سنڌي
ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
ڀارت- پاڪ اُپکنڊ ۾ جيڪي ٻوليون ڳالھايون وڃن
ٿيون، انهن مان ڪن ٿورن جو ئي جديد علم لسان
جي اصولن موجب اڀياس ڪيو ويو آھي، جيئن ھر ھڪ
گل کي پنهنجي سرھاڻ ھوندي آھي، تين ھر ھڪ
ٻوليءَ ۾ پنهنجيون ڪجهه نراليون وصفون ھونديون
آھن. انهن جي ڪري ھر ھڪ ٻوليءَ جو روپ ٻين
ٻولين سان مشابھت رکندڙ ھوندي پڻ ڪيترين ئي
ڳالھين ۾ پنهنجي پاڙيسري ٻولين کان به ڦريل
نظر ايندو آھي. چوڻي آھي ته ٻارھين ڪوھين ٻولي
ٻي. ٿوري ٿوري مفاصلي بعد ھڪ ئي ٻوليءَ جي
بيھڪ ۾ پڻ باريڪ تفاوت اچيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ
جو مثال کڻو، اھا ھڪ طرف پنجابي، اردو، ھندي،
گجراتي، مراٺي، راجستاني وغيره ٻولين سان
ڪيترين ئي اھڙيون خاصيتون پڻ ظاھر ڪري ٿي،
جيڪي ٻين ٻولين ۾ نٿيون ملن. انهيءَ کان سواءِ
سنڌ جي جدا جدا ايراضين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا الڳ
الڳ لھجا پڻ اسان کي نظر اچن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ- بنياد جي سوال تي سنڌ ۽
ڀارت جي عالمن مختلف رايا ظاھر ڪيا آھن. ڪنهن
سنڌ جي اوائلي سنڌي پراڪرت ۾ انهيءَ جو اصل-
نسل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪنهن سامي سٿ
جي ٻوليءَ سان سنڌيءَ جو بنيادي رشتو ڏيکارڻ
چاھيو آھي ته ڪنهن توراني ۽ دراوڙي ٻولين ۾
سنڌي ٻوليءَ جو بنياد ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
اھي عالم جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد
ڪنهن غير آريائي زبان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن
ٿا، اھي پڻ انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿا ڪري
سگھن ته موجوده سنڌي ٻولي، صرف و نحو، لفظ-
ڀنڊار ۽ لساني بيھڪ جي ٻين وصفن جي لحاظ کان
تمام گھڻي قدر ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين آريائي
ٻولين سان مشابھت رکي ٿي. ھتي آءٌ سنڌي ٻوليءَ
جي بڻ بنياد واري بحث تي ويچار ظاھر ڪرڻ نٿو
چاھيان، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ هڪ الڳ مقالي جي
ضرورت آهي، هتي منهنجو مقصد فقط انهيءَ ڳالھه
تي روشني وجھڻ آھي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جون
ڪھڙيون نراليون وصفون آھن، جيڪي ڀارت پاڪ
اُپکنڊ جي ٻين آريھ ٻولين ۾ نٿيون ملن يا اھي
ورلي ملن ٿيون. ھتي مون اھڙن وياڪرڻي روپن ۽
لفظن جا پڻ مثال ڏنا آھن. جيڪي موجوده سنڌي
ٻوليءَ، سنسڪرت پراڪرت، اُپڀرنش وغيره آڳاٽين
ٻولين کان ورثي ۾ حاصل ڪري، اڃا تائين پاڻ وٽ
سنڀالي رکيا آھن. ٻئي طرف اھي ٻين ھاڻوڪين
ٻولين ۾ واھپي ۾ نٿا اچن يا عام نه آھن.
ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻولين ۾ سنڌيءَ کي مکيھ
درجو حاصل ٿيل آھي، انهيءَ جي خاصيتن کي ڏسي
پرڏيھي عالمن جنسي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي ماھر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو
آھي ته سنڌي نج سنسڪرت سٿ جي ٻولي آھي. جيڪڏھن
اسين سنڌيءَ جي ڀيٽ انهيءَ جي ڀينر ٻولين سان
ڪريون ته اسان کي ويا ڪرڻ جي لحاظ کان سنڌيءَ
کي انهن ۾ پھريون نمبر ڏيڻو پوندو. اڄڪلهه جي
مراٺي ھندي، پنجابي، بينگاليءَ جي ڀيٽ ۾
سنڌيءَ جو آڳاٽي پراڪرت سان وڌيڪ ويجھو رشتو
آھي. سنڌي ٻوليءَ ويا ڪرڻ جا ڪيترائي روپ پاڻ
وٽ اڃا تائين قائم رکيا آھن، جن کي ڏسي سندس
ڀينر ٻوليون ڀلي ساڻس ريس ڪن.
ڪئپتن جارج اسٽئڪ پنهنجي تيار ڪيل سنڌي گرامر
۾ لکيو آھي : مون کي خاطري آھي ته سنڌي
ٻوليءَ جو اڀياس لسانيات جي ماھرن لاءِ، ٻين
ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين جي اڀياس جي ڀيٽ ۾ ويڪ
دلچسپ ثابت ٿيندو. ضميرن ۽ انهن سان لاڳو حرف
جر جي بدران لفظن ۾ پڇاڙين جو استعمال، ڪرمڻي
پريوگ جو پڇاڙين ذريعي اظھار، ڀاوي پريوگ ۽
ٻٽن بالواسط فعلن جو استعمال ۽ ٻيون ڳالھيون
جيڪي ھن ٻوليءَ جي سکندڙ کي اڳتي وڌڻ تي
معلوم ٿينديون. اھي اھڙيون خوبيون آھن، جيڪي
سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين جي
ڀيٽ ۾ ھڪ نرالي نزاڪت عطا ڪن ٿيون.
جنهن سنڌي ٻوليءَ جي پرڏيھي عالمن ايتري
ساراھه ڪئي آھي، انهيءَ جون لساني بيھڪ جي
لحاظ کان مکيه خاصيتون ھن ريت آھن؛
(1) سنڌي ٻوليءَ ۾ چار اھڙا آواز آھن، جن جي
اُچار ڪرڻ ۾ ھوا کي وات ۾ اندر ڇڪڻو پوي ٿو.
انهيءَ ڪري لسانيات جي ماھرن انهن کي چوسڻا
آواز
(Implosives)
نالو ڏنو آھي. اھي آواز آھن: ڳ، ڄ، ڏ، ٻ. سنڌي
ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ اھي چوسڻا آواز معنيٰ
ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. مثال طور، جيڪڏھن لفظن ۾
انهن جي جاءِ تي سندن ويجھن آوازن- گ، ج، د، ب
جو استعمال ڪبو ته لفظن جي معنيٰ بدلجي ويندي.
جيئن ته:
ڳلا- گلا، ڳارو- گارو.
ٻارو- بار، ٻِلو- بِلو.
ڄارو- جارو، ڄام- جام.
ڏائي- ڊائي- دائي.
پڏ- پد- پڊ- پڙ.
ڀارت- پاڪ جي بين ڪيترين ئي ھاڻوڪين ٻولين ۾
اھي چوسڻا آواز ڪين ٿا ملن. ملتاني زبان ۾
سنڌيءَ وانگر اھي چارئي آواز معنيٰ ڀريو پارٽ
ادا ڪن ٿا. پر ڪڇي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ سنڌيءَ
جي اثر ھيٺ فقط ھڪ- ٻن چوسڻن صوتين جو واھپو
ٿئي ٿو.
(2) سنڌيءَ ۾ پنج ڪاوان
(Nasal)
آواز آھن. گ، ڃ، ڻ، ن، م. اسان جي ٻوليءَ ۾
اھي پنج ئي اواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا، ۽
ٻن سُرن يعني حرف علت جي وچ ۾ پڻ اُچاريا وڃن
ٿا. جيئن ته:
مَڱي- مَڃي، مَڻي- مَني- مَمي.
مَڱ- مڃ- مَڻ- مَنَ، مَم.
سنسڪرت، ھندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي ھاڻوڪين
ڀارت- پاڪ ٻولين ۾ ڱ ۽ ڃ آوازن جو اُچار ٻن
حرف علت جي وچ ۾ نه ايندو آھي. انهيءَ ڪري
اردو ھندي ڳالھائيندڙ سنڌي لفظن، مُڱ، مُڃ،
ڄڃ،، سڱر وغيره جو صحيح اُچار نه ڪري سگھندا
آھن.
(3) سڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾، ٻين ھاڻوڪين
ھند- آريائي ٻولين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ۾ گھڻا وينجن
(حرف صحيھ) صوتيھ آھن. انهيءَ جو سبب اھو آھي
ته سنڌيءَ ۾ چئن چوسڻن آوازن سان گڏ، عربي
فارسي ٻولين جي اثر ڪري خ، غ، ز، ف جو اُچارڻ
پڻ صوتين جي روپ ۾ ڪيو وڃي ٿو. معياري سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪل ايڪيتاليھه حرف صحيح صوتيه
(consonant Phonemes)
آھن.
ڪ ک گ ڳ گھه ڱ
چ ڇ ج ڄ جھه ڃ
ٽ ٺ ڊ ڏ ڍ ڻ
ت ٿ د ڌ ن
پ ڦ ب ٻ ڀ م
ي ر ل و ڙ
ش س ھه
خ غ ز ف
(نوٽ: پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، علم لسان ۽
سنڌي زبان، ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي
صوتيات، ۾ مھه، نهه، ڙھه، لھه، ڻھه/
کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو آھي. اھي
حقيقت ۾ ٻن وينجن صوتين جو ميل
conjunct consonants
آھن.
(4) سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن موجب گھڻا لفظ حرف
علت ۾ ختم ٿيندڙ آھن. انهيءَ ڪري ٻين ٻولين
مان سنڌيءَ ۾ جذب ٿيلن لفظن جو اُچار به گھڻو
ڪري آخر ۾
/
آ، ا. اُ/
مان ڪو حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته
ماستر، ڪاليجُ،
اسڪولُ،
نرسِ، بئنڪَ، ڪورٽِ، بسِ، ڪوششِ، ثبوتُ، رازُ،
سببُ. انهيءَ عادت ڪري، سنڌي ماڻھو جڏھن
اردو، ھنديءَ وغيره ۾ گفتگو ڪن ٿا، تڏھن اتي
پڻ لفظن جي آخر ۾ حرف علت اُچار ڪن ٿا، جيڪو
انهن ٻولين جي سرشتي موجب صحيح اُچار نه آھي،
انهيءَ ڪري سنڌي ڳالھائيندڙن جو سنڌيپڻو اڪثر
ظاھر ٿيو پوي. تاريخي اوسر جي خيال کان جيڪي
سنسڪرت لفظ اردو ۽ ھنديءَ ۾ بدلجي ساڪن
پڇاڙيءَ وارا ٿي پون ٿا، انهن جو اُچار سنڌيءَ
۾ آخري حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته:
سنسڪرت اردو ھندي سنڌي
ڪَرڻَ ڪان ڪنَ
ھَست ھاٿُ ھٿُ
دَنتَ دانت ڏندُ
راترِ رات راتِ
باھهُ بانهه ٻانهنَ
واٽَ (رستو) باٽ واٽَ
اَڪشِ آنکه اکِ
جيئن ته سنڌيءَ ۾ گھڻا اسم حرف علت ۾ پورا ٿين
ٿا، انهيءَ ڪري انهن جي جنس سڃاڻڻ ۾ به گھڻي
آساني ٿئي ٿي. مثال طور، سنڌيءَ ۾ او،
پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم مذڪر آھن. (گھوڙو، ڇوڪرو،
دلو، روپيو) ٻئي طرف (اَ) حرف علت ۾ پورا
ٿيندڙ سڀ اسم جنس مواًنث وارا آھن (کٽَ،
عادتَ، زالَ، کڏَ)
(5) سنڌي ٻوليءَ ۾ ( اُ ) حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ
لفظن جو تعداد تمام گھڻو آھي. اسان جي ٻوليءَ
۾ سڀ مصدر (اُ ) حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي
عادت سنڌين ۾ تمام آڳاٽي آھي. ان حقيقت طرف
ڀرت مُنيءَ پنهنجي مشھور گرنٿ ناٽيه شاستر، ۾
به اشارو ڪيو آھي. اھو ڪتاب عيسوي ٻي صديءَ جي
آس پاس لکيو ويو آھي. ڀرت مُنيءَ ناٽڪن ۾
ڪردارن جي ٻوليءَ بابت لکندي ڄاڻايو آھي ته
جدا جدا علائقن جي ماڻھن لاءِ، انهن علائقن جي
اُچارن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ ھو
لکي ٿو، ھماليا، سنڌ ۽ سؤاوير ايراضين ۾
جيڪي ماڻھو رھن ٿا، انهن جي لاءِ ناٽڪ نويسن
کي ( اُ ) حرف علت جي گھڻائيءَ واري ٻوليءَ جو
استعمال ڪرڻ گھرجي.
انهيءَ حوالي سان ثابت ٿئي ٿو ته ڀرت مُنيءَ
جي زماني ۾ (عيسوي ٻي صدي) سنڌ ۾ جيڪا پراڪرت
ڳالھائي ويندي ھئي، انهيءَ ۾ ( اُ ) حرف علت
پڇاڙي وارن لفظن جو گھڻو استعمال ٿيندو ھو.
اپڀرنش ٻوليءَ م (پنجين عيسوي صديءَ کان وٺي
اٽڪل ٻارھين عيسوي صدي تائين لکيل جيڪو ادب
روشني ۾ آيو آھي، انهيءَ ۾ پڻ ( اُ ) حرف علت
وارا لفظ گھڻا ملن ٿا. پراڻي گجراتي، پراڻي
راجسٿاني، پراڻي مراٺيءَ ۾ به ( اُ ) حرف علت
۾ پورا ٿيندڙ لفظ گھڻي انداز ۾ ملن ٿا، جيڪي
انهن ٻولين جي ھاڻوڪي روپ ۾ نٿا ملن. انهيءَ
مان ظاھر آھي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي
آخر ۾ ( اُ ) حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي
عادت، عيسوي سن جي شروعات واري زماني کان وٺي
ھلندي پئي اچي. سنڌيءَ ۾ مصدر ۽ گھڻا اسم ( اُ
) ۾ پورا ٿين ٿا. جيئن ته : ھلڻُ، ڊوڙڻُ،
سمھڻُ، ڀڄڻُ، نڪُ، واتُ، پٽُ، ڀاءُ، ماءُ،
رسُ، مَسُ، وغيره.
(6) سنڌيءَ ۾ ھن وقت ڀائر، پيئر، ڀينر، مائر،
نهر، ڌيئر عدد جمع جا روپ بي قاعدي ليکيا وڃن
ٿا. سنڌيءَ ۾ ( اُ ) پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن
جو عدد جمع ۾ روپ، ( اُ ) کي بدلائي ( اَ )
ڪرڻ سان ٺھندو آھي. جيئن ته : پٽُ- پُٽَ.
ٻارُ- ٻارَ. گھرُ- گھرَ، ساڳيءَ طرح ( اَ) ۽
( اُ ) پڇاڙيءَ وارن مونث اسمن جو عدد جمع ۾
روپ، اسم جي آخري سُر کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي
اسم ۾ اون، پڇاڙي گڏڻ سان ٺھدو آھي، جيئن ته
: زالَ- زالون. سسُ- سسون. عدد جمع ٺاھڻ جو
اھو عام قاعدو آھي. ڀائر، پيئر وغيره روپ
انهيءَ قاعدي جي خلاف آھن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته
عدد جمع ۾ انهن اسمن جا اھي بي قاعدي روپ،
پراڪرت اپڀرنش جي عدد جمع جي روپن موجب ٺھيل
آھن. پراڪرت ۾ ڀاءُ جو عدد جمع آھي،
ڀاڀارا ۽ پيءُ جو عدد جمع آھي، پيئرا
انهن جي طرز تي ڀينر، مائر، نهر، ڌيئر، روپ به
واھپي ۾ اچي ويا آھن. نه فقط ايترو، پر اسين
انهن ۾ عدد جمع جي باقاعدي روپ ٺاھڻ واري
پڇاڙي (اون) لڳائي، وري ٻيا به عدد جمع ٺاھيون
ٿا: ڀينرون، مائرون، نهرون، ڌيئرون، انهن کان
سواءِ انهن اسمن جا باقاعدي روپ: ڀيڻون،
مائون، نهون، ڌيئون پڻ سنڌيءَ ۾ مروج آھن.
انهن مثالن مان ظاھر آھي ته سنڌيءَ پراڪرت
اسمن موجب ٺھندڙ عدد جمع جا ڪجھه روپ پاڻ وٽ
اڃا تائين محفوظ رکيا آھن.
(7) سنڌيءَ ۾ ڪجھه اسمن پٺيان پڇاڙي لڳائي حرف
جر جو مطلب ظاھر ڪيو وڃي ٿو، اھو طريقو
سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جو آھي، جيڪو اڄ تائين
سنڌيءَ ۾ ھلندو پيو اچي. مثال طور :
سنسڪرت پراڪرت
سنڌي
گرھي (گھر ۾) گِھي
گھَر (گھر ا
(+
ڳوشٺات (ڳوٺ مان) گوٺاءَ، گوٺا
ڳوٺئون، ڳوٺان
(آئون، آن)
جھوني سنڌيءَ ۾ حرف جري پڇاڙيون ضميرن ۾ اسمن
جي عدد جمع وارن روپن ۾ پڻ لڳنديون ھيون. اھو
نمونو ھاڻوڪي ٻول چال واري سنڌيءَ ۾ گھڻو ڪري
ختم ٿي ويو آھي، مثال طور شاھه لطيف جي ڪلام ۾
اھڙا روپ ملن ٿا، جن جو اڄڪلهه واھپو ڪو نه ٿو
ٿئي. جيئن ته دوسنئان (دوسن
+
آن)، ڏاگھنئون (ڏاگھن
+
ون)، ڪُلھنئون (ڪلھن
+
اون)، ھيجا (ھيج
+
آ)، مونهان (مون
+
ھان)، ھُننئان (ھنن
+
آن).
(8) سنڌيءَ ۾ اسين ضميرن کي پڇارينجي روپ ۾
اسم، حرف جر ۽ فعل ۾ لڳائي پڻ استعمال ڪندا
آھيون. سنڌيءَ ۾ اھا اھڙي خاصيت آھي، جيڪا
ڀارت- پاڪ اپکنڊ جي ٻين ٻولين ۾ گھڻو ڪري ڪا
نه ٿي ملي. اھو طريقو ملتاني ۽ ڪشميري ٻولين ۾
پڻ ملي ٿو. پر جيترو گھڻو استعمال سنڌيءَ ۾
آھي، اوترو انهن ٻولين ۾ نه آھي. مثال طور
پُٽس (ھن جو پٽ)، سسڻس (ھن جي سس)، ڀاڻھين
(تنهنجو ڀاءُ، کيس (ھن کي)، وٽس (ھن وٽ)،
چيومانس (مون ھن کي چيو)، لکيائينس (ھُن ھُن
کي لکيو)، ڏنُئس (تو ھن کي ڏنو).
(9) ھاڻوڪين ھند- آريائي ٻولين ۾ ڪرمڻي پريوگ
گھڻو ڪري فعل معاون جي استعمال ذريعي ظاھر ڪيو
وڃي ٿو. جيئن ته چور پڪڙيو ويو. دشمن ماريا
ويا. سنڌيءَ ۾ ڪرمڻي پريوگ جوڙن جو ھڪ ٻيو به
طريقو آھي. انهيءَ موجب مکيه فعل جي ڌاتوءَ ۾
ڪرمني پريوگ ڏيکاريندڙ
/
اج
/يا/
ج
/
نشاني لڳائبي آھي، جيئن ته :
ڪرتري پريوگ ڪرمڻي پريوگ
ھو ماري ٿو ھو مارجي ٿو
ھو پڪڙن ٿا ھو پڪڙجن ٿا.
ھنن مثالن ۾ مارجي ۽ پڪڙجڻ فعلن ۾
/
اِج
/
نشاني لڳل آھي، جيڪا ڪرمڻي پريوگ ڏيکاري ٿي.
سنڌيءَ اھو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت کان ورثي ۾
حاصل ڪيو آھي ۽ اڃا تائين پاڻ وٽ سلامت رکيو
آھي. ٻئي طرف ٻين آريه ٻولين ۾ اھڙا روپ ھاڻي
ڪتب نٿا اچن. سنسڪرت ۾ ڪرمڻي پريوگ ٺاھڻ لاءِ
فعل جي بنياد ۾
/ي
/
نشاني لڳائبي آھي، اھا پراڪرت ۾ بدلجي
/
ايئه
/
يا
/
اِج/
۽ سنڌيءَ ۾
/
اِج
/
يا
/
ج
/
ٿي آھي.
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
پيپَتي (پئجي ٿو) پِيئجَئي
پيئجي
گِييَتي (ڳائجي ٿو) گائِجئَه
ڳائجي
سنسڪرت ۽ پراڪرت وانگر سنڌيءَ ۾ اسين فعل
لازميءَ ۾ پڻ اھي پڇاڙيون لڳائي سگھندا آھيون.
اھڙن فعلن وارا جملا ڀاوي پريوگ جا مثال آھن.
جيئن ته، سنسڪرت : جيويتي (جيئجي ٿو) ،
پراڪرت: جيئجئي، سنڌي: جيئجي. سنڌيءَ ۾ ٻيا
مثال آھن: ھلجي، نڇجي، بيھجي، وغيره.
(10) سنڌيءَ ۾ اسم مفعول
(Past Participle)
ٺاھڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾
/
ي
/
نشاني لڳائبي آھي. جين ته پڙھيو، لکيو ڊوڙيو،
پر سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اسم مفعول اھڙا آھن، جن
جا روپ
/
ي/
لڳائڻ سان ان ريت نٿا ٺھن. انهن کي بي قاعدي
اسم مفعول چيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ سنڌيءَ ۾ اھا
بي قاعدگي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي آڳاٽن اسم مفعول
جي روپن کي پاڻ وٽ سانڍي رکڻ ڪري پيدا ٿي
آھي. ھيٺ ڏنل ڪجھه مثالن مان اھا ڳالھه صاف
ظاھر آھي.
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
تپت تَت تتو
گياتَ جانئه ڄاتو
لَبڌَ لَڌ لڌو
گھرشٽَ گَٺ گٺو
ڀڳنَ ڀگ ڀڳو
تُشٽَ تُٺءِ تُٺو
سنڌيءَ ۾ اھڙن بي قاعدي اسم مفعولن جو تعداد
اٽڪل ٻه سؤ کن آھي. ٻين ھند- آريائي ٻولين ۾
ان طرح جا بي قاعدي ٺھيل اسم مفعول ھاڻي گھڻي
قدر نٿا ملن.
(11) فعل متعدي ۽ فعل لازمي ۾
/
اِب
/
نشاني لڳائي سنڌيءَ ۾ ڪردنت ٺاھبا آھن. جيئن
ته : کائبو، ھلبو، وغيره اھڙا روپ ٻين ٻولين ۾
ورلي آھن، پر سنڌيءَ ۾ اھي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي
قاعدن موجب ٺھيل آھن. سنسڪرت جي
/
تويه
/
پڇاڙي پراڪرت ۾
/
تَو
/
۽ سنڌيءَ ۾
/
اِب/
۾ بدلي آھي.
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
نرتِتويه نَچئو
نَچبو
شروتَويه سُڻئو
سُڻبو
ھَنتويه ھَڻئو ھَڻبو
(12) ويا ڪرڻ جي جھونن روپن وانگر اسان جي
سنڌي ٻوليءَ ويدن واري سنسڪرت، ڪلاسيڪل
سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جا ڪيترائي آڳاٽا لفظ
پڻ ھو بھو ساڳيءَ صورت ۾ يا ٿوري گھڻي
تبديليءَ سان پاڻ وٽ سنجوئي رکيا آھن. ھتي
اھڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا: جيڪي سنڌيءَ ۾
تدڀوَ (ٿوري بدليل) صورت ۾ سلامت آھن.
سنسڪرت سنڌي
اَناسه اَڻاسو
جوريه جھورُ
يوُت جُوءِ (جاءِ)
وَلڀَ وَلھو
جنيه ڄڃ
اَنگارڪَ وار اڱارو
آدِتيه- وار آچر
شاھه لطيف جي ڪلام ۾ جھونا پراڪرت ۽ اپڀرنش
لفظ، ھاڻوڪي سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي تعداد ۾ ملن
ٿا.
ڪجھه مثال ڏسو:
سنڌي پراڪرت
سنسڪرت
چِئَه(چتا) چِئَه
چِتا
رَئي (چمڪ) رئي رچي
نيرَ (زنجير) نِئرَ
نِگڊِ
رانءُ (رسي، ڌاڳو) راءُ
رَجُ
رائُرَ (حڪومت رائُرَ
راجڪَرَ
طرفان ٽئڪس)
ڌاءُ (ڌاتو) ڌاءُ
ڌاتُو
اوڙ (قطار) اول آولي
گجرات جي عالم آچاريه ھيمچندر (1088-1172ع)
ديشي نام مالا، نالي تيار ڪيل ديشي لفظن جي
ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترائي ديشي لفظ ڏنا آھن، جيڪي
ساڳئي يا ڪي قدر بدليل صورت ۾ اڄ پڻ سنڌيءَ ۾
ڪتب اچن پيا. جيئن ته :
ڏونگر (ڊونگور)، مينڊا (وارن جون چڳون- موڊو)،
وانڍو (ڪنوارو- ونٺو)، ڇوھه (تيز وھڪ- ڇوھو)،
اوڍڻ (بدن کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو اوڍڻ) سنڌيءَ ۾
رشتو ڏيکاريندڙ لفظ پڻ ٻين ٻولين جي ڀيٽ م
وڌيڪ آھن. مٽي مائٽي ڄاڻائڻ لاءِ جتي اردو،
ھندي وغيره ٻولين ۾ ٻه ٽي لفظ ڪتب آڻڻا پون
ٿا، اُتي سنڌيءَ ۾ ھڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو.
مثال طور :
سنڌي ھندي- اردو
سؤٽ چچيرا ڀائي
ماروٽُ مميرا ڀائي
ماروٽَ مميري بھن
ماساتُ موسيرا ڀائي
ماساتِ موسيري بھن
پڦاٽُ ڦوڦيرا ڀائي
پڦاٽِ ڦوڦيري بھن
نراڻوٽُ نند کا لڙکا
ڏيروٽُ ديور کا لڙکا
سيڻوٽُ سَمڌي کا لڙکا
ان طرح، پسون- پکي، جيوَ- جنت، جڙيون- ٻوٽيون
۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آھن، جن لاءِ سنڌي
ٻوليءَ ۾ خاص جدا جدا ۽ تز معنيٰ ڏيکاريندڙ
لفظ ملن ٿا. انهيءَ جي ساک ڀليءَ ڀت (جامع
سنڌي لغات) (سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ) جي
پنجن ڀاڱن مان ملي سگھي ٿي. شاھه لطيف جي
ڪلام ۾ به جھونن سنڌي لفظن ۽ ويا ڪرڻ جي آڳاٽن
روپن جو اکٽ ڀنڊار نظر اچي ٿو. ان تي الڳ
مضمون ۾ روشني وڌي ويندي.
ھن مضمون ۾ ڪجهه مثال ڏيئي ٿوري ۾ اھا حقيقت
ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته اسان جي
سنڌي ٻوليءَ جو ڀارت پاڪ اُپکنڊ جي آڳاٽين
ٻولين (ويدن جي سنسڪرت، ڪلاسيڪل سنسڪرت،
پراڪرت، اپڀرنش سان گھاٽو لاڳاپو آھي. ڪيترائي
آڳاٽا لفظ ۽ ويا ڪرڻ جا روپ جيڪي ھاڻوڪين ٻين
ھند- آريائي ٻولين مان گم ٿي ويا آھن، اھي
سنڌيءَ اڃا تائين پاڻ وٽ حفاظت سان سانڍي رکيا
آھن. ان لحاظ کان اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مڙني
ھند- آريائي ٻولين ۾ گھڻي اھميت ڏني ويئي آھي.
(مهراڻ 4/1988ع)
(5) Edward C-Sachau, Alberunis
India, kegan Pyal Trench Tribner
London, 1910,P.173.