سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: وَکَرُ سو وِهاءِ

باب:

صفحو:4 

سُر رامڪليءَ جو فلسفو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح نه فقط سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي پر هُو دنيا جو عظيم شاعر پڻ آهي. سندس شاعري عالمگير ۽ اڻ مِٽ اصولن جي ماتحت آهي، جيڪي فطرت جي عين مطابق ۽ انسان جي ڀلائيءَ ۽ بهتري جو ڪم ڏين ٿا.

شاهه صاحب انساني فطرت جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪئي آهي ۽ انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري جو پيغام ڏنو آهي. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سان گڏ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب گهڻو عرصو سير ۽ سفر ۾ گذاريو ۽ جر، ٿر، جبل ۽ ڏونگر جهاڳيائين.

سُر رامڪليءَ ۾ شاهه صاحب اِهو فلسفو ۽ سبق ڏنو آهي ته پنهنجي محبوب کي ڳولڻ لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪاٽڻا ٿا پون، ان کانپوءِ ئي پنهنجي محبوب کي حاصل ٿو ڪجي يعني سمجهائي ٿو ته اجايو وقت ويهي نه وڃائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هِن دنياجي هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي، ڪنهن کي به بقا نه آهي. ڪوبه هِت نه رهندو، هر ڪنهن کي آخرِڪار هي جهان ڇڏڻو پوندو.

هنِ سُر ۾ اها ڄاڻ جوڳين جي روپ ۾ ڏني اٿس، ته جوڳي ويچارا ڪيتريون ئي تڪليفون سَهَن ٿا، نه هُنن کي بُک جي پرواهه نه ڪنهن ٻي شيءِ جي، پر رڳو اها آس اٿن ته کين محبوب جو ديدار نصيب ٿئي ۽ ان جي سهاري هيٺ رهن. پر در حقيقت شاهه صاحب سُر رامڪليءَ معرفت اها هدايت ڏني آهي ته اجايو وقت نه وڃايو ۽ پنهنجي خدا کي ڳوليو ۽ عجز ۽ نياز ۽ نِوڙتِ سان هلو جيئن سُر رامڪليءَ ۾ فرمايو اٿن:

 

رُوح ۾ رَهِين رامَ، ٻَهرِ ٻولِين ڪي ٻيو،

پيالو پُرُ ڪري، جوپ پِيتائونُ جامَ،

تِهان پوءِ تَمامُ، تنِ تڪيا تاڪي ڇَڏيا.

 

وارو ويراڳِيُنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ،

قَدَمُ ڪاپَڙِيُنِ جا، لِيلائي لَهيجِ،

پيرَتَ پَسِيو پَٿَ جي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،

راتو ڏِينهِن رِڙهيجِ، آئون نه جِئندي اُنِ ري.

 

واڄَٽ ويراڳِيُنِ جا، موُن وَٽِ وَڏي وَٿُ،

سونُ سَڀوئِي سِڱيوُن، پَسي ڪيِنَ مَ ڪَٿُ،

ويساهي ويلَ ڪَنهِين، پوُربِ ويندو پَٿُ،

هُلُ! کَنيائوُن هَٿُ، آئوُن نه جِئندي اُن ري.

 

واڄَٽَ ويراڳُيِنِ جا، موُن وَٽِ وَڏو مالُ،

مَقالان مَهَندِ ٿِيا، ڪونهي وَٽِنِ قالُ،

حاصُلُ جنيِن حالُ، آئوُن نه جِئندي اُنِ ري.

(سُر رامڪلي)

دراصل عاشق ويچارن کي، پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪابه خبر نه هوندي آهي. اهڙي طرح جوڳي ويچارا تابش ۾ ٿا گهارين. هُو آرام کان پري آهن ۽ وسرام کي ويجها نه آهن:

جوڳِيڙا جَهانَ ۾، هُئا مَنجهه حَمَامَ،

آرامان اَرڳُ ٿِيا، اوڏا نَه آرامَ،

ڪَيائون قِيام، آئون نه جِئندي اُنِ ري.

 

جوڳي هُونِ نه جِئَرا، پائي جوڳُ مَ جِي،

هارِيا! هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنيِهو اِي،

وِڃائي وُجوُدَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُّ،

هَڏَهِين ڪونهي هِيّ، اَسارا! ”آئوُن“ چِوِين!

 

جوڳي ٿِيَن نه يارَ، ڪَنهِين سين قَريِبُ ٿي،

مان مُلاقي اُنِ سين، جِنِ پوُرَبَ جي پَچارَ،

اَٺَئي پَهَرَ اُنِ جي، آهِ نانيءَ ڏانهَن نِهارَ،

لائي وِيا لَطيفُ چئي، اَندَرَ مَنجهِه اَپارَ،

سامِيُنِ ساڻُ، سَتارَ! لاهوُتي لالُ ٿِيان.

 

جوڳَ نه جوڳو توُن، ڪَرِين پَچاروُن جوڳَ جون،

هِڪڙو پَنڌُ پِريُنِ جو، ٻي تُنهنجي ڀوُن،

سامي سيڻَنِ ڏوُن، رُئندا ئي رَتُ وِيا.

(سُر رامڪلي)

جڏهن شاهه صاحب مرزا مغل بيگ جي نياڻي کي دعا ڪرڻ لاءِ انهن جي حويليءَ ويو ۽ جڏهن ان ڇوڪريءَ تي نظر پيس ته عشق جو تير سندس سيني ۾ چُڀي ويو، جيڪا فطرتي ڳالهه هئي. انهيءَ شيرين ۽ سهڻي صورت سندس جان ۾ هڪ عجيب بيقراريءَ ۽ بيتابي پيدا ڪئي ۽ انهيءَ مجازي معشوق جي عشق منجهِس نئين قسم جو روح ڦوڪيو. ويتر سنڱ نه ملڻ ڪري شاهه صاحب جي گهر گهاٽ تان دل ئي کڄي وئي. جنهن ڪري دل ريجهائڻ ۽ من کي پرچائڻ لاءِ قدرت جي نظارن کي ڏِسڻ ۽ الله وارن عارفن جي ديدار ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن اوچتو ئي مائٽن جي موڪل بنا جهنگ مُنهن ڏيئي اٿي هليو. واٽ تي شايد هندو سناسين ۽ جوڳين جي ٽولي ملي وئي ٿي ڏسجيس، جن سان گڏجي محبوب جي وڇوڙي ۾ انهن جهڙي ڪفني پائي رُلندو رَمندو رهيو ۽ پنهنجي سُر رامڪليءَ ۽ سُر کاهوڙيءَ ۾ انهيءَ جو احوال ڏنو اٿس. شاهه صاحب جي رسالي ۾ جيڪي به سُر آهن انهن مان ڪِن سُرن جو تعلق راڳڻيون آهن، ته ڪي سُر داستانن جي بنياد تي ٻڌل آهن. راڳڻين تي مشتمل سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر کنڀات، سُر آسا، سُر پرڀاتي، سُر بلاول، سُر سارنگ، سُر سريراڳ، سُر ڪاموڏ، سُر معذوري، سُر ديسي وغيره ۽ داستانن تي ٻَڌل سُر آهن. سُر رامڪلي، سُر کاهوڙي، سُر پورب، سُر سامونڊي، سُر سسئي آبري، سُر ڪوهياري، سُر حُسيني، سُر سهڻي. سُر ليلا چنيسر، سُر مومل راڻو، سُر ڪاپائتي ۽ سُر مارئي.

سُر رامڪليءَ ۽ سُر کاهوڙيءَ کي گڏي پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب انهن ٻنهي سُرن ۾ آديسين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ شاهه جي روحاني سفر جو آغاز آهي. سُر کاهوڙيءَ ۾ شاهه صاحب گنجي ٽڪر جي واکاڻ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهي ٽڪر رستي هو ڪِن جوڳين جي سُنگ ۾ هنگلاج تيرٿ تي ويو هو. اتي روحاني اسرار به ڏٺائين ۽ ڪاپڙين جي پَــرَ جانچيائين يعني سچن فقيرن (کاهوڙين) ڳجهو نالو اُچاري ڌڻيءَ کي ڳولي لڌو.

عاشق اهڙي نالي سان لامڪان جي منزل به اُڪري ويا. جي جوڳي پچي ڪباب ٿيا سي حق سان گڏجي حق ٿي ويا يعني هنن کي ربّ ڏسڻ ۾ آيو:

کاهوڙِين خَفيءَ سِين، سوجهِي لَڌو سُبحُانُ،

عاشقَ اَهڙي اَکرَين، لنگهيا لامَڪانُ،

هُوءِ ۾ گڏجي هُوءِ ٿيا، بابو جي بِريانُ،

سڀوئي سُبُحانُ، آيو نَظِر اُنَنِ جي.

(سُر کاهوڙي)

اهڙيءَ طرح سُر رامڪليءَ ۾ فرمائي ٿو:

ڪيهي ڪَامَ ڪاپڙي، ٿا اَهِڙي رَوَشِ رَوُنِ،

نَڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪي بِهشتُ گُهرنِ،

نڪو ڪمُ ڪُفارَسين، نَڪا مُسلماني مَنِ

اُڀا ايئن چَوَنِ، ته پِرين ڪَجو پانهِنجو.

 

جي ڀانئِين جوڳي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئي ڇِنُ،

وَڃي دَرِ دوسَتَنِ جي، نانگا! ڪيِمَ نِنُ،

پَٽِ تنيِن جي پِنُ، جِنِ ٻُجهي نه ٻُجهِيو.

 

جي ڀانئِين جوڳي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئي ٽوڙِ،

جي ڄاوا نه ڄاپَندا، جِيءَ تنيِن سي جوڙِ،

ته توُن پَهُچيِن توڙِ، مُحَبَّتَ جي مَيدانَ ۾.

 

جي ڀانئِين جوڳي ٿِيان، ته ڪيِنُ پيالو پِيُّ،

ناهِ نِهاري هَٿِ ڪَري، ”آئوُن“ سي اُتِ نه پِيُّ،

ته سَندو وَحدَتَ ويُّ، طالِبَ! توڙان ماڻِئين.

(سُر رامڪلي)

 

وڌيڪ چوي ٿو:

ياد گُروُ ڪَنِ گودَڙيا، ڀَر بازار بيِٺا،

پَڙهن سُورَ سُبحانَ جي، پِيَن تَنهن پيِٺا،

جَيلاَن مُنهن مٺيا، تيلان نَشا چاڙهيائوُن نينهن جا.

 

وَٽِنِ ويٺي آهِيان، ڏِسيو ڪيِنَ ڏِسانِ،

جَنهِن جِهوئي ناهِ ڪي، سا ڪا سوُنهَن سَندِيانِ،

پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آئوُن نه جِئندي اُنِ ري.

 

بابوُ بيِکاري ٿِيا، اَڄُ، نه آسَڻَ وَٽِ،

خودي کانئي هَلِيا، پيرُ نه لائي پَٽِ،

”هَيءِ! هَيءِ! جنيِن هٽ، آئون نه جِئندي اُنِ ري.

 

بابُو بِيکاري ٿِيا، ڀَڃي ڇَڏِيائوُن ڀاڻُ،

نِسوروئي نِيھَن جو، نانگنِ وُٽ نِڌاڻُ،

سرکنڊ جنيِن ساڻ، آئون نه جيئندي اُنِ ري.

(سُر رامڪلي)

يعني گودڙي پهريندڙ اُهي فقير جيڪي بازار جي ڀَرَ ۾ بيهي دنيا کان پاسو ڪري گرو (الله) کي پيا سنڀارينِ ۽ سبحان جو اسم يعني منتر پيا پڙهن ۽ پورو مُلهه ادا ڪري محبت جو جام پين ٿا ۽ الاهي عشق جي نشي ۾ غرق ٿيو وڃن.

سُر رامڪليءَ ۾ شاهه صاحب مست فقيرن ۽ درويشن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي حقيقي محبوب جي چاهه ۾ تڪليفون سهي جسم کي ڳاري ۽ بدن کي سڪائي الله کي هٿ ڪرڻ لاءِ جوڳي ٿي پاڻ جلائيندا رهن ٿا.

جي ڀائِين جوڳِي ٿِيان، تَه مَنُ پُوري مَنجههِ مارِ،

دائِمَ دُونهِين دِل ۾، مَنَ سِين مالِها وارِ،

سَھُ سَڀَڪَا آرِ، آگِي جي اَدَبَ سين.

 

جان ڪي جوڳي ٿِيّ، نا ته نِرڄا! وَنئُن نِڪِري،

ڪوهُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِين، جان نه سَهين سِيّ؟

ڀَڄُ! پَراهوُن ٿِيّ، مَتان ٻِيا لَڄائِيين.

(سُر رامڪلي)

هِن منزل ۾ جوڳيءَ جو ڪردار ٻُڌائي ٿو ته جيئن جوڳي جيئرا نه هوندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن سان ناتو هوندو اٿن. هنن جو اٺئي پهر هنگلاج جي ديوي ڏانهن ڌيان هوندو آهي، ته ڪهڙي طريقي سان هن جو ديدار نصيب ٿئي. شاهه صاحب جو سفر گنجي ٽڪر کان پوءِ هنگلاج ڏانهن شروع ٿيو. رستي ۾ هيلايا جي ٽڪريءَ ۽ ڪينجهر جي ڍنڍ وٽان لنگهڻ ٿئي ٿو:

ڏک پاڻ کي ڏسِ، هنگلاج هلڻ جو.

هنگلاج ويندي شاهه صاحب جيڪو رمتن جوڳين سان رستو اختيار ڪيو ان جو اڻ سڌيءَ طرح بيان سسئيءَ جي سُر ۾ ڏاڍي دردناڪ ڪيفيت سان بيان ڪيو اٿس.

ورُ وراڪا وچ ۾، لکين آڏا لَڪَ

يعني سُرسسئي جي بيتن مان به سُر رامڪليءَ جي واٽ ملي ٿي. سُر رامڪليءَ ۾ جوڳي هنگلاج جي ديوي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو تن من انهيءَ جي ديدار لاءِ وقف ڪريو ڇڏين. اهڙيءَ طرح سسئي به پنهونءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جَهرَ جهنگ جهاڳي ان جي ڳولا ڪري ٿي.

 

اهڙي طرح سُر رامڪليءَ ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو:

واڄَٽ ويراڳُين جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،

مَقالان مهند ٿِيا، ڪونهي وَٽِن قالُ،

حاصِل جنين حالُ، آئون نه جئندي اُن ري.

 

جان ڪي موُن کي ني، پَڳھ پائي پاڻَ ڏي،

ٻَھ پرُوڙيَمِ پَٿَ جا، منجهان ڪينَرَ ڪي،

هاڻي جي هِنئي، آئوُن نه جِئندي اُنِ ري.

 

پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُدوُها اَچَنِ،

ڪيِنَرَ ڪاپَڙِيُنِ جا، صُبُحَ تان نه سُڄَنِ،

جي رائي مَنجهِه رَهَنِ، آئوُن نه جِئندي اُنِ ري.

 

آسَڻَ وَٽِ آهوُن ڪَرِيان، وَسِ نه مُنهِنجي واتُ،

لَڳُمِ لاهوُتِيُنِ جو، ڪيِنَرَ مَنجهان ڪاتُ،

هَلَڻَ کي هَيهاتُو! آئوُن نه جِئندي اُنِ ري.

(سُر رامڪلي)

جهان ۾ جوڳيءَ کي هميشه پنهنجي ديويءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا. هنگلاج هِندن جي هڪ ديويءَ جو نالو آهي، جيڪا هاڙي جبل جي پاڙ وٽ هڪ گفا ۾ آهي. غار ايڏي وڏي ۽ ڪُشادي آهي، جو منجهس هڪ ئي وقت چَار يا پنج سو ماڻهو آرام سان ماپي سگهن ٿا.

هنگلاج مورتي زمين تي ليٽي پيئي آهي جنهن تي هرهر کير پيا هارين. انهن جو گمان آهي ته کير هارڻ بند ڪيو ويندو ته ملڪ تي ڪو قهري ڪوڪ ايندو. هن هندو ديويءَ کي ماتا به سڏيندا آهن. پر مسلمان عام طرح اُن کي ناني سڏين.

هنگلاج ديويءَ جا مجاور مسلمان آهن. انهن جو يقين آهي ته اها ديوي حضرت علي رضه جي دائي هئي، جنهن تي شاهه صاحب  چوي ٿو ته:

 

نانگا نانِيءَ هَليا، هِنگِلاجان هَلي،

ديکي تنِ دُوارِڪَا، مَهيسيُن مَلهي،

آڳُھ جن علي، آئون نه جئندي اُن ري.

 

نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ، نَمايو نيِنهَن،

مَڙِهِنَ اُٺا مِينهَن، جوڳِيان، سَنديءَ ذاتِ کي.

 

نَڪي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نه نَمائينِ،

جاٽا ڪَنِ نه جوڳَ کي، جوڳُ نه جُهاريِنِ،

آديسي آڻينِ، اُهڃاڻِيوُن اَلماسَ جوُن.

(سُر رامڪلي)

ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ۾ اچي ٿو ته جڏهن جوڳين جي جماعت نانيءَ جي جاٽ لاءِ پهتي ۽ ان تي کير هارڻ لڳا جو کير هيٺ وهندو هليو ٿي پر شاهه صاحب جيڪو کير انهيءَ ديوي تي اوتيو ٿي سو سڀ ان جي پوتيءَ ۾ چوسجي ٿي ويو، تنهنڪري ڪن جاهِل جوڳين کي شڪ ٿيو ته هي ڪو وڏو پهتل شخص آهي، ڇو نه هِن کي ڪُهي کائي هِن واريون ڪرامتون حاصل ڪيون. اهڙي کڙڪ شاهه صاحب کي پئجي وئي ۽ پاڻ هنن کان پاسو ڪري ٺٽي هليا ويا.

شاهه صاحب فرمايو آهي ته سڀئي سنياسي سخت مزاج نه هئا، پر هِنن ۾ ڪي سٻاجها ۽ سانڃهه وارا صوفي هئا جن جي فراق جو شاهه تي گهڻو اثر ٿيو ۽ سُر رامڪليءَ ۾ فرمايو آهي ته:

 

نُوري ۽ ناري، جوڳِيڙا جهان ۾،

ٻَري جن ٻاري، آئون نه جِئندي اُنِ ري.

 

يعني جوڳي نُوري يا بهشتي به آهن، ڪي وري ناري يعني جهنمي آهن. مگر منهنجي سڙيل دل کي جيڪو ٻاري ويا تنهن کانسواءِ منهنجو ڪهڙو جياپو. هن بيت ۾ جوڳين جا ٻه روپ ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ طرح انسان به هِن دنيا ۾ ٻن روپن ۾ آهن: هڪ اُهي انسان جيڪي محنت ڪري، ڪشالا ڪاٽي، راتيون جاڳي خدا کي راضي ڪري بهشت حاصل ڪن ٿا ۽ ٻيا اُهي انسان خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪري جهنمي ٿين ٿا.

شاهه صاحب سناسين، جوڳين سان ٽي سال گڏجي سفر ڪندو رهيو ۽ هنگلاج تي ٻه ڀيرا آيو. شاهه صاحب سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين جي وڏائي ڳائي آهي ۽ کين ڪيترن ئي نالن سان سڏيو اٿس. يعني جوڳي، لاهوتي، ويراڳي، ڪاپڙي، بيراڳي، بابُو، بيکاري، نانگا، ٻوڙا، سامي، آديسي، سناسي، ڪنڪٽ، ڪنوٽيا، لانگوٽيا، گودڙيا وغيره. شاهه لطيف انهن سان چڱيون رس رهاڻيون ڪيون ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ سان پوري واقفيت حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي انهن جا ماڳ ۽ منزلون ڏٺيون. هِن سان گهڻو پيار هوندو هونِ.

جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نسورو ئي نِيهن جو،

پَتنگَ جيئن پيدا ٿيو، سامي سِجَ وڙاءُ،

آيو ڪاڪِ تڙاءُ، ڪُنوارين ڪڪوريو.

(سُر مومل راڻو)

شاهه صاحب چوي ٿو ته جوڳين کي ئي جوڳ ڪمائڻ جڳائي ڇاڪاڻ ته هنن جي جيءَ ۾ اونهو راز سمايل آهي يعني الله جي راهه کي حاصل ڪرڻ. هاءِ افسوس منهنجي حال تان جو مان جوڳ ڪمائڻ نه سکيس جيڪو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اهو صرف جوڳين کان يعني الله وارن کان ئي ٿيندو، نه ئي اسان جهڙن انسانن کان. فرمايو اٿن:

جوڳُين جوڳُ جُڳاءِ، جوڳ پڻ سُونهي جوڳِين،

جوڳِين سنديءَ جانِ ۾، ڳجُهه ڳُجهاندرُ آهِ،

هاءِ! مُونهينِ کي واءِ! جا آئون جوڳُ نه سِکي.

(سُر رامڪلي)

شاهه صاحب تصوف جي چئني مرحلن، شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت کي هڪ سچي جوڳيءَ، سالِڪ، ۽ طالب جي جدا جدا مرحلن ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ هاهوت جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي، فرمايو اٿن:

راهه شريعت هليا، تفڪر طريقـؤن

حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳئون

ناسوت ملڪوت جبروت، اي انعام لڌائون

پس لاهوت لنگهائون، هاهوت مٿي هليا.

شاهه صاحب معرفت ماڻڻ لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي کي مقصد ۽ وسيلو نه بنايو آهي ڇاڪاڻ ته اهي مادي اسباب هِن جي روحاني معراج ماڻڻ ۾ وڏي رنڊڪ ثابت ٿيندا:

قوُتَ ڪَڙايا ڪاپَڙي، طعامَ نه طاماعوُ،

سَين هَنيائوُن سُڃ ۾، پَهرَ نه پينائوُ،

اَوَسَر آسائُو، اُٿي گوُندرَ گڏيا.

 

 

سَدائيِن سَفَر ۾، رَمَنِ مَٿي راهَ،

پُرَنِ پوُرَبَ پَنڌَ ڏي، مَنجهِه مَوالي ماهَ،

جن اَلَکَ سين اگاهَ، هَلو! تَڪِيا پَسوُنِ تِنِ جا.

 

نِڪرُ ناهِ ڪُلهي ڪَري، هو مَ هوُندَنِ جيِئن،

لاهُوتي، لَطِيفُ چئي، هُونِ نه آديسي ايِئَن،

سي ڪاپڙي ڪيِئَن، جي ڌارِيِن تَعَلُقُ تِرَ جيتِرو؟

(سُر رامڪلي)

جيئن ته هُو سچو سالڪ ۽ معرفت اِلاهي جو صاحب آهي، ان ڪري کيس علم آهي ته اهي مادي اسباب ئي ته آهن جيڪي ڪوڙن کي خراب ڪيو ڇڏين. ان بابت ليلا جو احوال ڏنو اٿس ته هِن کي مڻئي جي موهه ۽ هائيءَ هِڄايو هو. نماڻي نوريءَ به ته پَٽَ جي راڻي ٿي پاڻ کي پڏائڻ پسند نه ڪيو. سسئي ويچاري به ڀنڀور جي عيش ۽ آرام کي ڇڏي هاڙهي، پٻُ ۽ هالار جي هوڏ ۽ هٺ سان منهن ڏنو هو.

اهڙي طرح لطيف رح جي جوڳيءَ آڏو مادي اسباب ۽ دُنيوِي لذتون ڪا حيثيت نٿا رکن. هُو ڪِبر ۽ شاهي شان و شوڪت کان بالاتر لنگوٽيءَ تي قانع آهي. هِن جي آڏو محل ۽ ماڙيون ڪا شيءِ نه آهن بلڪ هو ته هاهوت (معرفت) ماڻڻ لاءِ کڙڪن پائي ڏاڍي ڏونگر جي پري واري پنڌ کي پسند ڪري ٿو.

بُکَ وِڌائوُن بُگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ،

طَلَبَ نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃُ،

لاهُوتِينِ لَطِيفُ چَئي، مَنُ ماري ڪِيو مُڃَ،

سامِي جهاڳِي سُڃَ، وَسِنئُن کي ويجها ٿِيا.

 

گولا جي گِراهَ جا، جوُٺا سي جوڳي،

ڦِٽَلَ سي ڦوڳي، جِنِ شِڪَمَ سانڍِيا.

 

ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙي ڪَنوٽيا، ڪَنَ چِيرَ،

سَدا وِهَنِ سامُهان، عاشِقُ اُتَرَ هيرَ،

تَسا ڏيئي تَن کي، ساڙِيائوُن سَريرَ،

جي فَنا ٿِيا فَقيِرَ، هَلو! تِڪِيا پَسوُن تِنِ جا.

ڪَنَ ڪورائي، ڪاپڙي، جِندا! ٿِيّ مَ جوءِ،

سِر سپاهِيُنِ وِڪيا، سو ڪِ نه، سامي! سوءِ،

جيڪي پُڇين پُڇُ سو، گُنگا نِيَنِ نه گوءِ،

وَڃُ، لاهوُتي! لوءِ، عِجِزَ کي آڏو ڪَري.

 

سامي کامي پِريِنءَ لَءِ، ڪُسي ٿِيا ڪَبابُ،

جَهڙو ڏِسَن ڏوهَ کي، تَهِڙو تِنِ ثَوابُ،

اوتِين اَرِٽي گاڏُئون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ،

سَندو ذاتِ جَوابُ، توُن ڪِئن پُڇين تِن کي؟

 

سامِيُنِ سِڱُ ڪُلَهَنِ تي، سَنگُ مِڙوئي سوُرُ،

ڪَهَندا وِيا ڪابُلَ ڏي، ڪو جو پِيڙُن پوُرُ،

مَڙهيءَ جو مَذِڪوُرُ، ڪالهَه ڪَندا وِيا ڪاپَڙي.

سامي! مَڙهي سَندِياءِ، سامُهِين موُن سيلهَه ٿي،

سا تان ڪُھُ اَڏياءِ، جان نانگا وَڃيِن نِڪِري؟

 

جي ڀانئِين جوڳي ٿِيان، ته مُنهَن ۾ مُنڊا پاءِ،

ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جِنِ ۾ ڪوڙين ڪَڪَرَ وِڌاءِ،

ڇڏ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتي تو نه جُڳاءِ،

ته سامِيَڙا! سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نه ٿِئي.

(سُر رامڪلي)

گويا طعام جي طلب نه ڪرڻ ۽ اُڃ کي به اوتي پيئڻ هِنن جي اعليٰ اقدار ۾ شامل آهي يعني هر نفساني حرص ۽ هوس ۽ اسباب جي اهتمام کان قطعي بي نياز آهن، ڇاڪاڻ ته سندن تنبڙيون ۽ گبريون خالي رهن ٿيون. هُو ڪوڙن سامين جي ويجهو نٿا وڃن پر الله سائين جي هر شيءِ کي انهن تي فوقيت ڏين ٿا.

نه ڪي طعام تنبڙين ۾، نه ڪي گبرين،

مون پڻ مُلا تَن، حاصل ڪي حال ٿيو.

ايئن کڻي چئجي ته هِنن کي هِن نموني ئي حال حاصل ٿيو آهي. هي جوڳي وري ڪوڙن سامين کي اجهو هيئن راهه ٻڌائن ٿا:

جِيئن ٿا پُڇن اَنَ کي، تِئن جي پُڇن الله،

ته رِڙهي لڌائون راهه، لَٿِين لُک لطيف چئي.

 

جَنهِن سَناسيءَ سانڍِيو، گَندي ۽ گِراهُ،

اُنهيءَ کان اَللهُ، اَڃا اَڳاهوُن ٿِيو،

ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَر ڪا هِنئارَ هَلَڻ جي،

اَڄُ، آديسي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.

 

پَرِينديئي پيرَ ٿِيا، ڇَڏي گَنجو گامُ،

گُروُءَ سَندي گَسَ ۾، جِنِ ڪَيا تَنَ تَمامُ،

ويهِي ڪَيو نَه وِچَ ۾، آدِيسِيُنِ آرامُ،

راهَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙي.

(سُر رامڪلي)

جوڳي ويچارا روحاني منزل (ڪاپڙي ڪابول) ماڻڻ لاءِ وڏو پيٽ رکڻ جا عادي نه آهن، هنن کي سدائين ڏُٻري حالت ۾ رهڻ ۾ مزو پيو اچي. هنن طمع ۽ نفساني خواهشن کي مغلوب ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي معرفت جي منزل ماڻڻ ۾ وڏيون رڪاوٽون وجهن ٿيون، جيئن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

ڪَشي ساڻُ ڪَشَن، ڏيل ڪَيائونُ ڏُٻرا،

پيٽ نه هيريائون پانهنجا، چُوري ساڻ چَسَن،

اَهڙيءَ راه رسَنِ، ڪاپَڙي ڪابُول کي.

 

پِنَنِ ڪيِنَ پَٽُ کَڻي، گهُرَنِ ڪيِنَ گهَران،

مَهيسي مخلوُقَ جي، اُڀِيَنِ دوُرِ دَران،

پُڇَنِ ڪوهُ شَرعان، جُه اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جي؟

 

پِنَنِ جو پَٽُ کَڻي، سو جي سُڃاڻنِ،

ته بَــرَ ۾ بيِکَ لَهَن، پَهرَ نه پِنَن ڪاپَڙي.

(سُر رامڪلي)

هِن سُر ۾ ٻيا فقير ڪاپڙي آهن. هي اهو فقير آهي، جيڪو پنهنجو من مارڻ لاءِ پنهنجي جسم ۾ لوهه، والا ۽ زنجير وغيره وجهي پنهنجي صورت کي اڻ وڻندڙ ڪري.

هِن سُر ۾ شاهه لطيف رح هَٺُ ۽ وڏائي، خودي ۽ خود غرضيءَ کي ماري نابود ڪرڻ لاءِ تلقين ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته سرمستانِ شوق پنهنجي جذبي کان اسير ٿي، مخلوق خدا جي خدمت کي عبادت سمجهن ٿا. پنهنجي نفس کي قابو ۾ رکي، پنهنجي روح کي پاڪيزه منزلن سان روشناس ڪرائين ٿا:

اَسُکُ جِنِ اَويرَ، سي سانجهيءَ رَهَن سُمهي،

لاهوُتي، لَطيِفُ چئي، آڌيءَ ڏِيَنِ اُليرَ،

سَتو لوڪُ پَسي پِيا، سامي مَٿي سيرَ،

ڪيڏانهن ڪَندا پيرَ؟ مِڙوئي مَٿو ٿِيو.

 

وِچيِنءَ ويٺا رَهَن، سانجهيءَ رَهَنِ سُمهي،

بُکَ مَرَندي، بِکِيا، ڪَنهِن کان ڪيِنَ گهُرَن،

پيٽَ نه هيريائوُن پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسنِ،

ڦَڪي فَقيِرَن، ماڳِيان پِني ماٺِ جي.

 

رَهيا اَٿيئي راتِ، صُبُحَ ويندَءِ صابِري،

لُنءَ لُنءَ مَنجهِه، لَطيِفُ چئي، ڪَرِ تنيِن جي تاتِ،

سَندي جوڳِيانِ ذات، ٻِئي ڀيري مَسَ مِڙي.

(سُر رامڪلي)

يعني مسلسل ڪوششن سان ماڳ، مڪان حاصل ٿئي ٿو. هِن سُر ۾ ڪاپڙي ڏهه ڏينهن چلو ڪاٽين ٿا ۽ ان کانپوءِ پنهنجي مقصد کي ماڻين ٿا.

ڪَيَمِ ڪاپڙين جي، پَهرئين ڏينهن پَروُڙ،

سَگها ساعَتَ نه هيڪڙي، چارئي پهَر چوُر،

سدائين سَيّدُ چئي، هُونِ سناسي ۾ سُور،

جوڳي ساڻ ضروُر، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪُ ۾.

 

ويهي ويراڳِيُنِ جو، ٻِئي ڏينهن ٻُڌُمِ حال،

ان جا ڌاڳا ڌوُڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوال،

ان ڄاڻي ڄَٽائوُن ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱيءَ چال،

ويچارا وُجوُد جِي، ڪنهن سان ڪَن نه ڳالِ،

نانگا ٿِيا نِهالُ لِڪا ڀُڻَن لوڪَ ۾.

 

ٽِئين ڏينهن ٽِمڪائين، دُونھِيُون دائَرِنِ ۾،

ميڙيو ڪَڙِڄ ڪاٺِيوُن، جوڳي جَلائينِ،

سندِيوُن کامڻ خَبَروُن، آديسُين آهِين،

ڳُجهه نه ڳالهائين، لِڪا ڀُڻنِ لوڪَ ۾.

 

چوٿين ڏِينهن چَوگانَ ۾، ڪَنهن جَنهن پَھ پِيا،

وَهَم پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪوُڙَ ڪِها؟

اَندَرِ آديسِيُن کي، اَچَنِ جوشَ جِها،

سامي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

ڪَنهن جَنهن پوُرَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينهن پَئي،

اَنَدرِ آديسِيُنِ کي، سوُرَنِ شاخَ ڪَئِي،

مُحَبَتَ جي ميدانَ ۾، لاشَڪُ پِيا لَهي،

تن کي ساري راتِ سَيّدُ چئي، گوُندرَ ساڻو گَئي،

ڪَريو سيڻَ سَهي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

پِيا ڪَنهن پَرِياڻ ۾، ڇَهين ڏينهِن ڇَڻي،

اَندَرِ آديسِيُن کي، ڌُرِيان ئي ڌَڻي،

ٻَري ٻاجهارا ڪَيا، کانئي خاڪَ کَڻي،

پِنِيو پنجَ ڪَڻي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

سَتين ڏينِهن، سَيّدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائوُن،

اُڀي، اَلَکَ سامُهون، ٻانهوُن ٻدَائُون،

وَڏيءَ ڪَنهن وِلاتِ جا، اُهُڃَ آندائوُن،

روُحُ پَنهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پوُتائوُن،

کَڻِيو کِدائوُن، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

اَٺين ڏينِهن اُڀي وِيا، جوڳي جاءِ بَجاءِ،

سا پَرِ سامِي سِکِيا، جا پَر جوڳَ جُڳاءِ،

ويروتاَر وُجوُدُ ۾، اُنِ کي رامُ رَهيوئي آه،

ڪَنهن جَنهن ڪَمائيءَ لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

نائين ڏينِهن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِيا،

سَٻاجهي ٻاجهَه ڪَئي، سُڃاني سيڻانِ،

جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ،

اِهي اُهڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

ڏَهين ڏينِهن ڏِکَ ٿِيا، پِرِينءَ پاٻوهيا، پَسُ،

وَرقَ جي وِصالَ جا، سي واري ڪيائوُن وَسُ،

لَڌائوُن، لَطيفَ چئي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،

جوڳُيِنِ کَٽيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

وَرِيو ويراڳِيُن جو، يارِهين ڏينهن ڪَرَمُ،

جوڳِيُن جاٽائوُن پُنِيوُن، هَلي وِيا حَرَمَ،

دائِمُ جَهلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

مَن مُرادون پُنيون، ٻارهين ڏينهن ٻَئي،

جوڳي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪيا سڀيئي،

سَمَانا سيئي، جي گُرَ گڏجي آئِيا.

(سُر رامڪلي)

 

سرمستي ۽ حقيقي عشق جي ڪري انسان اهڙيءَ جاءِ تي وڃي پهچي ٿو، جو هو پاڻ وحدت جي يقين جو راز ٿي، وهمن جي ڪثرت تي غلبو حاصل ڪري وڃي ٿو.

 

ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپڙي، لانگوٽيا لال،

لاهوتي لطيف چئي، موهِيا نه ڪنهن مال،

ههڙا جنين حال، هلو ته تڪيا پسون تِن جا.

 

آديسي آديسُ، هِتان ڪري هلِيا،

ڪاپَڙينِ قَلبَ ۾، ڪَيو ڏوُراڻو ڏيسُ،

ويراڳي نَئون ويسُ، راوَل ڍڪي رَميا.

 

آديسِيُنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيُنِ ۾،

تن جو حَسَبُ نَسَبُ ناهِ ڪي، نه اَما نه اَب،

سامِيُنِ کي سَڀين پَرين، روُحَ ۾ رَهِيو رَبُ،

رِءَ لانگوٽيءَ لَبُ، پاڇي ڪَنِ نه پاڻَ سين.

 

لُنگُ ڪَڍِيائوُن لانگَ، موٽي ڪَنِ، نه مَسَحوُ،

جا اِسلامان اَڳي هُئي، سا سُڻائوُن ٻانگ،

سامي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکناٿَ کي.

(سُر رامڪلي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org