سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :25

سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌي ٻولي ڏکڻ ايشيائي ننڍي کنڊ جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. تاريخي طور تي اها سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ٻولي آهي، جيڪا سنڌو ماٿر جي ڪنهن مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. ”مئن جي دڙي“ واري قبل از تاريخي دور جي ٻولي کي ”سنڌ جي ٻولي“ چئي سگهجي ٿو، پر ”سنڌي ٻولي“ گهڻو پوءِ اُسري. عيسوي پنجين صدي کان يارهين صدي واري عرصي ۾ يعني راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ پوءِ عرب – اسلام حڪومتن واري دور ۾ سنڌ اندر سياسي ۽ انتظامي مرڪزيت جي ڪري، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ هلندڙ ”مقامي محاورن ۽ ٻولين“ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جيڪا هڪ عام فهم سنڌي ٻولي جي اوسر لاءِ ڪارگر ثابت ٿي. عرب – اسلامي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اوسرجا وڌيڪ پڪا پختا حوالا ملن ٿا، جن جي بناءِ تي چئي سگهجي ٿو ته هن دور ۾ وڌيڪ سياسي ۽ انتظامي وحدت سببان ”سنڌ جي مقامي ٻولين“ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي  ۽ عام فهم سنڌي ٻولي اُسري . هن دور ۾ دين اسلام جي قبوليت ۽ تعليمي ترقي سان ٻوليءَ جي فڪري ڪيفيت تبديل ٿي، ٻوليءَ جي تمدني سرمايي ۾ واڌارو ٿيو ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ، صورتخطي ۽ صرف نحو تي اثر پيو.

هن دور ۾، عربي سان گڏ سنڌي کي اهميت حاصل ٿي جو نئين اسلامي معاشري ۾ عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي سبب ٻيئي هڪٻئي جي ٻولي سمجهندا  ۽ ڳالهائيندا رهيا. چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيوسي) ۾ جڏهن ڪي عرب عالم ۽ سياح سنڌ ۾ آيا ته هنن سنڌي ۽ عربي ٻيئي ٻوليون سنڌ ۾ عام رائج ڏٺيون. اصطخري ۽ ابن حوقل ٻنهي محققن پنهنجي بيانن ۾ لکيو آهي ته: منصوره (موجوده سنڌ)، ملتان ۽ انهن جي پسگردائيءَ وارن علائقن جي ٻولي عربي ۽ سنڌي آهي ۽ مڪران (بلوچستان) وارن جي ٻولي فارسي ۽ مُڪري (بلوچي) آهي(1).

هن دور ۾ نئين علمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ماحول جي اثر هيٺ سنڌي ۽ عربي ٻولين جو پاڻ ۾ گهاٽو رشتو ۽ عمل ۽ رد عمل پيدا ٿيو، جنهن سان سنڌي ٻولي جي لساني انفراديت مضبوط ٿي ۽ پڻ بين الاقوامي سطح تي ان جي اهيمت تسليم ٿي. گاديءَ جو شهر منصوره، جنهن جو بنياد 112- 116 هجري (730- 734ع) وارن سالن ۾ پيو، سو پوءِ تعليم، تحقيق ۽ بين الاقوامي تجارت جو مرڪز بنيو. هڪ طرف سنڌ جي عالمن عربي علم ادب ۾ شهرت حاصل ڪئي ته ٻئي طرف عرب عالمن سنڌي ۽ هندي ٻولين جي مطالعي ۾ گوءِ کنئي. چوٿين صدي هجري ۾ ابتدائي حوالن بعد، محقق النديم سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي رسم الخط بابت معلومات قلمبند ڪيا. پڻ ساڳئي دور ۾ بشر بن عبدالوهاب فزاري سنڌ ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر بابت تحقيق ڪئي، جنهن سان سنڌي جي طبي لغات تي ڪافي روشني پيئي. ان موضوع تي پوءِ سنه 443 هجري (51- 105ع) ۾ محقق بيروني ”ڪتاب الصيدنه“ تصنيف ڪيو، جنهن ۾ مُني سو کن معدني دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جا سنڌي نالا ۽ تفصيل ڏنائين(2)[1]. اهي نالا ان وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي انفرادي حيثيت  ۽ طب جي سلسلي ۾ ان جي بين الاقوامي شهرت بابت دستاويزي حيثيت رکن ٿا.

عربن جي دور کانپوءِ سومرن وارو دور (0501- 0531ع) عام فهم سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع وارو دور هو، جنهن ۾ سنڌي سنڌ جي ڏکڻ اڀرندين ڀاڱي کان اڳتي ويندي ڪڇ تائين رائج ٿي. هن دور ۾، سنڌيءَ ۾ وڌندڙ بياني صلاحيت سببان، ٻولي جي عوامي روايت واري ادبي ذخيري

۾ وڏو واڌارو ٿيو- قصا اُسريا ۽ مشهور ٿيا ۽ ڳاهن سان ڳالهيون ڳايون ويون. ان بعد سمن جي دور (1359- 1520ع) ۾، وچولي سنڌ جي سمن قبيلن  جي نج سنڌي ٻولي، معياري سنڌي ٻولي جي صورت ۾ ترقي پذير ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون وسيع ٿيون. سنڌي نثر ۾ وڌندڙ بياني قوت سببان قصه-خواني جو فن وڌيو ۽ شعر ۾ ”سنڌي بيت“ هيئت ۽ فن جي لحاظ سان قاضي قادن جي ڪلام ۾ پنهنجي تڪميلي صورت کي پهتو.

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارو دور (1520- 1680ع) سنڌ ۾ فارسي زبان جي اوسر ۽ عروج وارو دور هو مگر سنڌي پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي اعتبار سان اهڙي اعليٰ سطح تي پهچي چڪي هئي جو فارسي جي عمل  ۽ اثر جي باوجود سنڌي جي انفراديت ۽ افاديت قائم رهي. هن دور جي آخر (1590- 1680ع) ۾ سنڌي ٻولي جي علمي تاريخ ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو جو سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن هڪ خاص تعليمي نظريي ۽ تعليمي تحريڪ جو بنياد وڌو ته ٻارڙن کي بنيادي تعليم سندن ”پنهنجي زبان سنڌي“ ۾ ڏني وڃي ته جيئن هو سولائيءَ سان مڪتبي تعليم پوري ڪري سگهن. هن تحريڪ هيٺ نه فقطه مڪتبي سطح تي سنڌي ۾ پڙهائي جو سلسلو شروع ٿيو، پر ان لاءِ سنڌي ۾ درسي مواد مهيا ڪرڻ جي شروعات ٿي.

ان بعد آخري مغلن، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپور اميرن واري دور (1680- 1860ع) ۾ سڌي زبان ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيا. معياري درسي ڪتاب .ابوالحسن جي سنڌي“ جي عام مقبوليت سان سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي. ”سنڌي“ جي خاص نالي سان وڌيڪ درسي ڪتاب شايع ٿيا ۽ سولي سنڌي ۾ ڪتابن لکڻ جو نظريو عام ٿيو. ان سان گڏ هن دور ۾ سنڌي اَساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جي عمارت اڏجي راس ٿي ۽ سنڌي بيتن ۽ واين جا ذخيرا ”رسالي“ جي خاص نالي سان صورت پذير ٿيا. هن دور ۾ اعليٰ فڪر وارا عارف ۽ وڏا ديده ور داناء، ۽ شاعر ساماڻا، جن پنهنجن سنڌي بيتن ۾ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جا سبق سمجهايا.

فيبروري سنه 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي سان، سنڌ جي پنهنجي آزادي وارو دور ختم ٿيو ۽ هڪ ٻاهرين سامراجي حڪومت جي قائم ٿيڻ سان وڏيون تبديليون آيون. پهرين ته فارسي زبان کي ختم ڪري انگريزيءَ کي مرڪزي سرڪار جي زبان طور نافذ ڪيو ويو؛ انهيءَ قدم سان، سنڌ ۾ پڻ صوبائي سرڪاري زبان طور فارسي ختم ٿي ۽ ان جي جاءِ تي مرڪزي زبان انگريزي سان گڏ سنڌي کي ”صوبائي سرڪاري زبان“ طور تسليم ڪيو ويو. هن تاريخي موڙ واري ان اتفاقي فيصلي سان سنڌ جي ترقي لاءِ پڻ راهه روشن ٿي.

سڌي رسم الخط

سنڌ ۾ رسم الخط جي تاريخ قبل –از- تاريخي دور ۾ ”مئن جي دڙي“ جي مُهرن تائين پهچي ٿي، پر ”سنڌ جي ان قديم خط“ ۽ هن پوئين تاريخي دور ۾ ”سنڌي ٻولي جي رسم الخط“ جي وچ ۾ اڍائن هزارن کن سالن جو خال آهي. سنڌ جي مقامي ٻولين ۽ صورتخطين بابت پهريون پڪو حوالو بغداد جي محقق محمد بن اسحاق النديم جي ”ڪتاب الفهرست“ ۾ ملي ٿو، جيڪو هن سنه 377هه (88- 987ع) ۾ مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. اn ۾ ڄاڻايو اٿس ته: سنڌ وارن جون مختلف ”ٻوليون“ (لغات) آهن ۽ کين ڪيترن ئي قسمن جا رسم الخط آهن. هڪ شخص جيڪو سنڌ ملڪ گهمي آيو آهي، تنهن مون کي ٻڌايو ته کين تقريبن هڪ سئو خط آهن؛ پڻ چيائين ته سنڌ وارا نون (9) تائين انگ جدا جدا ڪري لکندا آهن ۽ پوءِ ڏهاڪن، سون ۽ هزارين لاءِ انگن هيٺان هڪ، ٻه يا ٽري ڏيندا آهن (1).[2] هن حوالي مان ڀانئجي ٿو ته غالبا اسلام کان اڳ واري دور کان وٺي سنڌ جي مختلف ڀاڱن يا شهرن ۾ مقامي طور جدا جدا صورتخطيون هلندڙ هيون، جيڪي ويندي موجوده دور ۾ ويهين صدي تائين هلنديون آيون.

.......................................................................................................................

Pre-Islamic Commercial Scri;pts Sindhi Scrpt from K.Al-FIHRIST

عربي-سنڌي رسم الخط جي شروعات ڪيئن ٿي، تنهن بابت ڪي خاص معلومات موجود نه آهن پر پوءِ وارن ڪن اهڃاڻن مان اهو گمان نڪري ٿو ته عربي- سنڌي رسم الخط ٻن مرحلن ۾ راس ٿيو. پهرئين مرحلي ۾، يعني ٻي کان چوٿين صدي هجري تائين، سنڌي کي جيئن جو تيئن عربي الف –بي سان لکيو ويو؛ ٻئي مرحلي ۾، چوٿين صدي هجري جي آخري ڌاري ”عربي-سنڌي“ صورتخطي جي شروعات ٿي، جنهن ۾ ڪن خالص سنڌي اچارن لاءِ عربي الف-بي جي حرف تي نقطا وڌايا ويا.

ٻي صدي هجري کان وٺي جيئن ئي عربي سنڌ ۾ انتظامي ۽ تعليمي زبان ٿي ته سنڌي جيڪا اڳ ئي مختلف مقامي صورتخطين ۾ لکي ٿي ويئي سا عربي خط  ۾ پڻ لکجڻ شروع ٿي. سنڌ جي عالمن ئي ان جي شروعات ڪئي هوندي ڇاڪاڻ جو ٻولي جي کين اڳ ۾ ئي پوري ڄاڻ هئي، باقي

.........................................Inscription from Bhanbhore

جي سنڌي لفظن کي عربي اکرن ۾ ٿي لکيائون ته به لفظن جي اصليت کي بخوبي سمجهي ٿي ويا. شروع واري دور ۾ سنڌ اندر عربيءَ جو ڪوفي رسم الخط رائج هو، جنهن ۾ لکيل ڪتبا ڀنڀور جي جامع مسجد جي کنڊرات مان مليا آهن. سنڌي به پهريائين ڪوفي خط ۾ لکي  ويئي ۽ پوءِ جڏهن چوٿين صدي هجري ۾ نسخ خط رائج ٿيو ته ان خط ۾ لکي ويئي. ان بعد ايندڙ صدين ۾ سنڌي هميشه لاءِ نسخ رسم الخط ۾ ئي لکجڻ لڳي، جيئن اڄ تائين لکجي ٿي.

چوٿين صدي هجري جي پوئين اڌ ڌاري سنڌي اچارن جي ادائگي لاءِ عربي حرفن تي نقطن وڌائڻ سان بدليل صورت وارن حرفن جي بنجڻ جو گمان ٿئي ٿو. اهو انهيءَ ڪري جو چوٿين صدي جي پوئين اڌ ۾ لکيل ”ڪتاب الفهرست“ ۾ سنڌ جي لکيتن ۾ ٽٻڪن جي وڌائڻ سان انگن جي قيمتن ۾ تبديل واري روايت جو اهڃاڻ ڏنل آهي. انهيءَ روايت کي سنڌ جي عالمن اکرن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ۽ عربي الف – بي جي ڪن حرفن تي ٽٻڪا وڌائي خاص سنڌي اچارن لاءِ نوان اکر ٺاهيائون، پنجين صدي هجري جي شروعات کان وٺي سنڌي اچارن جي ادائيگي وارو اهو عربي – سنڌي رسم الخط، بلڪه صحيح معنيٰ ۾ ”سنڌي رسم الخط“، ابتدائي طور تي سنڌ ۾ رائج ٿيو. محقق اَبُو رَيحان بيروني پنهنجو ”هند بابت تحقيقي ڪتاب، پنجين صدي هجري ۾ 410-420هه( 1020- 1030ع) وارن سالن ۾ لکيو، جنهن ۾ هن سڄي هندوستا جي جدا جدا ملڪن ۾ ان وقت جيڪي يارنهن مکيه رسم الخط (1) رائج هئا تن جو ذڪر ڪيو.

(1)[3] بيروني جي اصل عبارت لاءِ ڏسو ”ڪتاب تحقيق ماللهند“ جو عربي متن، ڇپيل حيدرآباد دکن، سنه 1377هه/ 1958ع، ص 135. بيروني جي مختصر بيانن ۾ ٻن ٻين رسم الخطن جي ذڪر هيٺ به ”السند“ جو نالو آيو آهي، جنهن جو ايڊورڊ سخاؤ منڌل نموني ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. (ڏسو البيرونيز انڊيا، لنڊن ڇاپو، 1910ع، جلد-1، ص 173). ان مان غلط فهمي ٿئي ٿي ته ڄڻ اهي ٻيئي رسم الخط به سنڌ ۾ رائج هئا. هن کان اڳ راقم کي به اها غلط فهمي ٿي جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (سنڌ يونيورسٽي، 1411هه/ 1990ع، ص 81- 82) ۾ اهڙو گمان قلمبند ڪيو ويو. بيروني ”السند“ کي وڏي وسيع سياسي حدن واري مفهوم ۾ آندو آهي ۽ ”المنصوره“ کي خاص ملڪ (موجوده سنڌ جي برابر) جي معنيٰ ۾ آندو آهي، جنهن ۾ ”سنڌي رسم الخط“ رائج هو. ديوناگري رسم الخط

ان سلسلي ۾ ٻڌايائين ته ”المنصوره“ (واري ملڪ سنڌ) ۾ ”سيَندَب“ (سنڌَوَ يا سَينڌوي) يعني ”سنڌي“ رسم الخط رائج آهي. اهو رسم الخط جنهن کي ”سنڌي“ ڪري سڏيو ويو سو سنڌي اُچارن لاءِ وڌيڪ ٽٻڪن ذريعي بنايل حرفن وارو عربي-سنڌي رسم الخط هو.

محقق بيروني ملتان کي پنهنجي تحقيق جو مرڪز بنايو  ۽ اتان هو شايد سنڌ ۾ منصوره تائين آيو(1)[4]. جنهن ڪري کيس انهي سنڌي رسم روايت جي ڄاڻ هئي، جنهن موجب مقامي اُچارن کي نروار ڪرڻ لاءِ عربي حرفن تي ٽٻڪا وڌايا ٿي ويا. بيروني به پنهنجي ”هند بابت تحقيقي ڪتاب“ ۾ جڏهن مقامي لفظ لکيا ته انهي ساڳيءَ رسم روايت کي استعمال ڪيائين. اهو انهيءَ ڪري به جو جيڪي الفاظ بيروني پنهنجي ڪتاب ۾ استعمال ڪيا سي اڪثر سنڌي ٻوليءَ سان ملندڙ هئا. جرمن عالم ايڊورڊ سخاؤ، جنهن بيروني جي ”تحقيقي ڪتاب“ جي عربي متن کي ايڊٽ ڪيو، سو بيروني جي استعمال ڪيل مقامي لفظن ۽ ڳاڻيٽي جي انگن تي غور ڪندي انهيءَ نتيجي تي پهتو ته اهو الفاظ بنسبت ٻين جديد هند-آريائي ٻولين جي، سنڌيءَ سان وڌيڪ مناسبت رکن ٿا(2). اهڙيءَ طرح عربي-سڌي صورتخطي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق بيروني جي لکيتن ۾ ملي ٿو، جو هن نقطا وڌائي نوان اکر (ک، ف ، ز) ڪڍيا جن سان مقامي لفظ لکيائين : مثلاَ ”ملفاري“ (ملڦاري)، بشف، مکر (منگر، سمنڊ جو منگرو)، مکهر(= مگهر، مهينو ناهري)، اکر (= آڱر)، زوک (= جون). انهن صورتن مان مکهر ۾ ”گهه“ جي صورت پڌري موجود آهي(1). ·اهڙيءَ طرح ”سنڌي-عربي صورتخطي“ جيڪا سان تائين پهتي آهي، ان جا لکيت ۾ آثار (1020- 1030هه) واري عرصي تائين پهچن ٿا.

محقق بيروني کان پوءِ ڇهن صدين جي وڏي  عرصي تائين سنڌي عبارتن جا ڪي به نمونا محفوظ نه رهيا آهن، جن جي مطالعي سان ”عربي-سنڌي الف –بي“ جي تاريخي اوسر بابت ڪي خاطر خواه نتيجا ڪڍي سگهجن. ”مقدمة الصواة“ آڳاٽو ڪتاب آهي، جنهن ۾ عربي حرفن تي ٽٻڪن وڌائڻ سان گهڻي ۾ گهڻا حرف سنڌي اچارن لاءِ آندا ويا آهن. اصل ۾  ”مقدمة الصواة“ (نماز جي سمجهائڻي لاءِ مهاڳ) جي عنوان سان ڪتاب فارسي ۾ لکيل هو، پر جيئن ته هيءُ ڪتاب ”سنڌي“ ۾ لکيو ويو انهيءَ ڪري ان کي ”مقدمة الصواة سنڌي“ سڏيو ويو؛ بعد ۾ اهو اڃان به ”ابوالحسن جي سنڌي“ جهڙي سولي نالي سان مشهور ٿيو. هن نالي ۾ آيل لفظ ”سنڌي“ سببان،

انگريزن جي دور ۾ ڪن پڙهيلن ائين ڀانيو ته مخدوم ابوالحسن نوان اکر ٺاهي نئين سنڌي الف-بي يا نئين سنڌي ٺاهي. ڪتاب ”مقدمة الصوات“ جا جيڪي قلمي نسخا باقي بچيا آهن تن مان موجوده ڄاڻ موجب، سنه 1115هه جو لکيل نسخو سڀ کان آڳاٽو آهي. انهيءَ لحاظ سان مٿئين گمان موجب ائين ڀانئبو ته ڄڻ وڌايل ٽٻڪن سان اکرن واري ”عربي-سنڌي الف –بي“ سنه 1115هه ڌاري ايجاد ٿي؛ ان جي معنيٰ ته ان کان اڳ ان جي اوسر جي ڪا تاريخ ئي ڪانه هئي. ٻئي طرف اهو معلوم ٿي چڪو آهي ته سنڌي انگن اکرن لاءِ ٽٻڪن وڌائڻ واري رسم مخدوم ابوالحسن کان (جيڪو پاڻ 11 صدي هجري ۾ ٿي گذريو) گهڻو آڳاٽو هئي. وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن مخدوم ابوالحسن ئي پهريون ڀيرو اها ”عربي-سنڌي الف –بي، راس ڪري ها ته پوءِ ٻيا سڀ ان کي ساڳي صورت ۾ استعمال ڪن ها، ڇاڪاڻ جو اها هڪ ئي صورت سندن سامهون هئي. پر مخدوم ابوالحسن کان پوءِ واري لاڳيتي دور ۾ جدا جدا ڪاتبن جدا جدا صورتن وارا اکر ڪم آندا، ايتري قدر جو خود مخدوم ابو الحسن جي ڪتاب کي پڻ ڪاتبن جدا جدا صورتن وارن اکرن ۾ لکيو. سنه 1115هه (1703ع) ۾ لکيل ڪتاب ”مقدمة الصوات سنڌي“ کان وٺي ايندڙ ڏيڍ سئو کن سالن واري وڏي عرصي ۾ ويندي 1280هه (1853ع) تائين، جيتوڻيڪ ڪاتبن جدا جدا ٽٻڪن جي صورتن وارا اکر پئي استعمال ڪيا، پر جيئن پوءِ تيئن اختلاف گهٽجڻ لڳو ۽ گهڻي حد تائين ساڳي صورت وارن اکرن جي استعمال جو رجحان وڌيو. اهو رجحان اڳتي هلي انگريزن جي اوائلي دور ۾ اکرن جي ساڳين صورتن واري الف-بي جي استعمال لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيو.

انگريزن سنه 1843ع ۾ سنڌ تي زوري قبضو ڪيو، جنهن سان سنڌ جي سياسي، فڪري توڙي تعليمي آزادي جا سلسلا ختم ٿي ويا. فارسي جيڪا اڳ سرڪاري زبان هئي ۽ خاص ڪري انگريزي کي مرڪزي سرڪاري زبان طور رائج ڪيو ويو. انهيءَ ڪري سنڌ صوبي ۾ پڻ فارسي جي خاتمي سان، انگريزي مرڪزي سرڪاري زبان طور ۽ سنڌي صوبائي سرڪاري زبان طور رائج ٿي. بمبئي سرڪار جي سرڪيولر NO:1852 مورخه 6 سيپٽمبر 1851ع ۾ اهڙي پڌرائي ٿي. ملڪ جي تاريخي تبديلي واري موٽ تي ان اتفاقي فيصلي سان، جيڪو نون حڪمرانن جي مصلحت مطابق هو، سنڌي جي ترقي لاءِ پڻ ميدان هموار ٿيو، پر ان سان گڏ نون حڪمرانن جي آفيسرن جي هڪ منظم گروهه طرفان (جيڪو بمبئي ۾ اثر انداز هو ۽  سنڌ کي به تازو بمبئي سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو هو). جنهن جو اڳواڻ ڪئپٽن جارج سٽيڪ هو، سنڌيءَ لاءِ صدين کان وٺي استعمال ٿيندڙ عربي-سنڌي رسم الخط کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ”ديوناگري“ رسم الخط کي رائج ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ويو. سٽيڪ جلدي جلدي ٻه ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ سنڌي ڊڪشنري، ديوناگري صورتخطي ۾ شايع ڪيا ته جيئن اهو ثابت ٿئي ته سنڌيءَ لاءِ ديوناگري رسم الخط استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانهي. ان سان گڏ عربي-سنڌي صورتخطي جي اهميت گهٽائڻ خاطر تيرنهن ٻيون اکريون ۽ اڌ اکريون، جيڪي جدا جدا شهرن ۾ يا جدا جدا واپاري گروهن ۾ ڪاروباري حساب ڪتاب لاءِ خانگي طور هلندڙ هيون، سي لکيت ۾ رڪارڊ تي آندائين ته جيئن اهو گمان ٿئي ته عربي- سنڌي صورتخطي به سنڌ ۾ هلندڙ چوڏهن صورتخطين مان هڪ صورتخطي آهي. ديوناگري رسم الخط پنهنجيءَ جاءِ تي بيشڪ هڪ مشهور تاريخي خط هو پر ان جي رائج ڪرڻ سان سنڌ وارا هڪ وڏي عرصي تائين سنڌي ٻوليءَ جي صدين واري تاريخي ۽ ادبي سرمايي کان محروم رهن ها ۽ خاص طور سنڌي مسلمان، جيڪي گهڻائيءَ ۾ هئا ۽ جن جي آزاد حڪومت جو خاتمو ٿيو هو سي تعليم ۾ هميشه لاءِ پوئتي رهجي وڃن ها. غالبا هن سامراجي گروهه جو اصل مقصد اهو ئي هو، پر مسلمانن جي ڀرپور مخالفت ۽ ان سان گڏ خاص طرح ٻن سڄاڻ انگريز عملدارن رچرڊ برٽن ۽ بي. ايڇ . ايلس جي زوردار دليلن سان منصوبو ختم ٿي ويو. ان بعد ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس، لنڊن، جي سرڪاري مراسلي Despatch No: 46  مورخه 8 ڊسمبر 1852ع ۾ آخري طور سنڌ ۾ ”عربي-سنڌي رسم الخط“ جي جاري رهڻ جو فيصلو ٿيو. ان بعد جولاءِ 1853ع ۾ نظرثاني ڪيل الف-بي کي ڪاغذ جي هڪ وڏي ”شيٽ“ تي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح 1855ع ۾ ”نظرثانيءَ ڪيل عربي سنڌي الف-بي“ عملي طور رائج ٿي(1).[5]

هن کان اڳ اڪثر ائين پئي سمجهيو ويو آهي ته موجوده سنڌي الف-بي انگريزن جي اچڻ بعد ٺهي ۽ مسٽر ايلس ان کي ٺاهيو. مٿئين تفصيل مان واضح ٿيندو ته الف –بي نئين سر ٺاهي ڪانه ويئي پر اڳ هلندڙ الف-بي تي نظرثاني ڪري ان کي ڪن ترميمن ۽ اضافن سان رائج ڪيو ويو. سنڌ جي ڪمشنر سرهينري بارٽل فريئر سنڌ ۾ تعليم بابت بي.ايڇ ايلس جي رپورٽ سان شامل سندس روانگي واري خط ۾ صاف طور ڄاڻايو آهي ته مسٽر ايلس اڳين مسلمان عالمن جي ”ايجاد ڪيل“ حرفي صورتن کي سامهون رکي انهن مان ڪي خاص صورتن وارا حرف استعمال لاءِ چونڊيا ۽ پڻ جزوي ترميمن سان ڪي ٻيا اکر شامل ڪري الف-بي پوري ڪئي. ڪمشنر فريئر اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل الف-ب کي ”نئين سر ايجاد ڪيل“ الف-بي بدران صحيح طور تي ”نظرثاني ڪيل“ الف-بي

 (“the alphabet revised”) سڏيو آهي(1)[6]. سنه 1853ع تائين ڪاتبن جي لکيل ڪتابن مان ظاهر آهي ته سنڌي اچارن لاءِ هيٺين صورتن وارا حرف اڳ ئي سنڌي صورتخطي ۾ رائج هئا (2) :

ٻ ڀ پ ٿ ٽ ڄ ڃ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ڪ ک گ ڻ

اڳين صورتخطي ۾ جه ۽ گه وارين صورتن کي (جن جي پويان ننڍي ”ه“ وارو گهيرو ڏنل هو) پويان ”هه“ جي چٽائي سان ”جهه“ ۽ ”گهه“ جي صورتن ۾ لکيو ويو. ”نظرثاني ڪيل الف-بي جي پٽي جيڪا سنه 1853ع ۾ ڇاپي ويئي ۽ جيڪا 1855 ۾ نافذ ٿي سا سامهون ناهي جو ان تي وڌيڪ ويچار ڪري سگهجي. سنه 1270هه (1853ع) ۾ نصرپور جي فارسيدان فاضل ۽ نالي واري حڪيم ٺارو مل پنهنجي هٿ لکيل ياداشت ۾ ان وقت اسڪولن ۾ رائج ڪيل (52) اکرين واري الف-بي هن طرح لکي آهي: ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ   د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و ه ء ي. جيتوڻيڪ سنه 1855ع کان وٺي سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن ۾ نئين سر منظور ڪيل الف – بي عمل ۾ آئي، پر سرڪاري نظام  ۽ انتظام کان ٻاهر خانگي لکپڙهه ۾ توڙي ڪاتبن طرفان ڪتابن ۾ اڳين الف – بي جا مختلف صورتن وارا اکر اڌ صدي کن پوءِ تائين استعمال ٿيندا رهيا. سنڌ ۾ خانگي توڙي سرڪاري طرح سڄي هڪ ساريکي سنڌي الف-بي آهستي آهستي وقت گذرڻ سان رائج ٿي.

سنڌي صورتخطي

الف-بي جا حرف، ٻوليءَ جي جدا جدا بنيادي آواز جا لکيل صورت  ۾ نرالا نشان آهن ۽ ”لفظ“ وري ٻوليءَ جي معنادار اڪائين جون لکيل صورتون آهن. صورتخطي اها لکيت واري صورت آهي، جنهن ۾ حرف هڪ ٻئي سان ملائجن ٿا ته لفظ ٺهن ۽ لفظ هڪٻئي سان لکيت ۾ ترتيب ڏجن ته جيئن جملا بنجن، حرف مان هر هڪ کي خاص نوع ۽ نزاڪت سان لکن ۽ انهن کي نهايت سهڻي سٽاءَ  سان ملائي لفظ بنائڻ ۽ وري لفظن کي لکيت ۾ سهڻي صورت سان بيهارڻ کي خطاطي چئجي ٿو.

سنڌي صورتخطي شروع کان وٺي عربي صورتخطي جي نهج نموني تي نروار ٿي. هن وقت تائين سنڌي صورتخطي جون خصوصيتون ساڳيون عربي صورتخطي واريون آهن، جن سان سنڌي صورتخطي جي اڳين ڊگهي تاريخ جي تصديق ٿئي ٿي. مثلا ڪن حرفن جو هڪ ٻئي سا ملائي لکڻ

يا نه لکڻ؛ حرفن کي لفظن جي منڍ ۾، وچ ۾ يا آخر ۾ ڪن خاص صورتن ۾ لکڻ  ۽ زيرن زبرن کي مقرر صورتن ۾ رکڻ، باوجود انهن ساڳاين جي، سنڌي صورتخطي ۾ ڪي پنهجون انوکايون اُڀريون. هڪ خاص انوکائي اها جو تنوين کي ساڳي عربي واري صورت ۾ به استعمال ڪيو ويو( جيئن ته مثلا، تقريبن، اندازن وغيره) پر ان سان گڏ تنوين کي نئين انوکي نموني ۾ ٻن گڏيل آوازي صورتن (يعني ”آوازي ڇڪ“ ۽ ان سان گڏ ”آوازي غنائي“) لاءِ به استعمال ڪيو ويو، جيئن ته ”۽“ (ئين)، ”۾“ (مين“، ڪ (ڪين)، آءٌ (آئون)، حرف ”ميم“ کي ڪن لفظن جي آخري آوازي ڇڪ ۽ غنائيءَ لاءِ آندو ويو- جيئن ته جڏهم (جڏهن، جڏهين)، ڪڏهم (ڪڏهن، ڪڏهين)، سائينم (سائين)، پريمَ (پرين). هي ترڪيب ويندي 13 صدي هجري جي آخري تائين استعمال ٿيندي رهي ۽ اُن کي پنهنجو انوکو اعراب وارو نظام موجود هو. انهيءَ ڪري، عربي جي معياري ادبي تحريرن وانگر سنڌي تحريرن جي صورتخطي کي پڻ زيرن زبرن سان لکيو ويو. سنڌي صورتخطي جي اصطلاح ۾ زيرن، زبرن، پيشن، جَزمن، شَدن، مَدن سڀني کي هڪ يڪي جامع نالي سان ”زيرون زبرون“ سڏيو ويو. سنڌي ۾ ”زيرون زبرون“ نه فقط آوازي نشاني طور استعمال ٿيون پر انهن مان امن ۽ صفتن جي آخري حرفن واري، زير، زبر ۽ پيش ساڳئي وقت اعراب طور پڻ استعمال ٿيا، يعني ته سنڌي صرف نحو ۾ انهن جي بيهڪ ۽ سڃاڻپ جون نشانيون بڻيا.

سنڌ جي عالمن عربي وارين آوازي نشاني کانسواءِ سنڌي جي ٻين منفرد آوازن لاءِ (جيڪي عربي ۾ نه هئا). ٻه آوازي نشانيون نئين سر ايجاد ڪيون: يعني ته ”او“ جي وچٿري آواز لاءِ ”ابتو ڊگهو پيش“ (........) ۽ ”اي“ جي وچٿري آواز لاءِ ”اُڀي زير“ (......).

انگريزن جي دور کان اڳ، سنڌ جا عالم ۽ استاد مٿين مڙني احتياطن سان سنڌي عبارتون ۽ متن ”زيرن زبرن“ سان لکندا هئا. انگريزن جي دور جي پهرين پنجاهه-سٺ سالن تائين پڻ خانگي طور ڪاتبن اهو سلسلو جاري رکيو. ٻئي طرف ”نظرثاني ڪيل الف-بي، جي استعمال سان گڏ نون ڪتابن جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ ۾ صورتخطي جي سهڻائي ۽ سڌاري ڏانهن جيئن پوءِ تيئن گهٽ توجهه رهيو؛ جيتوڻيڪ سنڌ جي ”وچولي واري ٻولي“ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شهري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطي جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانهن گهٽ توجهه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون. اڳيان عالم، انهن سنڌي اُچارن لاءِ جن ۾ ”ر“ جو آواز سميٽيل هو تن لاءِ ”ر“ وڌائي لکندا هئا، جيئن ته چنڊر، پٽر، کنڊر وغيره، پر حيدرآبادي محاوري ۾ اهڙا لفظ چند، پٽ، کنڊ، ڪري اُچاربا هئا، انهيءَ ڪري ڪتابن ۾ پڻ انهن اُچارن سان ”ر“ کانسواءِ لکيا ويا. اهڙيءَ طرح ”هه“ سان سميٽيل اُچارن ڙهه، مهه، لهه، نهه، وغيره کي سرڪاري طور منظور ٿيل الف-بي ۾ مستقل اُچارن طور شامل ڪونه ڪيو ويو، جنهن ڪري نئين صورتخطي ۽ ان جي هِجي ۾ اِهي اُچار غلط نموني ۾ رائج ٿيا. وڏي ڪوتاهي اها ٿي جو آهستي آهستي نه رڳو عام ڇپيل ڪتابن ۾ بلڪه درسي ڪتابن ۾ به ”زيرون زبرون“ ختم ڪيون ويون، جنهن ڪري نه فقط لفظن جي صحيح آوازن کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاء جي سڃاڻپ ختم ٿي ويئي. اهڙيءَ طرح، سنڌي جي مزاج وارن ”ي“ سان سميٽيل اُچارن توڙي ”ن“ جي غنائي وارن اُچارن کي صورتخطي ۾ صحيح هِجي سان بيهارڻ طرف ڌيان نه ڏنو ويو. انهيءَ ڪري باوجود انهيءَ جي جو سنڌي صورتخطي ڪنهن حد تائين معياري ٿي مگر ان جي مختلف مسئلن کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.

سنڌي خطاطي

سنڌ ۾ خطاطي جي فن جا آڳاٽا آثار 3 صدي هجري (9 صدي عيسيوي) ۾  ڀنڀور  جي جامع مسجد جي ڪَتبن ۾ ملن ٿا، جيڪي ”گلڪاري ڪوفي“ رسم الخط ۾ سينگاريل آهن. ان کانپوءِ چئن صدين کان وڌيڪ عرصي جو وڏو خال آهي، جنهن ۾ خطاطي جو ڪو به نمونو نظر نٿو اچي، جيتوڻيڪ فن ختم ڪو نه ٿيو هو ۽ هلندڙ هو. انهيءَ ڪري ئي جڏهن  8 صدي هجري (14 صدي عيسوي) ۾ ٺٽي شهر جو بنياد پيو ۽ اهو سنڌ جو تختگاهه بنيو ته ٿوري ئي عرصي ۾ اهو ڪاتبن ۽ خطاطن جو مرڪز بڻجي ويو: نه فقط  سنڌ جي ٻين آڳاٽن شهرن مان، پر ٻاهران ويندي هرات مان عالم ۽ ڪاتب ٺٽي پهتا، ڇاڪاڻ جو ايران ۾ صفوي حڪمرانن جي طاقت ۾ اچڻ سان هرات جو اوج ختم ٿيڻ لڳو هو. ارغونن-ترخانن واري دور ۾ وچ-ايشيا مان معمار ۽ ڪاتب ٺٽي ۾ آيا، ۽ ان بعد مغليه دور ۾ ايران مان شاعر ۽ ڪاتب اچي ٺٽي ۾ رهيا. جيتوڻيڪ ٺٽي يا سنڌ جي (جتي سيوهڻ ۽ بکر وڏا مرڪز هئا) ڪاتبن ۽ خطاطن بابت ڪو جدا لکيل ڪتاب دستاب نه ٿيو آهي، مگر مغليه دور جي تاريخن ۽ ان بعد خاص طرح مير علي شير قانع جي ٻن مکيه ڪتابن ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارن دورن (15-17 صدي عيسوي) جي ڪيترن ئي ڪاتبن جا نالا يادگار طور موجود آهي. ان کانسواءِ مڪلي جي مقبرن ۽ مسجدن تي آثاري ڪتبن سنواريندڙ ڪاتبن جا نالا يادگار طور موجود آهن. 18 صدي عيسوي ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ شهر ٺٽو تختگاه نه رهيو، جنهن ڪري اتان جي ٻين ڪاريگرين سان گڏ خطاطي تي به زوال آيو پر پوءِ سگهوئي ٽالپور اميرن جي دور ۾ (1783-1843ع) ڪاتبن ۽ خطاطن جي قدرداني ٿي  ۽ خطاطي جو فن وري شاداب ٿيو. آثار قديمه جي عالم ڊاڪٽر عبدالغفور جنهن  پنجويهه سال اڳ سنڌ ۾ خطاطي جي فن جو مطالعو ڪيو ۽ ان موضوع تي “Calligraphers of Thatta” جي عنوا سان هڪ عالمانه ڪتاب تصنيف ڪيو، تنهن فن جي بقاء جي سلسلي ۾ ٽالپورن جي دور بابت ڄاڻايو ته :  ٽالپور اميرن علم جي فراخدليءَ سان سرپرستي ڪئي. هر امير کي پنهنجو ڪتبخانو هو ۽ ڪتبخانن (۾ ڪتابن لکڻ ۽ سنڀالڻ) لاءِ ڪاتبن جي وڏي تعداد جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پنهنجن ڪاتبن کانسواءِ ايران توڙي هندوستان مان پڻ ڪاتب اچي ٽالپور اميرن جي درٻارن ۾ پهتا. ايران مان آيل ڪاتبن مان خاص طرح سيد علي شيرازي، ميرحسين علي نقاش، علي باب شيرازي، غلام احمد خطاط، علي مراد خطاط، سيد محمد راز حسيني ۽ مشڪين قلم مشهور هئا. (1)

سنڌ ۾ خطاطي جي فن جي تاريخ ڪوفي رسم الخط سان شروع ٿي. ان بعد 4 صدي هجري کان نسخ خط رائج ٿيو، جيڪو پوءِ سنڌي صورتخطي جو خاص خط بنجي ويو. عربي ۽ فارسي کان پوءِ جڏهن سنڌي جا ڪاتب ساماڻا ته سنڌي خطاطي نَسخَ خط ۾ ترقي ڪئي. 19 صدي جي وچ ڌاري، وڏي عالم  ۽ محقق رچرڊ برٽن پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي تصديق ڪئي ته ”سنڌ جا ڪاتب خطاطي جي فن ۾ مشهور رهيا آهن ۽ هن وقت به ٽرن خطن-نسخ، نستعليق ۽ شڪسته- ۾ لکن ٿا؛ مون پاڻ نسخ خط جا ڪي بهترين نمونا ڏٺا آهن ۽ عموما هيءُ خط سنڌ ۾ سهڻي نموني ۾ لکيو وڃي ٿو.“ (2)[7]

مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيو ته 13 صدي هجري يعني ٽالپورن جي دور تائين سنڌ ۾ خطاطي جي فن کي فروغ ملندو  رهيو ۽ فارسي سان گڏ سنڌي خطاطي به جاري رهي. اهڙيءَ طرح وڏي عرصي تائين سنڌ ڄڻ خطاطي جو مرڪز رهيو ۽ خطاطي جون نزاڪتون ايترو ته معلوم ۽ مشهور ٿي ويون جو پهريائين قاضي قادن (10 صدي هجري ۾) ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف رحه (12 صدي هجري ۾) پنهنجي هيٺين بيت ۾ خطاطي جي هڪ نزاڪت کي تمثيل طور آندو ته:

ڪاتب لکن جيئن، لايو ”لام“ ”الف“ سين،

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.

اهو خطاطي جي فن جي قدرداني ۽ عام مقبوليت جو نتيجو هو جو سنڌ ۾ ڪاتبن نه فقط فارسي ۾ پر سنڌي ۾ به اعليٰ خطاطي جا نمونا پيدا ڪيا ۽ خطاطي سان گڏ صفحن کي رنگين حاشين سان سجايو ۽ سينگاريو. هن جلد ۾ سورهن اهڙا سجايل صفحا شامل آهن ۽ انهن مان ٻه صفحا (1-2) جيڪي ڪاتب عبدالحق هالائي جي سنه 1270 هجري (1854ع) ۾ ڪتابت ڪيل ”شاهه جو رسالو“ مان آهن، سي خطاطي ۽ هاشيه آرائي جا سهڻا مثال آهن.

19 صدي عيسوي جي آخر ۾، بمبئي ۾ ليٿو ڇاپخانا قائم ٿيا، جن جي ڪري سنڌ ۾ خطاطي جي فن تي زوال آيو. سنڌ ان وقت بمبئي صوبي ۾ شامل هئي ۽ وڌندڙ آمدورفت سببان ٻئي وهنوار سان گڏ سنڌي ڪتاب به بمبئي مان ڇپجڻ لڳا. ڪاٺياواڙ جي ميمڻ شاهوڪارن جي مادري زبان ”ڪڇي سنڌي“ هئي ۽ انهن جڏهن ليٿو ڇاپخانا قائم ڪيا ته سنڌي ڪاتبن کان سنڌي قلمي ڪتاب ليٿو ڇاپي لاءِ نقل ڪرايائون. انهيءَ نقل –نويسي ذريعي ڪتابت جو فن پنهنجن پوين پساهن ۾ جيئرو رهيو. ليٿو ڇاپي جو پهريون شاهڪار ”شاهه جو رسالو“ هو جيڪو سڄو سربستو لڳ ڀڳ انهيءَ ساڳئي سال (83- 1282هه) ۾ بمبئي مان ڇپيو جنهن سال (1866) اَرنسٽ ٽرمپ اڌورو  رسالو پنهنجي ٺاهيل سنڌي ٽائيپ ۾ جرمني جي شهر لِپزيا مان شايع ڪيو. ان بمبئي ڇاپي جو ڪاتب حاجي محمد سمون سنڌي هو، جيڪو ڪرناڻين وارن ڪُنائي سمن جي پاڙي مان هو ۽ جيڪو پوءِ وڃي مڪي شريف ۾ رهيو. هن ٻيا ڪتاب به ليٿو ڇاپي لاءِ نقل ڪيا ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ توڙي ٻيا سنڌي ڪاتب نقل نويسي ڪندا رهيا. هن جلد جي پوئين ڀاڱي ۾ صفحي 123 کان صفحي 161 تائين، ليٿو ۾ ڇپيل انهن ڪتابن جي صفحن جا عڪس شامل آهن، جن مان گهڻن سنڌي نقل نويسن جي آخر ۾ پنهنجا نالا يادگار طور لکيا. ليٿو ڇاپي لاءِ سنڌي ڪاتبن جي سهڻي نقل نويسي جو اهو سلسلو ويندي 14 صدي عيسوي جي وچ (20 صدي عسيوي جي پهرئين چوٿ) تائين جاري رهيو.

(مهراڻ 1-2 /1999ع)

 


(1) اصطخري: ”ڪتاب مسالڪ الممالڪ“، مطبوع لائيڊن، 187ع، ص 177، ابن حوقل: ”ڪتاب المسالڪ والممالڪ“، مصبوع لائيڊن، 1872ع، ص 232.

(2) هن حوالي توڙي اڳتي ٻئي تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (ٽرئو ڇاپو) پاڪستان اسٽيڊيز سينٽر، سنڌ يونيورسٽي 1411هه/1990ع.

(1) ڪتاب الفهرست، مصري ڇاپو، سال 1348هه. ص 27.

(1)ڀاٽيه (جيسلمير-بيڪانير) ۾ ۽ ”السند“ جي ڀر وارن علائقن (بهاولپور جي اڀرندين سرحد وارن ڀاڱن) ۾ رائج هو ۽ ملڦاري رسم الخط سنڌ کان ڏکڻ طرف واري ملڪ (ملبار؟) ۾ هلندڙ هو.

(1)ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ايڊٽ ڪيل بيروني جو ڪتاب ”غُزة الزيجات“ ڇاپيل انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، سنه 1972ع، انگريزي مقدمو، صفحا 39- 43.

(2) ڏسو ”ڪتاب تحقيق ماللهند“ جي يورپ ۾ ڇپيل عربي متن جو انگريزي ۾ لکيل مقدمو، ص 25.

· (1) ڏسو ”ڪتاب تحقيق ماللهند“، عربي متن، ڇپيل حيدرآباد دکن، 1377هه/1958، صفحا 135، 142، 163، 178، 302، 125.

[5] (1) اهو سڄو تفصيل ان وقت صورتخطي ڪميٽيءَ جي چيئرمين بي.ايڇ. ايلس جي سنڌ ۾ تعليم بابت رپورٽ (ڇپيل بمبئي، 1856ع) جي 37-42 نمبر پئرائن ۾ ان سان شامل سنڌ جي ڪمشنر ايڇ. پي. فريئر جي روانگي خط جي 3 ۽ 9 نمبر پئرائن ۾ موجود آهي. راقم طرفان ايڊٽ ڪيل اها رپورٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف ايڊيوڪيشن مان سنه 1956ع ۾ شايع ٿي. ضميمي طور ”رچرڊ برٽن“ جي ڪتاب ”سنڌو وادي ۾ وسندڙ قومون“ (لنڊن، 1851ع) جو اهو باب پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ تعليم ۽ سنڌي الف-بي بابت خيالن جو اظهار ٿيل آهي.

[6] (1) ساڳيو گذريل صفحي وارو حوالو.

(2) حرف ”ڻ“، مهيني شعبان سنه 1270هه (1853ع) م مير امام بخش خان طرفان لکي پوري ڪرايل ”شاهه جي رسالي“ ۾ ملي ٿو، جيڪو سال کن اڳ لکڻ شروع ٿيو هوندو. ”ٺ“ جي صورت به شايد سنڌي جي ڪنهن اڳئين قلمي ڪتاب ۾ موجود هجي ۽ وڌيڪ ته ”ٺ“ جي ٽٻڪن واري سٽاء ”ٻ“ ۾ موجود آهي.

 (1) ڊاڪٽر ايم.اي. غفور: ”ٺٽي جا خطاط“، ڇپايل پاڪستان –ايران ڪچرل ائسوسيئيشن، ڪراچي 1968ع، ص 74.

(2) رچرڊ برٽن: ”سنڌو وادي ۾ وسندڙ قومون“ (لنڊن. 1851) جي ڪتاب جو باب جنهن جو حوالو هن کان اڳ اچي چڪو آهي.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com