سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :5

ڀاڱو ٻيو

ٻول گھاڙيتو

آءُ نه عالم آهيان نه اديب ۽ نه ئي وري محقق يا مدبر، پر اهو فخر سو حاصل اٿم ته انهن جي تخليقن جي پاڙي ۾ هڪ شاگرد، سيکڙاٽ جي جذبي سان جيئان ۽ سندن ڄاڻ جي مٺي مها ساگر مان  هڪ اڌ سرڪي ڀري مينهن جي بوند جھپندڙ سپيءَ جيان گدگد ٿيان پيو.

ريڊيو ۽ ٽي وي سنڌي پروگرامن ۽ سنڌي اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن، مڃجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، سونهن ۽ سينگار جي سٺي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪن پيا، پر مون کي ڏاڍي افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته، ڪڏهن ڪڏهن نه، پر اڄ ڪلهه اڪثر ڪري ”شان“، ”فصل“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن کي به جنس موُنث جي شڪل ۾ ڳالهايو/ لکيو وڃي ٿو _ ”منهنجي شان گھٽجي نه ويندي“، ”فصل ڪاٽي وئي،“ ”ٽيبل تي ڪتاب رکي آهي“ وغيره جھڙا جملا پنهنجي ڪنن سان ٻُڌا اٿم اهڙيءَ طرح ”لاش“، ”علم“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن جو جمع ”لاشون“، ”علمون“، ”ڪتابون“، وغيره به ڇپائيءَ جي دنيا ۾ عام ڇپجي پيو. ”هوٽلون“، ”مارڪيٽون“ وغيره جھڙا انگريزي ڌاتو رکندڙ لفظ هتي ڄاڻائڻ بدران مٿي ڄاڻايل لفظ خاص ڪري ان لاءِ ذڪر هيٺ آندا اٿم جو اهي لفظ سنڌيءَ جي پهرين ۽ ٻي درجي ۾ ئي پڙهيا وڃن ٿا ۽ اسان جي ڪيترن ئي ”ليکڪ“، ”ڄاڻڪ“ ۽ ”پڙهاڪ“ ماڻهن کي به جيڪڏهن انهن جي جنس ۽ جمع جي سُڌ ناهي ته پوءِ پِٽِڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه ئي نه ٿي بچي! خاص ڪري اخبارن سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ سينگارڻ سان گڏوگڏ بگاڙڻ ۽ سورهن سينگار ڪرائي مٿس ڦينگون ڇَٽَڻِ ۾، جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪن پيون ان تي اسان جي سڄاڻڪ ماڻهن پئي لکيو آهي جنهن جو اندازو حسام الدين راشدي جي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ (1967) کان وٺي محمد اسماعيل عرساڻي جي مضمون ”اردو __ سنڌي“ (1992) تائين ڪَٿي سگھجي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ان پائي جا ٻيا ادارا، فيروز احمد پاران ڪجھ فرد وغيره پنهنجن ڪتابن، رسالن ۽ مخزنن وسيلي جنهن نموني سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي رسم الخط ۽ صورتخطيءَ کي ٺيڪ رکڻ جا جتن پيا ڪن اهي، بهرحال، ساراهڻ جوڳا آهن. ٻوليءَ کي درست لکڻُ، پڙهڻُ، ڇپڻُ ۽ ڳالهائڻُ هر فرد جو فرض ۽ ان کي بگاڙڻ علمي ڏوهه آهي. آءُ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ۽ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي پيشڪارن، ايڊيٽرن، رپوٽرن، ليکڪن، ڇپائيندڙن، ڪمپوز ڪندڙ ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن کي خاص طرح وينتي ٿو ڪريان ته ٿورڙي بي ڌيانيءَ سبب علمي ڏوهه ڪرڻ بدران ڪجھ ڌيان ڏئي جيڪڏهن پنهنجو علمي، ادبي ثقافتي ۽ اخلاقي فرض پورو ڪندا ته هڪ ٻوليءَ جو تقدس برقرار رکڻ ۾ ساٿي ۽ سهڪاري ٿي پونداسون.

ٻيو مسئلو آهي متبادل لفظ جو. مون پاڪسان ٺهڻ کان اڳ جا ڇپيل جيڪي به ڪتاب ۽ رسالا پڙهيا آهن انهن ۾ ٻوليءَ جي تقدس ڏانهن سنڌيءَ جي ليکڪن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن ۾ هڪ سڄاڻ رويو نظر اچي ٿو. ڪيترن ئي انگريزي، فارسي ۽ عربي لفظن جا ٺهڪندڙ مَٽُ لفظ ڳولي يا سنڌي مزاج ۽ ويا ڪرڻي اصولن موجب گھڙي ڪم آندا ويا. اڄ به ڪيترائي ليکڪ اهو ڌيان رکن ٿا پر مجموعي طرح ائين ٿو لڳي، ڄڻڪ، انتظار ٿو ڪيو وڃي ته ڪنهن نئين يا نئين نموني واهپي ۾ آيل لفظ جو متبادل پهريائين اردو اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڪم اچي ته پوءِ اهو بنا ڪنهن ضروري ڌيان ڏيڻ جي، اکيون پوري، انڌو نقل ڪندي سنڌيءَ ۾ هلايو وڃي. ان قسم جا به ڪيترائي مثال ڏئي سگھجن ٿا پر ڊيگھ کان بچڻ لاءِ هتي رڳو ٻه مثال ڏجن ٿا، هڪ آهي ”ماحولياتي آلودگي“ ۽ ٻيو آهي ”نجڪاري.“

”موحولياتي آلودگي“ انگريزي لفظ  ”اينوائرونمينٽل پولوشن“ (Environmental Pollution) جي بدران ڪم آندو وڃي ٿو. ”اينوائرنمينٽ“ جو مطلب آهي اوسو پاسو، پسگردائي، جيڪو ڪجھ هر پاسي موجود موجود هجي، ماحول وغيره، ۽ پولوشن جو مطلب آهي ناپاڪي، پليتائي، گدلائپ، گدلاڻ، آلودگي وغيره. انگريزي ۾ ڪنهن گھربل لفظ جي پويان ” al_ “  پڇاڙي طور ملائي ” _ جو“ ( _ جي) يا ” ــ وارو” (_ واري) مطلب ورتو ويندو آهي يعني ان انگريزي اصلاح جو مطلب آهي ”ماحول جي گدلاڻ”.

”ماحوليات“ جو مطلب آهي ”ماحول جو علم“، ”ماحول بابت ڄاڻ“ وغيره. ”ماحولياتي“ جو مطلب آهي ”ماحول بابت علم جي“ ۽ ”آلودگي“ جو مطلب ”گدلائڻ“ يعني ”ماحول بابت علم جي گندگي“ يا ”ماحول بابت ڄاڻ جي پليتائي“ معنا ۽ مطلب جي لحاظ کان اهو متبادل يا ترجمو ڪيڏو نه کلِ جوڳو ۽ جاهلانه ٿي پوي ٿو!

لفظ ”ماحول“ ئي متبادل طور آڻڻو آهي ته ”ماحول جي“، ”ماحولي“، ”ماحولائي“، ”ماحولاري“ صورتون ئي ”اينوائرونمينٽل“ جو نسبتن بهترين متبادل آهن ۽ ”آلوده“ جھڙي اوپري لفظ بدران گدلائپ، گدلاڻ، گندگي وغيره.

”ماحول“ _ بابت _ علم _ جي _ گندگي“ بدران ڇا اهو وڌيڪ سٺو ناهي ته ”ماحولي گدلاڻ“ لفظ ڪم آڻجن؟

   اهڙي صلاح ”جاڳو“ کي ڏني وئي، ان ”آلودگي“ بدران گدلاڻ _ گدلائپ ته ڪم آڻڻ شروع ڪيو پر افسوس ته اصلي، ڪارائتي لفظ ماحولي/ ماحولائي تي مناسب ڌيان نه ڏنو. جيئن ”هيئرنگ“ (Hearing) جي متبادل اوپري لفظ ”شنوائي“ بدران ”ٻڌڻي“ جھڙو پنهنجو سنڌي ۽ سڀ کي سمجھ ۾ ايندڙ لفظ ڪم آندو ويو تيئن هڪ مڪمل اوپري، جاهلانه ۽ غلط لفظ/ اصطلاح بدران ڇو هڪ صحيح ۽ سڀ کي سمجھ ۾ اچي سگھندڙ لفظ/ اصطلاح ”ماحولي گدلاڻ“ ڪم نه آندو وڃي؟

”نجڪاري“ انگريزي لفظ ”پرائيويٽائيزيشن“ جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ”پرائيويٽ“ (Private) جو مطلب آهي ”حڪومت يا سڀني ماڻهن جو نه، پر هڪ ماڻهو يا ڪجھ ماڻهن جي لاءِ يعني خانگي، شخصي، گروهي،“ ان ڪري ”پرائيويٽائيزيشن“ (Privitization) جو مطلب ٿيو (۽ آهي) ”حڪومت يا سڀني ماڻهن کان ڦيرائي خانگي، شخصي گروهي (نجي، انفرادي) مالڪي هيٺ ڏيڻ/ ڪرڻ.“ سنڌي ۾ ”نج“ جي معنيٰ آهي بنا ملاوت، خالص، صاف، شڌ، اڻميل، نجو، صفا، ٺيٺ، سٺو، نرمل، پرتر وغيره، ۽ ”ڪار“ جو مطلب آهي ڪرڻ/ ڪندڙ. اهڙيءَ طرح ”نجڪاري“ جو مطلب ٿيو (۽ آهي) ”نج ڪرڻ جو (عمل)“. جڏهن ته ”نجي“ جي معنيٰ اها ساڳي ”نج“ واري به آهي ۽ ان سان گڏ ذاتي، شخصي، خانگي به، ان ڪري ”پرائيويٽائيزيشن“ جي بدران نجڪاري کان وڌيڪ نسبتن ٺهڪندڙ لفظ ”نجڪاري“ نه پر ”نجيڪاري“ ۽ اڃا به ”خانگائڻ“ آهي، جيئن اڄ ڪلهه ”ڪاوش“ ۾ اڪثر ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪم آندو وڃي ٿو.

اسان جا ڪيترائي ”پڙهيل“، ”ڄاڻو“ ۽ ”ليکڪ“ ساٿي، سچ اهو آهي ته ”_ يات“ جو مطلب ”علم“، ”ڄاڻ“ نه ٿا سمجھن، ۽ لفظ تي گھربل ڌيان نه ٿا ڏين. جيڪڏهن اهي گھربل ڌيان ڏيندا هجن ها ته پوءِ ”علم حياتيات“، ”علم نباتات“، علم نفسيات“، ”علم معدنيات“ وغيره جھڙا لفظ ڇو لکن ها؟ مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته اها ڪهڙي قسم جي ”علمداني“ آهي، اهي شايد اردو وارن کي به، سنڌين سان گڏ، سيکت ڏيڻ گھرن ٿا!

اسين پنهنجي اندر ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻن کي ڏاڍي عزت ڏيون ٿا، ڀلي اهي اسان کي نه سڃاڻيندا هجن، اسين کين عزت جي نگاهه سان ڏسندا ئي رهنداسون. پر اهو به سچ آهي ته انهن مان به ڪجھ، يا گھڻا، سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ سينگار تي گھڻو ڌيان نه ٿا ڏين، ۽ جي ڌيان ڏين به ٿا ته پاڻ ڪي مناسب نوان گھاڙيتا، نوان لفظ، بهترين متبادل نه ٿا جوڙين ۽ اڪثر ڪري ”_ يات“ پڇاڙي ئي ڪم آڻين ٿا. ٿيڻ ائين کپندو هو ته اهي خاص ڌيان ڌئي، سيڙجي ويهي، سوچي سمجھي اسان کي سٺا متبادل لفظ ڏين ها ۽ انهن کي خاص طرح علمي رسالن/ اخبارن ۾ پڌرو ڪن ها ته جيئن سڀني لاءِ هدايت ۽ روشن راهه موجود هجي.

”سائنسداني“، ”صابڻداني“ ۽ ”مڇرداني“ جھڙن لفظن تي ٿورو ڌيان ڏئي ڏسو، ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ”نفسياتدان“، ”ڪيميادان“، ”گلدان“،  ”پائدان“، ”پاندان“ ۽ ”خاندان“ تي به سوچيو! اسين ”_ دانن“ ۽ ”__ دانين“ جي سلسلي ۾ ڏاڍا پاڻڀرا ٿي ويا آهيون، جي جند نه ٿا ڇڏائي سگھون ته انهن کي اتي ئي ترسائجي.

ٽيون مسئلو هي آهي ته، اڄ ڪلهه سنڌي ۾ سوين نه پر هزارين اهڙا لفظ ڪم اچي رهيا آهن جن جي ڪيترن ئي لکندڙن کي به معنيٰ نه ٿي اچي. ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي قلم سان لکيل لفظ جي معنيٰ نه ٿو ڄاڻي ته پڙهندڙ جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ مثال طور، اسان وٽ ”ايگزيڪيوٽو“ (Executive)، ”ايڊمنسٽريشن“ (Administration)، ”مئنيجمينٽ“ (Management)، ۽ ”اسٽئبلشمينٽ“ (Establishment) جي متبادل طور هڪ لفظ ”انتظاميا“ ئي اڪثر  ڪري ڪم ايندو آهي يا اهي لفظ ساڳي انگريزي اچار ۾ لکيا ويندا آهن. انگريزي ۾ انهن لفظن جي واهپي جو دائرو ٻيو ٻيو آهي. جيڪي ماڻهو اهڙا لفظ لکن، ڇپن، پڙهن، ڳالهائن ٿا انهن کان معنيٰ ته پڇي ڏسو! اهڙيءَ طرح ”يونين ڪائونسل“ ۽ ”ميونسپل“ کان ويندي ”اسيمبلي“ ۽ ”سينيٽ“ تائين، ”چيئرمين“ ۽ ”چيف آف اسٽاف“ ۽ ”فيلڊ مارشل“ تائين، ”ڪمپني“ ۽ ”اسقئاڊ“ کان ويندي ”ڊويزن“ ۽ ”ڪور“ تائين وغيره، ڇا اهڙن لفظن جا متبادل ٺاهڻ ناممڪن آهي؟ يا ٺهي نه ٿا سگھن!

مون جڏهن پهريون ڀيرو ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست“ جھڙا لفظ سنڌي ۽ اردو ۾ پڙهيا تڏهن مون کي آتش پرست ۽ بت پرست جھڙن لفظن جي ئي خبر هئي، تنهنڪري مون انهن لفظن جي معنيٰ به اها ورتي ته اهي ماڻهو جيڪي ”مادي“ ۽ ”خيال“ جي پوڄا ڪن ٿا. وڌيڪ پڙهڻ سان خبر پئي ته ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست” جي مون پاران سمجھيل معنيٰ ئي غلط نه هئي پر اهي متبادل به غلط هئا.

اهي لفظ ”مٽيريلسٽ“ (Materialist) ۽ ”آئيڊيلسٽ“ (Idealist) جي بدران ڪم آندل هئا ۽ انگريزي ۾ انهن لفظن جي جيڪا معنيٰ هئي (۽ آهي) اها ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست“ لفظن مان به طرح ظاهر نه ٿي ٿئي. جيڪڏهن اهي متبادل صحيح هئا ته پوءِ ”ڊارونسٽ“ (Darwinist)، ”مارڪسٽ“ (Marxist)، ”ماچسٽ“ (Machist)، ”ٿامسٽ“ (Thamist)، ”اسڪيپٽيسٽ“ (Scepticist) وغيره جھڙن لفظن جي متبادل طور ”ڊارون پرست“ (ڊارون جو پوڄاري)، ”مارڪس جو پوڄاري“، ”ماچ جو پوڄاري“، ”ٿام جو پوڄاري“، ”شڪ جو پوڄاري“، (شڪ پرست) وغيره لفظ ايندا، ڇا اسين انهن معنائن سان متفق ٿينداسون؟ انگريزي ۾ ڪنهن لفظ جي پڇاڙي طور جڏهن ” ist ــ “ ( _ اسٽ) ڪم ايندو آهي تڏهن ان جي معنيٰ هوندي آهي ڄاڻايل لفظ (فرد جي نڪتهء نظر يا لفظ جي مطلب) کي ”سٺو سمجھندڙ“، ”مڃيندڙ“، ”صحيح سمجھندڙ“،  ”پوئواري ڪندڙ“ وغيره جنهن کي ”پرست“ (پوڄاري) ڪنهن به نموني واضح نه ٿو ڪري.

ساڳيءَ طرح، انگريزي ۾ گھربل لفظ پٺيان ”ism_“ (ازم) پڇاڙي ملائڻ سان  سان ڄاڻيل لفظ (فرد جي نڪتهء نظر لفظ جي مطلب)  واري ”تعليم“، ”اصول“، ”سچ“، ”جدوجھد“ يا ان جون ”مخصوص خاصيتون رکندڙ“ هوندو آهي، جنهن کي وري ”پرستي“ (پوڄا بندگي، عبادت) لفظ ڪنهن به نموني ظاهر نه ٿو ڪري. انگريزي ۾ مخصوص نالي پٺيان ” ــ ازم“ پڇاڙي ڳنڍجي ”سوڪريٽزم“ (Socratism ”ايپيڪيورينزم“ (Epicurianism)، ”پلاٽونزم“ (Platonism)،”مائوازم“ ( Maoism)، ”فرائيڊزم“ (Freudianism)، ”ليننزم“ (Leninsim)، وغيره، ۽ مخصوص عمل، نڪتهء نظر، تعليم يا جدوجھد پٺيان ”فيوڊلزم“ (Feudalism)، ”ڪئپيٽلزم“ (Capitacism)، ”فيٽشزم“ (Fetishism)، ”فارملزم“ (Formalism)، ”فاشزم“ (Fascsim) ”نازي ازم“ (Naziism)، وغيره جھڙا لفظ ٺهيا آهن. اهو ڄاڻڻ کان پوءِ جڏهن ”مادي پرست“ ۽ ”مادي پرستي“، ”خيال پرست“ ۽ ”خيال پرستي“، ”سامراج پرست“ ۽ ”سامراج پرستي“ وغيره جھڙن لفظن تي سوچيم ته اچرج ۽ ڏک سان گڏ کل به وٺي وئي ته نيٺ اهي ڪهڙي قسم جا لساني ــ ماهر آهن جن پنهنجيءَ ئي ٻوليءَ جو ائين هٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙيو آهي!

سمڪ پئي ته اهي سڀ ڪجھ پنهجن جي اڻڄاڻائيءَ ۽ نقاليءَ ۽ اردو  ٻوليءَ ۽ ان جي ”لسانياتدانن“ جي ڪري ٿئي ٿو. (اردو حقيقت ۾ هندي ٻولي ئي آهي جنهن کي عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جون چتيون هڻي هنديءَ  کان نرالي، ڌار، نمايان، مسلمان ۽ جديد بنائڻ جي جتن ۾ خود اردو _ ڳالهائيندڙ کي به زمين تان پٽي، پري ڪري ۽ بي پاڙو بنائي هوا ۾ لٽڪايو ويو آهي).

ٻوليءَ جي فطري واڌ ويجھ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن ان جون پاڙون ڌرتيءَ ۾، ڌرتيءَ وارن جي اندر ۾، راڄ، سماج ۾ پيهي ويل هجن. سنڌي ٻولي، کي سندس ڀاڳ جو، اهو مان ۽ مرتبو مليل آهي. پر هاڻي اردوءَ وارن نقالن جو به نقل ڪندي اهڙن هزارين لفظن وسيلي ”عام“ ”(عمومن ٿورو يا اڻپڙهيل) ۽ خاص“ (عمومن انگريزي پڙهيل يا پاڻ کي ”پڙهيل“ طور ظاهر ڪندڙ) جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪئي وئي آهي، ”عام“ جي ٻولي ”خاص“ گھٽ ٿو سمجھي ۽ ”خاص“ کي به ”عام“ مڙيوئي ڪجھ گھٽ ٿو سمجھي، ”عام“ انهن ”پرستن“ ۽ ”پرستين“، ”_ ياتن“ ”_ دانن“ ۽ ”دانين“  کي نه ٿو سمجھي، ۽ سچي ڳالهه ڪجي ته، ”خاص“ به ڪو خاص واقف ناهي. آءٌ پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي پڪ سان چئي سگھان ٿو ته هزارين سنڌي پڙهندڙ، لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ اهڙيءَ ئي ”اڻڄاڻائيءَ واري ڄاڻ“ جو شڪار آهن.

ٺهڪندڙ، مناسب ۽ سولا  متبادل ڳولڻ يا گهڙڻ ٻوليءَ جي عالمن ۽ سگھڙن جو ڪم آهي. هن وقت”سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو“ (جنهن لاءِ پڻ سنڌيءَ جا ڪي ٺهڪندڙ ۽ مناسب ۽ لفظ هجڻ گھرجن) اڏاوت جي مرحلن ۾آهي، تڏهن به اهو يا  ”سنڌالاجي“ (!) يا ”سنڌي ادبي بورڊ“ (!) يا ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ يا اهي سڀ پاڻ ۾ سهڪار ڪري ئي ٻوليءَ جي ماهرن، سڄاڻن ۽ سگھڙن جو اهڙو مجاهد جٿو جوڙي سگھن ٿا جنهن وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل نون، ۽ خاص طرح ذڪر ڪيل ۽ ذڪر هيٺ ايندڙ لفظن جا ٺهڪندڙ متبادل (!) سنڌي لفظ ڳولڻ ۽ ٺاهڻ جو ڪم ٿي سگھي.

       سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي گھڻگھرا پنهنجيءَ ڄاڻ آهر اهڙو مثبت جتن ڪندا رهيا آهن پر سندن جوڙيل/ کوجيل لفظ جيستائين ڳنڍپ جي (ڳانڍو) وسيلن (”ذرائع ابلاغ“ Media`s of communication) (!) وسيلي عام نه ٿا ٿين ۽ سڀ ليکڪ ۽ لکڻ پڙهڻ سان واسطيدار ماڻهو انهن هر هر ورجائي عام نه ٿا ڪن تيستائين انهن جو عام ٿيڻ ۽ ”عام“ (لوڪ) جي سمجھ لائق ٿيڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، پوءِ حالت اها ئي هوندي جو طوطي جيان معنيٰ ۽ مفهوم سمجھڻ بنا اچار (لفظ، ٻول) پيا اچاربا ۽ نقل ٿيندا رهندا جنهن جو نيٺ به ته، سنڌي ٻوليءَ جي جذب ڪرڻ، پنهنجو ڪرڻ، پنهنجي مزاج موجب سمائڻ واري ڏات تي خراب اثر پوندو.

سنڌيءَ ۾، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خاص طرح، اردو ”لسانياتدانن“ جو نقل ڪندي انگريزي لفظ پنهنجيءَ اصل شڪل ۾، يا، ”يات” (علم، ڄاڻ، سائنس، فن يا سائنس جي شاخ هجڻ جي حالت ۾) ۽ ”پرستي“ يا ”پسندي“ (نظريي، نڪتهء نظر، جدوجھد جي حالت ۾ ) ڳنڍي مرتب ۽ مرڪب لفظ جي صورت ۾ پئي هلايو آهي. ساڳيو قصو ”دان“ (ڄاڻڪ، ڄاڻو، سڄاڻو جي حالت ۾) ڪنهن به مفرد، مرتب يا مرڪب لفظ سان ڳنڍي هلايو ويو آهي، انهن جا مثال ڏنل آهن. پر تجربو ۽ مشاهدو ٻڌائي ٿو ته انهن ۽ اهڙن لفظن جي مخصوص معنيٰ ۽ مفهوم رڳو اهي ئي ڄاڻن ٿا جن انهن لفظن جي صحيح وصف ۽ وضاحت انگريزي ۾ پڙهي آهي، نه ته ٻين لاءِ اهي لفظ ”دٻي ۾ ٺڪريون“ يا ”طوطي وارو رٽو“ آهن، ماڻهو اهي ورجائن ته اَٿا پر منجھن سمجھڻ ۽ کانئن سمجھائي سگھڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ آهي.

گذريل ٻاويهن ورهين کان، جڏهن کان آءٌ سنڌي ٻوليءَ بابت به اڀرو سڀرو پڙهندو پيو اچان، مون کي اوسيئڙو پئي رهيو آهي ته من ڪي عالم، سنڌي ٻوليءَ جا سڄاڻو، گھڻگھرا ۽ سگھڙ ان پاسي تي به ڌيان ڏين ۽ ان ڪمزوريءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪي اثرائتا اپاءَ وٺن يا پير کڻن پر تانگھ اڃا نه لٿي آهي.

 آءٌ پنهنجيءَ محدود ڄاڻ جو اقرار ڪندي، هڪ سيکڙاٽ ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ اهڙن ڪجھ لفظن جي متبادل طور پنهنجيءَ سمجھ آهر ڪي لفظ تجويز ڪيان ٿو ان اميد سان ته سنڌي ٻوليءَ جا گھڻگھرا ان تي ڌيان ڌري انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن، قانونن اصولن ۽ مزاج موجب تيار ڪندا يا ڪي ٻيا مناسب متبادل لفظ ڏيندا. آءٌ توهان سان اتفاق ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا توهين به مون سان اتفاق ڪرڻ تي راضي آهيو؟

 پنهنجي پاران متبادل لفظ تجويز ڪرڻ کان اڳ، آءٌ سنڌيءَ ۾ عام واهپي ۾ ايندڙ ڪجھ لفظن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گھران ٿو، ته جيئن اڳتي هلي، ممڪن آهي ته پيدا ٿيندڙ/ ٿي سگھندڙ ڪجھ مسئلن ۽ مونجھارن کي منهن ڏئي سگھجي.

هندو مت، شنٽومت، ٻڌمت ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ عام مروج آهن. انهن لفظن لاءِ انگريزي ۾متبادل طور  هندو ازم، شنٽوازم، ٻڌازم وغيره جھڙا لفظ ڪم آندا ويا (پر، ڪي ڀٽاواد، ممانس، سائنکيا، لوڪيات، ويدانت وغيره جھڙا لفظ ساڳيءَ ئي صورت ۾ برقرار رکيل آهن). ان جو هڪ مطلب هي به آهي ته سنڌيءَ جو لفظ ”مت“ انگريزيءَ جي لفظ ”ازم“ بدران ڪم اچي  سگھي ٿو. ”جامع لغات سنڌي“ ۾ لفظ ”مت“ جي معنيٰ هن طرح ڏنل آهي:

”مَــتِ“ ج مَتيون: ث. (سن. مَت= سمجھ) سمجھ _ ٻوُجھ ٻُڌي ـ هوش _ فهم _ ادراڪ __ پرجھ _ پروڙ ــ وقوف __ هوش __ حوصلو __ چيتو __ عقل __ زيرڪي __ خرد، دانائي __ـ سياڻپ __ـ هوشياري __ـ سوچ __ـ ويچار __ـ خيال __ـ غور __ـ  قياس __ـ خوض. ڳڻت. ڌيان. انديشو __ ڪٿَ __ هَم تَم __ اٺسٺو. ڏس __ صلاح __ رٿ __ راءِ __ اٽڪل. نصيحت __ هدايت __ اُپديش __ سمجھاڻي __ سبق. عادت __ علت __ هير __ ورد. (۽ ٽوڪ واري انداز ۾ __ ليکڪ پاران) سيکت __ سزا __ جٺ __ مار __ تنبيهه.

مَتُ جِ مَتَ (۽ سن. مَتَمُ= رايو) مذهبي ٽولو _ پنٿ __ فرقو __ ڪوُفو ”مثلا ٻڌمت وغيره.“ ڌرم __ دين __ مذهب __ امت، ملت. ويساهه __ نشچو __ ڀروسو __ ايمان __ عقيدو __ اعتبار __ نياءُ __ درشن __ نياءُ شاستر __ سڌانت __ خاطري __ پڪ.

”آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرس (Learner`s) ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش“ ۾ لفظ  ”ازمِ“ (ism) جي معنيٰ هيءَ ڏنل آهي:

Ism/ izam/n distinctive doctrine or practice (P. 451)

Ism/ izam/ suff (used to form a n) 1. showing qualities typical of: Americanism; heroism.

2. Specific doctrine, principle or movement: Budhism; communism (P.1016.)

يعني

ازم/ ازم/ اسم خصوصي تعليم يا عمل

ازِم/ ازِم پڇاڙي (اسم ٺاهڻ لاءَ ڪم ايندڙ) 1. (ڪنهن جون به) خصوصي خاصيتون ڏيکاريندڙ: اميريڪنزم، هيروازم. 2. مخصوص تعليم اصول (متو) يا تحريڪ: ٻڌمت، ڪميونزم.

اهڙي طرح ”ازم“ جي معنيٰ ۽ مفهوم جي ويجھو هي مطلب آهي: فرق رکندڙ متو، اصول، عقيدو، تعيلم، سکيا، سڌانت، سمجھ يا سوچ عمل، ڪم، عادت، واهپو، مشق يا دستور، مذهبي ٽولو، ڀروسو، ايمان، نياءُ وغيره.

ڪنهن به فرد يا ٽولي پاران مخصوص تعليم، سمجھ، نڪتهء نظر، نظريي يا اڀياس جي ڪري، يا ان پٽاندر ڪيل عمل، سرگرميءَ يا عادت يا ان تي ڀروسو، اعتقاد، ايمان، ويساهه رکڻ جي ڪري، انگريزي ۾، ان فرد يا ٽولي يا لقاءَ يا نڪتهء نظر يا کوجنا يا سرگرميءَ جي نالي پٺيان ”_ ازم“ پڇاڙي ڳنڍي هڪ نئون اصطلاح وجود ۾ آندو (گھڙيو، ٺاهيو) پئي ويو آهي. ان ڪري ڇو ائين نه ڪجي ته سنڌيءَ ۾ هلندڙ طريقي موجب ڪنهن به فرد، ٽولي، نڪتهء نظر، لقاءَ يا سرگرميءَ يا نالي (لفظ) پٺيان ”متُ“ ڳنڍي هڪ نئون اصطلاح وجود ۾ آندو (ٺاهيو) وڃي؟

”_ــ اسٽ“ پڇاڙيءَ جي ساڳيءَ ڊڪشنريءَ ۾ هيءَ معنيٰ ڏنل آهي:

-ist/-lst/suff (n+~=n) 1- agent of an`-ize`v:dramatist;publicist. 2- follower, practiser of an ``- ism`` in dusterialist; fascist. 3- person concerned with a specific activity or thing: tobacconist; motorist.

  يعني

_ـ اسٽ/ اسٽ/ پڇاڙي (اسم+ اسٽ= اسم) 1. ”_ ائڻ“ .... ( _ ارڻِ) جو نمائندو جيئن (ڊرامائڻ، ناٽڪائڻ مان) ناٽڪي (ناٽڪيار)؛، ليکڪ. 2 _ ڪنهن ”ازم“ ( ــ مت) جو پوئلڳ، ان تي هلندڙ: صنعتڪار (!) فاشسٽ (!). 3_ ڪنهن به خصوصي سرگرميءَ يا شي سان واسطيدار: ٽوبيڪونسٽ (!): موٽرسٽ (!)

جيئن ”_ ازم“ بدران سنڌيءَ ۾ ”مت“ رکڻ/ مقرر ڪرڻ جو خيال آيو تيئن، فطري هو ته، ” _ اسٽ“ جي بدران ”متارو“، ”متيو“، ”متي“ يا ”متر“ ذهن ۾ اچي. ”جامع لغات سنڌي” ۾ ”متيو“، ”متي“ ۽ ”متر“ لفظ موجود ناهن، ”متڙيو“ به ناهي، باقي ”متارو“ سو آهي جنهن جي معنيٰ هيءَ ڏنل آهي:

• متارو ج متارا: ذ صفت. (سن مَدَ= مستي) ٿلهو _ موٽو (بدن ۾) ڀريل _ دُنبو _ ڏٽو مُٽو _ سٽر وَٽر __ـ چوبڪو _ ڌمتال __ جبرو _ جانٺو _ جنگ ــ سُڌر _ يَٽو __ جٽو _ زٽو _ ڦوڦانگ _ دؤنسو _ مٽڪو _ ڌگَ _ سَٻر _ رُڏ. تندرست __ چڱو ڀلو _ نمرو _ جوُپ. چرٻيءَ  وارو (گاجرا). ذَ. (ع. مطهرة= سانداري) مسافريءَ تي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ لاءَ چمڙي جي ٿيلهي __ کَلي _ ننڍو ساندارو _ پخال _ مشڪ (ث. متاري جِ متاريون).

ٻوليءَ _ ڄاڻڪ خوب ڄاڻو آهن ته سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي مناسب لفظن جي پويان/ _ ر / ار / ارو/ ارڪ/ _ ارڪو/ ۽ ڪي ٻيا اکر پڇاڙيءَ طور ملائي/ _ وارو/ _ جو/ ڪندڙ ۽ اهڙيون ٻيون معنائون ڪڍيون وينديون آهن، جيئن سگھارو، سونهارو، مهارو، جھالارو، لوهر، لوهار، ڪنڀر،، ڪنڀار، (ڪنڀارڪو)، ميهر، ميهار، ڌنار _ (ڌراڙ)، ڳنوا، ريڍار، مهارَ وغيره انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جون پڇاڙيون پنهنجي لفظ جي معنيٰ پاڻ ئي ٻڌائن ٿيون، ته پوءِ ڇو ”متارو“ جي اها معنيٰ  موجود ئي ناهي جيڪا ٻولسڌُ (ڊڪشنري) جوڙڻ جي بنيادي اصول موجب اچڻ گھرجي؟

بهرحال، ”__ اسٽ“ بدران ”متارو“ ڪجھ واجبي سببن جي ڪري مناسب متبادل نظر نه آيو.


[1]    ٻوليءَ ـــــ ڄاڻ جي ماهرن لاءِ حد ادب رکندي، انتهائي نيڪ نيتيءَ سان هڪ گذارش عرض ڪجي ٿي جنهن تي اميد ته ويچار ڪيو ويندو. ”جامع لغات سنڌي“ جي محققن، مرتبن ۽ جوڙيندڙن پاران اها ڳالهه لڳ ڀڳ  هر جلد ۾ ڄاڻائي وئي آهي ته هر لغت ٺاهڻ لاءِ جنهن ڌيان ۽ تحقيق جي گھرج رهي ٿي اها ڪيترن ئي سببن جي ڪري نه ٿي سگھي آهي. ٻيو ته هن لغات ۾ ادبي توڙي عام مروج ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ  ڏني وئي آهي. گھربل تحقيق نه ٿيڻ ۽ عام مروج لفظن جي عام مروج معنيٰ اچڻ جي ڪري وڏا امڪان موجود آهن ته ڪي کوٽون ۽ خاميون رهجي ويون هجن. ”جامع لغات سنڌي“ پڙهندي اهڙا سوين لفظ نظر ۾ آيا آهن جيڪي معنائن ۾ ته ڄاڻايل آهن پر پنهنجي سري تي موجود ناهن. اميد ته ايندڙ واري انهن گسي ويل لفظن جي وچور ڏبي. هتي ”متارو“ سري هيٺ ڏنل معنيٰ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي گھرج محسوس ٿئي ٿي. ”متاري“ جي معنيٰ ۾، وچ تي، عربي لفظ ”مطهرة“ ڏئي پوءِ ڪجھ ”معنائون“ڏنيون ويو آهن جن جي وچ ۾ ناتو سمجھ ۾ نٿو اچي. ممڪن آهي ته زور سان ڏٽي ڀريل سانداريءَ (مشڪ، کليءَ) لاءِ اصطلاحن يا ڪن ٻين سببن جي ڪري (متاري) لفظ ڪم آيو هجي پر ان جو اشارو ”زور سان ڀريل“، ”ڏٽيل“، ”سٽيل، ڦونڊيل“ خاصيت ڏانهن ته ٿي سگھي  ٿو پر خود ”سانداريءَ“ ڏانهن نه ڇو ته ”متارو“ اصطلاحن ٿلهي، ڏٽي مُٽي، سٻر، ڦوڦانگ، سوکي مُٽڪي وغيره ڏي اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن ” مطهرة“ ان ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته اهو عربي لفظ زماني ۽ اچار جي ڦير گھير سبب بدلجي متارو/ متاري ٿيو آهي ته اها ڳالهه به قابل قبول نه ٿي سگھي ڇو ته، جڏهن طاهر، طاهره، طوهر، تطهير، طهارت، ”طاهري“ وغيره جهڙن لفظن کي، جيڪي پڻ ساڳي ڌاتو مان ڦٽن ٿا، ساڳيءَ صورت ۾ رکي سگھيا آهيون ته پوءِ ڇو، هروڀرو، ان هڪ لفظ  ” مطهرة”  کي ڦيرائي کڻي متارو/ متاري بنايو سون؟ ۽ ”مطهرة“ جيڪڏهن متاري يا سانداري جي معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظ آهي ته ”جامع لغات سنڌي“ ۾ پنهنجيءَ گھربل جاءِ تي موجود ڇو ناهي؟

ٻيو عرض هي ته ”متارو“ جي معنيٰ ڏيندي سنسڪرت جو لفظ ”مد“ (مستي) آندو ويو آهي. ڇا ”مد“ ڦري متارو/ متاري ٿيو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ (1) ”مد“ ڦري ”مت“ ٿي ئي ”متارو “ ٿي سگھي ٿو يا (2) ”مد“ ڦري ”مدار“ يا ”مدارو“ ٿي پوءِ ”متارو“ ٿيو هوندو. اهي ٻئي صورتون صحيح نه ٿيون ٿي سگھن ڇو ته ”مت“ ۽ ”مدار“ ٻئي سنڌيءَ ۾ صاف اچارجن ٿا. ٽيون سبب هي ٿي سگھي ٿو ته ”مد“ جي معنيٰ ”مستي“ متاري جي معنيٰ جي وجھو هوندي پر ”متاري“ جي معنيٰ ۾ ڪو هڪ لفظ به اهڙو ناهي جنهن جي معنيٰ مستي نڪرندي هجي، ائين ڇو آهي؟ ائين ٿو لڳي ته سنسڪرت جو لفظ ”مد“ (مستي) ”متارو“ ۾ ان ڪري ڄاڻايو ويو آهي جو لطيف سائين جي ڪلام ۾ ”موکيءَ جا متارا“موجود آهن ۽ انهن کي “مست“ سمجھي ”متارو“ جي ڌاتو ۾ ”مد“ ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري سمجھيو ويو آهي. عالم ماڻهو اهو به چون ٿا ته ڪنهن لفظ جي ڌاتو تي ڌيان ڏئي لفظ ۽ معنائون ڳولڻ بدران ان جي باري ۾ اڳواٽ ڪو تصور مقرر ڪري پوءِ ڌاتو ڳولڻ علمي قدرن موجب جائز ناهي. منهنجيءَ سمجھ موجب ـــ

”جامع لغات سنڌي“  ۾ هن لفظ ”متارو“ جي رڳو رواجي، اصطلاحي اشاراتي معنيٰ ڏني وئي آهي، حقيقي نه. ”متارو“ جي حقيقي معنيٰ مت + وارو (مت+ وارو) يعني سمجهدار، فهم رکندڙ، عاقل، داناءُ، ڄاڻو، سياڻو، سوچيندڙ وغيره هجڻ گھرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com