جيڪڏهن ڪو طالب رڳو ڳالهين ۾ خدا جو نالو پيو
کڻدو، پر انهيءَ وقت(دل ۾) خدا کي وساري ويهندو،
ته ان مان ڪو فائدو ناهي. اهڙيءَ طرح غير الله جو
ذڪر سندس زبان تي پيو هلندو ۽ وري پيو ان کي
ورجائيندو ته ان مان کيس وڏو ڇيهو رسندو. ان کان
پوءِ هي سنڌي بيت پڙهيائون.(28)
]3[
ڌڪين ڌاِت ِپئو، هينئڙو لوهَ سنداڻَ جيئن،
سَنڀاري کي سڄڻين، ِوِرڄي تان نه وئو.
](منهنجي)
دل لوهه جي سنداڻ وانگر ڌڪن جي عادي ٿي وئي آهي.
تنهن ڪري سڄڻن جي سنڀار ۽ يادگيري ۾ پگهرجي ختم نه
ٿي ٿئي.[
رات جو ته هر ڪوئي جاڳي ٿو، پر مرد اهو آهي جيڪو
ڏينهن جو خدا کي ياد ڪري(يعني دنيا جا سڀ ڪم
ڪاريون وساري خدا کي ياد ڪري).
انسان لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو شرف ٿي سگهي ٿو
ته خدا تعاليٰ فرمايو آهي: فاذڪروني اذڪر ڪم:(سورة
152:2) ”توهان مونکي ياد ڪريو ته آءٌ توهان کي ياد
ڪريان.“ وڌيڪ چيائون ته طالب کي گهرجي ته پاڻ کي
بحر شهود ۾ اهڙيءَ طرح غرق ڪري جو ”اذڪروني“ کي
جدا ڪري.
ننڍپڻ جو ذڪر آهي ته استاد اسان کي ڪاٺين ڪرڻ لاءِ
جهنگ ۾ موڪليندو هو ۽ هڪ سبق به ڏيندو هو ته اهو
ياد ڪري اچجو. پوءِ جڏهن اسين جهنگ ويندا هئاسون
ته ٻيا سڀئي پنهنجو سبق ياد ڪري وٺندا هئا پر آءٌ
صرف خدا جو نالو پيو وٺندو هوس. موٽي اچڻ کان پوءِ
جڏهن اهو سبق پڇندو هو ته ٻيا سڀ ٻڌائي ويندا هئا،
پر آءٌ ڪو نه ٻڌائي سگهندو هوس. جيتوڻيڪ آءٌ پڙهڻ
خاطر ڪوشش ڪندو رهيس پر ڪو فائدو نه ٿيو.
جيڪڏهن نماز پڙهڻ وقت ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو خيال اچي
ويو ته پوءِ ڄڻ انهيءَ شخص ان شيءِ جي عبادت ڪئي.
طالب کي گهرجي ته ڳالهائڻ وقت گهڻو فڪر ڪري ڇو ته
ڳالهائڻ ۾ سندس نقصان آهي.(29) فرمايائون ته الله
الله چئو، ٻين جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏيو.
]4[
چرين جيئن ِچتِ ڪري، َسڱ سڀئي ڇنُ،
جي ڀانئين ِپريِن ِمڙان ته مَت منهنجي ِڳنُ.
]پنهنجي
دل کي چرين وانگر ڪري، سڀئي لڳ لاڳاپا ڇني ڇڏ.
جيڪڏهن تون چاهين ته محبوب سان ملان ته منهنجي اها
نصيحت وٺ.[
سندن ارشاد آهي ته غرق(غير سان مشغولي) کان
فرق(مولا سان مشغولي) بهتر آهي. ماجعل الله
لرجل من قلبين في جوفہ(4:33) يعني خدا تعاليٰ
انسان جي اندر ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن.
جيڪڏهن طالب کان ڪو گناهه ٿي پوي ته رڳو افسوس ڪرڻ
۾ وقت نه وڃائي، بلڪ يا غافر يا غفار يا غفور
پڙهي. پنهنجو حال هٿان نه وڃائي بلڪه خدا جي ياد ۾
لڳي وڃي.
]5[
پريان سندي ڳالهڙي جيڪو ٻي ڪري،
مت منهنجي ڪن ڪري، تنهن کي جابُ مَ ڏي.
]جيڪڏهن
پرين کان سواءِ ڪو ٻي ڪنهن جي ڳالهه يعني ذڪر
ڪري. منهنجي صلاح وٺين ته ان کي ڪو جواب نه ڏي
يعني ڪو لاڳاپو نه رک[
جيڪڏهن ڪو مبتدي يعني ابتدائي سالڪ خدا جي ذڪر
کان هڪ گهڙي به غافل رهندو ته وچ ۾ وڏو فرق پئجي
ويندو. ساڳي حالت منتهي يعني پڪي پختي سالڪ جي پڻ
آهي.
طالب کي گهرجي ته پنهنجي حال ۾ مشغول رهي، ماضي ۽
مستقبل جي فڪر ۾ نه پوي.
ذڪر ڪندڙ جي دل کي ڪا به شيءِ ڪارو نٿي ڪري، توڻي
جو اها حلال نه هجي.
جيڪو ماڻهو خدا کي ياد نٿو ڪري، انهيءَ ۽ جانور ۾
ٻيو ڪو فرق ناهي، سواءِ انهيءَ جي ته کيس پڇ
ڪونهي.
طالب لاءِ فوت کان موت بهتر آهي. ڇو ته موت خلق
کان(غائب) آهي ۽ فوت حق کان(غائب ٿيڻ) آهي.(30)
جڏهن طالب کي ذڪر ڪندي اڄ ۽ سڀاڻي هڪ نظر اچن ته
هو ڄڻ فريب ۾ مبتلا ٿيو پوي، پر جيڪڏهن ڪنهن خدا
جي يادگيريءَ کي اڄ جي بجاءِ سڀاڻي لاءِ ڇڏي ڏنو
ته ان لاءِ مرڻ بهتر آهي.
جيڪا به عبادت ڪريو، ان ۾ اجوري ۽ ثواب جو خيال نه
ڪريو. ڇو ته خدا تعاليٰ فرمايو آهي ته مون کي ڪشف
۽ ڪرامت جي واسطي ياد نه ڪريو.
]6[
وائي ِٻي مَ ڀُلُ، ِمرُوئان مُوران پَکَڻان،
بِا للهِ سَندو سَڄَڻين، هُو هُلا چو هُلُ.
]ٻي
ڪنهن آواز تي ڀلجي نه پؤ، پوءِ اهو مرن، مورن ۽
ٻين پکين جو ڇو نه هجي. خدا جو قسم، اهو سڀ هل ۽
شور سڄڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن جو ناهي]
هڪ ٻئي جي سامهون (ڪچهري جي لحاظ کان) نه ويهو، ڇو
ته ائين ڪرڻ سان خدا کان پري ٿي ويندا.ذڪر جلي
يعني وڏي آواز سان ذڪر گهڻي زور سان ڪريو ۽ اهڙي
ضرب هڻو جو پهرين ئي ضرب سان دل پرزا پرزا ٿي پوي.
]7[
مَتيون ميڙي کانءِ، واچا کجي ِوچِ پَئهُ،
جو تو ساِئرُ ڀانئِيو، سو هُر ٻُوئي ناهه.
]سڀ
عقل واريون ڳالهيون جمع ڪري ساڙ، رڳو محبت من ۾
رکي ڪاهي پو. جيڪو تو درياهه سمجهيو آهي، سو هڪ وک
هرگز ناهي.[
جڏهن جلي ذڪر شروع ڪريو ته“لاالہ” ساڄي
پاسي کان چئو، ۽ ”الا الله“ کاٻي پاسي کان،
ڇو ته دل کاٻي طرف آهي. جلي ذڪر ۾ گهڻا فائدا آهن،
هڪڙو اهو(31) ذڪر ڪندڙ جي بخشش ٿئي ٿي، ٻيو جيڪو
ان کي ٻڌي ٿو، تنهن جي مغفرت ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو
ٻڌندڙ ان کي ٻي ڪنهن تائين رسائي ٿو. ان جي به
مغرفت ٿئي ٿي، اهڙي طرح ستين شخص تائين اهو سلسلو
دراز ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ذڪر جَهر جو ٻيو وڏو
فائدو اهو آهي ته اهڙي شخص کان سجاڳيءَ توڙي ننڊ
جي حال ۾ خدا جو نالو نٿو وسري. ان جو مثال هن ريت
آهي ته جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار جهنگ ۾ مال چاريندو آهي
۽ ڏينهن جو انهن کي ”هدي هدي“ ڪري پيو سڏيندو آهي.
پر جڏهن رات جو گهر ۾ سمهيل هوندو آهي ته ننڊ ۾
اهي ساڳيا لفظ چئي پيو ڦلندو آهي، بلڪ اوچتو اک
کلڻ کان پوءِ به اهي لفظ اُمالڪ سندس زبان مان
نڪرڻ لڳندا آهن. مطلب ته طالب لاءِ جهر يعني ظاهري
ذڪر پڻ ائين آهي.
جيڪڏهن ڪو شخص ذڪر جَهَر جي شروعات لا الہٰ الا
الله سان ڪري بس ڪري ته ٻيو هڪدم الاالله
سان شروع نه ڪري، بلڪ ٿورو وقفو ڪري ته جيئن
ساڳيو پهريون شخص ئي الاالله سان آغاز
ڪري......
طالب کي گهرجي ته جيتري دير ظاهري ذڪر ڪري، اوتري
دير ذڪر کان پوءِ فڪر به ڪري، ۽ جي ائين ڪندو ته
ان جو مثال هن ريت آهي. جيئن هڪڙو ماڻهو گهري ته
کير مان ڌؤنرو ٺاهيان، پر ان لاءِ ٿورو سنڀاڻ کير
۾ وجهي ۽ ان کي هڪ هنڌ رکي نه ڇڏي، بلڪ وتي
گهمندو، ته اهو کير هرگز نه ڄمندو، اٽلو ڦٽي
پوندو، پر جيڪڏهن کير ۾ سڀناڻ وجهي ٿانوَ کي هڪ
هنڌ رکي ڇڏي ته اهو کير ڄمي ڌونرو ٿي پوندو ۽ ان
مان مکڻ پڻ نڪرندو.
فرمايائون: الذڪر بلافڪر ڪالشجر بلاثمر
يعني ذڪر فڪر کان سواءِ ائين آهي، جيئن وڻ بنا
ميوي جي هجي. ان ڪري ذڪر کان فڪر بهتر آهي(32)
طالب کي گهرجي ته الله جي نالي وٺڻ وقت فڪر ڪري ۽
نيت ڪري ته هو اهڙي هستي يعني خدا جو نالو وٺي
رهيو آهي، جيڪو پاڻ کي پاڻ سڃاڻي ٿو ۽ ياد ڪري ٿو.
سماع مخفي ذڪر آهي ڇو ته ان ۾ احد جو ورد آهي. پر
عام ماڻهن کي خبر ناهي. اهي حيران آهن ته اهو صرف
آواز ئي آواز آهي. چيائون ته خلق سان گڏ ڀلي هجو،
پر انهن سان ملي هڪ نه ٿي وڃو.
]8[
کُڏيون ۽ ِکروٿون، اي پڻ سَڳر ٿوڪَ،
هِنيون ِڏجي حبيبَ کي، ِلڱ گَڏجنِ لوڪَ،
]دل
دوست کي ڏجي ۽ جسم ڀلي ماڻهن جي وچ ۾ هجي، حجرا ۽
عبادت جون جايون، اهي پڻ چڱيون شيون آهن.[
يعني انجمن ۾ خلوت ڪرڻ کپي.
هڪڙي ڏينهن هڪ پير مرد سندن خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪرڻ
لڳو ته سائين ٻڍڙو ٿي ويو آهيان ڇا ڪريان؟ چيائونس
ته وڃي الله الله ڪر. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪندين.
]9[
وِهاڻيءَ
ئي وَڃ، تو نه سرندو تن ري،
تا سا وڃي ڀَڃ، پئي جا ڪاڻ پرين سين.
]توڻي
رات جو پويون پهر آهي ته به اٿي هل، ڇو ته انهن
کان سواءِ تنهنجو چارو نه آهي. پرين سان جيڪا ڪاڻ
پيئي اٿئي، سا لاهه يعني ائين پورو ڪر.[
چيائون ته موڪلائڻ مهل جڏهن اهي لفظ چئبا آهن، ته
وڃو ۽ ڀلي وڃي قرار ڪريو ته انهن جو مطلب اهو نه
هوندو آهي ته وڃي سمهي پئو، بلڪ چوڻ جو مقصد هوندو
آهي ته گوشي نشين ٿي خدا کي ياد ڪريو ۽ ان جي ذڪر
سان قرار حاصل ڪريو.
خلق مئل آهي ۽ صرف ذڪر ڪندڙ جيئرا آهن. تمثيل:
جڏهن مهاڻا مڇين کي ڄار ۾ ڦاسائي ٻاهر ڪڍندا آهن،
ان وقت ڪي مڇيون مئل هونديون آهن ۽ ڪي پيون
ڦٿڪنديون آهن ته ڪي وري جيئريون هونديون آهن. ان
ڪري مهاڻا چوندا آهن ته هي مڇيون زنده آهن. ملائڪ
به اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي کي چوندا آهن ته هي جيڪي ذڪر
ڪندڙ آهن، اهي زنده آهن ۽ باقي ٻيا سڀ مئل
آهن.(33) جنهن شخص جي دل ۾ خدا جي دوستي داخل نه
ٿي آهي، ان جو ڪو اعتبار ناهي. ان لاءِ هڪ ننڍو
ذرڙو به ازدها برابر آهي ! قيامت جي ڏينهن خدا
تعاليٰ ۽ سندس رسول محمد عليہ الصلواةِ والسلام
انهيءَ شخص کي پنهنجو دوست قرار ڏيندا، جنهن جي دل
۾ سندن محبت هوندي.
طالب کي گهرجي ته هر حال ۾ خدا کي ياد ڪري، پوءِ
کيس ان لاءِ توفيق ساڻي ٿئي يا نه ٿئي. وس آهر خدا
جي راهه ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪري. ڇاڪاڻ ته جڏهن باغائي
ٻنهي هٿن سان ڪوڏر هڻندو آهي، تڏهن ئي زور بازو جي
نتيجي ۾ زمين جو ڪو ٽڪرو تيار ڪري سگهندو آهي.
جيستائين طالب پنهنجي دل کي سڀني خيالن ۽ خطرن کان
خالي نه ڪندو، تيستائين خدا جو ذڪر سندس دل ۾ قرار
نه وٺندو. ڇاڪاڻ ته جيستائين جهنگ سان ڀريل زمين
کي صاف نه ڪبو، تيستائين منجهس ڪو به سلو نه
اڀرندو.
جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته هي ڪم پورو ڪري پوءِ خدا کي
ياد ڪندس ته هو ڀليل آهي، ڇو ته اهڙا دنيا جا ڪم
ڪڏهن کٽڻا نه آهن. هڪ ڪم کان واندو ٿيندو ته ٻيو
اڳيئي سندس آڏو هوندو. پوءِ وري ان ۾ مشغول ٿي
ويندو. مطلب ته اهڙيءَ طرح ابدي فراق يعني هميشه
واري فرقت جو شڪار ٿي ويندو.(34) دنيا جي ڪمن جو
مثال ائين آهي جيئن هڪ شخص مٽيءَ جو گيچڻ ڀري مٿي
تي رکي، پوءِ ڪيتري به ڪوشش ڪري پر جيئن ئي هلڻ
لڳندو، ته ڌوڙ سندس منهن تي ضروري ڪرندي.
]10[
اِٿي چَلُ چَرين جيئن، سَڱ سڀئي ِڇنُ،
جي ڀانئين پرين مڙان، ته مت منهنجي ڳنُ.
]اٿي
چرين وانگر هل ۽ سڀ لڳ لاڳاپا ختم ڪر، جيڪڏهن تون
گهرين ٿو ته محبوب سان ملان ته پوءِ منهنجي اها
صلاح وٺ.[
طالب کي گهرجي ته خدا جي طلب کان ڪڏهن به عاجز نه
ٿئي ۽ ائين ڪڏهن به نه سوچي ته خدا ڪا اهڙيءِ شيءِ
آهي. جنهن جي طلب ڪري نٿي سگهجي. بلڪ هر حال ۾ خدا
جي طلب ۾ مشغول رهي ۽ پنهنجي دل تي اهڙا خيال اچڻ
نه ڏي.
اسم الله جو ذڪر ئي خدا جو ذڪر ناهي. بلڪ اهو ته
ان جي نالن منجهان هڪ نالو آهي. باقي خدا تعاليٰ
پاڻ شيءِ ئي ٻي آهي. ذڪر اهو ناهي ته رڳو زبان سان
ويٺو الله الله ڪرين، بلڪ ذڪر اهو آهي ته دل کي
خدا سان ڳنڍيل رکين. جيئن پيغمبر صَلي الله عليہ
وسَلّم فرمايو آهي ته ”من احب شيئاً اڪثر ذڪره“
يعني جيڪو ماڻهو ڪنهن شيءِ سان محبت ڪندو آهي، سو
اڪثر انهيءَ کي ياد ڪندو آهي.
[11]
جي جاڳَندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،
مَن ُ ِپريان نيئي، َپڳَهِيو پاڻَ ڳَري.
]جي
جاڳندي دل ۾ آهن، ستي پڻ اهي ئي ياد آهن، پرين
منهنجي دل پاڻ سان کڻي وڃي قابو ڪئي آهي.[
حديث آهي ته “ان الله لاينظر اِلي صور کم
ولاکِن ينظر اليٰ قلوبڪم ونياتکم - يعني
خداتعاليٰ اوهان جي شڪلين کي ڪو نه ٿو ڏسي، نڪي
توهان جي عمل کي، بلڪ توهان جي دلين ۽ نيتن کي ڏسي
ٿو.(35) ذڪر فڪر کان سواءِ بيڪار آهي. وري فڪر دل
جي صفائي کان سواءِ حاصل ڪو نه ٿيندو، ۽ دل جي
صفائي مجاهدي کان سواءِ هر گز نه پلئه پوندي.
اهڙيءَ طرح مجاهدو وري الاهي جذبي ۽ ڪشش کان سواءِ
ناممڪن آهي.
هيڪڙائي واري کي هٿ ڪرڻ لاءِ هيڪلو هجڻ ضروري آهي.
جيئن پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام فرمايو آهي ”ته
ان الله و تريحب الوتر“ يعني خدا هيڪڙو آهي ۽
هيڪڙائي پسند ڪري ٿو. جيڪو بيابان جي ڪنڊ ۾ ويهي
خدا کي ياد ڪري ٿو، تنهن کي خدا تعاليٰ اڪيلو نه
ڇڏيندو، بلڪ کيس کائڻ ۽ اوڍڻ لاءِ ايترو ملندو جو
ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو.
هڪڙي مخلص کان نقل آهي: هڪ ڏينهن مان ۽ ٻيا مريد
حضرت جن سان گڏجي پئي وياسين، اوچتو مون کان ”هو
هو“ جي ضرب نڪري وئي. جڏهن پاڻ اهو آواز ٻڌائون ته
کين اها ڳالهه بري لڳي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري
چيائون: اهو ڇا آهي؟ ڇا ٻيا جيڪي گڏ هلن ٿا، تن کي
اهو ذڪر ياد ناهي جو تون کين ياد ڏياري رهيو آهين
!؟
مصرع: مُٺِ
ڀيڙيائي ڀَلِي، جو اُپٽي ته واءُ.
]مٺ
کي بند رکڻ ڀلو آهي، جي کلي ته سڀ ڪجهه واءَ وانگر
اُڏامي ويندو.[
خدا تعاليٰ کان ڪشف ۽ ڪرامت، مشاهدو ۽ معرفت حاصل
ڪرڻ يا غوث ۽ قطب ٿيڻ جي تمنا نه ڪريو، انهن
ڳالهين جي فريب ۾ ئي نه اچو، بلڪ خدا کي فقط خدا
ڪارڻ ياد ڪريو.
[12]
پاڻياِري سَڀَڪا جا ِسر گَهڙو ڌري،
ڪا لَئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
]مٿي
تي گهڙو رکي پاڻي ڀري ايندڙ عورتون ته گهڻيون آهن.
پر انهن مان محبت وچان ٿي ڀري ته ڪا صرف پورهئي
خاطر اهو ڪم ٿي ڪري. (36)[
تنهائي ۾ هر ڪو خدا کي ياد ڪري ٿو، پر مڙس اهو آهي
جو ماڻهن جي ميڙ ۾ به غافل نه ٿئي. جڏهن ڪو فقير
حجري ۾ ويهي خدا جي ياد ۾ مشغول ٿئي ٿو ته سندس
مرشد اچي ساڻي ٿئي ٿو، پوءِ جيڪڏهن اتي مرشد جي
زيارت کان غافل ٿيو ته ڪجهه نه ڪمايائين. اهڙي طرح
فقير جڏهن حجري ۾ گوشي نشين ٿين ٿا ته وڏي محنت ڪن
ٿا. پر جڏهن ٻاهر اچن ٿا ته وري غافل ٿي پون ٿا.
جيڪڏهن مريدن منجهان ڪو ڀلي ڏور مشرق ۾ رهندو هجي،
پر هو خدا کي ياد ڪري ٿو ته اهو مون کي گهڻو نزديڪ
آهي. پر ٻيو جيڪو مون وٽ نزديڪ آهي. ۽ خدا جي ذڪر
کان غافل آهي، اهو اسان کان گهڻو ڏور ۽ پري آهي.
[13]
وَرَ وِسرِي ته ڪوهُ، پروَرُ نه ِوسرئوس،
ڪو نه چوندو ڪڏهين، ته اڱڻ اونداهوس.
]جيڪڏهن
مڙس کان وسري وئي ته ڇا ٿي پيو، پر کانئس مڙس وسرڻ
نه کپي، ڪير به ائين نه چوندو ته سندس اڱڻ اونداهو
ٿي ويو.[
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن درويش احمد رونجهي
حضرت جن کان پڇيو ته گذر سفر واسطي ڪهڙو ڪم ڪندا
آهيو، چيائون ته ڪوڏر هڻندو ۽ ٻني کيڙيندو آهيان.
پڇيائين ته جڏهن ڪوڏر هڻندا آهيو ته خدا کي ڪيئن
ياد ڪندا آهيو. ان تي پاڻ مرڪي جواب ڏنائون ته اي
احمد، جڏهن پاڻياري عورت ٻهڙا دلا مٿي تي رکي هٿ
سان سوگها ڪري (37) ٽلندي ۽ ڳالهائيندي گهر ويندي
آهي، ته گهڙا ان کي هلڻ ۽ ڪڇڻ کان روڪي نه سگهندا
آهن. اهو ٻڌي احمد خاموش ٿي ويو ۽ وري نه ڪڇيو.
حضرت جن فرمايو ته دراصل اهي گهڙا دل تي رکيل
هوندا آهن ۽ نه هٿن پيرن تي !
فرمايائون ته نفي ۽ اثبات ۾ فرق ڪجو. يعني
لاالہٰ الا الله چوڻ وقت اثبات جي ضرب زور سان
هڻو. پوءِ چيائون ته ذڪر ڪندڙ کي قرآن پڻ ياد نٿو
رهي ! وري چيائون ته مئل شينهن کان جيئرو ٻلو بهتر
آهي ڇو ته جيئرو الله جو نالو وٺي سگهي ٿو، پر مئل
ڪجهه به نٿو چئي سگهي.
هڪ ڏينهن مريدن کي چيائون ته اسان کي گهڻو ياد ڪيو
اٿو، هاڻي خدا جي ذڪر سان مشغول ٿيو.
هڪڙي مريد ڳالهه ڪئي ته آءٌ ٺٽي مان هلي حضرت جن
جي خدمت ۾ بلڙيءَ آيس. جڏهن اتي پهتم ته پاڻ عبادت
۾ مشغول هئا. ان ڪري مان اتي ويٺل ٻين مريدن سان
ڪچهري ڪرڻ لڳي ويس. جڏهن حضرت منهنجو ڳالهائڻ ٻڌو
ته مون کي گهرايائون ۽ مون کي نصيحت ڪرڻ لڳا ته
جڏهن آءٌ ڳالهائي رهيو هوس ته کين ڏاڍي تڪليف ٿي
پهتي، ته فقير کي ڳالهائڻ ۾ مشغول نه ٿيڻ کپي.
توڙي جو ٻيا ڳالهائڻ ۾ رڌل هجن. ان کان پوءِ مون
کي گهڻيون نصيحتون ۽ هدايتون ڪيائون. مون اهي گفتا
۽ هدايتون(38) ٻڌي موڪلائڻ جي اجازت ورتي ۽ ٺٽي
واپس آيس. جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪنهن کي ڪا ڳجهي
شيءِ عنايت ڪري ته ان کي گهرجي ته اها ظاهر نه
ڪري.
[14]
مُٺِ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپِٽي ته واءُ،
جُه پڌرِ وڌي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي ساءُ.
]مٺ
بند ڀلي آهي، ڇو ته جي کلي پوندي ته ڪاڳالهه ڳجهي
نه رهندي. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪا
)ڳجهه
واري(
ڳالهه ظاهر ٿي پوندي ته پوءِ ان مان مزو نڪري
ويندو.[
نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪو مريد حضرت جن جي خدمت ۾
اچي حاضر ٿيو. ان کان پڇيائون ته خدا کان سواءِ ٻي
ڪنهن کي ياد ٿا ڪريو ڇا؟ مريد وراڻيو ته خدا جي
ياد ۾ مشغوليءَ کان پوءِ حضرت جن کي ياد ٿا ڪريون.
ان تي وراڻيائون ته چڱو!
جيڪو شخص رزق جو طالبو آهي، ان کي الله جو نالو
وٺڻ نه کپي، بلڪ هن کي کپي ته رزاق نالي جو ورد
ڪري، ڇو ته خدا جي طلب هر مراد ۽ مطلب کان آجي هئڻ
کپي.
[15]
جيڪي گُهران م وَڃُ، جيڪي موٽ مَ سُهڻي،
هيڪڙيائي هَٿِ ڪَرِ، ٻيون ڀيري ڀَڃ.
]اي
سهڻي يا ته پنهنجي گهر مان نه نڪر يا نڪرين ته وري
موٽي نه اچ. مطلب ته هيڪڙائي کي هٿ ڪر، ٻيون سڀ
شيون ڀڃي ڀورا ڪر.[
نقل آهي ته هڪڙو مريد سندن خدمت ۾ آيو. ان کان
پڇيائون ته خدا کي ياد ڪريو ٿا. مريد وراڻيو ته
سائينجن جي برڪت سان سڀ ڪجهه حاصل آهي. ان تي کيس
سمجهايائون ته ائين نه چؤ، ڇو ته هڪڙي وٿ جو ملڻ
به وڏي ڳالهه آهي.(39)
سڀني عبادتن کان الله پاڪ جو نالو برتر آهي. ان جو
مثال ڏيندي چيائون ته جيئن ملهه جي حساب سان روپئي
۾ پئسا آهن ۽ دنيا ۾ درهم آهن يا پٿرن ۾ لعل گوهر
آهن، ته وري وڌ ۾ وڌ سنگ فيروزه آهي تيئن عبادتن ۾
خدا جو نالو آهي.
نقل آهي ته هڪ دفعي وٽن هڪ مريد آيو ۽ چوڻ لڳو ته
توهان منجهان ٻين سڀني کي ته فائدو رسيو آهي، پر
مون کي ڪو فائدو نه پيو آهي. تڏهن کيس فهمائش ڪندي
فرمايائون ته اهڙو سخن نه ڪڍجي - ڀلا، سوچ ته تون
هن رستي تي ڪيئن پهتو آهين؟
[16]
سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وَساءِ،
تنهين سندي سوجهري، سوئي سو پَساءِ.
]اهو
ساڳيو محبوب هن طرف به آهي ته هن طرف پڻ، بلڪ دل ۾
به اهو ئي آهي اهو ئي پنهنجي روشنيءَ ۾ پاڻ نظر
اچي ٿو.[
هڪڙا فارغ المشغول يعني هر مشغلي کان وانجهيل آهن
ته ٻيا وري مشغول الفارغ يعني فراغت ۾ مشغول آهن.
فرمايائون ته حبس دم - دم يعني ساهه منجهائڻ کپي.
ان جو مثال هيئن آهي ته جڏهن سانداريءَ ۾ هوا
ڦوڪبي آهي ته پوءِ اها ڀريل لڳندي آهي ۽ جڏهن ان
مان هوا ڪڍي ڇڏبي آهي ته کلي ٿي پوندي آهي. اهڙيءَ
طرح حبس دم وقت الله الله گهڻو ڪجي ۽ دم ڇڏڻ وقت
وري لاالہ الا الله چئي ته جيئن دل جي صفائي حاصل
ٿئي.
هڪڙي مريد کان نقل آهي ته هن حضرت جن جي خدمت ۾
حضرت سفيان ثوري رحمةِ الله عليہ جو هي قول ٻڌايو:
”انما حرم الوصول ليقنع الاصول“ يعني ”وصول
ان ڪري منع آهي ته جيئن اصولن کي پڪو ڪجي“ (40)
اُهي الفاظ ٻڌي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ڪيتري وقت
تائين اهي الفاظ دهرائيندا رهيا. ان کان پوءِ چوڻ
لڳا ته وصول جا اصل ڪل چار آهن:(1) ٿورو کائڻ (2)
خلق سان ٿورو گڏجڻ (3) ٿوري ننڊ ڪرڻ (4) حق جو
گهڻو ذڪر ڪرڻ.
ڇاڪاڻ ته طالب انهن چئن اصلي ڳالهين جو خيال نٿا
رکن تنهن ڪري الاهي وصال کان وانجهيل رهجي وڃن ٿا.
خداتعاليٰ جو فرمان آهي ته ”واذڪر ربڪ اذا
نسيت“ (سورة 24:18) يعني خدا کي ايستائين ياد
ڪيو جيستائين توهان پاڻ کي ڀلجي وڃو. اهڙيءَ طرح
خدا کي انهن گهڙين ۾ ياد ڪريو جيئن نفس جي خواهش ۽
لذتن کي وساري ويهو. اڃا به رب کي ان ساعت ياد
ڪريو جڏهن سندس ذڪر وساري ويهو. ارشاد خداوندي آهي
ته واذڪر ربڪ في نفسڪ تضرعا وخيفةِ ودون الجهر
(سورة 205:7) يعني ”خدا کي دل ۾ ياد ڪريو، پر
نياز نوڙت سان ۽ لڪي لڪي يا ڳجهه ڳوهه ۾، سواءِ
ظاهر ٿيڻ جي“. خدا کي ظاهر توڙي باطن ۾ ياد ڪريو
يعني زبان توڙي دل سوڌو، ڇو ته نياز ۽ نيزاري دل
جي حصي ۾ آهي ۽ آواز زبان وغيره جي حصي ۾ آهي.
فرمايائون.
من عرف نفسہ فقد عرف قلبہ ومن عرف قلبہ فقد عرف
روحہ ومن عرف روحہ فقد عرف سره ومن عرف سره فقد
عرف اسراره ومن عرف اسراره فقد عرف اخفاءِ ومن عرف
اخفاءِ فقد عرف ربہ.(41)
ترجمو: جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن واقعي
پنهنجي قلب کي سڃاتو ۽ جنهن پنهنجي قلب کي سڃاتو
تنهن روح کي ڄاتو، ۽ جنهن روح کي سڃاتو تنهن ڳجهه
کي ڄاتو، جنهن ڳجهه کي ڄاتو تنهن اصلي راز کي
ڄاتو، جنهن راز کي ڄاتو، تنهن وڏي ڳجهه کي ڄاتو،
جنهن انهيءَ ڳجهه کي ڄاتو، تنهن واقعي پنهنجي رب
کي سڃاتو.
خداوند تعاليٰ جو فرمان آهي : ”ان
الله يامر کم ان تؤدوا الامانات الااهلها(سورة 58:4) يعني ”بيشڪ الله حڪم ڪري ٿو ته توهان لائق ماڻهن کي
امانت پهچايو.“ اوهان جا دم يا ساهه جيڪي خدا
تعاليٰ توهان کي ڏنا آهن، اهي سندس امانت آهن. ان
ڪري منجهن هرگز خيانت نه ڪريو. مرشد جي صحبت ۾ ته
هر ڪو خدا کي ياد ڪري ٿو، پر ڪامل اهو آهي. جيڪو
مرشد کان پري هجڻ جي باوجود خدا جي ذڪر ۾ مشغول
هجي. اهڙيءَ طرح جتي به هجو ۽ جنهن حال ۾ هجو ان
محبوب کي ياد ڪريو.
فقير کي گهرجي ته ڪارو لباس پائي، بلڪه مٿي کي به
ڪاري ڪپڙي سان ڍڪي. طالب کي گهرجي ته هميشه چتين
لڳل ڪپڙا پهري ۽ ٽوپا به سڌا نه هڻي. اهڙي طرح
رنگين چتيون هڻڻ کان به پاسو ڪري، ڇو ته فقير جي
دنيا سنوان سڌا ٽوپا آهن. لباس ۾ اهي ڌاڳا يا ٽوپا
ڏيکاءَ جي لحاظ کان نه پر چتين مٿان چتين جو مطلب
سادگي ۽ نهٺائي ظاهر ڪرڻ آهي.
هڪڙي مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪجهه مريد حضرت
جن جي گودڙي سبي رهيا هئا. جو مون کي به ارشاد
ڪيائون ته آءٌ به ساڻن ٿي وڃان. مون عذر پيش ڪيو
ته آءٌ سبي نه ڄاڻان، مون کي سڌو ٽوپو اچي ئي ڪو
نه. تڏهن پاڻ چيائون ته جيئن به توکي اچي تيئن
ويهي هڻ. مان ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ٻين سان گڏجي گودڙي
سبڻ ۾ مشغول ٿي ويس.
پنهنجي پٽن کي چيائون ته توهان وٽ(42) هڪڙي چادر ۽
هڪڙي ڪلاهه هجڻ کپي. اهڙي حال ۾ پنهنجي رب سان
مشغولي اختيار ڪريو ۽ اڪيلائي کي پسند ڪريو. باقي
توهان جي عيال جي خدمت اسان جي بلي آهي. ان ڪري
ڪنهن وسوسي يا ڀولي ۾ نه پئو.
هڪڙي مريد ڳالهه ڪئي ته حضرت جن جي صحبت ۾ وڃڻ
ٿيو. منهنجي ڪلهن تي چڱي موچاري ٿلهي ڪفني پيل
هئي. جڏهن مون ڏٺو ته حضرت جن پاڻ پٺيءَ اگهاڙا
ويٺا هئا ته مون پنهنجي ڪلهن تان اها ڪفني لاهي
سندن ڪلهن تي وڌي. پاڻ فوري طور چيائون ته ٻيون
اڳڙيون کڻي اچي هن ڪفنيءَ جي مٿان چاڙهيو ته جيئن
سخت ٿئي. ڇو ته مون کي اها گهڻي نرم محسوس ٿئي ٿي.
ان ڏينهن کان پوءِ مون هميشه چتين لڳل اوڇڻ اختيار
ڪيو ۽ وري ڪڏهن سفيد ۽ نرم ڪپڙو ڪلهن تي نه رکيم.
خيال آيو ته چڱا موچارا ڪپڙا پهرجن، پر پوءِ ائين
نه ڪيوسون ته متان ٻين جي لاءِ حجت يعني ضروري ٿي
پوي.
نقل ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن حضرت جن سوار ٿي ڪنهن طرف
وڃي رهيا هئا ته واٽ تي هڪ درويش جيڪو پنهنجي
بزرگي، مجاهدي ۽ ترڪ لباس ڪري مشهور هو، ساڻن
ملاقي ٿيو. ان وقت ان بزرگ کي سفيد لباس پهريل هو
۽ مٿي تي وڏي پڳ ٻڌل هئس. هن ڏانهن نهاري مخاطب ٿي
کيس چوڻ لڳا ”تون اهوئي آهين جو اڳي هئين.“ اها
ڳالهه ان شخص کي نه آئڙي ۽ هي بيت پڙهيائين:
[17]
ڦٽيون ڪر ڦڙڪيون، وَر ونگائي پاءِ،
جا تن اندر کاءِ، سا معلوم محبوب کي. (43)
حضرت جن کي اها ڳالهه ناگوار گذري ۽ پاڻ هي بيت
پڙهيائون:
[18]
فِڪِرَ ڪَر ڦَڙڪيين، ور ونگائي لاهه،
سائِي ساري هٿ ڪر، سيڻن جا سُهاءِ.
اهو ٻڌي اهو شخص ماٺ ٿي ويو ۽ وڌيڪ نه ڪڇيو.
فرمايائون ته مٿي کي پوريءَ طرح ڍڪيل رکو. وِچ
اگهاڙو ڇڏي نه ڏيو. ڇو ته اها جڳهه شيطان اچي
والاري ٿو.
جيڪو شخص حلال کائي ٿو ۽ حلال پهري ٿو، ان جي هر
دعا اگهامي ٿي. اهو حلال هينئن آهي ته هو پنهنجي
اوگهڙ پڻ ڍڪي ٿو. ۽ پنهنجي هٿن سان حلال ڪمائي ڪري
ٿو، انهيءَ صورت ۾ هو جيڪا به دعا گهري ٿو ته اها
مستجاب ٿئي ٿي.
خدا تعالى خوراڪ ۽ پوشاڪ ٻن ڳالهن جي ڪري ڪئي آهي.
هڪڙي ب ۽ ٻي اگهاڙ جي ڪري، ۽ فقيرن ٻنهي کي قبول
ڪيو آهي.
طالب کي گهرجي ته پڳ ٻڌڻ وقت سڌا ۽ سهڻا ور نه
ڏئي، جهڙا تهڙا ور ڏئي ۽ پڳ ٻڌڻ ۾ زيب زينت کان
پاسو ڪري. (44)
چيائون ته جيڪڏهن ڪو شخص عرش عظيم تان لهي اچي پر
کيس سفيد لباس پيل هوندو ته ان وٽ هرگز نه وڃبو.
ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻيو فقير جنهن کي اڳڙين وارو
لباس هجي ۽ خدا جي کيس ڪا خبر نه هجي ته جيڪر ان
وٽ هلي وڃبو. وڌيڪ چيائون ته تقوى جو لباس ائين
آهي، جيئن قرآن پاڪ جا حرف. فقير کي گهرجي ته هڪڙي
چادر سان ئي پنهنجي اوگهڙ ۽ عيب ڍڪي ۽ ٻيءَ جي طلب
نه ڪري.
روايت آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن جي گودڙي ڌوپڻ لاءِ
ويل هئي، تيستائين پاڻ پٺن اگهاڙا ويٺا هئا. ايتري
۾ سندن فرزند ميان حسين اچي نڪتو جنهن پنهنجي سفيد
چادر لاهي سندن ڪلهن تي وڌي. تڏهن پاڻ اها چادر
لاهي زمين تي رکيائون ۽ چوڻ لڳا ته ” سفيد چادر
انهن کي اوڍڻ گهرجي جن جي دل روشن ۽ اڇي هجي. ان
ڪري، اسان کي اها پائڻ نه گهرجي. ان کان پوءِ هي
بيت پڙهيائون.
[18]
ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇَا ڪپڙا ،
جَنِي جا ٿًرن ۾، وَرَ ٿا ويڻ سَهَن.
]اي
عمر، اهي ڪاڻياريون ڪيئن اڇا ڪپڙا پهرينديون، جن
جا مڙس ٿر ۾ طعنا ۽ مهڻا ٿا سهن.[
”قَوتُ الفَقير ما وَجَدَ ِولباسُہُ ماسَتَرَ
وسَکنہُ حيث دَرَڪُہُ“ يعني فقير جو قوت اهو
آهي جيڪو کيس ملي، سندس لباس اهو آهي جيڪو اوگهڙ
ڍڪي ۽ سندس رهڻ جي جاءِ اها آهي جتي کيس رات پئجي
وڃي. اڳ ۾ اهڙا درويش به ٿي گذريا آهن جيڪي پنهنجي
ٿڳڙين لڳل ڪپڙن کي دلق سمجهي چلا ڪڍندا هئا.(45)
نقل آهي ته هڪ ڏينهن هڪ فقير سندن خدمت ۾ آيو. پاڻ
ان کان اچڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لڳا. ان تي اهو فقير
چوڻ لڳو ته هي پاتل چولو ڦاٽي پيو اٿم ان کي ڪنهن
فقير کان ٽوپي ڏيارڻ لاءِ آيو آهيان. اهو ٻڌي کين
مٺيان لڳي ۽ ان کي چيائون ته فقيريءَ جي پهرين
منزل پنهنجو خرقو سبڻ آهي.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن پاڻ سيد جلال شيرازي
رحمةِ الله عليہ جيڪو وقت جو فاني في الله ۽ ڌڻي
پاڪ جو برگزيده بندو هو، ان وٽ تشريف فرما ٿيا.
کين گهڻو ڪري هڪ ڊگهو جبو ۽ پڳ پاتل هوندي هئي ۽
ان ڏينهن به پاڻ انهيءَ لباس ۾ هئا، جنهن تي ان
بزرگ کين چيو ته انهيءَ جبي کي ترڪ ڪو نه ٿا ڪريو،
ڇا اهو عزت ۽ تڪريم جي نشاني آهي ! ان تي کيس
جواب ڏنائون ته خداوند تعاليٰ فرمايو آهي: ”يا بني
آدم قد اَنزلَنا عليڪم لباسَا يُواِري سواتکم
وريشا ولباس التقويٰ ذالڪ خير“(سورةِ 26:7) ”يعني
اي آدم جي اولاد! بيشڪ اسان توهان لاءِ پوشاڪ کي
نازل ڪيو آهي ته جيئن توهان ان سان پنهنجي اوگهڙ
ڍڪيو ۽ پاڪائي واري پوشاڪ وڌيڪ بهتر آهي، تقويٰ جو
لباس حلال وارو آهي ۽ ان سان اوگهڙ ڍڪجي ٿي“.
چيائون ته طالب کي ڇڙو رهڻ کپي ۽ شادي نه ڪري،
چوندا هئا ته جڏهن خبر پوندي اٿم ته فلاڻي خدا جي
طالب شادي ڪئي آهي تڏهن مٿي ۾ سور پئجي ويندو اٿم.
اهڙيءَ طرح جڏهن سندس مجلس ۾ ڪو شخص ايندو هو ته
پاڻ کانئس پڇندا هئا ته اڪيلو آهين يا شادي شده؟
ڇڙو هجڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا.(46) پر جيڪڏهن
اهو شخص چوندو هو ته عيال وارو آهيان ته کين تڪليف
پهچندي هئي ۽ ناگواريءَ جو اظهار ڪندا هئا. |