باب ڇهون
سرائتيون ڳجهارتون: ڦـُـل وَڌُوو ۽ ڀورِي
(323)
نـــــرنـــــانءَ ڪــــامڻ ڪــــــاڻ پــــــوک
جــــــي ٿي پيو.
نرنان=ڦل وڌوو. ڪامڻ=ڀوري. پوک جي=
ڦولر<ڦولارجي.
ڦــــــل وڌوو ڀــــــــوريءَ ڪـــــــاڻ
ڦــــــولارجـــــي پيو.
(324)
ڪاٺيءَ جي پائي ڪاٺ جي ۾، ڪاٺ به کنيائون،
اوڏا آيا شهر کي، نارنانءَ پڇيائون.
ڪاٺيءَ جي=منڌي. ڪاٺ جي=من. ڪاٺي=
من. شهر=اُونچل. نارنان=ڀوري.
منڌي پائي من ۾، من به کنيائون،
اوڏا آيا اُونچل کي، ڀوري پڇيائون.
(325)
پکي ٻولي ڪن،ڪـــــــو جو نـــــرنــــانءُ آئيو.
پکي=تاڙا. ٻوليءَ=تنوار. نرنان=جوڳي.
تـــــــاڙا تنوارين، ڪـــــو جــو
حـّـــــوڳــــــي آئيو.
هندڪار ۾ هياس، ته ڪاٺ جي وڳي ڙي،
جان ذات ٿياس، ته نرنانءُ پيو ان جي گهـُـري.
هندڪار=رام<آرام. ڪاٺ جي=مـُـرلي. ذات=
جوڳي<جاڳان.
نرنان=بابو. اَن جي=بکيا.
آرام ۾ هياس ته مرلي وڳي ڙي،
جان جاڳان ته بابـُـو پيو بکيا گهـُـري.
(327)
هو جو نالو آئيو، تنهن کي سـُـٽ جا ڏي.
نالو=بابو. سـُـٽ جا=بخيا<بکيا.
هو جو بابو آئيو، تنهن کي بـِـکيا ڏي.
(328)
مـَـــــــدنــــي ڌَن ڪـــــــي ڏي
نــــــرنـــــانءُ کي.
مدني=ڀري. ڌَن ڪي=ڪيوٽي<ڪا+
وَٽي. نرنان=فقير.
ڀـــــــري ڪـــــا وَٽـــــــي ڏي
فــــــقــــــيــــر کي.
(329)
ڇــڏ جر جا، وٺ سـُـٽ جا، ڪپڙي جو چئين ته ڪپڙي جو
ڏيئن.
جر جا=گهمرا. سـُـٽ جا=بخيا<بـِـکيا.
ڪپڙي
جو=جامون<جو+مون. ڪپڙي جو=چؤسو<
چئين+ سو.
ڇـــــــڏ گـُـهمرا، وٺ بـِـکيـــا، جـــــو
مـــــون چئين تــــــه ســـــو ڏيئين.
(330)
ذاتيون! ذات مَ ڏي، ته ڪنهن ڪوڙ تي پکي ڏسان.
ذاتيون=دايا<دائي. ذات=دائيداڻا<داڻا.
ڪوڙ=بهانو. پکي=ڀورِي.
دائي! داڻا مَ ڏي، ته ڪنهن بهاني ڀورِي ڏسان.
(331)
ڏئـــــــي ته شاهوڪاري ڏئـــــــــي، نه ته ذات
نه ڏي.
شاهوڪاري=توراڻي<تو+راڻي. ذات=
دائيداڻا<دائي+داڻا.
ڏئـــي ته تو راڻي ڏئـــــي، نه ته دائي! داڻا نه
ڏي.
(332)
چـــَــم جــــــا فــــــقـــــيــــــــر!
هـــــــيءُ ڪــــاٺَ جو اٿئي.
چم جا=بڪمَ
<بڪ+مَ. ڪاٺ جو=سوڳارو
(شڪنجو)
<ڳارو.
(ان جي لپ).
بـَــــــڪُ مَ فـــــقـــــيــــــر! هـــــــيءُ
ڳــــــارو اٿـــــئـــــي.
(333)
توڙ ڪاٺ ٻڌين، ته به نرنانءُ ريجهي ڪينڪي.
ڪاٺ=وٽوهڙ<وٽو+هڙَ. نرنان= سامي.
توڙي وٽو هڙَ ٻڌين، ته به سامي ريجهي ڪينڪي.
(334)
هــــــــوءَ پيئي نــــــالا ڏئـــــــي، ته به
نـــــالـــــو نالي ڪين ميان!
نالا=سونو ۽ ڳهڻو. نالو=سامي. نالو=سـُـرتو(سرچيو)
هوءَ پيئي ســــونــــو ڳهڻو ڏئي، ته به سامي سرتو
ڪين ميان!
(335)
جيئن ذات ٻولي ڪنس، تيئن رسو پاڻي جي وڃي.
ذات=دايون. ٻولي=دوُر. رَسو=مرکَ <
مرڪَ
<مرڪيو.
پاڻيءَ جو= منجهه.
جيئن دايون دور ڪنسِ، تيئن مرڪيو منجهه وڃي.
(336)
نارنانءَ! بيٺو ڪاٺ جي تي، ان جي نٿو وٺي،
اُٿي نارنانءَ، تون ٻوليءَ جا ڪرينس.
نارنان=درسياڻي<دُرس. ڪاٺ جو=در، ان
جي=بـِـکيا. نارنان=ڌڃاڻي. ٻولي جا=
سرچائڻ<سرچائينس.
دُرس بيٺو در تي، بـِـکيا نٿو وٺي،
اُٿي ڌڃاڻي، تون سرچائينس.
(337)
رڇ ڪـــاٺ ٿــــــيـــــــو، کــــــــاڄ
جـــــــــي جنگ جو!
رڇ=برتن. ڪاٺ=بيراڳڻ. کاڄ جي=ڀوري
(ڪـُـٽي، چـُـوري). جنگ جو=ڀڳو.
قـّــــــرتـــــــــن بــــــيــــــراڳـــــڻ
جـــــو ڀورِي تو ڀڳو!
(338)
رڇ ڪــــــري پيو جيئڏ تـــــــــي، عضوو پکي
توتي.
رَڇ=برتن. جيئڏ=پوپٽ<پـَـٽ. عضوو=
پاپڙي<پاپ+ڙي. پکي=ڀورِي.
برتن ڪـِـري پيو پـَـٽ تي، پاپُ ڙي ڀوري! توتي.
(339)
آءُ فقير! وڻ ڪپڙي جي، تــــوکــــي مـــــال
جـــــي ڏيان.
فقير=سامي. وڻ=جهـِـل<جهـَـل، ڪپڙي جي=
جهولي. مال جي=ڏِهاڙي.
آءُ سامي! جـــهـَـل جهولي، قـِـــــوکــــــي
ڏهــــاڙي ڏيان.
(340)
لوهه جي ان جا ڪري، منهنجي پنهنجي مرض جيئن ڪيئي.
لوهه جي=ساهمي<سامي. ان جا=اسم، پنهنجي=
دل. مرض جو=کسي.
ســـــامــــــي! اســـــــم ڪــــــري،
منهنجـــــي دل کسيئــــــــي.
(341)
ذات عــــــضـــــون ســــــان پنهنجي گهــــــوڙو
جــــــو به!
ذات=سامي. عضون=چشمن. گهوڙو=کسي.
ســـــــامــــــــي چشــــــــمــــــن
ســـــــان دل کسيئـــــــي به!
(342)
ڪــــــاٺ جيئن جوڳي آئيا، ڳهه جــــــــي به ٻوٽي
تـــــن.
ڪاٺ جو=آڙو<اڙي! جوڳي=اداسي. ڳهه جي=
لئون. ٻوٽي= لاڻي<لائي.
اڙي! اُداســـــــي آئــــيـــا، لئون به
لائـــــــي تـــــــــــن.
(343)
ڪپڙي مــــــال پوک جي اَٿئي، تڏهن ڪا رڇ ترس.
ڪپڙي جي=بوند. مال جي=بري<برهه. پوک
جي=لائي. رَڇ=گهوڙي.
بوند بـِـرهه جي لائي اٿئي، تڏهن ڪا گهڙي تـَـرس.
(344)
ڏس ڪاٺيءَ جي جنهن کي زمين جي ڪيڏي!
راند اَن جي منهنجو، ڪکن جو هو ته وڃي.
ڪاٺيءَ جي=ساهمي<سامي. زمين جي=ڪلا.
راند جي=ٻڌي<ٻڌيو.
اَن جو=جيءُ. ڪکن
جو=ڇـِـڪو<ڇڪيو.
ڏس سامي جنهن کي ڪلا ڪيڏي!
ٻڌيو جيءُ منهنجو، ڇـِـڪيو هو ته وڃي.
(345)
اي ذات عورت! پنهنجو لايو، وري پنهنجون ڪرين.
ذات=غافل. عورت= گولي. پنهنجو=نينهن.
پنهنجون=ننڊون.
اي غافل گولي! نينهن لايو، وري ننڊون ڪرين.
(346)
مــــــڇــــي آءٌ ٿياس، نه ته مڇيون ٻيون
ئــــــي گهڻيون.
مڇي=مشڪي<شڪي. مڇي=گولي<گوليون.
شــــــڪــــي آءٌ ٿياس، نه ته گوليـــون ٻيون ئي
گهڻيون.
(347)
اُٿي نار! ٻولي ڪر، پنهنجي وَڻن جا کي ڪپڙ جا لڳا.
نار=دائي. ٻولي=ڌيان. وڻن جا=موريا<
مورن. ڪپڙ جا=گـَـز.
اُٿــــــي دائـــــي! ڌيان ڪــــر، پنهنجي مورن
کي گـَـز لڳا.
(348)
پکي هن شهر ۾ اچي راند جي پيئي،
نرنانءَ هو ڪونڪو، جو ٻولي ڪري.
پکي=ڀوري. شهر=ڦـِـٽو. راند جي=دوکيبازي.
نرنان=ساڌُو. ٻولي=سچي.
ڀوري هن ڦـِـٽي ۾، اچي دوکيبازي پيئي،
ساڌو هو ڪونڪو، جو سچي ڪري.
--------- |