو:

ڪارڻ اهل دين جي هي لکيم رسالو،

راحة الؤمنين سنڌي رکيم تنهن جو نالو.

هنن ٽن ڪتابن کان سواءِ قوت العاشقين ۽ ٻيا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا. تقريباً سڀ ڇپجي به چڪا آهن.

مخدوم عبدالله نرئي وارو

        هن بزرگ جو علمي ڪم به نهايت وفيع ۽ بلند معيار جو آهي. هن جي سوانح ۽ تصنيفات کي پهريون ڀيرو مير علي شير قانع غلطيءَ کان ميان ابوالحسن جي زال جي ڀاڻيجي ميان عبدالله واعظ عرف مورئي جي نالي لکيو ۽ پوءِ ڪن پوين ليکڪن اُهي احوال دوهرايا ته مونجهارو پيدا ٿ يو. حقيقت ۾ ڪنزالعبرت ۽ ٻين علمي ڪتابن جو مصنف مخدوم ميان عبدالله آهي، جو نرئي (ڪڇ) جو رهاڪو هو. هن بابت سائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي تحقيق سجھو مونجهارو ختم ڪيو آهي(37). اُن موجب مخدوم عبدالله ذات جو مندرو(منڌرو) هو. هو اصل بدين تعلقي جو ويٺل هو. سندس ڳوٺ جو نالو ماندر(مانڌر) هو. (مانڌر هڪ مخصوص ڳوٺ جو نالو نه آهي، پر بدين جي ڏاکڻين حصي کي چون ٿا، جت منڌرا قوم اڪثريت ۾ آهي. راقم به اُن ئي ايراضي جو رهاڪو آهي). ڪن اڻ ٽر سببن ڪري مخدوم عبدالله لڏي ڪڇ هليو ويو. اُتي نري(يا نرئي) نالي ڳوٺ ۾ رهيو. اُتي به هن کي ڪي تڪليفون درپيش آيو. اُن ڪري اُتان ٻئي ڳوٺ سسري (تعلقو ابڙاسو) ۾ وڃي رهيو. اُتي ئي زندگيءَ گذاريائين. ڪڇ جو راجا به سندس معتقد هو. سندس وفات به اُتي ٿي ۽ قبر به اُتي اٿس. سندس اولاد ڪڇ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. قاسمي صاحب جي لکڻ موجب مخدوم عبدالله جي ڪتاب جو ذخيرو سندس اولاد وٽ آهي(38).

        مخدوم عبدالله جا ڪتاب ڪنزرالعبرت سميت ڪي ڇپجي چڪا آهن ۽ ”خزانه اعظم“ سميت ٻيا غير مطبوعه آهن. خزانه اعظم اٺن جلدن ۾ هڪ بلند پايه تصنيف آهي ۽ پير جهنڊي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي(39). هت ڪنزالعبرت ۽ قمرالمنير جو جائزو وٺون ٿا:

        ڪنزاعبرت : هن ضخيم ڪتاب ۾ شريعت جا اهم بنيادي مسئلا گڏ ڪيا ويا آهن. اُنهن جي تصيلي اُپٽار ڪيل آهي. هي مسئلا، قرآن، حديث ۽ فقه جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي شروع ۾ لکي ٿو:

ڪو قدر حديثن حبيب(ص) جي ڪڍي ڪتابنئا،

جوڙي اٿم جمع ڪيو ڪارڻ نصيحتا،

سنڌي ڪيم تنهن جي خالص لڳ خدا،

ڪيم هيڪاندا هن نسخي ۾ اقسام راوين جا،

ڪي بخاري ۽ مسلم جي ڪي منجهان مشڪواتا،

ڪي ڪنان سنن ۽ معجم مان ڪي سندن منجهان،

        ڪنزالعبرت 1175هه جي تصنيف آهي. منجهس هڪ طرف مضمونن جي جهاجهه آهي ته ٻئي طرف بيان جي وسعت ۽ گوناگوني آهي. هر مسئلي جو بيان دليل سان ڏنو ويو آهي. فرض، واجب ۽ سنتون بيان ڪيل آهن، جيڪي عمل اسلام ۾ ممنوع آهن، تن تي به روشني وڌي وئي آهي. عورتن جي قبرستان ۾ وڃڻ، جو بيان ڪندي چوي ٿو:

لکن ڪتابن ۾ انپر ٿا علما،

ڪرڻ زيارت عروتن کي آهي ڪراهتا،

بلڪ هن زماني ۾ حرام چيائون آهه،

نڪرڻ نه آهي اُن سندو خالي فسادن ڪنان،

پڻ اصل ڪا اسلام ۾ رخصت هئي اُن لاءِ،

جئن پسي مٺا پانهنجا مان ڊجھن ڌڻيءَ ڊاءُ.

        اسلام جي مسئلن جو بيان ڪندي، دنيا جي تاريخ به بيان ڪري ٿو. هر موضوع تي سير حاصل بحث ڪري ٿو. قيامت جو ذڪر ڪندي، ذات پات جي فرق کي نندي ٿو، چوي ٿو:

مُور نه ٿيندو مَهند سو ذات جي سببا،

ته ڪي سيد آهيان ڪ قريشين منجهان،

آءُ ڇٽندس عملن ري ذات جو سبا،

ڪ آهيان پوٽو پيرن جوءِ وڏيرن وياءُ،

منهنجا ڏاڏا پاڻهي مون کي ڇڏائيندا،

مٿان ڀروسو انهيءَ تي ڪري ڪو ادا،

سڀڪو لهندو پورهيو موجب ڪمائيا،

الٰهي عبدالله چوي آءٌ ساريان سگهه نه ڪا

نه مون علم نه عمل ڪي اي صاحب سٻاجها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org