همت علي شاهه رضوي ڪوٽائي
رک ڀرم ڀٽائي
اچي مرشد ميت مدائي |
رک منهنجو تون ڀرم ڀٽائي |
لال لطيف لطف ڪيو |
پنهنجي چائوٺ چمائي |
پوڻيون پائي پاند ۾ |
تنهن دربدي مون بخشائي |
والي توکي ولايت بخشي |
اعليٰ علم عطائي |
بهرو بخش ڀلا ڪو مونکي |
ڪري سو ڀال ڀلائي |
مرشد مير ملڻ تنهنجي جي |
آهي تن ۾ طلب هڪائي |
هٿون ”همت علي“ شل ڏيندو |
پنهنجي سرڪ سوائي |
مي مهر مون پرت جو پيالو
آهيان اُن لئي اُڃائي.
***
ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو پنهون سر سڀن،
چانگي تي چڙهي ڪري، ڪندو ور ولهن،
مٿي معذورن، هوت ڌريندو هٿڙا.
(شاهه)
سرڳواسي ”بيوس“
پيغمبر سخن
شعر آهي شاهه جي خود زندگي، اسرار آهه!
شاعري پوشاڪ مان پيغمبري اظهار آهه.
1. هن حقيقي سمنڊ ۾ انڀئو سندا غوطا هڻي،
بي بها موتين جو آندو اڻ ميو انبار آهه.
2. آب ۾ ۽ تاب ۾ ڇا نظم دلڪش دلفريب!
نو نزاڪت، رنگ رونق سان ڀريل اشعار آهه.
3. گل سخن جا هر چمن جي چونڪ ۾ ٿيا چهچٽا،
ڇا زمين تي زر نگاري گيان جو گلزار آهه.
4. علم کي اعليٰ ڪيو هن رنگ روحاني ڏئي،
سادگيءَ مان تازگي نازڪ نظر نروار آهه.
5. آهه هر ڪنهن بيت اندر پلٽ پلٽان پرت جي،
هر ”لطيفي لات“ ۾ سا لنئو سنڌي للڪار آهه.
6. ٿو ڪهي رهڻي تان ڪهڻي، قال آهي حال تان،
ٿو ڏسي تنهن ديد سان جنهن جي اڳيان ديدار آهه،
7. شاهه جي هستيءَ کان پائي شان ٿي خود شاعري،
شاهه جي ڪامل ڪلامي هر صفت ٽمٽار آهه.
8. سنڌ جي روشن شمع مان ويو ولائت تي شعاع،
پر اڃان پرڪاش آڏو وقت جي ديوار آهه.
9. ”باغ شاهي“ مان ملي ويو ورق گل جو ڪو ذرو،
ڇا چوان ”بيوس“ منجهس جو حيرتي هٻڪار آهه.
___0___
اجمل بيگ قليچ بيگ ميرزا ”اجمل“
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي (رحه)
هو سنڌ جو سرتاج سخندان ڀٽائي،
هو مملڪت – نظم جو سلطان ڀٽائي.
ڪامل هو، ولايت ۽ ڪرامت جو هو صاحب،
هو عشق جي ديوان جو عنوان ڀٽائي.
ذره کي جي چاهي ته هو خورشيد بڻائي،
قطره ۾ ٿو پيدا ڪري طوفان ڀٽائي.
سيني ۾ ٿو برپا ڪري سڪ سوز جو سامان،
۽ چشم ۾ پڻ بره جو باران ڀٽائي.
ظلمت مان ڪڍي، راهه محبت جي بتائي،
هر فرد جي ٿيو درد جو درمان ڀٽائي.
عشاق جو رهبر ۽ ملنگن جو سو مئولا،
صوفين جو آهي سنڌ ۾ اڳوان ڀٽائي.
هر بيت رسالي جو ادا! بيت نه سمجهو،
سنڌيءَ ۾ ڪري پيش ٿو قرآن ڀٽائي.
عشاق ۽ فقرا جي نظر ۾ آهي والله!
سر چشمه توحيد ۽ عرفان ڀٽائي.
سسئيءَ جان ڪٿي پنهنجي پنهل لئه کڻي پيرو،
در در ٿو ڦري ڪيچ ۽ مڪران ڀٽائي.
ڏيرن جون ڪري ياد ڏنگايون ٿئي دلگير،
ڪيچيءَ لئه ڪهي ڪيچ ۽ مڪران ڀٽائي.
راڻل جي رسامي جا هو ڳاهي ٿو ڪٿي راڳ،
مومل جان ڪري ڪاڪ کي قربان ڀٽائي.
ڪٿ جاڳ چنيسر جا پون ياد ٿا دل تي،
ليلان جي صفت ڪٿ آهي نالان ڀٽائي.
سهڻيءَ جان توڪل جو ٻڌي تار ۾ ترهو،
ساهڙ ساڻ ملڻ جا ڪري سامان ڀٽائي.
مارئيءَ جان ڪٿي پنهنجي اباڻن کي سنڀاري،
جالي ٿو عمرڪوٽ جا زندان ڀٽائي.
نوريءَ جان ڪٿي اُن کي نماڻائي نياز آهه،
رانجهن جان ڪٿي هير لئه حيران ڀٽائي.
ڪٿ راءِ بڻي پاڻ ٿو سودو ڪري سر جو،
ٻيجل سان ٻڌي ٻول ۽ پيمان ڀٽائي.
باطن ۾ ٿي اوصاف رکيا هن ملڪوتي،
ظاهر ۾ اسان جهڙو هو انسان ڀٽائي.
”اجمل“ ٿيو بيخود هو ٻڌي عشق جا آلاپ،
جولان ۾ ان ريت ڏني جان ڀٽائي.
*
ڊاڪٽر هرومل ”خادم“
شاهه عبداللطيف
هر رنگ ۾ هر ڍنگ ۾ يڪتا نظر آيو،
مٽ پاڻ پنهنجو شاهه سراپا نظر آيو.
ذرن جان ٿيا نڪتا سندس بيت جا روشن،
شرمندو اڳيان جنهن جي ثريا نظر آيو.
ٿس ذڪر مجازي ۾ رکيو فڪر الاهي،
هر نڪتو نه ڇا هنجو ذو معنيٰ نظر آيو.
اونهو جي وڃي ڪو ته لهي معنيٰ جا موتي،
بند بيت سندي ڪوزي ۾ دريا نظر آيو.
هر مذهب و مشرب جي اٿو عطر جو طبله،
مونکي ته هو هڪ گلشن – عهدا نظر آيو.
پانڌيئڙو رهه عشق کي مونجهن مان اڪاري،
ظلمات ۾ هو حضر جان هر جا نظر آيو.
اهڙو ته هئو هو ڪو مئي الفت جو پياسي،
هر شعر سندس ساغر و مينا نظر آيو.
مومل ٿي ڪٿي مينڌري لئي واجهه وڌائين،
سسئي جان پنهونءَ لئي ڪٿي شيدا نظر آيو.
پابند رهي راڄ ۾ راڻي سان رهيو راڄ،
هٿ هاج ۾ دل يار ۾ داتا نظر آيو.
دل عڙس ڏي اک فرش تي چنڊول جيان هس،
ٿي هيٺ مٿي ڏيندو هئو لهرا نظر آيو.
ڇو ڪين اسين کيس سڏيون گهوٽ ڀٽائي،
پر شعر ۾ سر پائيندي سهرا نظر آيو.
ڇا نقش نگاري جي نه قوت هئي هن ۾،
ماني به هتي صورت بت سا نظر آيو.
دعويٰ نه رکي همسري جي هنسان سگهيو ڪو،
مرغان – گلستان ۾ عنقا نظر آيو.
ويراني ۾ سنڌ جي سو رسالي کان لڳو باغ،
صورت ۾ گلستان جي صحرا نظر آيو.
ميوات تخيل جو چمن آهه رسالو،
هر صاحب ادراڪ کي طوبيٰ نظر آيو.
خادم جي هي ساراهه نه ساراهه سمجهجو،
جو شاهه انهي رتبي کان اعليٰ نظر آيو.
_______
سي پوڄارا پر ٿئا، سمنڊ سيوئو جن،
آندائون عميق مان، جوٽي جواهرن،
لڌائون لطيف چي، لالون مان لهرن،
ڪانهه قيمت تن، مل مهانگو ان جو.
(شاهه)
محمد خان غني
شاهه علي جاه
سان اهم خطاب
آڻ ساقي جام اڄ ڪو مئي حجازي مان ڀري،
ڪير مستن جي انهيءَ مئي کانسوا هرگز سري،
جام اهڙو ڏي مونکي جو تر زبان منهنجي ڪري،
عقل کان بيگانگي ٿئي هوش ٿئي مون کان پري.
اڄ ڪندس تنهنجا ثنا جو ”شهنشاه اوليا“،
اڄ ڪندس تنهنجي ثنا جو ”شهنشاهه اصفيا.“
ٿا مڃين جنهنجي ڪماليت کي سڀئي ڪاملين،
پيشوا پنهنجو چون جنهنکي سڀيئي عارفين،
هند توڙي سنڌ وارن جو اهو آهي يقين،
جنهنجو مٽ ٿيو اوليائن ۾ نه بر روءِ زمين.
زهد و تقويٰ ۾ نه جنهنجو آه ٿيو پيدا مثال،
قرب ۾ الله جي حاصل ٿيو جنهنکي ڪمال.
هن چيو جيڪي انهيءَ مان حق ٿيو نروار آه،
راز قدرت جو ٿيو ڇا؟ ڇا رکيل اسرار آه؟
زندگي جنهن راز جي سمجهڻ سوا بيڪار آه،
عاقلن جو متفق ٿيو ان طرح اقرار آه.
آه قدرت جو ويو ٿي راز هن کان ئي عيان،
در حقيقت معرفت جو آه هي ٿيو راز دان.
پارسائيءَ کي مڃين جنهنجي ولي ۽ پارسا،
ٿي خدا جي ذات کان اهڙي مٿس آهي عطا،
هو ڪرامت جو ڪڪر ۽ صاحب – جو دو سخا،
اصفيا و اوليا جي، تن سڀن جو پيشوا.
مدعا منهنجيءَ ۾ آهي شه شهان عبداللطيف،
سنڌ جي علم و ادب جو پاسبان عبداللطيف.
پرت مان هيڪر پڙهي ڏس تون رسالو شاهه جو،
۽ هنئين سان تون هنڊائج لفظ حق آگاهه جو،
دل مڃي جنهنکي زبان چئي لفظ ات وهوا جو،
باليقين پيغام برحق شاهه عالي جاه جو.
قلب جي تسڪين هن ۾ ۽ هدايت جو سبق،
داستان حب الوطن ۽ دل جي راحت جو سبق.
هن جي دهرايا ته آهن سنڌ جا سڀ داستان،
داستان هر ڪنهن ۾ مخفي ٿيو حقيقت جو نشان.
ڇا چيم؟ مخفي نه آهي، آه پر سڀ ڪجهه عيان،
آه پڌري ذات واحد هنجي تمثيلن منجهان.
جي پنهل جو ٿو پڇائي سور سسئيءَ جان کڻي،
ته به نظر ۾ آه هنجي ”جو سڄي جڳ جو ڌڻي“.
محل مومل جيئن ڇڏي، سو ڍل بنا سڏڪا ڀري،
ٿو تڪي تارا ته ڪڏهين ور ولهي تي ٿو وري،
ٻانهون ٻيجل کي ٻڌي يا عرض ۽ آزيون ڪري،
مختصر، هر رنگ ۾ ٿي عشق جي آتش ٻري.
لفظ ليلا جا مگر هنجو چنيسر ڪو ٻيو،
سير ۾ سهڻي جيان، پر هنجو ميهر ڪو ٻيو.
سنڌ توڙي سنڌ وارن سان سندس الفت اها،
سنڌ ڪنهن ساعت وساري شاهه آهي ڪا نه ڪا،
لفظ تمثيلون مڙيئي ڪم ۾ آندئين سنڌ جا،
يعني ٿيو سنڌي زبان کي ذات هنجي کان بقا.
داستان حب الوطن ۾ مارئي آندئين مثال،
ڳالهه ڪهڙيءَ مان نه هنجو ويو ڪٿي پهچي خيال.
ويڙهيون واڙيون وطن جون جنهن سڀيئي ساريون،
ريتيون رسمون اجاگر جنهن ڪري ڏيکاريون،
پاڪنڍيون ڪاريون ڪڪيون ڪانهين ۾ جنهن ڪوڪاريون،
ڪين وسريون قلب هنجي تان ڄڱر ۽ ڄاريون.
حق آهي، هنجي الفت ٿي پنهل جي پار سان،
عشق تنهنکي ٿيو وطن جي گل سان توڙي خار سان.
ٿو چوان جيڪي انهيءَ جو آهي شاهد آسمان،
تو چيو جيڪي آ هن جي آهي تفسير قرآن،
يا حديثن جي حقيقت آه تن ۾ بيگمان،
ره هديٰ جو آه رهبر تنهنجو هر هڪ داستان.
نڪته دانيءَ ۾ نه ڪو ٿيو تو جيان نڪته طراز،
شاعران سنڌ ۾ تنهنجو ٿيو اعليٰ امتياز.
ره حقيقت جو چوان توکي کڻي جي رهنما،
يا چوان سرتاج صوفين جو ته سو بلڪل بجا،
شاعري تي ٿي ”غنيءَ“ کي دسترس مورئون نه ڪا،
حق ثنا تنهنجيءَ سندو تنهنکان نه ٿيو آهي ادا.
بهر صورت ذات تنهنجيءَ تي رهي نازان سنڌ،
جنهنجي هستيءَ کان جهان ۾ آه وڌ ٿيو شان سنڌ.
اڄ زماني کي ضرورت ٿي سندس تعليم جي،
اڄ زماني کي ضرورت ٿي سندس تنظيم جي،
اڄ زماني کي ضرورت ٿي سندس تڪريم جي،
ميٽجي صورت وڃي پوءِ الفت، لام و ميم جي.*
-
آ ته واکاڻيون وري اڄ شاهه جي احسان کي،
هنجي لفظن ۾ سڃاڻون پڻ وطن جي شان کي
ليکراج ”عزيز“
شاهه عبداللطيف
روز اول کان کلي جنهن وقت قسمت سنڌ جي
ڏينهن وانگر ٿي تڏهن پڌري فضيلت سنڌ جي.
رشڪ حيرت سان ڏني سنسار سبقت سنڌ جي
گوشي گوشي ۾ رسي دنيا جي، برڪت سنڌ جي،
مشرق و مغرب ۾ هر جاهل هلي ويو سنڌ جو
ويٺي ويٺي ڀاڳ هي ڪهڙو کلي ويو سنڌ جو.
(2)
روم جي ميخانه جو اوتيائون هت صافي شراب
معنوي مئي لاءِ ساقي سنڌ کي ڪيئون انتخاب
معرفت جي بزم جو حاضر ٿيو جنگ و رباب
روح انساني ٻڌي هن راڳ کي ٿيو فيضياب
غيب مان آوار ٿيو: آڻيو ڀٽائي شاهه کي
معرفت جي عرش اعظم جي درخشان ماهه کي.
(3)
شان سان ۽ مان سان ٿي وچ۾ ويٺو سرفراز
شاعري جي تخت جو ٿيو انکي حاصل امتياز
باغ معنيٰ جي ۾ ٿيو بلبل صفت نغمه طراز
سالڪن سمجهيو ته بيشڪ آهه هي دانائي راز
راڳ پڌرو تار ان جي مان حقيقت جو ٿيو
شاعري جو جسم گويا ساز وحدت جو ٿيو.
(4)
ڇا سلامت شاهه جي ۽ ڇا فصاحت شاهه جي
ڇا زبانداني ۽ جدت، ڇا بلاغت شاهه جي
حسن معنيٰ جي ۾ سهڻي ڇا نزاڪت شاهه جي
ڇا سندس شيرين تڪام، ڇا حلاوت شاهه جي
شاهه جي سچ پچ صفت ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪريان
دل نه ٿي ڊاپيم وت ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪريان.
(5)
شاعريءَ کي جنهن ڪيم الهام سو هي شاهه آهه
شاعريءَ جو جنهن مٿي ڪيو نام سو هي شاهه آهه
معرفت جو جنهن پياريو جام سو هي شاهه آهه
جنهن محبت جو ڏنو پيغام سو هي شاهه آهه
جنهن وڌو شيخ و برهمن ۾ محبت ۽ پيار
مسجد و مندر کي هڪ جهڙو عطا ڪيائين وقار.
(6)
هڪ ٻنهي کي شاهه ڪيو لاهي دوئي جي داغ کي
فرق مذهب جو ڪڍي ڪيو دور هن سالڪ سچي
مسلم و هندو کڙا ٿيا ٻئي سڌيءَ هڪ راهه تي
کير کنڊ ٿيا پاڻ۾ صدقي رسالي شاهه جي
نوع انساني سندس احسان جو قائل ٿيو
پيچ الفت جو سڀن ۾ شاهه جي صدقي پيو.
(7)
ٿي ڪڏهن مومل اڏائي ڪانو ٿو نت ڪاڪ جا
روح ۾ راڻو رکي ٿئي ٿو محبت ۾ فنا
ٿي سسئي ڏوري ٿو ڏونگر ۾ پنهل جا پيچرا
مارئيءَ وانگر وطن لئي ٿو ڪري واڪا وڏا
سوز ڏاڍي ساڻ ڳائي ٿو اباڻن جي اڪير
شوق ڪامل سان گهري ٿو ديس جا ڳم ۽ ڳنڍير.
(8)
عشق صادق شاهه جو ترندو وڃي ٿو تار مان
ڪينڪي مهراڻ ڀي روڪيس ٿو ميهار کان
سڪ سسئي وانگر اٿس پختي پنهل جي پار سان
پير پيادو ڌرتتيءَ ڊوڙيو وڃي وڻڪار تان
ويا کڻي کوها ڪپن تان جي اتر جي آسري
ساهه تن سامونڊين لئه ٿو سندس ڏاڍو سڪي.
(9)
حب ملڪي حب قوميءَ سان سڄو سرشار آهه
شاهه جو مذهب محبت ۽ وطن جو پيار آهه
ڌرم مذهب جي تفاوت کان گهڻو بيزار آهه
آدمي هرڪو محبت جو وٽس حقدار آهه
ٿي ڪڏهن سامي ٺڪاڻن جو ڪري ٿو سير پڻ
۽ ڪڏهن حاجي ٿي ڪعبه جو ڪري ٿو وير پڻ.
(10)
مسجد و مندر وٽس آهن خدا جا گهر ٻئي
هڪڙو گهر، ان ۾ اچڻ جا هي ٿا سڏجن در ٻئي
مسلم و هندو وطن جي اڀ جا ٿيا اختر ٻئي
پنهنجي سائين جي طلب ۾ ٿا رهن مضطر ٻئي
ڪر اندر اجرو ته حاصل نور وحدت جو ڪرين
هي دوئي ٿي دور پيالو جي محبت جو ڀرين.
(11)
هي هلاچو آهه هل باالله اُن دلدار جو
وحدتا ڪثرت ٿي لهه ڪو انت ان اسرار جو
سر مخفي جي پروڙين شاهه جي گفتار جو
تون مزو حاصل ڪرين سچ پچ ڌڻيءَ جي پيار جو
شان بشريت جو کولي شاهه ڪيو آهي بيان
عارفن تي معرفت جو ائين ٿيو پڌرو مڪان.
(12)
ڪر پرين پنهنجو، ٻيا سڀ وسوسا دل جا وڃاءِ
ٿي سچو سالڪ اندر تان ڪٽ ڪدورت جي هٽاءِ
مسجد و مندر کي سمجهي گهر خدا جو پير پاءِ
واٽ جا آهي محبت جي انهيءَ تي وک وڌاءِ
هر جڳهه حاضر اهو سڀني سان گڏ آهي سڄڻ
شاهه صاحب جو اندر جي گوش سان ٻڌ هي چوڻ.
(13)
دوست جو ديرو منجهئي تون ڇو وڃين وڻڪار ڏي
هوت هر هنڌ آهه حاضر تون م ڀڄ ڪهسار ڏي
سڪ سچيءَ جي شمع کڻ پو پر پنهل جي پار ڏي
هي اٿئي نڪتو سچو ڏي گوش هن گفتار ڏي
گرچه روزو ۽ نماز آهي چڱي هڪ بندگي
پر دري آهي اڃا ڪا ٻي ڌڻيءَ جي ديد جي.
(14)
شاهه کان سنسار جي وٺ ڪاميابيءَ جو سبق
ڇڏ ورائي دل جي همت ساڻ آرس جو ورق
جو گهڙي پاتار ۾ لهندو سو موتين جو طبق
بي عمل لئه آهه دنيا ۾ هڪيو رنج و قلق
ڪاهه اُٿ ڪوسيءَ ٿڌي ۾ سر جو سانگو ڪيم ڪر
پنڌ ڏورانهين کي آرس سان اڙانگو ڪيم ڪر.
(15)
آيتون آهن حقيقت ۾ پڙهو جي بيت ٿا
هي ترقي ۽ تمدن جا ٿين ٿا رهنما
دل جي آئيني تان لاهي ڪٽ ڪري جي ڪو صفا
سو رسالي مان پرائيندو گهڻيئي فائدا
دين ۽ دنيا جي نيڪيءَ جو منجهس آهي اصول
جنهنکي دانائن چمي چشمن سان ڪيو، دل سان قبول
(16)
موجزن هڪ بحر آهي شاهه جو عالي ڪلام
روح جي پاڪيزگيءَ جو جنهن ۾ آهي اهتمام
شاهه جي تعريف مونکان ڪينڪي ٿيندي تمام
ٿو ڪريان عاجز ٿي آخر نظم جو هيئن اختتام
هن حقيقي بحر جو ڪيئن ٿيان ثناور مان ”عزيز“
ڪهڙي نسبت ٿو رکي قطرو سمندر سان عزيز.
*
|