سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: وَکَرُ سو وِهاءِ

باب:

صفحو:2 

سُر بروو سنڌي منهنجي نظر ۾

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌ جو مشهور شاعر، بزرگ، مفڪر ۽ انسانذات جو رهبر ٿي گذريو آهي. سندس نالو نه فقط سنڌ ۽ هند اندر مگر مغربي دنيا ۾ مُلڪان مُلڪ مشهور آهي. جنهن سبب ئي سنڌ جو ڳاٽ اوچو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ اڄ هُو اسان کان گهڻو پري آهي، مگر تڏهن به سندس نالو اسان جي دلين ۾ زنده آهي ۽ ڳوٺ، ڳوٺ پيو ڳائجي.

شاهه صاحب پنهنجي الهامي ڪلام وسيلي انسانذات لاءِ سوين نيڪ نُڪتا ۽ ناياب نصيحتون پيش ڪيون آهن. هڪ طرف سندس ڪلام روحاني رازن سان ڀريل آهي، ته ٻئي پاسي هن ڪائنات جي باريڪ کان باريڪ شيءِ مان مثال وٺي نصيحت ڀريا نُڪتا، انساني رهنمائي لاءِ پيش ڪيا آهن. جن مان بني نوع انسان کي ايثار، قرباني، دنيا جي حرص، هوس کان بي تعلقي ۽ انسانذات سان همدرديءَ جا سوين مثال ملن ٿا.

سُتي نه سرندياءِ، ڪر پَچار پِرينءَ جي،

وِهامي وِيندياءِ، گهڻا هَڻَندين هٿڙا.

(سُر ڏهر)

هيءَ ڪائنات اصل ۾ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جي سمجهڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ انسانذات وڏا وس پئي ڪيا آهن. ڪائنات جي خوش رنگيءَ انسان کي ساراهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو. انسان صدين کان اِن ڳولا ۾ رهيو، ته اصل ساراهه جو حقدار ڪير آهي؟ جنهن هيءُ جهان جوڙيو منجهس ايتريون ته رمزُون رکيون جو انسان ڀنڀلجي، حياتيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي يا بي مقصد حياتي گهاري بنا نالي ۽ نشان راهه رباني وٺيو وڃي. هن طِلسم کي سمجهڻ ڪو سوَلو نه آهي. پر تخليق ڪار هميشه پنهنجي مسلسل تخليق ۾ ڪي اهڃاڻ ڪي نشان اهڙا ضرور ٻڌائيندو آهي جيڪي سمجهڻ ۽ پُرجهڻ سان اُها واٽ ٻڌائيندا آهن، ته جيئن هلي وٽس پُهچي ڪائنات جو تخليقڪار ڪير آهي؟ ان سان چاهت وارو چاهه ڇو رکجي؟ ٻيو سڀ موهه ڇڏي ساڻس نينهن ڪيئن لڳائجي ۽ کيس ڪيئن ريجهائجي؟ يا وٽس ڪيئن پهچجي ته جيئن انسانذات کي ڇوٽڪارو حاصل ٿئي.

مذهبن جو جُڙڻ، ڪنهن مت جو وجود ۾ اچڻ، ڪنهن فڪر جو نمودار ٿيڻ، اهي سڀ پيغمبرن، نبين، ڏاهن، مفڪرن جي انهيءَ جاکوڙ جو نتيجو آهي، جن انسانذات جي مونجهاري کي دور ڪرڻ لاءِ هن ڪائنات جي تخليقڪار کي ڳولهڻ ۽ مالڪ جي ساراهه ڪندي وڏا وس ڪيا. پاڻ ڳولا جي عمل مان گذريا ڏکن جا ڏينهن گذاريا، صرف انهيءَ لاءِ ته کين آگاهي ٿئي ته ڏيهه کي ڪجهه ڏَسيون ۽ دڳ لايون. شاهه صاحب به اُنهيءَ واٽ کي وٺي تخليقڪار جي ساراهه ڪئي آهي:

اَول الله عليمُ، اعليٰ عالمَ جو ڌَڻي،

قادِرُ پنهنجيءَ قُدرت سين، قائِمُ آهي قديمُ،

والي واحِدُ وَحدَهُ، رازقُ ربّ رحيمُ،

سو ساراهِه سچو ڌڻي، چئي حمدُ حَڪيمُ،

ڪَري پاڻَ ڪَريمُ، جوڙئُون جوڙ جَهانَ جي.

(سُر ڪلياڻ)

سندس سڄو ڪلام سُر ڪلياڻ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ڪنهن نه ڪنهن نموني، پنهنجي تخليقڪار جي ساراهه سان ڀريل آهي ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ واٽ ڏَسي اٿس، ته جيئن انسان هن فاني دنيا ۾ گمراهه نه ٿئي.

شاهه صاحب انساني فطرت جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪندي انسانذات جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جو پيغام ڏنو آهي، ته پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سان گڏ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

شاهه صاحب پنهنجي مشاهدي سان انساني جذبن ۽ احساسن جو اظهار اهڙي ته دلپذير پيرائي ۾ ڪيو آهي، جو انسان لاءِ اهي بيت ۽ مصرعون مشعلِ راهه بنجي ويا آهن:

”جي تو بيتَ ڀانئيا، سي آيتوُن آهين،

نِيو مَنُ لائِين، پِريان سَندي پارَ ڏي.

(سُر سُهڻي)

جيتوڻيڪ سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف کي 250 اڍائي سو سال گذري چڪا آهن، ليڪن سندس شعر انسانذات لاءِ مشعل راهه آهن. شاهه ڀٽائي پنهنجي ڪلام جو فڪر ۽ پيغام عوام الناس تائين پهچائڻ لاءِ سنڌي زبان جو انتخاب ڪيو. شاهه جي نظر ۾ سنڌي زبان دنيا جي عظيم زبان  آهي. شاهه صاحب کي اهو معلوم هو ته سنڌي زبان ان لاءِ متبرڪ آهي، جو دنيا اندر قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو هو.

هن پنهنجي ڪلام ۾  36000 ڇٽيهه هزار سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. دنيا ۾ اهڙو ڪو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه وري ٿيندو.

شاهه صاحب جي سُر ”بَروو سنڌيءَ“ ۾ فقط عشق جو ذڪر ٿيل آهي ته سچو عاشق ڇا کي چئجي؟ ۽ ڇا تي عشق پچائڻ گهرجي يعني سچو عشق ربّ پاڪ سان رکي پنهنجو ٻيڙو دنيا مان چاڙهي وڃي. ”قاضي الحاجات“ جي روبرو پنهنجي عاجزي ڏيکاري پنهنجي دل جا مطلب حاصل ڪري.

شاهه صاحب هن سُر کي نِج سنڌي رنگ ڏنو آهي، ته جيئن سمجهڻ ۾ آسان رهي. هِن سُر ۾ 3 داستان آهن، جنهن ۾ شاهه صاحب عاشق جي نياز ۽ بيقراري ۽ معشوق جي ناز ۽ حُسن کي نهايت سهڻي ۽ دلڪش نموني سان پيش ڪيو آهي. جيئن ته دنيا جا ٻه نالا آهن. 1. دارالحَن يعني امتحان جي جاءِ، 2. دار الحزن يعني ڏک جي جاءِ. هر دور ۾ ماڻهن جي اڪثريت هميشه ڏُکن ۾ رُڌل ۽ پريشانين جو شڪار رهي آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ڏُک هڪ طرف هن دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته ٻئي طرف اسين ڏُک يا تڪليف کي انسان جي آڏو وڏائي يا عوامي اُهڃاڻ به سڏي سگهون ٿا. جيئن ربّ پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته اسان انسان کي مشقت ۾ پيدا ڪيو آهي. راحت جي باري ۾ حُضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي حديث قدسيءَ ۾ فرمايو ته: اسان راحت آخر ۾ عطا ڪرڻ لاءِ خلقي آهي. انسان ان کي يعني پنهنجي ابدي زندگيءَ يعني راحت واري زندگيءَ کي هن دنيا ۾ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

شاهه صاحب پڻ هن سُر ۾ انسان جي رهنمائي لاءِ توحيد جو سبق ڏنو آهي ته هن ڪائنات جو پالڻهار خود جلشانھ آهي. هر ڪا شيءِ سندس حڪم تي هلي ٿي. هن سُر ۾ شاهه صاحب پنهنجي محبوب جي ڳولا لاءِ اهو ٻڌايو آهي ته ڪيترا ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا، تڏهن ٿو محبوب هن کي مِلي. انسان کي گهرجي ته ربّ پاڪ جي پيروي ڪري هن دنيا ۾ پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پالڻهار اڳيان پنهنجو سر نمائي ۽ نياز ۽ نِوڙَت سان پنهنجي ربّ کي پُڪاري ۽ پنهنجي ربّ ۾ اهو يقين رکي ته سڀيئي مُرادون منهنجيون، ربّ پاڪ پُوريون ڪندو. شاهه صاحب بَروو سنڌي ۾ فرمايو ته:

ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿيئن ٻينَ جو؟

وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَريمَ جِي، جَڳَ جو والي جو،

سؤلو هُوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.

 

ڪوٺي ڪُٺائوُن، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين،

ماسُ وِراهي هَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇِڏِيائوُن،

”وَتَواصوا بِاالحق وتَواصو بِالصَبرُ“ اِئين اُتائوُن،

جي مارِيائوُن، کِلي گهائِيو سَڄَڻين.

(سُر بروو سنڌي)

مطلب ته شاهه صاحب انسانن کي هدايت ڪئي ته تنهنجو مطلب ربّ ڪريم پورو ڪندو. تون ان ۾ پنهنجي آس رک ۽ نااميد نه ٿيءُ. ڇو ٿو ٻين جو ٻانهو ٿئين، تون پنهنجي ربّ جي چاڪري ڪر جيڪو هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي. اهو انسان سدائين سُکيو هوندو، جيڪو پنهنجي ربّ سان محبت ڪندو پر اهو عمل گهڻي محنت ۽ مشڪلاتن جو عمل آهي. ڇو جو محنت هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو سُک ۽ مراد ماڻڻ جو ذريعو آهي. اورچائيءَ ۾ جان ۽ جيءَ کي جفا ڏيڻ سان ڪاميابيون حاصل ٿين ٿيون. قرآن شريف ۾ خود ربّ پاڪ فرمايو آهي ته ”ڏکن پُٺيان سُک آهن“ ان لاءِ هر گهڙيءَ جي پروڙ فقط  ربّ پاڪ کي آهي. هتي شاهه صاحب فرمايو ته:

پاڻهِين جَلَّ جَلالُھُ، پاڻهِين جان جمَالُ

پاڻهينَ صُورت پرينءَ جي، پاڻهين حُسن ڪمالُ

پاڻهِينَ پيرُ مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻ خيالُ

سڀ سڀوئي حالُ، منجَهان ئي معلوم ٿئي.

(سُر ڪلياڻ)

شاهه صاحب کي ربّ تعاليٰ جي ذات اقدس تي ايترو ڀروسو هو، جو هر ڪنهن حالت ۾ سندس ٻاجهه ۾ اميد ۽ آسرو رکندو هو. اهڙي حقيقت سمجهائڻ لاءِ ليلا کي پڻ تاڪيد ڪندي چيائين ته

جي ليلائي نه لَهين، تان پُڻُ ليلائيج،

آسرو  مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

(سُر ليلا چنيسر)

قرآن شريف جي هن آيت مان پڻ معلوم ٿئي ٿو، ۽ حضور ﷺجن پنهنجي اُمت کي اها هدايت ڪئي ته ”خدا جي رحمت نهايت ڪُشادي آهي. ٻانهي کي جڳائي ته ڪنهن به حالت ۾ الله تعاليٰ جي رحمت کان مايوس ۽ نااميد نه ٿئي.“ پر ان سان گڏ هيءُ به حڪم آهي ته ”خُداءِ واحد القهار کان ڊڄندا ۽ کيس ياد به ڪندا رهو.“

شاهه صاحب فرمايو آهي ته ٻانهي کي جڳائي ته پنهنجي خالق ۽ پالڻهار کي سدائين ياد ڪندو رهي ۽ بارگاهه الاهيءَ ۾ عاجزيءَ سان توبهه ڪندو رهي، شيطاني وسوسن، دنيا وي لذتن ۽ عيش عشرت ۾ محوَ ٿي پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي وساري نه ڇڏي.

سوره البقره ۾ ارشاد رباني آهي ته ”فاذڪُرُوني اَذڪر ڪم“

ترجمو: ”اي ٻانها! تون مون کي ياد ڪر ته آئون توکي ياد ڪندس.“

سُر بِروو سنڌي جي پهرين بيت جي حوالي سان ته جيئن ڏهين جماعت جي انگريزي ڪتاب جي هڪ نظم "Voice of God" ۾ پڙهيو ته ”شاعر پنهنجي خدا جي آواز کي ڳولڻ لاءِ مٿاهين بُرج يعني اوچي ۾ اوچي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي ٿو. اتي کيس غائباني انداز ۾ آواز ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته، ”جنهن آواز کي تون ڳولين ٿو دراصل اهو آواز تنهنجي رڳن کان به ويجهو آهي يعني تو ۾ ئي آهيان.“

شاهه صاحب فرمايو ته:

”جو تون ڏورِئين ڏور، سو سَدا آهي ساڻُ تو،

لالَنَ لَئي لَطيفُ چئي، مَنجهي ٿِي مَعذور،

منجهان پنئن پَروڙِ، تو منجهه آهس تَڪيِو.

(سُرسسئي آبري)

”مطلب ته اي انسان تون هن دل فريب دنيا ۾ غافل نه ٿي، جيڪا به تنهنجي تمنا آهي اها صرف ربّ پاڪ وٽان حاصل ٿيندئي.“

شاهه صاحب سُر بَرِوو سنڌيءَ ۾ انسان کي محبت ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو، جيڪي سچا سالڪ آهن اهو ئي پيا ذڪر ڪن ته سواءِ ربّ جي ٻيو ڪو به ربّ نه آهي، جنهن لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا. تڏهن ٿو ربّ ملي. هن بيت جي حوالي سان ٻين سُرن ۾ پڻ شاهه صاحب انسان ذات کي هدايت ڪئي آهي، ته اي انسان! تون پنهنجو مطلب خدا ۾ رک ۽ ان تي مڪمل ڀروسو ڪر. ٻين بيتن جون ڪجهه سِٽون هيٺ لکجن ٿيون جيڪي سُر بَروو سنڌيءَ جي پهرين داستان جي بيت سان ملن ٿيون. جنهن ۾ شاهه صاحب فرمايو ته هر خواهش ۽ مطلب خدا ڪريم کان گهرندو ڪر:

سَڀيئي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪمَ

ٿيءُ تحقيق تَسليمِ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ

قادِرُ ساڻ ڪَرَم، حاصَل ڪري حَاجَ تو.

(سُر سريراڳ)

سُر ڪلياڻ ۾ فرمايائين ته:

وَحدَهُ جي وڍَيا، الاَاللهُ سين اورين

هِينون حقيقت گڏيو، طريقت تورين

معرفت جي ماٺ سِين، ڏيساندر ڏورين

سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين

ڪُلهنئون ڪورِين، عاشق، عبداللطيف چئي.

(سُر ڪلياڻ)

ساڳئي سُرَ ۾ فرمايو اٿس ته:

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل

حقّ حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ مَ ڀُلُ

هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

(سُر ڪلياڻ)

ساڳئي بيت جي مناسبت سان سُر سهڻي ۾ فرمايائين ته:

گهَڙو ڀَڳو ته گهوريو، آسَرَ مَ لاهيجِ،

لاَتقنطُوا مِن رّحمـﺔ الله، تُرهي اِنَ تَريجِ،

حَبيباڻي هيج، پسِين مُنهن ميهارَ جَو.

(سُر سهڻي)

اهڙي هدايت سسئي کي به ڏني اٿس، جيڪا هن سُر سان مشابهت رکي ٿي، يعني تون آسرو نه لاهج توکي محبوب ضرور ملندو.

پَسي ڏونگر ڏاه! جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻِي وَهين،

لانچي لَڪَ لطيف چئي، پُٺيءَ ڪيچِينُ ڪَاهه،

پُڇي پُورج، سسئي! بلوچاڻي باهه،

اِنَ وَڙائتِي وَرَ جِي، آسَرَ هَڏِ مَ لاههِ،

جو اَکِنئوُن اوڏو آههِ، سو پِرين پَرانهُون مَ چئو.

(سُر سسئي آبري)

سوره انفال آيت 2 ۾ ارشاد رباني آهي.

ترجمو: مومن اُهي آهن، جن جون دليون جڏهن الله پاڪ کي ياد ڪيو ويندو آهي ته ڊڄنديون آهن ۽ جڏهن سندس آيتون انهن کي پڙهي ٻڌائبيون آهن تڏهن سندن ايمان کي وڌائينديون آهن ۽ پوءِ اُهي پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪندا آهن.

سوره البقره آيت نمبر 112 ۾ فرمايل آهي ته:

ترجمو: هائو! جنهن پنهنجو مُنهن الله لاءِ نِوڙايو ۽ اهو ڀلارو به هوندو تنهن لاءِ سندس پالڻهار وٽ اَجرُ آهي.

سوره بقره آيت نمبر 165 ۾ ارشاد آهي ته:

ترجمو: ماڻهن مان ڪي (اهڙا) آهن، جي الله کان سواءِ (ٻين) کي الله جهڙو ڪري وٺندا آهن ۽ الله جي پيار وانگر پيارو رکندا آهن.

مٿين آيتن جي ترجمي ۽ مختلف بيتن جي حوالي سان شاهه صاحب انسان کي سچي راهه جو طريقو سمجهايو ته سڀ ڪجهه الله تعاليٰ آهي.

صوفين وٽ مشهور حديث اها آهي ته ”جنهن پاڻ سڃاتو تنهن ربّ کي سُڃاتو“

نَڪا اِبتدا عبد جي، نَڪا اِنتها

جَنِ سُڃاتو سُپرين، سي وڃڻ کي ويا.

(سُر ڪلياڻ)

اڳتي سُر بروو سنڌيءَ ۾ فرمايو اٿس، جڏهن هن جو محبوب هن کان وڇڙي وڃي ٿو ۽ پوءِ نااميد ٿئي ٿو ۽ پنهنجي معشوق جي فراق ۾ پنهنجي اکين مان ڳوڙها ڳاڙي ٿو.

شاهه صاحب اها هدايت ڪري ٿو. اي انسان تون پنهنجي ربّ کان نااميد نه ٿيءُ ۽ صبر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چوي ٿو ته پنهنجي ربّ مان آسرو نه لاهه:

لڳيءَ جو، لَطيفُ چَئي، نڪو قالُ نه قِيلُ،

لکِئي لامُون کوڙيُون، نيڻين وهي نَيرُ،

هينئڙا! ٿيءُ سُڌيرُ، ڪالهه قرِيبَنِ لڏِيو.

 

جَڏهِن پَوي يادِ، صُحبَتَ سُپيرِيُنِ جي،

فَرِيادوُن فَرِيادِ، ناگَھَ وَڃَنِ نِڱِيو.

 

صورَتَ گهڻو سُهِڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽوُهَ،

ريلو ڏِئي روحَ، جو کائي، سو کامي مَري.

(سُر بروو سنڌي)

اي انسان، تقدير ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون، ان کي همٿ سان جفا ڪشيءَ ۽ صبر سان مقابلو ڪر. اجايو پنهنجي اکين مان ڳوڙها نه ڳاڙ ۽ اجايو ويهي وقت وڃائيندين ته توکي تنهنجو محبوب هرگز نه ملندو.

شاهه صاحب جي نظر ۾ ته انسانذات لاءِ ڪو اهڙو وقت به يعني مشڪلاتون اچن ٿيون ته به انهيءَ کي وساريو ڇڏين، پر ڪي گهڙيون اهڙيون  به اچن ٿيون جن کي وسارڻ به چاهي ته به وساري نٿو سگهجي ۽ عاشق ويچارو پنهنجي محبوب جي محبت ۾ ايترو ته رڱيل آهي ۽ هن جي جدائي ۾ ايترو ته ڳري ويو آهي جو سندس بدن جو ماس ئي ڳري ويو آهي. صرف هڏائون پڃرو وڃي بچيو اٿس، اتي به شاهه صاحب صبر ڪرڻ جي تلقين فرمائي آهي، چوي ٿو ته:

ڪي اوڏائي ڏُور، ڪي ڏور به اوڏا سُپرين

ڪي سنڀرجن نه ڪڏَهِين، ڪي نه وِسرن مُورِ

جئن مينهن ڪُنڍِيءَ پورُ، تَئِن دوست وراڪو دل سين.

 

جِئَن ڪا ڪاني ڪانَھِن، سَندي لاٽِيون ڪري،

اَچي پَئي اوچتي، دَرِدَ پِريان جي دانھَن،

ويڄُ! ڏنڀئين ڪُھُ ٻانھَن؟ سُور هِنئن کي سامُھان.

(سُر بروو سنڌي)

هِن سُر ۾ عاشق ويچارو يعني انسان پنهنجي محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته اي جانب! مون کان ڪاتي وٺ ۽ جيڪي به منهنجي جسم ۾ عضوا آهن انهيءَ ڪاتيءَ سان وڍي ختم ڪر يعني ڪيتريون به ادائون ڏيکارين پر مون سان صرف هڪ دفعو سنئون منهن ڪري نِهارِ، پر محبوب ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو:

جانب! مُنهنجي جيءَ ۾، تُنهنجي طَمَعَ پوءِ،

وَٺُ ڪاتي، وَڍِ انگُڙا، اَدَبُ ڪرِ مَ ڪوءِ،

ڀانيان ڀالُ سندوءِ، جي ساجَنَ سَنئون نِهارِئين.

 

جانِبَ! توُن جيڏو، آهِين شانَ شعوُر سين،

موُن تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرين! توهُ تُسي تيڏو،

اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئن نَوازينمِ نِگاهَ سين.

 

جانِبَ! ايِئن نه جُڳاءِ، جيِئن مارِيو، موٽِيو نه پُڇينِ،

رَتيءَ رَتُ نه سِنُجري، سِڪَ تُنهنجي ساءِ،

اَسان توئي لاءِ، ٿي پَرِ ۾ پوُڄائوُن ڪَيوُن.

(سُر بروو سنڌي)

شاهه صاحب جو پنهنجي محبوب سان ايترو ته پيار آهي جو هُو پنهنجي محبوب کان هڪ پل به جدا رهڻ نٿو چاهي ۽ هُو اهو به نٿو سمجهي سگهي، ته سندس محبوب کي ڪو ٻيو ڏسي يا پاڻ ڪنهن ڏي نظر کڻي نهاري ۽ پنهنجي محبوب کي ايتريون ته منٿون ٿو ڪري جو چويس ٿو ته:

اِکين ۾ ٿِي ويهُه، ته آئون واري ڍڪِيان

توکي ڏِسي نه ڏيهه، آئون پَسان نه ڪِي ٻِيو.

(سُر آسا)

سُر بروو سنڌيءَ ۾ شاهه صاحب انسانذات کي ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ته توهان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر ٿي رهو.

جيئن حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي حج جي آخري خطبي ۾ بني نوع انسان کي هدايت ڪري فرمايو ته اي انسان  اوهين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيو ۽ اوهين سڀ حضرت آدم جو اولاد آهيو. ۽ پاڻ ۾ خون خرابو نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت سان گڏ وقت گذاريو. اهڙو احوال سوره الحجر  ۾ آيل آهي. انهيءَ نظريي کي سمجهي شاهه صاحب فرمايو آهي ته

ڪَڙو مَنجِهه ڪڙي، جيئن لُهَار لَپيٽيو،

مُنهِنجو جِيءُ جَڙي، سُپرِيان سوگهو ڪَيو.

 

اَڄُ پِڻُ اَنگِيَمِ اَنگَ، هَٿان حَبيِبَنِ جي،

جا پَرِ سَونٽيءَ سَنگَ، سا پَرِ سوُرَنِ سان ٿِئي.

 

اَڄُ پِڻُ جُڙَيمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهي دَرِ آئِيو،

سُکَنِ اَچي ڏُکَنِ کي، مُحڪَمُ ڏِني موڙَ،

جا پَرِ کَٽيءَ کوڙَ، سا پَرِ سوُرَنِ سان ٿِئي.

 

عِشقُ اَهڙي ذاتِ، جو مانجهي مُنجهائي مَيَنِ کي،

ڏِينهان ڏورَڻُ ڏونگرين، روئَڻُ سَڄيائي راتِ،

اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحبوُبَنِ جي.

(سُر برووسنڌي)

جيئن لوهار زنجير ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪڙو ٻئي ڪڙي ۾ ملائي جڪڙيندو آهي، تيئن منهنجي جانب به، منهنجي جيءَ کي پاڻ سان زنجير وانگر جڪڙي ڇڏيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته شاهه صاحب جيڪو لوهار جو احوال ڏنو آهي ان جو مطلب ربّ پاڪ ڏانهن اشارو آهي ۽ زنجير جو مثال انسان ذات لاءِ آهي ته اهي نيڪ ۽ پرهيزگار رهن ۽ اي انسان جيڪو اوهين پاڻ ۾ زنجير وانگر ٻانهن ٻيلي ٿي، پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري اتحاد سان گڏ زندگي گذاريو ته توهان ڪڏهن به پنهنجي راهه نه وڃائيندئو ۽ دشمن ڪڏهن به اوهان تي حملو نه ڪندو. هتي زنجير جو مطلب منهنجي خيال ۾ ٻڌي، ڀائيچاري، نيڪي ۽ پرهيزگاري لاءِ آهي.

سوره المائده جي آيت نمبر 2 ۾ ارشاد رباني آهي

ترجمو: ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا ڪريو. گناهه ۽ ظلم جي ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪندا ڪريو.

يعني اوهان متقي ۽ پرهيزگار ٿيو ۽ گناهن کان پاسو ڪريو. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته اسين، الله جي ڏنل احڪامن سان محبت ڪريون، ته اسان جا سڀئي گناهه ربّ پاڪ بخش ڪري ڇڏيندو.

سوره آل عمران جي آيت نمبر 30 ۾ ارشاد آيل آهي ته:

ترجمو: چئو ته جيڪڏهن اوهان الله سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو ته الله به اوهان سان محبت ڪري ۽ اوهان جا گناهه بخش ڪري ڇڏي! بيشڪ الله سائين بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي.

سُر بروو سنڌيءَ ۾ شاهه صاحب اها هدايت ڪئي آهي ته خدا سان گڏ اُن جي رسول سان پڻ محبت ڪريو. چيو اٿس ته:

 

نَازَ منجهارا نڪري، جَڏهِن پِرين ڪَري ٿو پنڌُ،

ڀُون پڻ ”بِسِم اَلله“ چئي، راهه چُمي ٿي رَندُ،

اُڀيُون گهَڻي اَدَبَ سين، حُوروُن حَيرَتَ هَنڌُ،

سائِينءَ جو سوگندُ، سَاجَنُ سَڀنَئان سُنهڻو.

 

ڪَڏَهِن طاقِيوُن ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَن جا،

ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نينِ،

ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجهانَدَر ڳَرهِين،

اَهڙائي آهيِنِ، صاحِبُ مُنهنجا سُپِريِن.

(سُر بروو سنڌي)

يعني محبوب پنڌ ٿو ڪري. هتي محبوب جو اشارو منهنجي خيال ۾ حضور اڪرم جن ڏانهن آهي. جڏهن حضور ﷺ جن معراج ڪيو ۽ جڏهن حضور ﷺ جن پنهنجا قدم مبارڪ زمين تي رکيا ته زمين بسم الله چئي ڀليڪار ڪري سندن قدم چُمي ٿي. ملائڪ ۽ حُورون سندن استقبال ڪرڻ لاءِ ادب سان بيهن ٿيون ڇو جو خدا جو محبوب سڄي ڪائنات کان وڌيڪ حسين آهي. ڇو جو ربّ پاڪ پهريائين نورُ (محبوب) کي پيدا ڪيو ۽ ان کان پوءِ سڄي ڪائنات جوڙيائين. الله تعاليٰ پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ معراج جو معجزو ڏنو. جڏهن حُضور اڪرم  ﷺ جن عرشِ موليٰ تي خدا سان ملاقات ڪن ٿا ته جُتي لاهين ٿا، حڪم ٿئي ٿو ته اي منهنجا محبوب تون جُتيءَ سوڌو مون سان اچي مِلُ.

شاهه صاحب انسانذات کي انسانذات جي هدايت ڪرڻ سان گڏ سُستي ۽ ڪاهليءَ کان پڻ روڪي ٿو ۽ هدايت پڻ فرمائي ٿو ته هيءُ دنيا فاني آهي، هن ڪوڙي دنيا کي بقا نه آهي.اصل ۾ اوهان جي دنيا بهشت يا دوزخ آهي، جن چڱا ڪم ڪيا انهن کي بهشت ۽ جن گناهه ڪيا انهن کي دوزخ ملندو. انهيءَ لاءِ شاهه لطيف اڳواٽ انسانن کي چوي ٿو ته:

فاني تي فاني، دُنيا دَمُ نه هيڪڙو

لَٽي لوڙهُ لتُنِ سين، جُوڙيندَءِ جاني

ڪوڏَرِ ۽ ڪانِيءَ، آهي سِرَ سَڀَڪَنهن.

شاهه صاحب وڌيڪ فرمائي ٿو ته:

يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جاني زِباني،

آهي آساني، ڪَمَ پَئي ٿي ڪَلَ پَوي.

 

شُڪُرُ گَڏِياسوُن، سپِريِن! جِئري، جاني يارَ!

ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ،

ڌڻَيم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.

(سُر بروو سنڌي)

هن بيت جو مطلب اهو نڪري ٿو ته جيترو وقت هن دنيا ۾ جيئرو آهين، تون پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪر، اجايو وقت نه وڃاءِ، بي همت انسان مان قدرت به بيزار آهي، بيڪار ۽ آرام پسند انسان کي جڳائي ته قدرت ڏانهن نظر ڪري ۽ ان مان محنت جو سبق حاصل ڪري:

سُتا اُٿي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪِجي ايتري،

سُلطاني سُهاڳُ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.

(سُر ڏهر)

وري ڪاهل انسان کي هدايت ڪيائين ته:

تــتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاهِه، ڪانهي ويلَ وِيَهڻَ جِي،

متان ٿئي اُونداهِه، پيرُ نه لهِين پِرينءَ جو.

(سُر معذوري)

اهڙي نموني سسئيءَ کي شاهه صاحب فرمائي ٿو ته پنهنجي محبوب کي ڳولڻ لاءِ تيز وِکَ وڌاءِ  ۽ هر حالت ۾ هلندي هل ۽ پُنهونءَ جا پير ڳوليندي هل متان اوندهه ٿي وڃي ۽ پنهونءَ جا پير نه لهي سگهين. ساڳئي وقت ان جو مفهوم هڪ وطن پرست لاءِ هڪ دُنيوي انسان لاءِ، هڪ شاگرد لاءِ، مطلب ته هر انسان لاءِ جيڪو به ڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ته (تتي ٿڌي ڪاهه) وارو طريقو استعمال ڪري ڇو جو هيءَ دنيا فاني آهي وقت نڪري ويندو ته وري هٿ نه ايندو. هميشه لاءِ شاهه صاحب اهو به فرمائي ٿو ته عملي زندگي آسان نه آهي، ان ۾ هزارين مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون:

سورِيءَ چڙهڻُ، سيجَ پَسڻَ، اِيءُ ڪَمُ عاشقنِ،

پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هلن سامُهان.

 (سُر ڪلياڻ)

يعني اهو درس ڏئي ٿو ته هن فاني دنيا ۾ جيڪا به حياتي ملي اٿئي ته هُن مشڪلاتن واري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ پچائي عشق، مولا سان رچائي پنهنجي زندگيءَ کي ڳاري ماس پچائي ڇڏ. جيئن جوڳيءَ لاءِ پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ مادي اسبابن ۽ دُنيوي لذتن جي ڪشش هنن جي اڳيان ڪا به حيثيت نٿا رکن. هُو تڪبر ۽ شاهي شان و شوڪت کان بالا تر لنگوٽيءَ تي قانع آهي. اُنهن آڏو محل ۽ ماڙيون ڪا شيءِ نه بلڪ هُو ته هاهوت (معرفت) ماڻڻ لاءِ کرڪڻ پائي ڏاڍي ڏونگر جي بر واري پنڌ کي پسند ڪري ٿو. جيئن سسئي ويچاري ڀنڀور جي عيش ۽ آرام کي ڇڏي هاڙي، پٻ ۽ هالار جي هوڏ ۽ هٺ سان منهن ڏنو هو. نُوريءَ به پَٽَ راڻي ٿي پاڻ کي پڏائڻ پسند نه ڪيو، اهڙيءَ طرح اي انسان تون نياز ۽ نوِڙت سان هل، جيڪي به هن دنيا ۾ هوڏ سان هلن ٿا. انهن پنهنجي زندگي اجائي وڃائي ڇڏي. ربّ پاڪ کي صرف نياز نِوڙت پسند آهي. دنيا ۾ جيڪي چڱا ڪم ڪندين اهي ئي توکي ڪم ايندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org