سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :4

ساڳئي ڪتاب رياست (Republic) ۾ شادي ۽ ٻين طريقن متعلق هن جيڪي قانون ايجاد ڪيا آهن سي نيوگ جي رسم کي جائز قرار ڏين ٿا. (55) نيوگ جي رسم موجب ڪمزور مرد پنهنجون زالون مضبوط مردن جي حوالي ڪندا هئا ته جيئن تندرست ٻار پيدا ٿين ۽ قوم ۽ ملڪ کي بهادر سپاهي ملن. ان کي اڪثر تهذيبن ۾ بيشرميءَ وارو غير فطري عمل سمجهيو وڃي ٿو. يوناني رياستن مان اسپارٽا کي سڀني رياستن تي فوقيت ۽ عظمت حاصل هئي. ”هن رياست ۾ 8 صديون ق.م ۾ جيڪي نوان قانون لائيڪرگس رائج ڪيا تن موجب نيوگ جي رسم جاري رکڻي هئي جيئن زالون ملڪ ۽ قوم لاءِ تندرست ٻار ڄڻين. قانون هر شخص کي موقعو ڏيندو هو ته هو چاهي ته ٻئي جي زال گهري وٺي.“ (56)

        تهذيب ۽ تمدن جي شروعات ۾ ته عورت کي ڪافي گهٽ درجو مليل هو پر پوءِ ڪجهه وقت کانپوءِ علم ۽ ڏاهپ جي واڌاري کان متاثر ٿي سماج ۾ عورت کي ڪجهه بهتر حيثيت ملي. (57) هوءَ يوناني گهر جي راڻي هئي ۽ گهر جي اقتدار جي مالڪياڻي هئي. سندس عصمت قيمتي شي هئي. شريف گهرن ۾ نڪاح ٻڌي زال جو درجو ڪسبياڻيءَ کان مٿي هو پر تنهن هوندي به مردن جو طوائف وٽ وڃڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانه هئي. پر گهرو عورتون اهڙو ڪو عمل ڪونه ڪري سگهنديون هيون ڇو جو سماج ۾ عورت ۽ مرد لاءِ ”عصمت“ جا جدا جدا معيار رکيل هئا. عورت جي عصمت رڳو پنهنجي مڙس لاءِ ۽ مرد جي عصمت تي رنڊين ۽ طوائفن وٽ وڃڻ جي باوجود ڪو حرف ڪونه ٿي آيو. (اهي ٻٽا معيار موجود دور جي اسان جي سماج ۾ اڃا تائين موجود آهن.) يونان جا وڏا ڏاها، فيلسوف، اديب، شاعر، تاريخ دان ۽ فنڪار طوائفن جي ڪوٺن تي ويندا هئا، اتي عدم ادب جون محفلون مچائيندا هئا. وڏا وڏا سياسي نبيرا ٿيندا هئا جن ۾ انهن  عورتن جي راءِ کي وڏو وزن هوندو هو ۽ هو قوم جي زندگي ۽ موت جي فيصلن ۾ پنهنجي راءِ ڏينديون هيون. ڇاڪاڻ جو يوناني بنيادي طرح حُسن ۽ جمال جو ذوق رکندڙ هئا ۽ حُسن پرستيءَ سبب جنس (sex) کي خراب نه سمجهندا هئا، اهوئي سبب آهي جو سندن آرٽ ۾ اگهاڙن مجسمن جو گهڻو حصو آهي، جن ۾ انساني عضون کي نمايان حيثيت ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن وقت انهن جي پوڄا به ڪئي ويندي هئي. ڪام ديوي ايفروڊائيٽ جي پوڄا عام هئي.

        مٿين ڳالهين مان هي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته يوناني سماج ۾ شروع ۾ عورت جو درجو ايترو بلند نه هو پر پوءِ جي قانون هن جي حيثيت بدلائي. جهوني سماج ۾ (ڏند ڪٿائن واري دور ۾) عورت ۽ مرد لاءِ ”عصمت“ جا ٻٽا معيار هئا. سهڻين عورتن کي ديوين جيتري عزت هئي ۽ سندن مشورا اهم معاملن ۾ قبول ڪيا ويندا هئا. ڪامه ديوي ۽ سندس محبت مان پيدا ٿيل ڪيوپڊ ديوتا جي اهميت ثابت ٿي ڪري ته يونانين وٽ جنس سان لاڳاپيل محبت جو تصور مٿانهين درجي تي پهتل هو. اصولي طور تي افلاطون جهڙي ڏاهي انسان عورت ۽ مرد جو مساوات يا برابريءَ کي مڃيو ٿي.

روم:

        يونان کانپوءِ جنهن ملڪ جو نالو تهذيبي عروج جي حوالي سان ملي ٿو سو آهي روم. قديم دور ۾ ڪٽنب جو سربراه پيءُ هوندو هو. عورتن کي مٿاهون درجو مليل هو. اهي فنڪشن، پارٽيون، جلسن جلوسن ۽ ٻين موقعن ۾ حصو وٺنديون هيون. اهي قانوني عدالتن ۾ وينديون هيون. ٻارن جي سنڀال سندن مکيه فرض هو. ڇوڪريون گهڻو ڪري شاديءَ کان اڳ پردو ڪنديون هيون.“ (58)

        لاطيني (Latin) سماج ۾ به يوناني آرين بادشاهن وانگر شاهي خاندان جون عورتون ٻاهرين مردن سان شادي ڪري کين بادشاهت جو حقدار بنائينديون هيون. اهوئي سبب آهي جو روم جي تاريخ ۾ اڪثر بادشاهه ڌاريا ٿيا آهن. سندن ان دور جي سماج ۾ (Nobility) يا وڏ ماڻهپائي عورتن جي حوالي سان سڃاڻبي هئي، مطلب ته نسلن جي سڃاڻپ ماءُ جي ذريعي هئي ۽ ماءُ کي اهميت حاصل هئي، ان کانپوءِ ڌيءُ کي:

        Descent through mother is every thing but descent through father is nothing.(59)

انڪري ”مٿئين طبقي جي ڇوڪرين جون شاديون هيٺئين طبقي جي ڌارين مردن (غلامن سان به) ڪرڻ ۾ عيب ڪونه سمجهيو ويندو هو، بس کين صرف جسماني ۽ ذهني طرح مناسب معيار رکندڙ مرد کپندا هئا ته جيئن سندن ٻار شاهي ماءُ ۽ مڪمل طرح صحتمند مرد جو اولاد هئڻ ڪري بهتر نسل طور سڃاتا وڃن. جي ڪو شاهي خاندان ۾ اهڙو ڇوڪرو ملي وڃي ته به ٺيڪ هو پر نه ته ٻاهر جي انهن وصفن واري ڇوڪري کي به گهٽ ڪونه سمجهيو ويندو هو.“(60)

        روم جو پهريون قانون ساز بادشاهه روميولس اٺين صدي قبل مسيح ۾ ٿي گذريو آهي، تنهن ”ڪنوارين ڇوڪرين کي عبادتگاهن ۾ خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو ۽ هو 30 سالن جي عمر تائين ڪنوارو رهڻ جو قسم کڻنديون هيون، جيڪا اهو قسم ڀڃندي هئي ان کي زنده دفن ڪيو ويندو هو.“(61)

        عام خاندان ۾ مرد کي برتري هئڻ ڪري زال ۽ ٻارن تي کيس پورو اختيار هو ۽ هو جڏهن چاهي زال کي گهر مان ڪڍي ٿي سگهيو. پيءُ جي حيثيت ۾ ڌيءَ کي جتي چاهي پرڻائي ٿي سگهيو يا پرڻيل ڌيءَ جي شادي ٽوڙي ٿي سگهيو. کيس ڪنهن غلطيءَ تي ”عورت کي قتل ڪرڻ جي به آزادي مليل هئي. غلامن وانگر عورت جو مقصد خدمت چاڪري کانسواءِ ڪجهه ڪونه هو، مرد شادي ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن خدمت ڪرائي سگهن. عورتن کي ڪنهن به عهدي لائق نٿي سمجهيو ويو. کيس شاهدي جو به حق حاصل ڪونه هو ڇو جو مٿس اعتبار گهٽ هو. قانوني طرح رومي سلطنت ۾ عورت کي ڪوبه حق حاصل ڪونه هو البت سندس طبعي ڪمزورين سبب ڪجهه رعايتون مليل هئس.“ (66) البت پوءِ جي دور ۾ رومين عورت جا حق سڃاتا ۽ کيس حق ڏنائون پر مردن جي برابر رتبو نه مليس.

        اهي ته هيون دنيا جي تاريخ ۾ مڃتا حاصل ڪيل تهذيب يافته قومون، جن ڄڻ ته علم ادب ۽ ڏاهپ ۾ ٻين قومن جي اڳواڻي ڪئي پر ڪجهه ٻيون قومون اهڙيون به آهن، جن کي تاريخ ۽ مذهبي ڪتابن ۾ تمام جاهل، غير مهذب ۽ غير متمدن قومون مڃيو ويو آهي. جن جي جهالت ۽ ظلم جا داستان مذهبي ڪتابن انجيل، توريت ۽ قرآن ۾ بيان ٿيل آهن، جيڪي گهڻو ڪري نازل به انهن جي سر زمين تي ٿيا هئا. انهن جو جيڪڏهن هڪ وسيع علائقو ڳڻپ ۾ آڻجي ته مجموعي طرح ان کي ”عرب دنيا“ چئي سگهجي ٿو.

حوالا

(1)Darwin. Charles—The Expressions of Emotions is Man and Animals. Chicage University Press 1965.

(2) مغل، ڊاڪٽر سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي، سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، 1985، ص 241.

(3) Morgan.Ellaine—The Descent of Women. Bontam Books. New York July 1973 pp.78

(4) مغل، ڊاڪٽر سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي، ص-245.

(5) Morris. Desmond—The Naked Ape, Transworld publishers ltd. Bashley road Lnodon pp.21

(6) Morgan, Ellaine—Descent of Women pp.171

(7)  Morgan, Ellaine—Descent of Women pp.177

(8) Briffault. R—The Mothers. Second edition London 1953 pp.2

(9) Morris, Desmond—The Naked Ape. pp. 57

(10) Morgan, Ellaine—Descent of Women pp. 140

(11) مغل ڊاڪٽر سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي، ص- 261

(12) Moragan, Ellaine—Descent of Women pp.31

(13) Ibid pp. 30

(14) مغل، ڊاڪٽر سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي، ص -263

(15) Moragan, Ellaine, Descent of Women pp.117

(16) Ibid, Descent of women pp.119

(17) Morris, Desmond—Naked Ape pp.34

(18) Dange, S.A—India from Primitive Communism to Salvery peoples Publishing House ltd.Bombay

(19) ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1974، ص -5

(20) ايضاً،ص- 6

(21) ايضاً، ص-6

(22) ايضاً، ص-8

(23) Dange, S.A-India from Primitive Communism to Slavery. pp.1-2

(24) Dange, S.A-Slavery of Women and Fall of Matriarchy India from Primitive Communism to Slavery pp.118

(25) Ibid

(26) کهڙو، ڊاڪٽر حميده، عورت جي آزادي، لطيف ادبي اڪيڊمي ڪراچي، ڊسمبر 1984، ص -1

(27) Chattoopadhyaya, Debiprasad- Lokayata- A Study in Ancient Indian Materialism, Peoples Publishing House N. Dehli July 1959 pp.241

(28) Ibid pp. 238

(29) Danges S.A. Slavery, of Women and Fall of Matriarchy India from Primitive Communism to slavery. pp.66

(30) Chattoopadhyaya, Debiprasad, Lokayata pp.232

(31)  Mujmdar, D.N—Races and Culture of India (4th edition) 1965 pp.250

(32) Sankarananda, Swami—“The Mother’, The Reg Vedic Culture of the Pre- historic Indus, Vol.I-1944 pp.137

(33) Ibid pp.137

(34) Lerner, Gerda—The Creation of Patriarchy- Oxford university press. 1984 pp.212

(35) ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، ص-14.

(36) Mojumdar, D.N—Races and Culture of India pp.200

(37) Ibid

(38) Dange, S.A—India from Primitive Communism to Salvery. Pp75

(39) Mojumdar, D.N—Family and Marriages in Polyandrous Society pp.203

(40) Frazer, J.G. Golden Bough. Vol. I- Abridged edition. London Macmillan & Co. 1957 pp.206

(41) Ibid

(42) آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ 1957، ص – 251.

(43) ايضاً.

(44) ايضاً، ص – 263

(45) ايضاً، ص – 264

(46) ايضاً، ص – 279

(47) ايضاً، ص – 279

(48) Frazer J.G. The Golden Bough. Vol I.pp302

(49) Ibid pp. 204

(50) Hashmi, Anwar—A Short History of Vivilization. Karachi book center, Karachi 1974—pp. 68

(51) Ibid pp.70

(52) سومرو عبدالرزاق، عورت اسلام کان اڳ، ماهوار الصادق، آگسٽ 1984. شمارو 8، جلد 6، ص -16

(53) ايضاً

(54) عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشره ۾، اسلامڪ پبليڪيشنز لميٽيڊ، لاهور، 1985، ص -20

(55) مولائي شيدائي، رحيم داد خان، تاريخ تمدن سنڌ، يونيورسٽي پريس، حيدرآباد سنڌ، 1959، ص – 294.

(56) ايضاً، ص- 295

(57) مودودي، ابوالاعليٰ، پردو، مترجم سومار علي سومرو، محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، سنڌ، ص – 6

(58) Hashmi, Anwar—A Short History of Civilization pp.128

(59) Frazer, J.G—Golden Bough pp.203

(60) Ibid

(61) مولائي شيدائي، رحميداد خان، تاريخ تمدن سنڌ، ص -295.

(62) عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشري ۾“ ص-21.

عرب سماج ۾ عورت

(اسلام کان اڳ ۽ پوءِ)

عرب دنيا جي باري ۾ جڏهن به ڪجهه چيو يا لکيو ويندو آهي ته ان جي تاريخ کي ٻن حصن ۾ ضرور ورهايو ويندو آهي، هڪ اسلام کان اڳ جو دور، جنهن کي اڪثر ڪري زمانه جاهليت به چوندا آهن ۽ ٻيو اسلام کانپوءِ جو دور يا اسلامي دور.

“The period in the Arabian history preceding the rise of Islam is known as Jahilya or the age of ignorance”.(1)

        انهي پهرئين زماني ۾ عربن ۾ بهادري، مهمان نوازي، پنهنجي قبيلي ۽ ان جي سردار سان محبت، آزاديءَ سان پيار ۽ شاعري جي شوق ۽ ذوق سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي خاصيتون هيون، پر ڪو اهڙو اخلاقي نظام ڪونه هو جيڪو سندن سماج ۾ ڪو ضابطو يا ڪا تنظيم رکي، ان ڪري سماجي لحاظ کان تمام خراب حالت ۾ رهندا هئا ۽ سندن سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حالت تمام پست هئي. قبائلي جنگيون عام هيون ۽ تهذيبي حالت نهايت ابتر هئن. معاشي لحاظ کان به غربت ۽ بک انتها تي هيون ۽ عام عرب بدو ريگستان ۾ رڻ پٽن ۾ رلندا رهندا هئا، البت ڪجهه شاهوڪار ماڻهو ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. عورتن جي حالت اهڙن معاشرن ۾ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي سو سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو، تنهن هوندي به ڪي عورتون پنهنجي سر واپار وغيره ڪري سگهنديون هيون يا ڪو ماڻهو مقرر ڪري پنهنجو ڪم هلائينديون هيون. مذهبي لحاظ کان عرب بت پرست هئا ۽ وٽن سڀ کان وڌيڪ ”وينس“ ديويءَ جي پوڄا ٿيندي هئي ”منا“ قسمت جي ديوي هئي.

“Al-Uzzah (the most mighty Venus, the morning star) was in great veneration in East Makkah and hers was the most venerated idol amongst the Quresh…..

Mannah was the goddess of destiny” . (2)

        هونءَ ديوين جي پوڄا ڪندڙ انهيءَ قوم وٽ عورت جي ڪابه عزت ڪانه هئي ۽ سندس وجود هنن لاءِ شرم جو باعث هو.. ”اولاد نرينه پر فخر اور لڙکيون کو زنده درگور کرنا انکا کام تها.“ (3) اهل عرب عورت کو موجب ذلت و عار سمجهتي تهي لڙکي کي پيدائش ان کي لئي غم و اندوه کا پيغام تهي. (4) ٻين شروعاتي ۽ قديم تهذيبن وانگي گهڻ زالاڻي (polygamy) ۽ گهڻ مڙساڻي (polyandry) شادين جو رواج هو.

“Plurality of husbands (Polyandry) and wives (polygamy) was the order of the day, Adultry was common and frequent, sons could marry their step mother and even brothers, some times, married their own sisters.” (5)

        جنسي ميلاپ عام هو ۽ ماٽيلا پٽ ماٽيلين مائرن سان پرڻجي سگهندا هئا ۽ ڪڏهن ته ڀائر به پنهنجين ڀيڻن سان شاديون ڪندا هئا. ڇاڪاڻ جو رشتن ناتن جي حوالي سان اهڙا ڪي قانون ڪونه هئا جيڪي کين ڪن مخصوص ويجهن رشتن سان شاديون ڪرڻ کان روڪين. هن سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم جي منهن ۾ هئا غلام ۽ عورتون، بلڪه عورتن جي حيثيت ۾ ڇوڪرين سان پيار محبت ڪرڻ يا انجو اظهار ڪرڻ ۾ به شرمندگي محسوس ڪئي ويندي هئي. ڇوڪرين کي پيءُ جي ورثي مان ڪجهه به ڪونه ملندو هو. عربن جو خيال هو ته ڇاڪاڻ ته عورت گهوڙي تي سوار نٿي ٿئي ۽ نه ئي جنگ ۾ وڙهي ٿي. ان ڪري کيس ڪو حق ناهي ته ڪو هوءَ پيءُ جي ڇڏيل مال دولت مان ڪو حصو وٺي. ان ڪري جڏهن اسلام ۾ کيس پٽ جي حصي کان اڌ جيترو ورثو ملڻ جي ڳالهه ٿي ته به ماڻهن نبي سڳوري کي اچي چيو ته ”يا رسول الله ڇا عورت اڌ ورثي جي حقدار آهي؟ جيڪا نه گهوڙي تي سوار ٿي سگهي ٿي نه ئي بچاءُ ڪري ٿي سگهي“ (6) ان معاشري ۾ جيئن شادين ڪرڻ تي ڪا پابندي ڪانه هئي تيئن طلاق تي به ڪا روڪ ڪانه هئي، مرد کي جڏهن وڻندو هو طلاق ڏئي ڇڏيندو هو، وري جڏهن وڻندو هئس واپس رجوع ڪري وٺندو هو. عورت مڙس جي جيئري ته عذاب هئي پر سندس مرڻ کانپوءِ به سندس خاندان جي ملڪيت هوندي هئي، جنهن کي وڻندو هو کڻي ڏيندا هئس يا پاڻ مان ئي ڪنهن سان پرڻائي ڇڏيندا هئس، نه ته سڄي عمر سندن گولي ٿي گذاري ڇڏيندي هئي. نه پنهنجي مال ملڪيت تي ڪو حق هئس نه مڙس جي ڇڏيل ورثي ۾ ڪا پتي رکيل هئس جو زندگي گذارڻ لاءِ ڪو آزاد طريقو اختيار ڪري سگهي. اهڙي محتاجيءَ سببان بي وسيءَ ۾ زندگي گذاريندي هئي.

        ”اسلام کان اڳ عرب جا وحشي سفاڪيءَ ۾ گهٽ ڪونه هئا، عورتن کي تفريح جو سامان سمجهندا هئا... زراهه جيڪو تميم قبيلي جو رئيس هو، تنهن پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مجوسي هو... لڙاين ۾ جيڪي عورتون قيد ڪندا هئا، تن جا پيٽ چاڪ ڪرڻ ۽ معصوم ٻارن کي وڍڻ عموماً جائز هو... محض انتقام جي جوش ۾ عورتن کي جيئرو باهه ۾ ساڙيندا هئا، جيئن عمرو بن هند تميم جي عورتن کي ساڙايو هو. بڪري ۽ تغلب جي جنگ، جا جاهليت ۾ ”حرب سوس“ جي نالي سان مشهور آهي تنهن جو سبب هي هو ته هڪڙي بدويءَ هڪڙي عورت جا پستان وڍيا هئا“ (7) اهي ڳالهيون سيرت ابن هشام ۽ سيرت النبيءَ جي حوالي سان منظر عام تي آيون جن کي پڙهي خبر پوي ٿي ته عورتن سان عربن ڪيترو نه انسانيت سوز سلوڪ روا رکيو هو.

“Arabia During the pre-Islamic days was sunk into the Lowest stage of civilization.” (8)

        مطلب ته اسلام کان اڳ عرب دنيا، تهذيب جي انتهائي هيٺين درجي تي هئي ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن تمام وڏي انقلاب رستي سڌارا آڻڻ جي ضرورت هئي... جيڪو آخر ڪار اسلام جي صورت ۾ آيو.

        عربن جي تاريخ جو ٻيو دور اسلامي دور سڏجي ٿو. ان نئين دور ۾ تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ سماجي زندگي ۾ عورت جي حيثيت ۾ نمايان تبديلي نظر اچي ٿي. ان لحاظ کان اسلام دنيا جو اهو پهريون مذهب آهي، جنهن عورت لاءِ مَسهُو ۽ مصيبت واري ماحول ۾ ڪي قدر تبديلي آندي ۽ هوءَ سک جو ساهه کڻي سگهي. ڇوڪرين کي ڄمندي ئي زنده دفن ڪرڻ ۽ ساڻن بڇڙو سلوڪ ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو ويو. کين وراثت ۾ حق ڏنو ويو. مردن وانگي تعليم جو حق ڏنو ۽ شاديءَ جي معاملي ۾ سندن راءِ جو احترام ڪرڻ جو واضح حڪم ڪيو ويو. اهي انقلابي قدم هئا، پر پوءِ جي دورن ۾ قبائلي ۽ خانداني رسمن رواجن جي نالي ۾ سندن انهن حقن کي ختم يا گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ملن ٿيون. بنيادي طرح سان اسلام هڪ نهايت ئي اعليٰ روايت قائم ڪئي جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت هئي نه ڪي گهٽ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي. بقول نياز فتحپوريءَ جي:

        ”اسلام عرب سوسائٽي مين سب سي بڙي دو انقلاب لايا، ايک غلامون سي بهتر سلوڪ اور دوسرا عورت کي پوزيشن کو بلند کرنا. مگر عربون کي ذهنيت ان دونون باتون کو آساني سان قبول نه کرسکي کيونکه وه غلام اور عورت دونون کو اپني ملکيت کي حيثيت سي ديکهني اور سمجهني اور انکو هر طرح سي استعمال کرني کي عادي تهي. جب تک رسول الله (صلعم) خود حيات تهي اس وقت تک آپ کي مخالفت کرني کي همت نه کي مگر آپ کي رحلت کي بعد جب عهد بني اميه اور بني عباس مين کچهه بندشون کو توڙني اور کچهه نئي باتون کو اختيار کرني کي لئي حديثين وضع کرني کي ڻکسال کهولي گئي تو کئي نئي احاديث بنائي گئين جن کا تعلق عورت اور اس باري مين تمدني موقف سي تها“ (9)

        نه صرف عربن وٽ پر ڏٺو وڃي ته سموري اسلامي دنيا ۾ اسلام جا اسول – خاص ڪري عورت جي حوالي سان مختلف ماڻهن مختلف نموني سان سمجهائڻ ۽ interpret ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مان ڪي تمام سخت Orthodox رويو اختيار ڪن ٿا ته ڪن وري ان ۾ لچڪ رکي ڪجهه نرم Liberal رويو رکيو آهي. بهرحال اسلام ۾ انسان – عورت ۽ مرد ٻنهي کي مخاطب ٿيڻ ۾ ڪو ابهام نٿو ملي. جتي جتي مرد کي مخاطب ڪيو ويو آهي، اتي اتي عورت کي به ساڳيءَ طرح مخاطب ڪري برابريءَ جو اصول رکيو ويو آهي.

        اِنَ المسلِمينَ وَ المُسلِماتِ وَالمُومنِين وَالمُومنِات وَالُقنتِين وَالقنتِاتِ والصادقينَ وَالصَادقَاتِ والصابِرِين وَالصابِرات اَلخاشيعِيِنَ وَلخَاشِعَاتِ وَالمتصدقِين الَمُتَصَدقاتِ والصَّابمينِ وَالصابِماتِ وَالحافظِينَ قُرُ وجَهُم وَالحفظتِ وَالذاکِرِينَ اللهَ کَثِيرًا وَ الذٰکِرٰتِ اَعَدَ اللهُ لَهُم مَغفِره وَاَجرًا عَظِيما (35)- (الاحزاب)

35. lo!men who surrender unto Allah, and women who surrender, and men who believe and women who believe, and men who obey and women who obey, and men who speak the truth, and women who speak the truth and men who persevere (in righteousness) and women who persevere, and men who are humble and women who are humble, and men who give alms and women who give alms and men who fast and women who fast, and men who guard their modesty and women who guard (their modestry), and men who remember Allah much and women who remember Allah hath prepared for them forgiveness and a vast reward.

        بلاشبه مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون، اهل ايمان مرد ۽ اهل ايمان عورتون ۽ عبادت گذار مرد ۽ عبادت گذار عورتون ۽ سچ ڳالهائيندڙ مرد ۽ سچ ڳالهائيندڙ عورتون ۽ صابر مرد ۽ صابر عورتون ۽ روزيدار مرد ۽ روزيدار عورتون ۽ صدقو ڪرڻ وارا مرد ۽ صدقو ڪرڻ واريون عورتون ۽ شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا مرد ۽ شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ واريون عورتون ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪرڻ وارا مرد ۽ ياد ڪرڻ واريون عورتون – الله انهن لاءِ مغفرت ۽ اجر عظيم تيار ڪيو آهي. (الاحزاب -35)

        ان ڏس ۾ چئي سگهجي ٿو ته اسلام ۾ عورت ۽ مرد جي برابري جو تصور موجود آهي.

        وَلَهُنَ مِثلُ الَذِي عَلَيهِنَ بالَمعرُوفِ

        ۽ عورتن جا به ساڳيا حق آهن جهڙا هنن جا

        لِلَرِجَال نَصيِبً ممِاَ اکتَسَبُواوَلِلَنساءِ نَصيِبً مِماَ اکتَسبَنَ

        مردن کي اهو ڏنو ٿو وڃي، جيڪو اهي ڪمائين ۽ عورتن کي جيڪو اهي ڪمائين. (11)

        اهي ۽ انهي قسم جو ڳالهيون نمايان ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي.

“But these verses have not been given their due importance and a theory has been propounded that women are not the equal of men in all respects.”(12)

        ۽ هروڀرو اهو مفروضو گهڙيو ويو آهي ته عورتون هر ڳالهه ۾ مردن جي برابر ناهن... جيڪڏهن ڪن ڳالهين ۾ مرد عورت کان بهتر ڪارڪردگي ٿا ڏيکاري سگهن ته ڪن ٻين ۾ وري عورتون مردن کان بهتر ثابت ٿيون آهن. ان ڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته سندن صلاحيتون گهٽ وڌ آهن. بلڪه انهن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪجهڙا موقعا نه ملڻ ڪري ۽ مختلف ماحول ۾ پلجڻ سببان هنن جا دائرا مختلف ٿي ويا آهن. نبي سڳوري عورت کي جيڪا اهميت ڏني اها انهي دور جي حوالي سان تمام گهڻي چئي سگهجي ٿي. پاڻ عورت جي وجود لاءِ ناپاڪي، منحوسيت ۽ برائي وارن خيالن کي رد ڪيائون ۽ صاف لفظن ۾ چيائون ته ”دنيا ۾ مون کي عورت ۽ خوشبو پسند آهي ليڪن منهنجي اکين جو ٺار نماز ۾ رکيل آهي.“ (13)

حُتِب الي من الدَنيا النساءَ رالطيب و جعلت قره عيني في الصلواة

ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟: ”اس تعليم ني فکر و عمل مين ايسا انقلاب پيدا کيا که وه لوگ جنهين ايک معصوم جان کو زنده درگور کرني مين کوئي تامل نهين هوتا تها اور جن کي پيشاني کبهي اس سنگدلي پر عرق آلود نهين هوتي تهي اس کي چاره گري اور پرورش کو اپني لئي سرمايه حيات تصور کرني لگي.“ (14)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com