باب ارڙهون
رسالي جي سرن واريون ڳجهارتون
سـُـر سامونڊي
(2361)
نالو اُتي جتي، شهر ڪپڙ جا ٿين.
نالو= آيل. شهر جا= ساٿ. ڪپڙ جا= گـَـوَن> گؤن.
آيل اُتي، جتي ساٿ گؤن ٿين.
(2362)
سونهن جو پاتائون، ڪا تڙ جي پيئي تن کي.
سونهن جو= جوڀن> جو+ ڀن. تڙ جي= رنڊ> رنڊڪ.
جوڀن پاتائون، ڪا رنڊڪ پيئي تن کي.
(2363)
ڪاٺي ولائت مان، الا، عورت آڻ.
ڪاٺي= ڪشتي. ولائت= ڪارونڀار. عورت=
الله رکي.
ڪشتي ڪارونڀار مان، الله! رکي آڻ.
(2364)
پنهنجي نرنانءَ لاءِ، ٻولي کاڄ نهاريان.
نرنانءُ= ورو> وَرُ. ٻولي= ڀـُـڻي. کاڄ جي=
تـَـڙَ.
پنهنجي وَرَ لاءِ، ڀـُـڻي تڙ نهاريان.
(2365)
جر جو نهاريم فقير، ته نالو ناهي ڪاٺ ۾.
جر جو= تڙ. فقير= توڏو> توڏ. نالو= جاني.
ڪاٺ(جو) = جهاز.
تڙ نهاريم توڏ، ته جاني ناهي جهاز ۾.
(2366)
ڪپڙا نرنائن جا، جر جن منجهه اچي ويا.
ڪپڙ جا= جهوڙا. نرنانءُ= جونجهار. جر جا= اونهان.
جهوڙا جونجهارن جا، اُونهنِ منجهه اچي ويا.
سـُـر سارنگ
(2367)
الله، عورت آڻ، نالن نانوَ ڦٽا ڪيا.
عورت= وسندي. نالو= باغ> باغن. نانوَ = گل.
الله وسندي آڻ، باغن گل ڦٽا ڪيا.
(2368)
جهڙ جو هجي ها ته ملڪ جا ڇو ملڪ پون ها؟
جهڙ جو= مينهن. مـُـلڪ جا= ٿرها> ٿري.
ملڪ= سنڌ.
مينهن هجي ها ته ٿري ڇو سنڌ اچن ها؟
(2369)
شهر مٿي پوک هئي، پکين پئي وس ڪيا.
شهر= گرنار. پوک= گاج(سرنهه). پکي=
وِڄـُـو> وِڄـُـن.
گرنار مٿي گاج هئي، وِڄن پئي وَس ڪيا.
(2370)
آئي عورت مال جي، پکي ٻوليون ڪن.
عورت= مـُـنڌ> مـُـند. مال= مينهن> مـِـينهـَـن.
پکي= تاڙو. ٻولي= تنوار.
آئي مند مينهن جي، تاڙا تنوارون ڪن.
(2371)
نالو آهي نالي ۾، واهه واهه اڄ نالو!
نالو= ملهار. نالو= عثمان> آسمان. نالو=
وَسند> وسندو.
ملهار آهي آسمان ۾، واهه واهه اڄ وسندو!
(2372)
نالي چيو نرنانءَ کي هل ته نالي جي ڪريون.
نالو= سارنگ. نرنانءُ= بادل. نالو= وَسڻ.
سارنگ چيو بادل کي، هل ته وَسڻ جي ڪريون.
(2373)
هڪ نالو، ٻيو نالو، نالوئي نانوَن تي.
نالو= وَسيو. نالو= وَسند> وسندو. نالو= موريو.
نرنان= مـِـينهون> مـِـينهن.
هڪ وَسيو ٻيو وَسندو، موريو مينهنِ تي.
(2374)
ڪامڻ نرنالن سان جر جا ڪندي ويئي.
ڪامڻ= کـِـنوڻ. نر نالو= بادل. جـَـر جا= دُٻا.
کـِـنوڻ بادلن سان دُٻا ڪندي ويئي.
سـُـر ڪاپائتي
(2375)
سازين ته ڪامڻي، مـُـند اکر نه ڄاڻي سا ته ڪاٺي
ڙي!
ساز= ڀير> ڀيرين. ڪامڻي= ڀـَـلي. مـُـندَ =
ڪـَـتي.
ڪاٺ جي= گاڏي> گاڏيهڙي.
ڀيرين ته ڀلي، ڪـَـتي انگ نه ڄاڻي سا ته گاڏيهڙي!
سـُـر رامڪلي
(2376)
اُٿي ڪامڻ، ڪر جرجي، هي نرنانءُ ولايت ويندو.
ڪامڻ= جيجل. جر جي= واهي> الله واهي.
نرنانءُ= سامي. ولايت= گنگا.
اُٿي جيجل، الله واهي، هي سامي گنگا ويندو.
(2377)
نرنانوَن جر جيءَ تي کاڄ جا ڪيا.
نرنانءُ= گودڙيو. جر جي= گنگا. کاڄ جو=
وِسناڻ> سـَـنانُ.
گودڙين گنگا تي سنان ڪيا.
(2378)
هيٺ پکي سـِـر ڪامڻي، وڃي ڏونگر ٻڌائون،
پوک جا هٿ ڪري، وڃي ولايت ماڻيائون.
پکي= چمڙو. ڪامڻي= تاج. ڏونگر= لـَـڪَ.
پوک جا= تـُـنبا. ولايت= پورب.
هيٺ چمڙو، سـِـر تاج، لـَـڪَ ٻڌائون،
تـُـنبا هٿ ڪري، وڃي پورب ماڻيائون.
(2379)
جر جون جر جا جن سان، نالا نام به تن.
جر جون= تـُـنبيون. جر جا= ڪـِـستا. نالو= رام.
نالو= راڌو> رِيڌو.
تـُـنبيون ڪستا جن سان، رام به رِيڌو تن.
(2380)
پنڊ جون ڇڏيائون، مال جون کنيائون،
پکي ٻڌائون، ولايت پڇيائون.
پنڊ جون= مڙهيون. مال جون= سـِـڱيون.
پکي= چـَـتون> چوتا. ولايت= پورب.
مڙهيون ڇڏيائون، سڱيون کنيائون،
چوتا ٻـَـڌائون، پورب پڇيائون.
(2381)
گل هليا ولايت ڏي، هت پوک جون ڇڏيائون.
گل= سنياسي. ولايت= وڻڪار. پوک جون=
مـُـوڙهيون> مڙهيون.
سنياسي هليا وڻڪار ڏي، هت مـَـڙهيون ڇڏيائون.
(2382)
باهه جي ۽ مال جي، ذات ولايت ويا.
باهه جي= دُونهي. مال جي= لـَـٽ. ذات= ڪاپڙي.
ولايت= ڪشمير.
دونهيون دکائي، لـَـٽ لائي، ڪاپڙي ڪشمير ويا.
(2383)
اک جا، مال جا، نار نالي شهر ويا ڙي.
اک جا= ڌنڌ. مال جا= دُونهان. نار نالو=
بـُـولي> ڪابولي. شهر= ڪشمور.
ڌُنڌ، دونهين لاٽ ڪئي، ڪابولي ڪشمير ويا ڙي.
(2384)
شهر مٿان ٿي مال جا لنگهيا، تڏهن مون ڀانيو ته
ذات وارا آيا.
شهر= اِستنبول. مال جا= تارُون> تارُو.
ذات وارا= ويراڳي.
اِستنبول مٿان ٿي تارُو لنگهيا، تڏهن مون ڀانيو ته
ويراڳي
آيا.
(2385)
جتي جـِـيوَڏَ رانديون ڪن، تتي نرنانون
مال جي ڪئي.
جيوَڏ= سگهي(بلا جو نالو)> سيگهيون.
راند جا= سـُـوسٽ. نرنانءُ= جوڳي> جوڳين.
مال جي= جـُـوءِ.
جتي سيگهيون سـُـوسـَـٽ ڪن، سا جوڳين جـُـوءِ ڪئي.
(2386)
اُٿي پکي ڪر راڳ جي، اٿئي هٽ جي هڪڙي رات!
پکي= ٻوو> ٻائو. راڳ جي= ڀڳتي. هٽ جي=
ساهمي> سامي.
اٿي ٻاوا ڪر ڀڳتي، اٿئي سامي هڪڙي رات!
(2387)
آيا ڪي عضوي چير، وڃن ٿا ولايت ڏي.
عضوو= ڪن. چـِـير= ڦاڙ. ولايت= گرنار.
آيا ڪي ڪن- ڦاڙ، وڃن ٿا گرنار ڏي.
(2388)
اٿي ڪامڻ وٺ جر جي، نر نالو ولايت ويو.
ڪامڻ= جيجان، جـَـر جي= سـُـرڪي. نر نالو=
جوڳي. ولايت= هنگلاج.
اٿي جيجان، وٺ سـُـرڪي، جوڳي هنگلاج ويو.
(2389)
کڻي ڪاٺي ڪڙمڪي، هو ذات ولايت ويا.
ڪاٺي= جـُـنگ. ڪڙمڪي= هاج. ذات= سامي.
ولايت= هنگلاج.
کڻي جـُـنگ جـَـهاج، سامي هنگلاج ويا.
(2390)
ذاتين کڻي ڪاٺين ٻـَـڌا ڪپڙ جا.
ذات= کاهوڙي. ڪاٺ (جا) = سنجا> سنجهي.
ڪپڙ جا= سندرا.
کاهوڙين کڻي، سـَـنجهي ٻڌا سندرا.
(2391)
اَن ۽ مال جا، نار نالي مردن جا.
اَن جا= پـَـلَ. مال جا= پـُـورَ. نار نالو= جيجل.
مرد= جوڳي> جوڳيئڙن.
پلپل پـُـور (پون)، جيجل جوڳيئڙن جا.
------ |