سهڻي، ميهار کان مليل کير چڪي پيئڻ سان سندس محبت
۾ مستان ٿي. ڏم سندس مڙس هو. پر من ۾ ميهار لاءِ
تانگهه هئس، ميهار جو نالو ساهڙ هو. ان جو درياهه
جي ٻئي ڀر وٿاڻ هو. رات جو مينهن جي چڙن جو آواز
ٻڌ سهڻيءَ جي ننڊ ڦٽي پئي ۽ وري درياهه پار ميهار
جي مال جون دونهيون پسي ساهڙ جي جدائي سهي نه
سگهي. نيٺ دلو کڻي درياهه ۾ ڪاهي پئي ۽ پوءِ
روزانو رات جو درياهه تري ميهار سان وڃي ملندي هئي
۽ صبح جو موٽي ايندي هئي. ڏم کي ۽ سهڻيءَ جي سس کي
جڏهن اها خبر پئي سي کيس طعنا مهڻا ڏيڻ لڳا پر
سهڻيءَ جي عشق ۾ فرق نه آيو. لوڪ جي خواريءَ کان
مجبور ٿي سسڻس پڪو دلو کڻي ان جي جاءَ تي ڪچو دلو
رکي ڇڏيو. رات جو سهڻيءَ دستور موجب ميهار ڏانهن
وڃڻ لاءِ دلو کڻي درياهه تي آئي. اها رات چنڊ جي
اڻٽيهين رات هئي. ويتر درياهه ۾ چاڙهه ۽ طوفان سبب
اوندهه انڌوڪار هئي. جڏهن وچ سير ۾ آئي ته ڀيلو
ڀرڻ لڳو. سهڻيءَ کي ڪچي دلي جي ماهيت معلوم ٿي
پوءِ به ترڻ لاءِ گهڻئي هٿ پير هنيائين. پر ڇولين
کيس ساڻو ڪري ڇڏيو. اتي ميهار کي مدد لاءِ سڏ
ڪيائين. ميهار به سهڻيءَ جا سڏ ٻڌي ملاحن کي سڏيو
۽ کين منٿون ڪيون ته رڇ وجهي سهڻيءَ کي بچايو پر
سهڻي بچي نه سگهي ۽ درياهه ۾ ٻڏي وئي(3)
ٻئي طرف وري پنجاب جي ادبي تاريخ تي نظر وجهجي ته
هنن وٽ ٻي دعوا ٿي نظر اچي. هو سهڻي ميهار کي اصل
پنجاب جو قصو ٿا مڃين. اسان جي سنڌي عالمن مان
گهڻن اها ڳالهه قبول ڪئي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي
ٿوِ پنجاب ملڪ جي گجرات شهر ۾ تلا نالي هڪ هاڪارو
ڪنڀر رهندو هو. انهيءَ ڪنڀر کي هڪ نياڻي هئي.
ٻالپڻي کان ئي هن نينگر جي چهري مان نوراني حسن
پيو ٻهڪندو هو. سندس سونهن جي ڪري کيس سڏيندا ئي
سهڻي هئا.(4) بخارا شهر ۾ وري هڪ امير رهندو هو
جنهن کي هڪ پٽ عزت بيگ نالي هو جيڪو هندستان ڏسڻ
لاءِ لاهور آيو ۽ قسمت سانگي گجرات شهر ۾ به ڪجهه
عرصو اچي رهيو. تلا جي مهارت ۽ هن جي ٿانون جي
تعريف ٻڌي نوڪر کي سوکڙي طور سهڻن ٿانون ڳنهڻ لاءِ
موڪليائين. ڪنڀر جي گهر ۾ سهڻيءَ جهڙي حسين نينگري
ڏسي نوڪر اچي ان عزت سان ذڪر ڪيو ۽ سهڻيءَ جي
سونهن جي ڏاڍي تعريف ڪيائين. عزيت بيگ جي دل ۾ عشق
جي آڳ الا ڏيڻ لڳي ۽ ري ڏٺي سهڻيءَ تي مفتون ٿي
پيو. جنهن تي اڻ ڏٺو عاشق ٿيو هو تنهن کي ڏسي
هيڪاري حيران ٿي پيو ۽ دل سان گڏ هوش به وڃائي
ويٺو(5) ليلا رام وطن مل لالواڻي پڻ اهو ساڳيو
قصو بيان ٿو ڪري ۽ ان کي پنجاب سان ئي ٿو
لاڳاپي.(7)
شيخ اياز پڻ انهي روايت کي قبول ڪيو آهي ۽ قصو هن
ريت اڳتي ٿو وڌي عزت بيگ وطن واپس وڃڻ جو خيال
ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ شهر ۾ هڪ مڪان وٺي تلا جي ٺاهيل
ٿانو جو واپار شروع ڪيائين. هو هر روز ٿانو وٺڻ
جي بهاني تلا وٽ ويندو هو ۽ پنهنجي محبوبه کي هڪ
نظر ڏسي نوان ٿانو وٺي ايندو هو. سهڻي جي سونهن
سوڀيا کيس اهڙو ته بي خود ڪري ڇڏيو هو جو ٿانو
سستا وڪڻي وري جلدي ٻيا ٿانو وٺڻ پهچي ويندو هو.
ائين آخر اچي کٽو ۽ تلا جو مقروض ٿي ويو نتيجي ۾
تلا وٽ نوڪر ٿي بيٺو ۽ ان کيس پنهنجون مينهون
چارڻ جو ڪم ڏئي ڇڏيو سندس انهيءَ ڪنڀارن جي نوڪري
ڪرڻ لاءِ پنجابي شاعر چوي ٿو.
مهينوال عشق ڪمال نه هوندا،
ڪنڀاران دا مال چاريندا اي نا.
ان ڪر سندس نالو ميهار پئجي ويو. هوڏانهن سهڻي
به ميهار جي سهڻي صورت تي موهت هئي. جيسين روز هڪ
ٻئي کي نه ڏسندا هئا سک ڪونه ايندو هئن. اها ڳالهه
گهڻا ڏينهن لڪي ڪانه سگهي. ميهار کي نوڪريءَ تان
هٽايو ويو ۽ هو نديءَ جي ٻئي طرف جهوپڙي ٺاهي وڃي
رهڻ لڳو. بدناميءَ جي ڊپ کان سهڻيءَ جي شادي ڏم
سان زوريءَ ڪرائي ڇڏيائون.(8)
ان کان پوءِ جو داستان وڇوڙي جو داستان آهي. پهرين
ميهار سهڻيءَ سان ملڻ ايندو هو ۽ پوءِ حالتون
اهڙيون وڃي ٿيون جو سهڻيءَ کي ندي تري ٻئي پار
وڃڻو پوندو هو. سهڻيءَ جي مڙس ۽ نڻان کي ان ڳالهه
جي خبر پئي، انهن گهڻو جهليس، طعنا، مهڻا ڏنائونس
جڏهن نه مڙي ته هڪ ڏينهن سندس نڻان اهو پڪو گهڙو
جنهن تي سهڻي درياهه تري پار ويندي هئي سو ڪچي
گهڙي سان بدلائي ڇڏيو. نتيجي ۾ سهڻي وچ درياهه ۾
ٻڏي وئي. سندس دانهن تي ميهار گهڻئي ملاحن کي
منٿون ڪيون پر وريو ڪي ڪين. سهڻي ٻڏي وئي، ان کان
پوءِ ميهار به درياهه ۾ ٽپي جان ڏني. پروفيسر اڪرم
انصاري به اها ئي ڪهاڻي قبول ڪئي آهي.
Blessed be the time when suhni dwelt dainty
debonair in the homely cottage of her father
the
potter named tullah.(9)
سهڻيءَ جو داستان سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان مروج هئڻ
ڪري اهو هتي جي شاعرن ڳايو. شاهه صاحب ڪهڙي قصي کي
قبول ڪيو آهي. اهو چئي نٿو سگهجي، ڇو جو هميشه
وانگي هو قصي جي تفصيل ۾ نٿو وڃي بلڪه ان ۾ موجود
ڪردارن جي حوالي سان ڪن خاص ڳالهين ۽ واقعن کي کڻي
ٿو. ٻئي قصا سندس ٻڌل لڳن ٿا. ٻئي دک انت
(tragic)
آهن. سهڻيءَ جي ڪردار شاهه صاحب کي تمام گهڻو
متاثر ڪيو آهي. سندس ٻين سورمين تي نظر وجهندي
جڏهن سهڻيءَ تي نظر ٿي وجهجي ته اها گهڻين ڳالهين
۾ ٻين کان منفرد ۽ مختلف ٿي نظر اچي. ڪجهه ته سهڻي
ميهار جو داستان ئي مختلف آهي. وري ڪجهه شاهه صاحب
جي سيرت نگاري
(characterization)
جي ڏس ۾ هن ڏانهن خاص توجهه ويو آهي. اسان جي اها
دعويٰ ته شاهه صاحب هڪ سماجي دانشور هو. سماج ۾
موجود غلط روايتن جي خلاف هو ۽ هن سماج ۾ واضح
تبديلي ٿي چاهي. هن سُر ۾ اها دعوا سچي ثابت ٿئي
ٿي. هن داستان ۾ شاهه صاحب کي سهڻيءَ جي ڪردار ۾،
هڪ عورت جي ڪردار ۾، انهيءَ تبديليءَ جو اهڃاڻ نظر
آيو. سهڻيءَ جو ڪردار هڪ اهڙي عورت جو ڪردار آهي
جنهن اهو الزام غلط ثابت ڪري ڇڏيو ته عورت ڪمزور
آهي. هن ۾ زناني ضعيفائي آهي يا هوءَ فطرتاً هيڻي
آهي. اڪثر ڪري ڪڏهن مٿسصنف نازڪ ته ڪڏهن جنس
لطيف جي خوبصورت لفظن ۾ لڪائي ڪمزوري ۽ هيڻائي جا
ٺپا هنيا ويندا آهن. شاهه صاحب عورت جو ڪردار پيش
ڪندي سندس لاءِ مخصوص ڪيل اهي مفروضا رد ڪري ڇڏيا
آهن سندس ڪردار مارئي جي مثالي حب الوطن ۽ هم وطنن
لاءِ حُب، طاقت کي
defy
ڪرڻ جو حوصلو، قيد بند جون صعوبتون سهڻ جي قوت،
زيريون، زنجيرون پائڻ ۽ چم چيري لوڻ ٻرڪڻ جهڙيون
اذيتون برداشت ڪرڻ جو حوصلو کيس گهڻن مردن کان
مضبوط ثابت ڪري ٿو. وري سسئيءَ جي سورن سهڻ جي
سگهه، حب ۽ هاڙهي جي هولناڪين ۾ همت جو حوصلو قائم
رکڻ جي صلاحيت ۽ ڏاگهن ڏيرن، ڏونگرن جي ڏنل ڏکن
کي وڏي بهادريءَ سان برداشت ڪرڻ جي قوت ۽ پنهونءَ
لاءِ پيرين پنڌ ڏکيا ڏونگر ڏورڻ جو عزم، مردن ۾
اڻلڀ آهن، اهي صلاحيتون دل جي ڏاڍائي، جذبي جي
سچائي ۽ ضمير جي زور تي پيدا ٿينديون آهن. پر
سهڻيءَ ۾ انهن سڀني صلاحيتن سان گڏوگڏ هڪ ٻي به
صلاحيت نظر اچي ٿي. جنهن عورت لاءِ مشهور اهو
مفروضو غلط ثابت ڪري ڇڏيو ته عورت جسماني طرح
ڪمزور آهي. جن حالتن ۾ سهڻي درياه کي پار ڪري
ميهار سان ملڻ وڃي ٿي سي وڏن دلير مردن کي به
هيسائڻ لاءِ ڪافي هيون. کيس نه رات جي اونداهيءَ
روڪيو، نه درياهه جي دهشت دهلايس، نه ڪنن جي ڪڙڪن
ڪنبايس، نه مانگر مڇن جي ڀو ڀڄايس، نه مينهن، نه
سيءَ، نه ڪچي گهڙي ارادو بدلايس، ڪنهن جو به آسرو
ڪونه ڪيائين. نه ڪنهن ملاح جو، نه ناکئي جو. نه
ٻيڙي جو نه ٻُوڙن جو.
هئي طالب حق جي توڏي لاڪون توڙ،
نه ملاح نه مڪڙي، نڪي ٻڌي نوڙ،
پاڻي پنيءَ ٻوڙ، سهڻي ليکي سير ۾.
ايتريقدر جو هڪ عورت لاءِ جيڪو سماج وڏي ۾ وڏو
ويري هوندو آهي. انهي کي به ڪونه ليکيائين. ان
سماج جي ڏنل مڙس ڏم جو ڏهڪار ڪونه ڪيائين. سس،
نڻان، پاڙيواريون، سهيليون، سرتيون سڀئي چئي چئي
بيٺس پر سڀني کي ٺپ جواب ڏنائين.
جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل گهر نه گهاري،
لا ويٺي ڪين وساري،
ڏم ڏهيلو ڏکو، سر ۾ سونٽا ماري،
لا ويٺي ڪين وساري.
ان جي برعڪس ميهار جو ڪردار مرد جو ڪردار، شاهه
صاحب کي اهڙو نه ٿو متاثر ڪري ڇاڪاڻ جو اهو عمل جي
معاملي ۾ گهڻو پوئتي آهي. شاهه صاحب جي ڪلام ۾
سهڻيءَ جي ڪردار کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هو سندس
حق کي تسليم ڪندي نه صرف هن جي حمايت ڪري ٿو پر
هن جي صلاحيتن کي پڻ مڃي ٿو.
سنڌ جي سماجي ۽ ادبي تاريخ توڻي عمومي ماحول ۾
اهڙو ڪو به قصو يا داستان نظر نه ٿو اچي جتي ڪنهن
ڪنواري ڇوڪريءَ ڪنهن ڇوڪري سان ائين کليو کلايو
عشق ڪيو هجي. يا ڪنهن پرڻيل عورت پنهنجي مڙس کان
سواءِ ڪنهن ٻئي مرد سان اهڙو نينهن لڳايو هجي ۽
وري اهڙي بيباڪيءَ سان ان جو اظهار ڪيو هجي.
سنڌيءَ جي سمورن مشهور عشقيه داستانن ۾ سورميون
گهڻو ڪري پرڻيل آهن ۽ انهن جا محبوب انهن جا
پنهنجا مڙس ئي آهن. پوءِ اهي پنهنجي پسند سان ڪيل
مڙس آهن،(سسئي، مومل) يا مائٽن جا ڏنل آهن (مارئي،
نوري) انهن سڀني ۾ به پهرين نظر ۾ مرد گهايل ٿيل
نظر اچن ٿا ۽ سندن مرضي سان شاديون ٿين ٿيون پوءِ
اهي عورتون به ان جي موٽ ڏين ٿيون ۽ شادي کان پوءِ
پنهنجي سڪ ۽ محبت جو اظهار ڪن ٿيون. سو به وڇوڙي
جي صورت ۾، جڏهن هو کانئن دور هليا ٿا وڃن.
وري ٻئي طرف پنجاب سان منسوب اڪثر عشقيه داستانن ۾
عشق ڪنوارپ واري زماني کان ٻڌايل آهي. ڇوڪرين جو
پيار هڪڙن سان هوندي وهانءُ ٻين سان ڪرايو ويو
آهي. ان ڪري انهن شادي شده عورتن جا محبوب سندن
مڙسن بدران ٻيا مرد آهن. (مرزا صاحبان، هير
رانجهو، سهڻي ميهار).
ان ڏس ۾ اهڙين پنجابي ڪهاڻين بابت چيو ويو آهي
تهعام ٿا ئين پيار ڪنواري جوڙيان دا دسيا گيا اي،
پر گل هراڪ ٿان نهين، ڪئي واري اڪو قصي وچ فرق پا
دتا هو يا اي. جيوين هير تي رانجها، ڪئي ٿا ئين،
پيار تون پهلي، ڪنواري دسي گئي ني. تي ڪئي ٿائين
اوهه منگي هوئي ني. سوهني مهينوال، سسي پنهون،
شيرين فرهاد، مرزا صاحبان، راج بيبي نامدار، ساري
اي ڪنواري دسي گئي ني..... ڪئي ٿا ئين نائڪه دا
وهان ڪسي هور نال ڪردتا جاندا ئي. جيوين هير دا،
ڪئي ٿائين وهان هندا نهين تي پريمي نس پئندي ني.
جيوين مرزا صاحبان، ڪٿي تائين نائيڪ نون ٽالڻ
خاطر ڪوئي شرط دتي جاندي اي. جيوين رانجهي نون
ڪئي ٿائين نائيڪا دي ڪهڻ اتي وي دو وين نسدي نهين،
جيوين هير رانجها، ڪئي ٿائين دو وين نسدي ني جيوين
راج بيبي تي نامدار.(10)
مطلب ته انهن قصن ۾ پيار ڪندڙ عورتن کي سندن
محبوبن کان هر طرح سان ڪوشش ڪري جدا ڪرڻ جا سعيا
ڪيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪنهن بهاني سان ته ڪڏهن شادي
ڪري، پوءِ نتيجي ۾ يا هو شادي کان پوءِ به محبوبن
سان ملنديون آهن يا مرڳو ڀڄي وڃڻ جا ارادا ڪنديون
آهن يا ڀڄي وينديون آهن ۽ شاعر اهو سمورو احوال
پنهنجي ڪلام ۾ ڏيندا آهن. پر سنڌ جي عشقيه داستانن
۾ ۽ انهن تي مبني شاعري ۾ ڪنواري هوندي جي عشق جي
گهٽ ۾ گهٽ عورتن واتان اظهار ڪونه ٿو ملي. سسئي
پنهون جو عشق شادي کان اڳ ٿيو هو پر سنڌي شاعرن وٽ
سسئي طرفان ان جو اظهار شاديءَ کان اڳ نظر نه ٿو
اچي. جڏهن ته اهو ساڳيو قصو پنجاب جي شاعرن ڳايو
ته ان ۾ سسئي جي پنهون جي قافلي وارن سان وڃي ملڻ
کان پوءِ پنهونءَ تي عاشق ٿيڻ ۽ ساڻس رهاڻيون ڪرڻ
جو ذڪر ڪيو اٿن. اردو ۽ فارسيءَ ۾ ته ٻنهي جو
ميلاپ شادي کان اڳ ٻڌايو ويو آهي. سنڌي شاعرن ۾
وري سورميءَ کي ڀڄي هلڻ لاءِ چوڻ يا مرڳو ان سان
ڀڄي وڃڻ ته ڪنهن به مشهور قصي ۾ ڪونه ملندو.
سهڻي ميهار ڇاڪاڻ ته اسان جو اڪثر محقق پنجاب جو
قصو تسليم ڪيو آهي. ان ڪري اسين به ان کي ائين ئي
تسليم ڪندي ڏسون ٿا ته ان ۾ نائڪ ۽ نائڪا ڪنواري
هوندي کان پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن ۽ پاڻ ۾ ملن ٿا
۽ پوءِ سندن وچ ۾ وڇوڙو وجهڻ لاءِ سهڻيءَ جي شادي
زوريءَ ڏم سان ڪرائي وڃي ٿي ۽ هوءَ پرڻجڻ کان پوءِ
به زوريءَ جو اهو ٻنڌڻ قبول نٿي ڪري ۽ ميهار سان
ملڻ ٿي وڃي.
ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾
مروج عشقه داستانن ۾، پوءِ اهي ساڳيا هجن يا
مختلف، ماحول جو فرق آهي. ۽ عورتن سان ورتاءُ
(treatment)
مختلف نظر ٿو اچي. پنجاب ۾ پيار جي معاملي ۾ عورت
وڌيڪ همت ٿي ڏيکاري، کيس آزادي به ڪجهه وڌيڪ مليل
آهي. ۽ پنجاب جا شاعر ان پيار ۽ آزاديءَ جي حق کي
تسليم ڪندي سندن محبت کي قبول ڪن ٿا پوءِ اها
ڪنواري ڇوڪري هجي يا پرڻيل. اهي سماج جي ان رويي
کي به پسند نه ٿا ڪن ته ڪو مرضيءَ کان سواءِ عورت
جي شادي ٻئي ڪنهن سان ڪرائي وڃي. جڏهن ته سنڌ ۾
ڪارو ڪاري جهڙين رسمن جي موجودگيءَ ۾ اهڙو تصور
ڪرڻ به ڏکيو هوندو (۽ اڃا تائين به ڏکيو آهي) سنڌ
۾ عمومي طرح اهڙو ماحول نظر نه ٿو اچي گهٽ ۾ گهٽ
سنڌ جي عشقيه داستانن مان اهڙو ماحول نظر نه ٿو
اچي، نه ئي اسان جا سورمين کان پرڻجڻ کان پوءِ سڪ
جو اظهار ڪرايو آهي. البت مهنجو خيال آهي ته جي
سنڌ ۾ به حالتون مختلف هجن ها ته هتي به اهڙا قصا
مروج هجن ها ته اسان جا شاعر به ضرور ائين ئي ڪن
ها جيئن هنن ٻاهرين قصن لاءِ ڪيو. يوسف زليخا، هير
رانجهي يا سهڻي ميهار ۾.
هير رانجهو سنڌي شاعرن به ڳايو آهي. ان ۾ هير ۽
رانجهي جي ٻيڙيءَ ۾ پهرين ملاقات ٿئي ٿي ۽ جڏهن
اکيون اڙجن ٿيون ۽ محبت پيدا ٿئي ٿي تڏهن هير چوي
ٿي.
پرينم پالڪيءِ ۾ مون کي ويهه اوڏو،
ڏيئي گڏ گوڏو، ڪي سور ڳرهيون سڪ مان.(11)
سنڌ جي ڪلاسيڪي سلسلي جي اهم شاعرن شاهه ڪريم ۽
شاهه عنايت پڻ سهڻيءَ بابت بيت چيا آهن ۽ هوءَ به
سهڻيءَ سان همدرديءَ جو جذبو رکن ٿا ۽ سندن عشق کي
مڃتا ڏين ٿا. شاهه ڪريم جو بيت آهي.
ڳوري ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾،
جو پڻ پئي رات، ته هو سائر هوءَ سهڻي.
وري شاهه عنايت چوي ٿو.
جئان گهڙي تئان گهيڙ، اوتڻ ائين تڙ ٿئي،
ڏم وٽ جسو ظاهرا، من ميهار سين ميڙ،
سا ندي ڀانئين نيڙ، جنهن اهڙي سڪ سيد چئي.
اهو ساڳيو خيال ته ڏم سين جسو ظاهرا، من ميهار
سين ميڙ شاهه لطيف پڻ ورجايو آهي، بلڪه ان کان به
وڌيڪ سگهارا خيال وٽس آهن.
ساهڙ ڌاران سهڻي آهي ۾ آزار،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار،
تو ڏيءَ سندي تن جي دوا ۾ ديدار،
جي پسي ميهار ته سگهيائي سگهي ٿئي.
هتي ڏم کي مرڳومرض سڏيو اٿس، ۽ ميهار کي صحت!
سماجي طرح سهڻي شاهه صاحب جي ٻين سڀني سورمين کان
وڌيڪ ڏکويل ۽ پيڙهيل ڪردار آهي. هن جون تڪليفون ۽
مصيبتون به ٻين کان مختلف آهن، ڇاڪاڻ جو اهي
پنهنجا سور ٻين سان سلي ٿي سگهيون، ماءُ پيءُ،
ساهيڙيون، سرتيون اندر اورڻ لاءِ موجود هئن پر
هيءَ ويچاري ته سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
واري حال ۾ هئي. هن جو عشق ڇاڪڻ جو پنهنجي مڙس
بجاءَ ٻئي مرد سان هو، ان ڪري کيس پاڙي وارن جي
پچارن، ساهرن جي سهمن، مڙس جي مهڻن کي منهن ڏيڻو
ٿي پيو.
ڏم ڏيهاڻي ڏي سندا، ميهر مهڻا،
جهليم ٿي جهوليءَ ۾ پلئه پايو سي،
مرجان چاليهه چي، سڱا سپرين جي.
هن ويچاريءَ سان ته سڳيءَ ماءُ به ساٿ ڪونه ڏنو
هو. سو جيئن سسئيءَ پنهنجي ماءُ سان ٿي حال اوريا
ائين به هيءَ ڪانه ٿي ڪري سگهي. انهي اندر جي باهه
لڳي ٿو ته سهڻي کي باغي بنائي ڇڏيو هو ۽ سندس
محبت کي به زماني جي مخالفن وڌيڪ مضبوط ۽ بهادر
بنائي ڇڏيو هو. عام حالتن ۾ عشق ايترو عيان نه
ٿئي ها پر کيس زبردستي پرڻائڻ ۽ ميهار کان ڌار ڪرڻ
سبب هوءَ بگڙي بيٺي هوندي. اها انسان جي نفسيات
آهي ته جنهن ڳالهه کان هن کي منع ڪبو آهي ته اها
ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪندو آهي. خاص ڪري جڏهن هو ان کي
پنهنجو حق سمجهندو هجي ۽ گڏوگڏ هن ۾ جرئت هجي ۽
مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو هجي پوءِ هو اڳ پوءِ ڏسڻ
بدران ميدان ۾ ڪاهي پوندو آهي ۽ عقل مت شرم ٽئي
وساري ويهندو آهي. سهڻيءَ کي ميهار سان اهڙو نينهن
لڳو هو جو هوءَ ڏم جا ڏوراپا ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا
ٻڌندي هئي تڏهن به رات جو درياهه اڪري ميهار وٽ
ضرور ويندي هئي ۽ اهو ڪو سندس اٻهرو فيصلو ڪونه هو
بلڪ سوچي سمجهي ائين ڪندي هئي جو سندس عشق جي اها
ئي تقاضا هئي.
تڙ تڪڙ تار ۾ گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم،
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
سندس ائين ڪرڻ کي پنجابي شاعرن به سندس عشق جي
سچائيءَ جو ثبوت سڏيو آهي. درياهه تري ميهار وٽ نه
وڃي ها ته جڳ اڳيان ڪوڙي ٿئي ها.
سوهڻي جگ دي وچ ڪوڙي هوندي،
شوهه درياهه دي وچ تريندا اي نه. (12)
هوءَ پنهنجي محبوب ميهار سان ملڻ لاءِ هر قسم جي
حالتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هئي، نه مهراڻ جون
مست موجون، نه واڳن جا وات ۽ نه ئي اوڻٽيهه
اونداهيءَ رات کيس روڪي سگهيا.
ڪاري رات ڪچو گهڙو اڻٽيهه اونداهي،
چنڊ نالو ناهه ڪو، درياهه دڙ لائي،
ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌي ٿي آئي،
اي ڪم الاهي، نات ڪنن ۾ ڪير گهڙي.
سهڻيءَ جي جيئن نالي مان ظاهر آهي، تمام سهڻي هئي،
سونهن جي ڄڻ ديوي هي، حسن جي مورت هئي. پر هن
پنهنجي سونهن بدران ميهار جي سونهن کي ئي ٿي سڀ
ڪجهه سمجهيو ۽ جڏهن سندس سهيليون سرتيون کيس ميهار
کان ملڻ کان منع ڪنديون هيون ته چوندي هئي:
جيڏيون! ڏٺيان جي صورت ساهڙ ڄام جي،
سک ٿي سمهون ڪين ڪانڌن پاسي ڪي،
مُهان ئي اڳي گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
خود شاهه صاحب به سهڻيءَ کي ميهار جي حسن تي
موهت ڏسي جهڙوڪر سندس سونهن وساري صرف ميهار جي
سونهن جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته خود ميهار به جيڪو
سهڻيءَ جي اڻ ڏٺي سونهن تي عاشق ٿي پيو هو ۽ پوءِ
ان کي ڏسڻ کان پوءِ وڌيڪ حيران ٿيو هو ۽ پنهنجو
پاڻ واري ويٺو هو. تنهن جي واتان به ڪٿي سهڻيءَ جي
ساراهه نظر نٿي اچي. البت سهڻيءَ جو ميهار سان ملڻ
لاءِ وڃڻ کان اڳ سينگار ڪرڻ جو ذڪر شاهه صاحب ڪيو
آهي. جيڪو عورت جي ان نفسيات جو چٽو ثبوت آهي ته
هوءَ صرف پنهنجي من گهرئي محبوب لاءِ پاڻ ٺاهيندي
جوڙيندي آهي. شاهه صاحب به کيس اهڙي صلاح ٿو ڏي:
مرج وٽ ميهار، متان موٽين سهڻي،
ساهڙ جا سينگار، متان ڏم ڏيکاريين. |