متن
بيان العارفين و تنبيہ الغافلين
(سنڌي)
بسم الله الرحمان الرحيم
(ديباچو)
سڀ تعريفون ۽ شڪرانا جيڪي سوچ جي سرحد کان پري ۽
عقل جي دائري کان ٻاهر آهن، انهيءَ خلقڻهار کي
جڳائن، جنهن سالڪن جي زبان کي معنوي واٽ ڏيکاري ۽
عارفن کي يقيني سڃاڻپ بخشي، قول مبارڪ آهي ته
لا اِحصي ثناء عليڪ اَنت کما اثنيت عليٰ نفسِڪ
”آءٌ تنهنجي ثنا پوري ڪري نٿو سگهان، تنهنجي ذات
ئي تنهنجي ثنا کي ڄاڻي ٿي.“
انهيءَ ڪري خدا جا ٻانها سندس ثنا جي وادي ۾ گم
آهن، موحدن جون دليون ذات پاڪ جي فڪر ۾ حيرت زده ۽
پاڻ کي قصور وار ڄاڻن ٿيون. سندس راه ۾ صديقن جي
صفائي ۽ پاڪيزگي اوندهه انڌاري کان وڌيڪ ناهي. اتي
عارفن جي دلين جا پکي وحدت جي واديءَ ۾ حيران ۽
سرگردان آهن، قطعو:
سبحان خالقي که صفاتش ز کبريا
بر خاک عجز مي فگند عقل انبيا
گر صد هزار قرن همه خلق ڪائنات
فڪرت کند درصفت و عزت خدا
آخر بعجز معترف آيند کاي اِلہ
دانسته شد (1) که هيچ نداسته ايم ما
سبحان قادري که بر آئينه وجود
بنگاشت از دو حرف دوگيتي که مانشاء
(پاڪائي ان خلقڻهار جي جنهن جي وڏائي جون صفتون
نبين جي عقل کي به عاجز ڪن ٿيون. توڙي جو سوين
هزارين سال هن ڪائنات جي مخلوق خدا جي صفت ۽ عزت
تي فڪر ڪري، پر آخر پنهنجي عاجزيءَ جو اعتراف ڪندي
ته بيشڪ اي الله سائين! اسان کي اهو معلوم ٿيو، ته
اسان ڪجهه نه ڄاتو آهي. پاڪائي ان قادر ڪريم جي
جنهن وجود جي آئينه تي ٻه حرف چٽي ڇڏيا ته جيئن هو
چاهي ائين ٿيندو!)
ناز آهي قادر جي ان قدرت تي ۽ صانع جي ان صنعت تي،
جنهن انساني گروهن کي ذاتي ۽ صفاتي لحاظ کان مختلف
۽ الڳ الڳ جوڙيو. جنهن فعل جي ارادي ۽ عمل جي صادر
ٿيڻ جي سلسلي ۾ سالڪن جي واٽ کي صورت ۽ معنيٰ جي
لحاظ کان ڌار ڌار ۽ هڪ ٻئي جو ناقض (ڀڃندڙ) بنايو.
جيئن ارشاد خداوندي آهي: ”فَمِنهم ظالمِ لنفسہ و
ِمنهم مقتصد ومنهم ساِبق بالخيرات“ (سورة 122:28):
يعني ”پوءِ انهن مان ڪي پنهنجي نفس تي ظلم ڪندڙ
آهن، ته ڪي وري درمياني هلت وارا آهن ۽ ڪي وري
چڱائي ۾ اڳرائي ڪندڙ آهن.“
خداوندي که بي شبه است ومانند
بقدرت بر خداوندان خداوند
خداوندي که اورا نيست هَمتا
که زير هستي او جمله اَشيا
]خدا جيڪو هر شڪ کان بالاتر آهي ۽ جنهن جهڙو ٻيو ڪو ناهي، جيڪو پنهنجي قدرت
سان سڀني مالڪن جو مالڪ آهي،
خدا جنهن جو ڪو مثال يا ثاني ناهي،
جنهن جي هستيءَ هيٺ سڀ شيون آهن.
[
صلواتن ۽ سلامن جا موتي، گوهر آبدار ان عالم جي
آڌار ۽ اسان جي سردار جي بارگاهه ۽ سندس گنبذ مٿان
نڇاور، جنهن جي اشاري سان چنڊ ٽڪرا ٿي پيو، جيڪو
قُل هوَ اللهُ جي نور جو نور چشمو آهي، جيڪو ِلي
مَع الله جي اسرارن جو مجموعو آهي، جيڪو
ِليغِفرَلَڪ الله جو خاص مخاطب آهي، جيڪو
ِلينصُرُڪ الله نصرا عزيزا جي شرف سان مشرف آهي،
يعني خدا جو محبوب خاص حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله
عليہ وسلم.
جنهن رب العزت جي ان پسنديده ٻانهي جي سوچ سمجهه
سان پيروي ڪئي ۽ ان جي ٻڌايل رستي کي نگاهه ۾
رکيو، اهو بدعت ۽ گمراهيءَ جي کڏي مان نڪري،
سلامتي ۽ امن جي پينگهي ۾ قرار وارو ٿيو، اهو ڪوڙ
۽ اونداهيءَ جي فريب مان نڪري هدايت جي رستي تي
گامزن ٿيو.
برقامتِ او(2) قباي لولاڪ
زيباو مناسب است و چالاڪ
]ان
جي بدن مبارڪ تي ”لولاڪ“ جي پوشاڪ تمام سهڻي ۽
مناسب آهي[
صلي الله عليہ في الليل اذا يغشيٰ والنهار اذا
تَجليٰ وعلي آلہٖ المجتبين واصحابہ المقتدين
اجمعين.
اما بعد:
اها حقيقت سڄاڻ ۽ روشن ضمير، سج جيان روشن ۽ ڪيميا
جو اثر رکندڙ دانشورن، دقيقه سنج ۽ حق جي ڳالهه
قبول ڪندڙن کان ڳجهي ناهي ته مريد پنهنجي پير جي
قول ۽ فعل کان ڌار رهي نٿا سگهن ۽ اهي (قول ۽ فعل)
سڀ جو سڀ ڪنهن کي ياد پڻ نٿا رهي سگهن. تنهن ڪري
حضرت جن جيڪي ارشادات فرمايا يا سندن حاضريءَ ۾
جيڪي وهيو واپريو، تنهن کي ڪنهن رسالي ۾ گڏ ڪرڻ
گهرجي، ته جيئن مريدن کي فيض رسي. انهيءَ سبب ڪن
گهڻگهرن ۽ حق جي راهه اختيار ڪندڙ دوستن جي زور
رکڻ تي هن فقير هٿان هي ڪتاب تصنيف ٿيو. انهن
دوستن جو چوڻ هو ته اسان جي پير مرشد جيڪي چيو ۽
سندن وقت ۾ جيڪي وهيو واپريو، اهو سڀڪجهه لکي گڏ
ڪر ته جيئن غافلن لاءِ تنبيهه ۽ اجائي دعويٰ ڪندڙن
يعني هٺيلن لاءِ هٺ ڀڃڻ جو سامان ٿئي. اهو ئي سبب
آهي جو مون نالي محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير
دريائي بن داروغه گهَر ساڪن ٺٽه جيڪو حضرت جن جو
دلي طور ظاهري توڙي باطن جي لحاظ کان خادم ۽ پيرن
جي خاڪ آهي، تنهن حضرت جن جون دلپذير حڪايتون ۽
وڏيون ڪرامتون، سنڌي بيت، توحيد ۽ نصيحت جا عجيب ۽
اعليٰ نڪتا گڏ ڪيا آهن.
اهو حضرت سيد عبدالڪريم بلڙي وارو آهي، جيڪو عزت ۽
عرفان جو صاحب، زاهدن جو اڳواڻ ۽ پرهيزگارن جو
پيشوا آهي، جيڪو ولايت جو عارف ۽ نبيءَ جو وارث
آهي، جيڪو حق سان ڳالهائيندڙ فنا في الله ۽ بقا
بالله آهي، جيڪو امت مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جو چراغ (3) ۽ دين جي روشنائي آهي، جيڪو
اهل تحقيق جو امام ۽ دوستيءَ جي دريا ۾ غرق آهي،
جيڪو ٻانهن لاءِ سواريءَ جو هنو ۽ دلين جي شمع
آهي، جيڪو اسلام جو ثبوت ۽ دليل آهي، جيڪو طريقت
جي سونهن ۽ معرفت جي ٻيڙي آهي، جيڪو تحقيق ۽ ڪرامت
جي ميدان ۾ اڏامندڙ آهي، جيڪو وصل جي درگاهه جو
والي آهي، عارفن جو شرف ۽ شان آهي، مريدن جي دلين
جي خبر رکندڙ آهي، زماني جو قطب آهي، خدا جي
مهربانين جي کاڻ آهي ۽ الاهي اسرارن جو دريا آهي.
يعني حضرت سيد عبدالڪريم بن سيد لال محمد عرف الله
شاهه جي ڪامل فرزندن، سٺن ساٿين، سچن مريدن، ۽
اصلي خادمن جيڪي سڀ سندن منظور نظر هئا ۽ سندن
صحبت ۾ گهڻو اٿيا ويٺا هئا، انهن کان ٻڌي ۽ گڏ ڪري
هن ڪتاب جي صورت ڏنم. جيڪو هڪ مقدمي، ستن بابن ۽
پڄاڻيءَ تي مشتمل آهي. ڪوشش ڪري مشڪل ۽ ڏکين فارسي
لفظن کان پاسو ڪيو اٿم، ته جيئن ڪنهن کي پڙهڻ ۽
سمجهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. ان ڪتاب جو نالو ”بيان
العارفين و تنبيہ الغافلين“ رکيو اٿم ۽ رب
العزت جي بارگاهه ۾ اميد ٿو ڪريان ته جيڪو هن
ڪتاب جي پڙهڻ مان فائدو وٺي ۽ لاڀ پرائي، اهو هن
ڪتاب جي مصنف ۽ ڪاتب کي چڱي دعا سان ياد ڪري.
هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ گهرجي ته هن ڪتاب ۾ جتي به لفظ
”حضرت جن“ استعمال ڪيو ويو آهي، ان مان مراد ولايت
جو والي ۽ تمام وڏي بزرگيءَ وارو ۽ رب پاڪ جو
پسنديده حضرت عبدالڪريم آهي (4) باقي جيستائين
حضرت جن جي مريدن، خادمن ۽ مخلصن جو تعلق آهي، ته
اهي ايترا گهڻا آهن جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن ۽ ان
ڪري اسان هن سلسلي ۾ اختصار کان ڪم ورتو آهي.
بابن جي فهرست هن ريت آهي:
مقدمو:
جنهن ۾ پيري مريدي، ڄمڻ جي تاريخ ۽ انهن ماڳن جو ذڪر آهي، جتي
حضرت جن جي بزرگن رهائش اختيار ڪئي. اهو مقدمو وري
ٻن فصلن تي مشتمل آهي.
پهرين فصل ۾ پيري مريديءَ جو ذڪر ۽ حضرت جن جي ڄمڻ جو بيان آهي.
ٻئي فصل
۾ انهن ماڳن جو بيان آهي، جيڪي وقت جي اوليائن سان گڏجي پاڻ
ڏٺائون.
باب پهرئين ۾ حق جي طلب، حال لڪائڻ، تجريد تفريد، ورد وظيفن کان علاوه وعظ
۽ نصيحتون آهن، جيڪي حضرت جن مريدن کي ارشاد طور
چيا. اهو باب وري ٻن فصلن ۾ ورهايل آهي. فصل
پهرئين ۾ نصيحتن جا نڪتا ۽ انهن جي سمجهاڻي آهي.
ٻئي فصل ۾ ورد وظيفا بيان ٿيل آهن.
باب ٻئي
۾ سوال جواب آهن جيڪي کانئن ڪنهن پڇيا ۽ پاڻ انهن جا جواب
ڏنائون.
باب ٽئي ۾ حلم، تواضع ۽ سندن مجاهدي ۽ سخاوت جو بيان آهي هن باب ۾ وري
ٻه فصل آهن. فصل پهرئين ۾ فقط حلم، تواضع ۽ مجاهدي
جو ذڪر آهي ۽ فصل ٻيو سخاوت جي باري ۾ آهي.
باب چوٿين ۾ سماع، محبت، وجد ۽ شوق جو ذڪر آهي.(5) هن باب جا پڻ ٻه فصل
آهن، فصل پهرئين ۾ سماع ۽ وجد جو بيان آهي ۽ ٻئي
فصل ۾ محبت ۽ شوق.
باب پنجين
۾ توحيد ۽ ان بابت اعليٰ فڪر جا نڪتا ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏنل
آهي.
باب ڇهين
۾ نبين، ولين ۽ اڳين پوين بزرگن جون حڪايتون ڏنل آهن، جيڪي
حقائق ۽ دقائق سان لبريز آهن. هن باب ۾ ٽي فصل
آهن. پهرئين فصل ۾ انبيا عليهم الصلواةِ والسلام
جون حڪايتون ۽ آخرت جو ڪجهه ذڪر به شامل آهي. ٻئي
فصل ۾ بزرگان سلف جي حقيقتن جو ذڪر آهي. ٽئين فصل
۾ سنڌ جي ولين ۽ بزرگن جا دقيق نڪتا بيان ٿيل
آهن.
باب ستين ۾ حضرت جن جي تصرفات ۽ خوراق عادات کان سواءِ سندن برڪتن ۽
ڪرامتن جو تفصيل آهي. هن باب ۾ ٻه فصل آهن. پهرين
فصل ۾ تصرفات جو ذڪر ٻئي فصل ۾ ڪرامتن ۽ برڪتن جو
بيان آهي.
پڄاڻي:
حضرت جن جي وفات جي تاريخ ۽ پنهنجي فرزندن جي باري ۾ جيڪي
فرمايائون بيان ٿيل آهي. هن جا به ٻه فصل آهن.
پهرئين فصل ۾ وفات جي تاريخ (6) ۽ ٻئي فصل ۾ اهي
سخن ۽ گفتا، جيڪي پنهنجي پٽن لاءِ چيائون.
مقدمي ۾ پيري مريدي جي ذڪر کان علاوه ڄمڻ جي تاريخ
۽ انهن ماڳن جو بيان آهي، جيڪي وقت جي قطب، زماني
جي سرموڙ، طريقت جي سالڪن جي رهبر، شريعت جي عالمن
جي نگران، ولايت جي آسمان جي سج، سعادت جي دائري
جي مشتري ڏانهن نسبت رکن ٿا.
جيڪو معرفت جي آسمان جو قطب، اهل حقيقت جو مددگار،
انسانن جي سونهن ۽ اسلام جي چمڪ، غريبن جو حامي،
فقراء جو نگهبان، فاضلن جو مربي، پرهيزگارن جو
پسنديده، سنڌ جي بزرگن جو افتخار، شريعت تي عامل ۽
طريقت ۾ ڪامل، ملڪ خداوندي جو مددگار آهي، يعني
حضرت سيد عبدالڪريم سنڌي رحمةِ الله عليہ ۽ سندس
بزرگن بابت آهي.
مقدمو
مقدمو ٻن فصلن تي مشتمل آهي. پهريون فصل پيري
مريدي ۽ تاريخ ولادت بابت آهي. ٻيو فصل انهن ماڳن
مڪانن بابت آهي، جتي سندن آبا و اجداد رهائش
اختيار ڪئي.
فصل پهريون
پيري مريدي ۽ تاريخ ولادت:
ڄاڻڻ گهرجي ته سيد عبدالڪريم جي ولادت متعلوي يعني
مٽياري جيڪو سنڌ جو هڪ پرڳڻو آهي، سال 944 هجري
ڌاري ٿي. حقيقت موجب پاڻ اويسي هئا.(7) جيئن سندن
وڏن کان نقل آهي ته جوانيءَ ۾ پاڻ سماع ڏي گهڻو
مائل هئا ۽ هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ سماع ۾ مشغول هئا،
ته سندن وڏو ڀاءُ ميان سيد جلال جيڪو پاڻ وقت جو
عارف هو، اتي اچي نڪتو، هن کين ڳل تي چماٽ وهائي
ڪڍي ۽ اتان اٿاري زوري وٺي اچي پنهجي نيڪ سيرت
والده ماجده وٽ پيش ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته مان ڪو
علم نه پرايو ۽ پاڻ کي ضايع ڪيم. هي پڻ گهري ٿو ته
ڪجهه نه پڙهي ۽ رڳو سماع ۾ وقت ضايع ڪري، جيڪا
ڳالهه بلڪل نا مناسب آهي. چون ٿا ته ان وقت حضرت
جن هي بيت پڙهيو.
[1]
اِن
درَ سندي مَڱڻي،
اڳي ِايئن نه هير،
جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمَهي.
]انهيءَ
در جي مڱڻي کي اڳي اها عادت نه هئي، ته سڄيون
راتيون پير ڊگها ڪري سمهيو پيو هجي![
وڌيڪ روايت ٿا ڪن ته جڏهن ميان سيد جلال حضرت جن
کي اهڙيءَ ريت چماٽون هڻي وٺي آيو ته والده مٿس
ڪاوڙ ڪئي ۽ کيس چيائين ته شاهه ڪريم کي ٻيهر ڪجهه
به نه چئج، ڇو ته توکي هن جي درجي ۽ مرتبي جي ڪا
خبر ڪونهي. ائين چئي والده کين هيءَ ڳالهه ڪري
ٻڌائي.(8)
هڪ دفعي عارف بالله سيد حيدر متعلوي جون مينهون گم
ٿي ويون. هن جي پٽن ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر مايوس ۽
دلگير ٿي ويهي رهيا. آخر ۾ حضرت رسالتمآب صلي الله
عليہ وسلم جن غيب جي پردي مان سندن خبر گيريءَ
واسطي انهيءَ جي گهر تشريف فرما ٿيا. آءٌ انهيءَ
وقت شاهه ڪريم کي هنج تي کڻي پنهنجي گهر جي دروازي
تي بيٺي هئس ته اوچتو پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم
جن انهيءَ گهر مان ٻاهر نڪتا. مان ادب خاطر گهر جي
ڏيڍيءَ ۾ پاسيري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ فرمايائون
ته پري نه وڃجو. تڏهن شاهه ڪريم کي کڻي سندن آڏو
ڪيم ته پاڻ پنهنجي پڪ مبارڪ سندن وات ۾ وڌائون ۽
ان کان پوءِ پاڻ هليا ويا. مطلب ته اها بزرگي ۽
ڀلائي سڀ ان ڳالهه جو نتيجو آهي.
حضرت جن جي مرتبي جو ٻيو سب پڻ بيان ڪيو وڃي ٿو،
جيڪو وري هن ريت آهي. والده چيو ته شاهه ڪريم اڃان
منهنجي پيٽ ۾ هو ته هڪ ڏينهن حضرت رسالتماب صلي
الله عليہ وسلم جن غيب جي پردي مان پنهنجو منهن
مبارڪ ڏيکاريو جنهن جي ڪري اسان جو گهر روشن ۽
پرنور ٿي ويو(9) مون ڏٺو ته پاڻ شاهه ڪريم کي کڻي
منهنجي هٿن ۾ ڏنائون ۽ چيائون ته هيءَ اسانجي
امانت آهي، اُن جو خيال ڪر ۽ ان جو نالو عبدالڪريم
رکج.
ميان سيد جلال چيو ته جڏهن مون پنهنجي ماءُ کان
اها ڳالهه ٻڌي ان کان
پوءِ وري ڪڏهن شاهه ڪريم کي ڪجهه به نه چيم. بلڪ
جيئن وڻندو هوس، تئن پيو ڪندو هو ۽ آءٌ ان کي قبول
ڪندو ويندو هوس. آخر کيس چئي ڇڏيم ته جيستائين آءٌ
زنده آهيان، تيستائين تون ڪو به فڪر نه ڪر. اهڙيءَ
طرح تنهنجي عيال جو بار به مون تي آهي. مطلب ته
حضرت جن جي خدمت پيا ڪندا هئاسين ۽ سندن ڪونرا به
ڀري رکندا هئاسين، چون ٿا ته جيستائين ميان سيد
جلال زنده هو ته شاهه ڪريم فقيرن ۽ درويشن سان
صحبت ۾ رهيو ۽ انهن جي خدمت پيو ڪندو هو. جڏهن
ميان سيد جلال هن فاني جهان مان دارالبقا ڏي منتقل
ٿيو، تنهن کان پوءِ حضرت جن رسالتماب صلي الله
عليہ وسلم جي فرمودي موجب پنهنجي اهلِ عيال جي
خدمت ۾ مشغول ٿيا. نه ته جيڪر اها به هرگز نه قبول
ڪن ها.
روايت موجب روحاني تربيت ِبهار ملڪ جي هڪ اهڙي
فقير کان حاصل ٿين. جيڪو ان وقت سنڌ ۾ تشريف فرما
ٿيو هو. هن سلسلي ۾ حضرت جن جي عقيدتمندن ۽
چاهيندڙن کان روايت آهي ته پاڻ ٻڌايائون ته اها
منهنجي جوانيءَ جي ڳالهه آهي، ته هڪ ڏينهن اسانجي
ڳوٺ جي مسجد ۾ هڪ درويش اچي ترسيو(10) هن ٻڌايو ته
سندس تعلق ِبهار سان آهي، جيڪو هندستان جو هڪ شهر
آهي. دراصل هو زماني جو مرشد، يڪتا عارف، وقت جو
قطب، بي نظير پير، تجريد ۽ تفريد جو صاحب، الاهي
رازن جو ڄاڻو، ۽ ڌڻيءَ جي ڪيترين نعمتن سان نوازيل
هو. مان سندس خدمت ۾ ڏينهن رات لڳي ويس. وري جڏهن
خبر پيم ته ڪڪڙ کائڻ جو شوقين آهي، تڏهن مورڳو
ڪڪڙن جو ولر کڻي ڌاريم. پوءِ هر روز ڪڪڙ ڪُهي ۽
ڀُڃي سندن آڏو پيش ڪندو هوس. مطلب ته سندن خدمت
چاڪريءَ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيم. اٽڪل ڇهه مهينا هو
انهيءَ مسجد ۾ ٽڪيل رهيو، پر مون پنهنجي وسان سندس
خدمت ۾ ڪمي اچڻ نه ڏني. آخر هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجو
احوال ويهي ٻڌايائين.
”مان اصل ۾ سپاهي هوس. منهنجا مٽ مائٽ ۽ ٻيا قبيلي
وارا خوشحال ۽ مالدار هئا. هڪ ڏينهن ڀائرن سان
گڏجي جنگ لاءِ نڪتس. جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي
سامهون ٿيا ۽ مقابلو شروع ٿيو ۽ جوڌا جوان ڪرڻ
لڳا، تڏهن منهنجي هٿان ايترا ماڻهو مارجي ويا، جو
انهن جي رت سان منهنجي ترار جو مٺيو برف وانگر هٿ
۾ ڄمي ويو. اهڙي وقت خدا جي خوف اچي ورايو ۽ ان جي
محبت اچي غلبو ڪيو، تڏهن پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳس ته
خدا توکي خلق کي قتل ڪرڻ لاءِ نه پيدا ڪيو
آهي.(11) انهيءَ وقت ئي گهوڙي تان لهي، لغام ڀائرن
جي هٿ ۾ ڏيئي، چيومان ته هتان ٿي ٿو اچان. اهو
بهانو ڪري ڀائرن کان ڀڄي نڪتس. پر جهنگ جهر
جهاڳيندو اچي اهڙي جهنگل ۾ ڦاٿس جتي رڳو هاٿي ئي
هاٿي هئا. انهيءَ حيراني ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾
ڏينهن جو وڻن ۾ لڪي گذاريندو هوس، ته جيئن هاٿي
ڏسي نه وٺن ۽ رات جو پنڌ ڪندو هئس. آخر ڏينهن رات
۽ رات ڏينهن ڪري نيٺ انهيءَ خوفناڪ جهنگل مان ٻاهر
نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ هڪ نئين شهر ۾ اچي پهتس.
اهڙيءَ طرح ڪيترا ملڪ ڏسندو ۽ قدرت جا عجيب مشاهدا
ڪندو، شهر شهر ڦرندو هتي اچي پهتو آهيان. هڪ اها
گهڙي جڏهن گهوڙي تان لهي ڀائرن کي ڇڏي جو نڪتو
آهيان ۽ ٻي هيءَ گهڙي ته وري پٺتي واپس وڃڻ جو
خيال نه ڪيو اٿم.
پنهنجي احوال کان پوءِ مون کان پڇڻ لڳا ته هتي
اوهان جي ملڪ ۾ ڪهڙا بزرگ ۽ درويش آهن ۽ اهي ڪهڙي
طريقي سان خدا کي ياد ڪن ٿا؟. مون کين ٻڌايو ته
هڪڙو مخدوم نوح آهي ۽ ٻيو سيد ميران يوسف بکري،
جيڪو ٺٽي شهر جي ٻاهران هڪ ٽڪريءَ تي رهي ٿو. ان
کان علاوه وقت جي ٻين ڪيترن مشهور ۽ معروف درويشن
جا نالا کڻي ويس ۽ انهن جي ذڪر فڪر جو طريقو به
کيس ٻڌايم(12) انهن سڀني مان سيد ميران يوسف
بکريءَ واري جو الله جي ذڪر جو طريقو کين گهڻو
پسند آيو، ڇو جو ان کان پوءِ اڪثر انهيءَ طريقي جي
تعريف ڪندا هئا. آخر هڪ ڏينهن انهيءَ لاجواب شخص
مون کي ذڪر جي تلقين ڪئي. پر ساڳئي وقت چيائين ته
اهو راز ڪنهن تي نه کولج. مون اها ڳالهه قبول ڪئي،
پر هڪ ڏينهن اوچتو زبان تي آڻي ويٺس. ان کان پوءِ
جڏهن مسجد ۾ ويس ڏسان هو اتان وڃي چڪو هو. انهيءَ
واقعي ڏاڍو ملول ۽ دلگير ڪري وڌو. سڄو جهان ڄڻ ته
اونداهو ٿي ويو، ۽ سڀ عيش عشرتون وه محسوس ٿيڻ
لڳيون. انهيءَ فڪر ۾ حيران ۽ سرگردان هئس جو اوچتو
دل ۾ خيال آيم ته مبادا سيد ميران يوسف وٽ ويا
هجن. اهو سوچي مسجد مان گهر به ڪو نه آيس، سڌو ٺٽي
ڏي رخ رکيم. ڳوٺ پٺيان ڳوٺ لتاڙيندو، تڪليفون ۽
ڪشالا ڪڍندو، آخر سيد يوسف جي دائري تي اچي پهتس.
ڏٺم ته اهو بزرگ اتي ويٺل آهي. ڏاڍو خوش ٿيس ۽
اڳيون سڀ تڪليفون وسري ويم. ويجهو وڃي سندس منهن
مبارڪ کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم، ته سندن بلند
درجات ۽ شرح صدر جو احساس ٿيڻ لڳو. مان اڃان سوال
ڪرڻ وارو هئس ته پاڻ چوڻ لڳا ته سيد ميران يوسف جي
جيڪا تعريف ٻڌي هئي سون، اها سڀ سچ هئي، بلڪ ان
کان وڌيڪ ڏٺوسون.(13)
نويڪلائي ۾ ملاقي ٿي کين اهو سڀ ڪجهه ٻڌايم، جيڪي
شروع کان آخر تائين مون تي وهي واپري چڪو هو.
اوچتو جڏهن سندن نظر منهنجي اگهاڙن پيرن تي وڃي
پئي ته پنهنجا پيزار يعني جوتا لاهي مون کي پائڻ
لاءِ ڏنائون ۽ چيائون ته حج تي ٿا وڃون، اهي اسان
لاءِ تڪليف جو باعث آهن. مون اهي وٺي کڻي پاڻ وٽ
رکيا، پر پائڻ جي همٿ نه ٿيم. بلڪ اهي تحفو سمجهي
سيني سان سانڍڻ لڳس. خيال ڪيم ته انهن کي سبائي
مٿي تي پڳڙي ڪري رکندس. جيتوڻيڪ سيد ميران يوسف
صلاح ڏني ته پيرن ۾ پائي ڇڏ، پر مون اها ڳالهه
قبول نه ڪئي. پوءِ فرمايائون ته ڀلا ان مان ٽوپي
سبرائي مٿي ۾ وجهه. مون ٽوپي ساز وٽ ٽوپي سبرائي،
مٿي ۾ پائي وڃي سندن حضور ۾ حاضر ٿيس. اهو ڏسي پاڻ
ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مصلي هيٺان پيل پئسا ڪڍي مون کي
ڏيندي چيائون، ته انهن جون ٺٽي شهر مان مانيون وٺي
اچ. مون اهي پئسا تبرڪ سمجهي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا ۽
پنهنجي پئسن جون مانيون وٺي آيس. پر ڇا ڏسان ته
پاڻ آهن ئي ڪو نه. پَڪ ٿيم ته اتان هليا ويا آهن.
مون کي ڏاڍو جهٽڪو لڳو، جهڙو زمين پيرن هيٺان نڪري
وئي هجي. اڳين خوشي ۽ سرور ويندو رهيو ۽ ان جي
جاءِ تي غم ۽ اندوه ڇانئجڻ لڳي. ماني مٿي تي
انهيءَ فڪر ۾ غلطان کين هر وسندي ۽ واهڻ ۾ ڳوليم.
آخر گهڻن ڪشالن ۽ تڪليفن کان پوءِ بندر جي شهر
۾(14) جيڪو سنڌ جو ئي شهر آهي، اتي کين ڳولهي هٿ
ڪيم. پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيڻ وارا هئا. مون
به جلدي ڪري اهي مانيون کولي سندن اڳيان رکي، ادب
سان بيهي رهيس. مون کي ڏسي سندن منهن تي مرڪ تري
آئي ۽ منهنجي تڪليفن ۽ حالت کي ڏسي همدردي ڪرڻ
لڳا. اتي ئي هڪ کڙو کڻي منهنجي هٿ ۾ ڏنائون ۽
چيائون ته وڃي عيال جو قوت ڪر. جيئن اهو کڙو هٿ ۾
ورتم ته سون جو ٿي پيو. مون عرض ڪيو ته آءٌ سون
واسطي توهان جي پٺيان نه آيو آهيان. تڏهن پاڻ وڌيڪ
مهربان ٿيا ۽ چيائون ته پٺتي موٽي وڃ. چيم ته
توهان جي خدمت کانسواءِ مون کي قرار ۽ آرام نه
ايندو ۽ پريشان گذاريندس. ڇا ڪجي جو مقصد حاصل
ٿئي، سواءِ خدمت جي دعا جي طلب ڪرڻ به نٿي ٺهي.
هاڻي منهنجي حق ۾ دعا ڪريو. فرمايائون ته وڃ ٻن ٽن
سالن کانپوءِ تنهنجي دل ۾ عشق خداونديءَ جو اهو مچ
ٻرندو جو تون خوش گذاريندين. باقي هاڻي وڃي منهنجي
بدران پنهنجي اهل عيال جي خدمت ۾ مشغول ٿيءُ.
پنهنجي زبان مبارڪ سان اهي الفاظ چئي موڪلائي
روانا ٿيا ۽ آءٌ پاڻ کي انتهائي بيوس محسوس ڪرڻ
لڳس.
هيءَ انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن آءٌ سندس ڳولا
۾ در در پئي ڀٽڪيس. انهيءَ دوران آءٌ پير آر وٽ
وقت جي عارف شيخ پٺي رحمةِ الله عليہ جي مقبري تي
اچي نڪتس.(15) اتي مون هڪ ڪنڊ ۾ چئن فقيرن کي ويٺل
ڏٺو. انهن مان هڪڙو اٿيو ۽ ڪستو هٿ ۾ کڻي گدائي
لاءِ پير آر شهر ڏانهن ويو ۽ جلد ئي کاڌي سان ڀري
واپس آيو. پوءِ اهو کاڌو انهن مان هڪ ڄڻي جي آڏو
آندو ويو، جنهن ان جا پنج حصا ڪيا، چار پاڻ ۾
ورهائي کنيائون ۽ هڪڙو حصو مون کي ڏنائون. جڏهن
کان اهو لقمو کاڌو اٿم، تڏهن کان وٺي مون لاءِ
کائڻ نه کائڻ برابر آهي، ڄڻ ته وجود مان بشريت جي
صفت ئي ختم ٿي وئي اٿم. حضرت جن جي هڪ ٻئي مخلص
کان نقل آهي ته پاڻ چيائون ته جڏهن آءٌ انهن فقيرن
وٽ پهتس ته انهن مان هڪ ڄڻي زمين تان هڪ اهڙي ڪاٺي
کڻي مون کي ڏني جنهن کي چوسڻ کان پوءِ مون منجهان
ڪجهه نه کائڻ ڪري بک لڳڻ واري انساني صفت ختم ٿي
وئي.
شاهه ڪريم جي انهن بزرگن کان علاوه وقت جي عارف ۽
قطب مخدوم نوح رحه، وقت جي ولي سيد ميران يوسف
بکري جيڪو ٺٽي جو رهندڙ هو ۽ مخدوم آدم سميجو جيڪو
ڪلان ڳوٺ ۾ رهائش پذير هو، ۽ جيڪي پنهنجي وقت جا
اولياء هيا، تن سان خاص صحبت رهي.
فصل ٻيو
شاهه ڪريم جو مرتبو ۽ مقام:
ڄاڻڻ گهرجي ته حضرت جن جا ايترا مقامات آهن، جو
لکت ۾ آڻڻ کان ٻاهر آهن، البت جيڪي ڪجهه سنڌ جي
بزرگن کان بيان ٿيل آهن، اُنهن جو هت ذڪر ڪجي
ٿو.(16) نقل آهي ته مشهور بزرگ ۽ عارف حاجي شورو
جيڪو جوڻ پرڳڻي ۾ وره جو رهندڙ هو، اهو چوندو هو
ته سڀني بزرگن ۽ اوليائن کي خداتعاليٰ سان ڪا ساعت
نصيب ٿيندي آهي. ليڪن حضرت جن کي دائمي وقت هو ۽
ان جي ٻي ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي.
ٻئي دفعي حاجي شوري وٽ هڪ فقير اچي کين ٻڌايو ته
حضرت جن جا مريد چون ٿا، ته اسين خداتعاليٰ جو
مشاهدو ماڻيون ٿا. توهان ٻڌايو ته اهي ڪوڙ ٿا
ڳالهائن يا انهيءَ دعويٰ ۾ ٿورو گهڻو سچا آهن.
چيائين ته بلڪل سچا آهن. اسان به ايڪويهن بزرگن جي
خدمت ڪئي آهي. جهڙوڪ: مخدوم اسماعيل جاڳو ۽ سيد
رڪن الدين رحمةِ الله عليہ وغيره پر ڪٿان گوهر
مقصود حاصل نه ٿيو. جڏهن حضرت جن جي خدمت ۾ اچي
عرض ڪيم ته پاڻ هٿ جي اشاري سان چيائون ”اهو“ آهي
يا نه ! بس لفظ ”اين“ يعني ”اهو“ چوڻ سان مون کي
پنهنجو اصل مطلب حاصل ٿي ويو. انهيءَ ڪري جيڪي هر
وقت سندن خدمت ۾ حاضر هوندا هئا، تن کي اهو مرتبو
ڇو نه ملندو؟!
چون ٿا ته حاجي شوري جا ڪيترائي مريد هئا، پر حضرت
جن جي خدمت ۾ آيو ته مٿس حضرت جن جي نگاهه جو ايڏو
اثر پيو، جو چيائين ته سندن هوندي اسان کي ڪنهن کي
مريد ڪرڻ نه جڳائي ۽ ان کان پوءِ پنهنجي مريدن کي
چيائين ته اڄ کان اسان پاڻ سائين جن جا مريد
آهيون.(17) ۽ توهان به سندن مريد آهيو. بلڪ مريدن
کي نصيحت ڪيائين ته هن کان پوءِ متان ڪو دل ۾ ٻيو
خيال آڻيو.
درويش صابر سومرو جيڪو قطب زمان مخدوم نوح عليہ
الرحمةِ جي خاص مريدن مان هو، تنهن جو پڻ چوڻ هو
ته هر ولي کي اهڙو وقت ميسر اچي ٿو جنهن ۾ الله
تعاليٰ جي مشاهدي سان واصل ٿئي ٿو. ليڪن حضرت جن
توڙي جو زمين تي ليٽيل هوندا هئا، ته به حق جي
مشاهدي ۾ محو هوندا هئا.
ٻيو نقل آهي، ته درويش بهاءَ الدين گودڙيو جيڪو پڻ
مخدوم نوح رحه جي خاص خليفن منجهان هو، اهو چوي ٿو
ته هڪ ڏينهن آءٌ حضرت جن وٽ آيس. کين عرض ڪيم ته
سائين، جنهن نظر سان خدا جو ديدار ڪريو ٿا، مون تي
به اها نظر شفقت ڪيو. ائين به چوندو هو ته منهنجي
هميشه اها تنما رهي، ته حضرت جن جي اهڙي صحبت جو
موقعو ملي، جڏهن ٻيو ڪو به نه هجي. اهو به سندس
قول آهي ته حضرت جن جو پاسو کوڙي سمهڻ، اسانجي
ڪيترين عبادتن کان بهتر آهي، حضرت جن خدا جي راهه
کي ايترو تيزيءَ سان طئي ڪن ٿا، جو رڳو پاڻ کي خبر
اٿن(18) باقي اسان کي ته ڪا خبر ناهي. بهاءُ الدين
گودڙيي چيو ته مون جيڪي اوليائن جي باري ۾ رسالا
مرتب ڪيا، اهي حضرت جن ئي سمجهندا هئا، ان ڪري
سندن وفات کان پوءِ مون اُهي ڪڏهن کولي به نه ڏٺا.
نقل آهي ته وقت جو عارف ۽ شيخ حضرت ميان سيد
ابراهيم ولد پير طريقت سيد يوسف جيڪو ميان سيد
جعفر جو ڏاڏو هو ۽ کيس حضرت جن وٽ وڏي رسائي هئي،
ان جو قول آهي ته جنهن ڏينهن کان حضرت جن محبت ۽
شوق جي گهوڙي کي تقويٰ جي تازياني سان ڊوڙايو آهي،
تڏهن کان وٺي ان جو لغام ڍرو نه ڪيو آهي.
ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح رحه جو قول آهي ته
اسان کي فن حڪمت مان ڪجهه حصو مليو آهي، پر حضرت
جن زماني جا لقمان حڪيم آهن ۽ کين سڀئي فن ۽ هنر
اچن ٿا.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن زماني جو عارف ۽ دانشمند
مخدوم ضياءَ الدين وعظ ڪري رهيو هو، حضرت جن اڃان
صغير هئا، ليڪن پاڻ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي اهو وعظ ٻڌي
رهيا هئا. وعظ ختم ٿيڻ کانپوءِ جيئن شاهه ڪريم اٿي
هلڻ لڳو ته مخدوم جي نظر سندس پٺيءَ تي پئجي
وئي(19) ته ڏسڻ شرط چيائين، سبحان الله ! هي ڇوڪرو
هن عمر ۾ ئي حضرت خضر عليہ السلام سان صحبت ۾ آهي،
جيڪڏهن کيس جوانيءَ ۾ ڏسان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي
ها !
نقل آهي ته درويش مهراڻ نهڙيو جيڪو پاڻ بزرگي ۽
درويشيءَ ۾ ناليرو هو، تنهن جو مرشد وفات ڪري ويو.
گهڻي وقت کان پوءِ کيس حضرت جن جي قدمبوسيءَ جو
شرف حاصل ٿيو. حضرت جن کان ايترو متاثر ٿيو جو
حاضرين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته مدت ٿي منهنجو مڙس
گذاري ويو ۽ آءٌ بغير مڙس جي هئس، پر هينئر اوهان
سڀني کي شاهد بنائي حضرت جن کي آءٌ پنهنجو مڙس ٿو
قرار ڏيان يعني کين پنهنجو مرشد ٿو تسليم ڪريان ۽
پنهنجي گردن سندن غلاميءَ ۾ ٿو ڏيان.
درويش صالح سومري کان نقل آهي ته حضرت جن لاءِ
لذيذ طعام ۽ اوچا لباس سندن گدائي واري طبع جي
لحاظ کان برابر هئا. يعني سندن طبيعت تي انهن جو
ڪو اثر نه ٿئي، پر ٻين جي ڪري نڪو اهڙا کاڌا
کائيندا هئا ۽ نه اهڙو لباس پهريندا هئا. بلڪ چتين
لڳل لباس تي قناعت ڪندا هئا ته جيئن مردن لاءِ
اوچو لباس ۽ سٺو کاڌو حجت يعني ضروري نه ٿي پوي.
نقل آهي ته درويشي رنگ ۾ رتل پير طريقت ميان
عبدالعزيز جيڪو ڏاڏونءَ جو رهاڪو هو، هڪ ڏينهن
حضرت جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ٻئي هٿ سيني تي ٻڌي
با ادب بيهي رهيو. حضرت جن فرمايو ته ڪير بيٺو
آهي؟(20) هن جواب ڏنو، عبدالعزيز ! چيائون، ڀلي
ڪري آيا. ان کان پوءِ سندس هٿ هٿ ۾ ورتائون،
عبدالعزيز چوڻ لڳو ته جڏهن کان اوهان جو اهو قول
ٻڌو اٿم ته ڦٽيل کي ٻيهر ڦٽ نه ڏجن، تڏهن کان
سچيءَ دل سان پرپٺ اوهان جو مريد ٿيو آهيان.
هڪ ڏينهن انهيءَ بزرگ کان پڇيائون ته حضرت جن ۽
بهاءُ الدين گودڙيي جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ
آهي. چوڻ لڳو ته بهاءُ الدين ڪنهن جيئري ماڻهوءَ
کي ماري سگهي ٿو، پر مئل ماڻهوءَ کي جياري نٿو
سگهي. پر حضرت جن ولايت جي اهڙي درجي تي آهن جو
اهي ٻئي ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.
فاني في الله ۽ عارف بالله ميان عيسيٰ رحمةِ الله
عليہ جيڪو حضرت جن جي تمام پيارن مريدن منجهان هو،
تنهن چيو ته مون گهڻائي ملڪ ڏٺا، وڏي محنت ۽ ڪشالا
ڪيم ۽ گهڻن بزرگن جي خدمت ڪيم، ايتريقدر جو آخر
تنگ ٿي پيس. ڪٿان به مقصد حاصل نه پئي ٿيو. آخر
جڏهن حضرت جن جي خدمت ۾ آيم ته انهن سڀني رولڙن
کان جان خلاصي ٿي ۽ مون کي پنهنجو مقصد حاصل ٿيو.
نقل آهي ته شروع وارن ڏهاڙن ۾ حضرت جن خدا جي طلب
۾ ڪنهن طرف نڪري پوندا هئا. هڪ ڏينهن درياءَ جي
ڪناري تي اچي پهتا. وضو ڪري نفل نماز ۾ مشغول ٿي
ويا. جڏهن نماز پوري ڪري ساڄي طرف سلام ڦيريائون،
تڏهن ان طرف جي دنيا ۽ ان جي حقيقتن جو ڪشف حاصل
ٿين.(21) ۽ اهڙي طرح کاٻي طرف سلام ڦيريائون ته ان
طرف جيڪي ڪجهه هو، ان جي خبر پين.
درويش صابو سومرو چوندو هو ته هالڪنڊي جيڪو مخدوم
سرور نوح عليہ رحمة جي رهائش آهي، اهو “بهشت اول”
آهي ته حضرت جن جي رهائش “بهشت ثاني” آهي.
درويش احمد کان نقل آهي ته جيڪو ماڻهو حضرت جن جي
صحبت ۾ ايندو هو، پوءِ هڪ مهينو هجي يا هڪ گهڙي،
پر موڪلائڻ وقت روئيندو ويندو هو ۽ حضرت جن جي
صحبت ڇڏڻ کيس ناگوار گذرندي هئي.
ان وقت جي سڄاڻ عالم ميان عبدالرشيد بصير کان نقل
آهي ته جڏهن اسان حضرت جن کان ڪو نڪتو ٻڌندا
هئاسين ته ائين محسوس ٿيندو هو ته معنيٰ ۽ فهم جا
الائجي ڪيترا وڌيڪ نڪتا کلڻ وارا آهن. ليڪن اوچتو
اجل اچي سندن مٿان بيٺو ۽ هن فاني جهان مان ڪوچ
ڪري ويا.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن واٽ ويندي فقير بهاءَ الدين
گودڙيي پٽ تان اڌ کارڪ جو لڌو، جيڪو کڻي هٿ ۾
ڪيائين. پڇيائونس ته ڇو کنيو اٿئي. جواب ڏنائين ته
ان تي الف لکيل آهي. حضرت جن جڏهن اها خبر ٻڌي ته
پاڻ فرمايائون: ”اسان ڪهڙي شيءَ پٽ تان کڻون ڇو ته
هر شيءِ خدا تعاليٰ کي پئي ياد ڪري. البت بهاءَ
الدين ويچاري جي رڳو کارڪ جي ککڙيءَ تي وڃي نظر
پئي.“ (22)
نقل آهي ته ابوبڪر پٽ بايزيد وقت جو هڪ بزرگ ۽
پهتل شخصيت هو ۽ هو سونڊن جو رهندڙ هو. ان جي پٽ
کان روايت آهي ته هر وقت اسان جي پيءَ تي وجد ۽
حال جو غلبو رهندو هو ۽ جڏهن به مٿس اها ڪيفيت
طاري ٿيندي هئي، ته اسان کي گهرائي چوندو هو، ته
حضرت جن جي خدمت ۾ وڃو. هڪ ڏينهن پڻ مٿس ساڳي
ڪيفيت طاري ٿي ۽ نهايت تاڪيد سان چيائين ته وڃي
حضرت جن جي خدمت ۾ رهو. ان کان پوءِ هي واقعو سندس
زبان تي آيو ته هڪ ڏينهن آءٌ ٻنيءَ ۾ ويٺو هوس.
اوچتو ڏٺم ته آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويو ۽ ان ڪڪر
مان هڪڙو شخص ظاهر ٿيو، جنهن جي نوري نظر سان مون
کي الاهي تجلي عنايت ٿي ۽ خدا جو وصال ميسر ٿيو.
انهيءَ ڪيفيت سبب آءٌ ذري گهٽ ديوانو ٿيڻ وارو
هوس، پر مولا جي مهرباني ٿي جو ان شخص مون کي
هدايت ڪندي چيو ته: ”اي پٽ، وصال جي باري ۾ ڪا
شيءِ بيان ڪر ته وصال ڪيئن آهي“! اهي لفظ ٻڌي
منهنجا هوش ٺڪاڻي تي اچي ويا. آءٌ ڪجهه به ڪڇي نه
سگهيس. ان تي چيائون ته ڪڏهن ڪڏهن وصال ٿئي ٿو. پر
حضرت جن لاءِ چون ٿا ته سندن اکيون دائمي طور خدا
جي وصال ۾ محور رهنديون هيون.(23) چيائين: هائو،
اها ڳالهه صحيح آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي. ان جو
مثال ائين آهي جيئن واڳون هميشہ پاڻيءَ ۾ رهندو
آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن منهن مٿي ڪري اکيون کوليندو
آهي.
نقل آهي ته هڪ شخص پنهنجي مقصد خاطر شيخ پٺي رحه
جي مقبري تي اچي ويٺو ۽ عبادت ڪرڻ لڳو. رات جو کيس
خواب ۾ هڪ بزرگ اچي چيو ته خلق خدا جي پنهنجي مقصد
حاصل ڪرڻ واسطي حضرت جن ڏانهن ٿي رجوع ڪري. تون
هتي ويٺو ڇاپيو ڪرين ! جيئن سجاڳ ٿيو ته سڌو اچي
حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ جلد ئي خاص مريدن ۾
شمار ٿيڻ لڳو.
باب
پهريون
حق تعاليٰ جي ذڪر ۽ طلب، خود قرباني ۽ حال لڪائڻ
بابت - ورد وظيفا، وعظ ۽ نصيحتون جيڪي فاني في
الله ۽ باقي بالله، عشق ۽ معرفت جي داناءَ، شوق ۽
احسان جي درياهه، حظيره قدس جي ساڪن، رضا جي چشمي،
وفا جي نقطي، وقت جي شيخ ۽ پير، اڪابرن ۽ ابرارن
جي شرف ۽ شان، اسرارن جي واقف ۽ انوارن جي معدن،
درويشن جي سردار، بي خويشيءَ ۾ معمور، روحاني
قلبي، جسم ۽ جان جي ڪعبي، سبحان ۽ ذات صمد جي
مقرب، يعني حضرت سيد عبدالڪريم سنڌي رحه جيڪي
مريدن ۽ مخلصن لاءِ هدايت طور جيڪي فرمايو.(24) هي
باب ٻن فصلن تي مشتمل آهي. پهريون فصل حق تعاليٰ
جي ذڪر ۽ خود قرباني، پاڻ لڪائڻ، تجريد ۽ تفريد ۽
انهن جي سمجهاڻيءَ بابت آهي.
فصل پهريون
حق جو ذڪر ۽ ان جي سمجهاڻي:
فرمايائون: فوت الانفاس قتل الانبيا ِّ
”بغير حق معنيٰ ياد خدا کان دم يا ساهه جي غفلت
نبين جي ناحق قتل برابر آهي“. چيائون ته پنهنجي
ساهه پساهه جي سنڀال ڪريو ۽ هر ساهه کڻڻ سان الله
پاڪ جو نالو وٺو، ڇو ته هر هڪ پساهه توهان لاءِ
خدا جي امانت وانگر آهي. ان ڪري جنهن هر ساهه سان
خدا کي ياد ڪيو، تنهن ڄڻ ته امانت باسلامت حق ادا
ڪيو، پر جنهن هڪڙو دم به خدا جي ياد کان سواءِ
کنيو تنهن گويا امانت ۾ خيانت ڪئي.
هڪ مخلص کان نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن وقت جي زاهد
ميان عبدالله سان گڏجي حضرت سيد صاحب وٽ وياسون.
ڳچ ڏينهن وٽن هئاسون ۽ صبح جو موڪل گهريسون، تڏهن
فرمايائون، جتي به هجو خدا تعاليٰ کي ظاهر توڙي
باطن ۾ هر وقت ياد ڪندا رهو، ۽ جيڪڏهن ان جي محبت
دل ۾ رکو ته پوءِ اهو شرم ڪجو ته ڪهڙي هنڌان ٿي
آيا آهيو ۽ ڪنهن جي صحبت ۾ رهي آيا آهيو.
]2[
تون چوءَ الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک،
سچو اکر من ۾، سوئي لکئو لک.
]تون
چئو الله هڪڙو آهي ۽ ٻي ڪا ڳالهه نه سک، اهو ئي
سچو اکر دل ۾ وري وري پيو ِلک يعني ورجاءِ[
فرمايائون ته پنهنجي پساهن کي خدا جا قاصد يعني
پيغام پهچائيندڙ ڪري ڄاڻو، جيڪو ساهه خدا جي ياد ۾
کنيو اهو سجايو آهي جنهن کي ڄڻڪ توهان سينگاري ان
جي حضور ۾ موڪليو ٿا.(25) پر جيڪڏهن ڪو دم خدا جي
ياد کان سواءِ کنيو ته ڄڻ توهان هڪ نبيءَ کي قتل
ڪيو. ان ڪري سڀاڻي توهان کان پڇا ٿيندي ته منهنجي
نبين کي ڇو قتل ڪيو؟
فرمايائون ته طالب کي گهرجي ته هلڻ وقت اڪيلو هجي
۽ پنهنجي پيرن ۾ نظر رکي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نه
ڏسي. ڇو ته نگاهه ڊوڙائڻ دل جي پريشاني ۽ خرابيءَ
جو سبب بنجي ٿي. مطلب ته هر قدم تي الله جو نالو
وٺي ڇو ته عمر ائين گذري ويندي ۽ سج هڪ هنڌ بيهي
ڪو نه رهندو. ائين پساهه پورا ٿي ويندا.
فرمايائون ته جيڪڏهن توهان کي ڪا اهڙي شيءِ ملي به
وڃي، جنهن سان اوهين ترقي ڪري سگهو، پر خدا جو قسم
جيڪڏهن اها شيءِ سنت رسول الله صلي الله عليہ وسلم
جي موافق ناهي، ته ان کي الله جي واسطي ڇڏي ڏيو،
پوءِ ڀلي ان ۾ توهان جو ڪيڏو به نفعو ڇو نه هجي !
فرمايائون ته طالب کي ٽي ڪم ڪرڻ گهرجن:(1) بکيو
رهڻ(2) اڪيلائي ۾ رهڻ(3) خدا جو گهڻي محبت سان ذڪر
ڪرڻ.
فرمايائون ته هميشه خاموشي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽
جيڪڏهن ڪو توهان کي ڪنهن شيءِ بابت پڇا ڳاڇا ڪري
ته ان کي زبان سان جواب نه ڏيو، بلڪ ان کي هٿ جي
اشاري سان ٻڌايو، اهو ان ڪري ته جيئن اها گهڙي به
حق جي ذڪر کان وانجهيل نه رهجي وڃي.
هڪڙي مريد کان نقل آهي ته هڪ رات حضرت جن جي خدمت
۾ ويٺا هئاسون ته ڪتي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن تي
چيائون: سبحان الله جن کي جاڳڻ جو حڪم آهي اهي
غفلت جي ننڊ ۾ آهن، ۽ هو ويچارا سجاڳ آهن.(26)
وڌيڪ چيائون ته ٻه ڄڻا گڏجي سفر نه ڪريو. پر جي
سفر تي نڪرو ته پوءِ الڳ الڳ ٿي وڃو. بلڪ اهڙيءَ
طرح جو هڪڙي کي ٻئي جي پاڇي جي به خبر نه پوي. ڇو
ته ٻئي ماڻهوءَ جي پاڇي سان دل ۾ وسوسو پيدا ٿئي
ٿو ۽ ماڻهو خدا کان پري ٿي پوي ٿو.
هڪڙي مرد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن هو پاڻ ۽ هڪ ٻيو
اراتمند ٻئي گڏجي حضرت جي خدمت ۾ آياسون. ڏٺوسين
ته فقير ميان عبدالقدوس نويڪلائي ۾ ساڻن ملاقاتي
ٿي واپس وڃي رهيو هو. اسان ٻنهي کي گڏ ڏسي
فرمايائون ته ميان عبدالقدوس ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهي
جو هو پاڻ اڪيلو آيو ۽ اڪيلو ئي هليو ويو. اسان کي
اڪيلو ماڻهو گهڻو پسند آهي، ان کان جو ماڻهو گڏجي
ڪنهن وٽ وڃي. وڌيڪ چيائون ته ماڻهوءَ کي کپي ته وڻ
تي ٿڙ تان چڙهي ته جيئن کيس ان جا ميوا وغيره هٿ
اچي سگهن. وڻ جي ٽاريءَ کي جهلڻ ۽ پوءِ ميوا پٽڻ
درست ناهي.
فرمايائون ته طالب کي کپي ته ڪنهن شي جي تمنا نه
ڪري ۽ لاطمعي اختيار ڪري. بلڪ ڪنهن به مراد يا
مطلب، ڪشف ۽ ڪرامت، قرب ۽ معرفت وغيره جي اون نه
رکي. ائين به چيائون ته ڪشف ۽ قرب وغيره کي پنهنجو
مقصد نه بڻايو. خدا تعاليٰ چوي ٿو ته مون کي، ڪو
به مطلب رکي ياد نه ڪريو بلڪ مون کي، سواءِ ڪنهن
مطلب جي ياد ڇو نه ٿا ڪريو. وڌيڪ چيائون ته جيڪو
پاڻ کي طالب چوائي ٿو پر ڪنهن شيءِ يا سبب ڪري خدا
کي ياد ڪري ٿو، اهو دراصل خدا سان تعلق نٿو رکي.
ارشاد آهي ته فقير جي مشغوليءَ جي علامت اها آهي
جو واٽ ويندي جيڪڏهن سندس چادر ڪنڊن ۾ ڦاسي پوي ته
کيس خبر نه پوي ۽ نه وري چادر جي طلب ڪري. چيائون
ته طالب کي ڪوشش ڪري ڳالهائڻ نه گهرجي، ڇو ته
انهيءَ وقت ۾ الله جي ذڪر کان پري ٿي پوي ٿو(27).
هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن جي پيرن
کي زور ڏيئي رهيو هوس جو خيال آيم ته سندن لاءِ
پاڻيءَ جو ڪونرو ڀري اچي رکان.
تڏهن پاڻ اجازت ڏنائون، پر چيائون ته رستي ۾ الله
الله ڪندو وڃ ۽ جڏهن ڪوزي کي پاڻيءَ ۾ وجهي ڀرڻ
لڳين ته غور ڪجانءِ ته ان مان ڪهڙو آواز ٿو نڪري.
پڪ ڄاڻ ته اهو آواز به غير الله جو نه هوندو، ان
ڪري تون به الله الله ڪندو رهج.
چيائون: اهو شخص خدا جو طالب نٿو ٿي سگهي جنهن کي
دنيا وارا سڃاڻيندا هجن يا اهو ڪنهن ٻئي واسطي سان
سڃاتو وڃي يا هو پاڻ ڪنهن ٻئي کي سڃاڻيندو هجي.
ڪنهن به ماڻهوءَ ڳالهائڻ ذريعي خدا کي ڪو نه
سڃاتو، تنهن ڪري طالب کي ڳالهائڻ وقت گهڻو فڪر ڪرڻ
گهرجي ته متان ڪٿي پنهنجو نقصان نه ڪري وجهي.
هڪ مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ويٺا
هئاسون ته حضرت جن وٽ هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو چوڻ لڳو
ته مون کي ڏاڍو درد ۽ تڪليف آهي، مون لاءِ دعا
ڪريو. پاڻ مون کي اشارو ڪري چيائون ته ان شخص کان
پڇو ته کيس دنيا جو درد آهي يا خدا تعاليٰ جو. اهو
ٻڌي ان شخص وراڻيو ته دنيا جو درد اٿم. تڏهن پاڻ
ڏاڍو افسوس ڪندي چيائون ته اسان سمجهيو هو ته توکي
خدا تعاليٰ جو درد نصيب ٿيو آهي. |