سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: شڪنتلا

پردو ٽيون

صفحو :4

پردو ٽيون

تپ بن

شروعاتي نظارو:(قربانگاه تي گاهه وڇائڻ (1) واري جو هڪ چيلو، هڪ ٻوڙو کڻي اچي ٿو)

چيلو – راجا دشينت جي مان ۽ مرتبي جو ڪو به اَنت ڪونهي! اُن جي آشرم ۾ قدم رکندي ئي اسان جا ڌرمي ڪاج سڦلا ٿي ويا آهن. اُن جي ڪمان جي هڪڙي زُم ئي سڀني بلائن کي ٽارڻ لاءِ ڪافي آهي... هاڻي آءٌ هيءُ گاه پوڄارين کي ڏيئي اچان، ته قربانگاه ۾ وڇائي ڇڏين. (هلندي هوا ۾ نهاريندي، ڪنهن غائب شخص سان مخاطب ٿئي ٿو)... پريمودا، هيءُ صندل جو ليپ ۽ ڪنول جون پتيلون ڪنهن جي لاءِ کنيون ٿي وڃين؟ (ڪن تي هٿ رکي) ڇا چَيئهءِ؟ لُڪ لڳڻ جي ڪري، شڪنتلا جي دشمنن جي طبيعت ناساز ٿي پيئي آهي؛ ۽ هيءُ سڀ شيون سندس سيني جي مالش لاءِ آهن؟... پريمودا، هن جي هوشياريءَ سان سار سنڀال لهجانءِ. هوءَ اسان جي گُروءَ جي زندگيءَ جو سهارو آهي. آءٌ پڻ گوتميءَ هٿان پاڻي دَم ڪري موڪليان ٿو.

(هليو وڃي ٿو)

(خود ڪلامي ختم)

(راجا اهڙيءَ حالت ۾ اچي ٿو، جنهن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته هو عاشق جيئڙو آهي)

راجا (پاڻ) – آءٌ جپ تپ جي طاقت کي ڀَليءَ ڀت ٿو ڄاڻان، اها به سُڌ اٿم ته هوءَ ٻين جي هٿ وس آهي، پر ڇا ڪريان منهنجي دل انهيءَ خيال کان باز ئي نٿي اچي.

(عشق جا عذاب ٿو بيان ڪري)

ڀڳوان ڪامديو! توکي مون تي قياس ڪو نه ٿو اچي. تنهنجي گلن جي تيرن ۾ اها تيزي ڪٿان آئي؟ ها ها! اڃا تائين شوجي جي غضب جي باه تو ۾ ڀڙڪي ٿي، جيئن سمنڊ جي تَري ۾ آتش! نه ته مون جهڙن مشتاق تي اي آزاريندڙ، اهڙو تابش ۽ تاءُ ڇو ڪرين؟

پر جيڪڏهن اهو پريت ۾ پچڻ انهن جادو ڀريل اَکڙين جو ڏنل آهي ته بيشڪ زندگيرءَ جو ٺار آهي... (پسار ڪندي، اُڀو ساه کڻي) جڏهن اها رسم پوري ٿي ويندي ۽ پوڄارين گهرج باقي نه رهندي، تڏهن آءٌ ڏکويل ڪيڏانهن ويندس؟

سندس ديدار کان سواءِ هن غمزده جو ٻيو ڪو به علاج ڪونهي، تنهنڪري مون کي گهرجي ته هاڻي ئي هلي ان کي تلاش ڪريان! (سج ڏانهن ڏسي) هن ڌرتتيءَ مهل شڪنتلا پنهنجين ساهيڙين سان گڏ گهڻو ڪري مالني نديءَ جي ڪناري تي سير ڪندي هوندي، جتي ولين جا گهاٽا منهن ٺاهي ڇڏيا اٿن مون کي به اوڏانهن هلڻ گهرجي...(هيڏانهن هوڏانهن ٿڌيءَ هير ۾ پسار ڪندي) مِٺڙي هير جي ڪري، هيءُ هنڌ ڪهڙو نه وڻندڙ آهي! هوا مان ڪنول گلن جي سرهاڻ ۽ نديءَ جي لهرين جي بوند جي نمي پيئي اچي: دل ائين ٿي چوي ته ساري بدن سان، جو عشق جي باه ۾ ڀڙڪي رهيو آهي، انهيءَ هوا کي ڀاڪر وجهجي. (چوڌاري گهمندي پور ٿو پويس) شڪنتلا شايد انهيءَ بيدن سان وڪوڙيل ولين واري مَنهن ۾ هجي! ڇاڪاڻ ته اُن جي لنگهه وٽ پکيڙيل اڇيءَ واريءَ تي سندس پيرن جا نشان اُڀريل آهن؛ جيڪي پٻن وٽان اُڇاترا ۽ جسم ڀريل هئڻ سبب کڙين وٽان اونها آهن. ٽارين جي ڄاريءَ مان لِيو پائي، ڏسان ته سهي!

(چوڌاري گهمي ليو پائي ٿو ۽ خوشيءَ مان چوي ٿو) مون پنهنجي اکين جو انادي ٺار لڌو آهي. منهنجو لالن هڪڙي پهڻ جي پاٽيي تي گلن جي سيج وڇائي ليٽيو پيو آهي ۽ ساهيڙيون سندس خدمت ۾ حاضر آهن. چڱو ٿيو، آءٌ سندين سڌي سادي ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهندس.

(يڪ ساهي ڏسندو رهي ٿو)

ساهيڙيون (پکو جهليندي، نرمائيءَ سان) – پياري شڪنتلا! ڪنول جي پَنن جي هوا توکي وڻي ٿي؟

شڪنتلا – اوهين مون کي وڃڻو ڇو ٿيون هڻو؟

(ساهيڙيون حيران ٿي، نااُميديءَ وچان هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿيون)

راجا(پاڻ) – شڪنتلا جي طبيعت ناساز ٿي ڏسجي! اهو يا ته گرميءَ جي سببان آهي ۽ يا وري اُن جو ڪارڻ به اهو ساڳيو آهي جيڪو منهنجي دل چئي رهي آهي...(سوچ سان نهاريندي) ڇڏ انهن اجاين وسوسن کي! منهنجي ساه جي سانئڻ جو جسم بيمزگيءَ جي باوجود سيني تي صندل جي ليپ ۽ ڪراين ۾ ڪنول جي ڏانڊين جي ڍرين ۽ نرم پونچين سان ڪهڙو نه من موهيندڙ پيو لڳي!

سچ آهي ته ڪنواريءَ تي گرمي ۽ محبت جو اثر هڪجهڙو ئي ٿئي ٿو، پر سج جو تاءُ اهڙو سهڻو سَمو ڪڏهن به پيدا ڪري نٿو سگهي.

پريمودا(پرڀرو ٿي) – انسويا، جڏهن کان وٺي هن جي راجا تي نظر پيئي آهي، تڏهن کان وٺي ملول آهي. ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته اهو روڳ ئي ڏنل اُن جو هجي؟

انسويا – ڀيڻ، مون کي به ته اِها ئي ساڳي اُڻ تڻ آهي!خير، پڇانس ته سهي!...(شڪنتلا سان ڳالهائيندي) مٺڙي، هڪ ڳالهه پڇانءِ ڪاوڙ ته نه لڳندءِ؟ تنهنجو اِهو ڏک منهنجن نڀاڳين اکين کان ڏٺو نٿو وڃي!

شڪنتلا(مٿيون ڌڙ بستري کان مٿي ڪري) – پياري، ڇا ٿي پُڇڻ چاهين؟

انسويا – اَدي، عشق وغيره جي نالي کان ته اسين بنهه ڪوريون آهن، مگر پستڪن ۾ عشق جي ڦٽيلن جو جيڪو احوال پڙهيو اٿيئون، تنهن موجب تنهنجي بلڪل اها ساڳي حالت پيئي ڏسجي! تنهنڪري توکي ٻڌائڻو ئي پوندو ته انهيءَ روڳ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ڇاڪاڻ ته جيستائين اِنهيءَ مُئي روڳ جو اَنت نه لهبو، تيستائين علاج وري خاڪ ٿيندو؟

راجا(پاڻ) – اوهو، انسويا کي به ته اهو ساڳيو ئي وهم آهي، جيڪو مون کي آهي. بس هاڻي ته فيصلو ٿي چڪو ته منهنجو خيال مون کي ڌوڪو ڪو نه ڏيئي رهيو آهي.

شڪنتلا(پاڻ) – منهنجي الفت برابر ڏاڍي آهي، پر هنن کي کولي به ته نٿي ٻڌائي سگهان!

پريمودا – شڪنتلا، انسويا بلڪل سچ ٿي چوي! تون پنهنجي مرض جو علاج ڇو نه ٿي ڪرين؟ ڏينهنون ڏينهن تنهنجا هَڏ وڃن ٿا ڳرندا، رڳو چهري جي رونق ساڳي بيٺي آهي.

راجا(پاڻ) – پريمودا جو چوڻ بلڪل درست آهي! هن جي ڳلن ۾ کڏون پئجي ويون آهن. جوانيءَ جي اُڀار جو جوش، نرميءَ ۾ بدلجي چڪو آهي. چيلهه بلڪل سَنهڙي ٿي ويئي اٿس. ڪلها نمي پيا آهن ۽ رنگ پيلو ٿي ويو اٿس. هن محبت ڇا نه ڪيو آهي!ويچاريءَ کي ڏسي، پيار به ٿو اُڌما کائي ۽ ساڳئي وقت مٿس ڪهل به ٿي اچي. ڄڻ ته چنبيليءَ جي وَل کي لُڪ لوساٽي ڇڏيو آهي.

شڪنتلا – ڀينرو، آءٌ پنهنجي اندر جو اَنت، توهان سان نه سلينديس ته ٻيو ڪنهن سان سَلينديس! پر ائين نه ٿئي، جو ڪٿي منهنجي آئيءَ ۾ توهان به نه اڙجي وڃو!

ٻيئي ساهيڙيون – اِنهيءَ لاءِ ته اسين ٻيئي ڄڻيون توتي زور ڀري رهيون آهيون. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سُورن واريون پاڻ ۾ گڏجي سُر پچار ڪن ٿيون ته سُور به سَنڌا ڪيو وڃن ٿا.

راجا(پاڻ) – سندس همدرد ساهيڙين کانئس پڇيو آهي؛ تنهنڪري هاڻي هوءَ اُنهن سان پنهنجي اندر جو اَنت سليندي، ڪَئو نه کائيندي..

اُهو وقت ڪهڙو نه ڪٺن هو، جڏهن هُن گهڙيءَ گهڙيءَ ڪنڌ ورائي، مون ڏانهن پنهنجي اُڃايل اکين سان ٿي نهاريو، پر هيءُ وقت ته اُنهيءَ کان به وڌيڪ ساه سُڪائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جو جواب ٻڌندي، منهنجو ڏيل ئي ڏڪي ويو آهي.

شڪنتلا – ڀينرو، جڏهن کان اسان جي آشرم جي رکپال راجا، اسان کي پنهنجو درشن ڏنو آهي... (ايترو چئي شرمائجي خاموش ٿي وڃي ٿي)

ٻيئي ساهيڙيون – پياري، خاموش ڇو ٿي ويئي آهين؟ ڪُجهه ته ڳالهاءِ!

شڪنتلا – تنهن ڏينهن کان مون کي سندس ئي خيال رهي ٿو ۽ هاڻي ته سندس اُڪير ۾ منهنجا هي حال ٿي پيا آهن.

راجا (بيحد خوشيءَ وچان – پاڻ) – جنهن خبر ٻڌڻ جي خواهش هُيم، سا ڪَنن سُئي عشق پهريائين ته ڏک ڏنا، پر پوءِ اُنهن جو اُتار به عنايت ڪيائين. بلڪل اهڙيءَ طرح، جيئن سانوڻ جي مُند جو پهريون گرم ڏينهن پنهنجي اُتت سان بد حواس بنائي ٿو ڇڏي، پر پوءِ ڪارا ڪڪر آڻي، آٿت به ڏيو ڇڏي.

شڪنتلا – جيڪڏهن توهان جي دل چوي ٿي، ته ڪو اهڙو حيلو ڪريو، جيئن راجا کي مون تي ڪهل اچي، نه ته اڳو پوءِ مَرڻ جو پاڻي مَٿان ڇڻڪاري ڇڏيوم.

راجا(پاڻ) – هن ته ايتريقدر ظاهر ظهور ڳالهه ڪئي آهي، جو هاڻي اُن ۾ ڪنهن به قسم جي گنجائش باقي نه رهي آهي.

پريمودا(پاسيرو) – انسويا، هيءَ ته محبت ۾ اهڙي مست ٿي ويئي آهي جو سڪڻ جي سگهه ئي نٿي ساري سگهي! ساڳئي وقت اهو به ته ڏس ته جنهن سان هن جي دل اَڙي آهي، سو به ته ڪو جهڙو تهڙو ماڻهو ڪونهي! ”پروءَ“ جي گهراڻي جو سينگار آهي. مون کي ته ان ۾ ڪا گهٽتائي نظر نٿي اچي. سنديس خواهش پوري ڪرڻ گهرجي.

انسويا(پاسيرو) – منهنجي به اها ساڳي راءِ آهي... (بلند آواز سان) مٺڙي! اهو شوق ته تنهنجي شان وٽان آهي. ڀلا درياءَ به سمنڊ کان سواءِ ڪڏهن ٻئي ڪنهن جي گود ۾ ويو آهي؟

پريمودا – جيڪڏهن هيءَ وَل هن انب جي وڻ سان دل لڳائي، ته ان ۾ ڪهڙي اچرج جهڙِي ڳالهه آهي؟

راجا(پاڻ) – جيڪڏهن زهرو ۽ مشتري،  چنڊ جي ڪَلا تي گهمندا رهن، ته ڪهڙي عجب جي جاءِ آهي؟

انسويا – ڀڳوان شل ائين ئي ڪري، جو شڪنتلا جي مَن جي مراد سگهو ئي پوري ٿي وڃي ۽ ساڳئي وقت ڪنهن کي ڪن ڀڻڪ به نه پوي.

پريمودا – جيستائين سيگهه جو سوال آهي، تيستائين ته ڪو مشڪل ڪونهي، باقي لڪچوريءَ جو معاملو ڏکيو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

انسويا – کولي ٻڌاءِ.

پريمودا – اهو راجا ئي سنت، جو اسان جي ساهيڙيءَ ڏانهن پريم جي نظرن سان نهاريندو رهندو هو، سو به ته تارا ڳڻي ڳڻي، سُڪي ڪنڊا ٿيندو ٿو وڃي.

راجا(پاڻ) – آهي به ته ائين...

هيءُ سونو ڪنَگڻ جڏهن ڍرو ٿي ٻانهن تان ترڪندو آهي، تڏهن آءٌ گهڙيءَ گهڙيءَ ان کي مٿي چاڙهيندو آهيان ۽ انهن گهڪن کي ڇلجڻ کان بچائيندو آهيان، جيڪي ڪمان جي زِه جي ڪري منهنجي ڪرائيءَ ۾ پئجي چڪا آهن.

ان ڪنگڻ جي ماڻڪن جي جوت جَهڪي ٿيندي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻانهن تي مٿو رکي، ليٽان ٿو، تڏهن سڀ ڪنهن رات منهنجي اکين جي گوشن مان گرم ڳوڙها نڪري، اُن تي پوندا رهن ٿا.

پريمودا(ويچاريندي) – اڙي، ڇو نه کيس پريم جو پتر لکيو وڃي؟ ان کي گلن ۾ لڪائي، انهيءَ بهاني سان موڪليون ته هيءُ هار ديوتائن تي چاڙهڻ لاءِ آهي!

انسويا – اها سهڻي ترڪيب منهنجي  مَن کي به وڻي ٿي!... شڪنتلا، تنهنجو ڇا ارادو آهي؟

شڪنتلا – آءٌ ڀلا توهان جي چئي کان ڪيئن ٿي ٻاهر وڃان؟

پريمودا – ته پوءِ دل وڍيندڙ راڳ ۾ پنهنجي ڪَٿا ٻڌاءِ.

شڪنتلا – خيال ته ٿئي ٿو ته ائين ڪريان، پر ساڳئي وقت مون کي اهو به اونو لڳل آهي ته متان هو نِراس ڪري نه موٽائي!

راجا(پاڻ) – ڊڄڻي، توکي جنهن جي بي پرواهيءَ جو ڊپ آهي، سو خبر اٿيئي ته تنهنجي وصال لاءِ ڪيترو نه پريشان آهي! فقير کي خيرات نه ملي ته عجب نه آهي، پر اهو ڪيئن  ٿو ٿي سگهي ته خيرات کي فقير نه ملي!

ساهيڙيون – ڌُوڙ دشمن جي منهن ۾! ڪير پنهنجي گڻن تي پاڻي ڦيريندو؟ ڇا ڪو اهڙو به هوندو، جو چنڊ جي چانڊاڻ کي پنهنجي پلاند سان پري ڪري؟

شڪنتلا – چڱو ڀلا، ڇڏيو ته ڪجهه خيال ڪريان!

(ويهي ڪجهه سوچڻ لڳي ٿي)

راجا(پاڻ) – منهنجا اهي ڀاڳ جو پنهنجي ساه جي سهاري کي ڍوءَ تي ڏسان!...

جيئن هوءَ پنهنجي ڀرن کي وڪڙ ڏيئي، گيت لکڻ ۾ مَست آهي، تيئن سندس ڳلن جي ڳاڙهاڻ کليو کلايو سندس محبت جو راز فاش ڪري رهي آهي!

شڪنتلا – ڀينرو، مون هڪ ٻه مصرع سوچي ورتي ته آهي، پر هتي لکڻ لاءِ ته ڪو به سامان موجود ڪونهي!

پريمودا – هيءُ ڪنول جو پَن، جيڪو طوطي جي ڇاتيءَ وانگر نرم آهي. تنهن تي کڻي، پنهنجي نَنهن سان اکر اُڪير!

شڪنتلا(اهڙيءَ طرح کلندي) – ڀينرو، ڪن لائي ٻڌو! ۽ ٻڌايو ته ڪو مطلب نڪري ٿو يا نه؟

ٻيئي ساهيڙيون – اسين ڪن ڏيئي ٻُڌي رهيون آهيون.

شڪنتلا – (پڙهي ٿي)

دل ٿي سدا دانهون ڪري، ڪيئن آهه تودلبر جي دل؟
ٿي ڳالهه سمجهڻ کان پري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
دلبر، وئين دلڙي کسي! هڪ مُونجهه ٿي من ۾ وسي،
هَڏ هَڏ ٿو ڳڻتين ۾ ڳري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
اَڄ بَر ۾ بازاريون ڪٿي! اي دوست، دلداريون ڪٿي؟
سُڃ ۾ ٿي سُڃ واڪا ڪري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
پلپل پڪاريان ٿي پرين! آهون اٿاريان ٿي پرين!
هڪ باه ٿي دل ۾ ٻري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
مون کي ڪيئهءِ اَهنجو ڏکيو، ڪيئن پاڻ ٿو گهارين سکيو؟
منهنجي نٿي هرگز سَري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
اڄ خط روانو ٿي ڪريان، شاهد زمانو ٿي ڪريان!
من خير سان قاصد وري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
تو لاءِ دل آهي چري، توکان سوا وينديس مري،
هت ڏيل ٿو ڏک ۾ ڏري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟
تون منهنجو داتا ۽ ڌڻي، مان تنهنجي پيرن جي پڻي،
توسان مِلان، تن من ٺري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟

 

راجا (جهٽ انهن جي سامهون ايندي) – سُشيل سندري، ڪام ديو توکي ته رڳو سيڪ ڏيئي رهيو آهي، پر مون کي ته سچ پچ ساڙيندو رهي ٿو، سج جي روشني، سوسن کي ايترو نٿي شرمائي جيترو چنڊ کي!

ساهيڙيون – (راجا کي ڏسي، خوشيءَ وچان ٽپو ڏيئي) لک شڪرانا اُنهيءَ مالڪ جا، جو اسان جي مَن جي مُراد پوري ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي!

(شڪنتلا اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿي)

راجا – تڪيلف نه ڪر شڪنتلا، تنهنجو نٻل سرير اهڙيءَ آجيان جو بار سهي نه سگهندو! ڏس، سيج جي گلن جا پَن، تنهنجي اندر جي آتش ڪري، جسم سان چنبڙي پيا آهن ۽ ڪنول جي ٽاريءَ جي پونچي به ڪومائجي ويئي آهي!

اَنسويا – مهربان، اچو هن پهڻ جي ٿلهي تي ويهو!

(راجا ويهي ٿو ۽ شڪنتلا گهڻي شرم ۽ حيا جي ڪري، اُٿي کڙي ٿئي ٿي)

پريمودا – اِها خبر پئجي ويئي ته اوهان ٻيئي هڪ ٻئي تي ساه صدقو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر وري به آءٌ پنهنجي ساهيڙيءَ جي خاطر هڪڙي ڳالهه چوڻ ٿي چاهيان!

راجا – منهنجي ڀيڻ، انهيءَ ڳالهه چوڻ کان نه گهٻراءِ! ڇاڪاڻ ته تون جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿي، سا جيڪڏهن دل ۾ دکي رهي ته پوءِ پڇتائڻو پوندو!

پريمودا – راجا جو ڌرم آهي ته پنهنجي پرجا کي اهنج ايذاءُ کان ڇوٽڪارو ڏئي.

راجا – اِنهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي؟

پريمودا – اسان جي ساهيڙيءَ اوهان جي قرب جي ڪُٺل آهي؛ اَوهان کي گهرجي ته اُن کي جيئدان ڏيو!

راجا – اِهائي اسان ٻنهيءَ جي آس آهي! آءٌ تنهنجو سڀني پرين جو ٿورائتو آهيان.

شڪنتلا (پريمودا ڏانهن نهاريندي) – ڀيڻ، تون مٿس اجايو زور ڇو ٿي وجهين؟ هيءَ ويچارو ته پاڻ محل وارين جي وڇوڙي ۾ ڳري رهيو آهي!

راجا – جيڪڏهن منهنجي مَن جي مندر جي ديوي، مون کي ڪنهن ٻئي جو سمجهي، ته پوءِ مون لاءِ موت کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي! جيڪو عشق جي تير جو اڳ ۾ گهائل آهي، تنهن ڦٽن تي لوڻ ڇو ٿو ٻُرڪيو وڃي؟

انسويا – دادا، اِها ڳالهه هرڪو ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو ته راجائن کي ڪَئين راڻيون هونديون آهن، مگر ائين هئڻ جي باوجود اوهان پنهنجي نينهن جو ناتو اهڙيءَ ريت نڀايو، جيئن اسان جي ساهيڙيءَ جي مائٽن کي نراسائي نصيب نه ٿئي.

راجا – آءٌ انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڇا چوان؟ راڻيون ته گهڻيئي آهن؛ پر منهنجي ساه جو سهارو فقط ٻن تي هوندو: هڪ ”ڌرتي راڻي“(1) تي ۽ ٻيو اوهان جي هن ساهيڙيءَ تي.

ساهيڙيون – بس، هاڻي اسان کي چڱيءَ طرح دلجاءِ ٿي.

پريمودا (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) – اَنسويا، هيءُ هرڻيءَ جو ٻچڙو ته ڏس، ڪيئن نه وائڙو ٿي اسان ڏي نهاري رهيو آهي! ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ پنهنجي ماءُ کي ڳولي رهيو آهي. اچ ته هن ويچاري کي سندس ماءٌ وٽ پهچايون.

(ٻئي وڃڻ لڳن ٿيون)

شڪنتلا – اڙي، مون ڏکويل کي ڪنهن جي آڌار تي ڇڏي ٿيون وڃو؟ ڌڻيءَ جي واسطي اوهان مان هڪ ته مون وٽ وهي!

ساهيڙيون – اَئي هان، هيءُ جو سنسار جو سنڀاليندڙ تو وٽ ويٺو آهي!

شڪنتلا – ڇا، ٻيئي ڄڻيون سچ پچ هليون ويون؟

راجا – گهٻراءِ نه، تنهنجي شيوا ڪرڻ لاءِ هيءُ ٻانهو حاضر آهي! چئين ته هن ڪَنول جي پاڻيءَ ۾ پُسيل وڃڻي سان ويهي هوا هڻانءِ، جيئن ٿڪ لهي وڃيئي. يا چئين ته هنن ڪنول جهڙن ڳاڙهن پيرن کي پنهنجي هَنج ۾ رکي ويهي زور ڏيانءِ!

شڪنتلا – شرمسار نه ڪريو. ڇا آءٌ ڪا اهڙي نيچ آهيان جو اوهان جهڙي هڪ بلند هستيءَ کان پنهنجي خدمت ڪرايان؟

راجا – روپ ونتي، اَڃا اُس تيز آهي، ۽ اُن سان گڏ تنهنجو هيءُ حال! تنهنڪري تون هنن گلن جي سيج ڇڏي، هن ڌر تتيءَ جو ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿي؟ ڪجهه ويچار ته ڪر، تون ڪيتري نه ڪمزور ٿي ويئي آهين؟

(زبردستي روڪيس ٿو)

شڪنتلا – پَروءَ جا اولاد، منهنجو سيل نه ڀڃ! برابر آءٌ ڪامديو جي ستايل آهيان، مگر ڇا ڪريان؟ آءٌ پنهنجي هٿ وس نه آهيان!

راجا – تون ڪيتري نه ڊڄڻي آهين! جهور پوڙهن جو ڊپ ڪيستائين؟...

تنهنجو پتا ته شاسترن جو ڄاڻو آهي، تنهنڪري هو جڏهن تنهنجي هن حال مان واقف ٿيندو، تڏهن توتي ڪنهن به قسم جو الزام ڪو نه ڌريندو. ڪيترين ئي راجائن جي نياڻين، پنهنجي اِڇا سان ”گانڌرو“ (1) شادي ڪئي آهي، پر سندن مائٽن آپراڌ نه سمجهيو.

شڪنتلا – مون کي ڪُجهه مُهلت ڏيو. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ پنهنجن ساهيڙين کان ته پڇي وٺان!

راجا – ڊڄ نه، ڇڏي ڏيندوسانءِ!

شڪنتلا – پر ڪڏهن؟

راجا – جهڙيءَ طرح ڀَونر تازن ٽڙيل گلن جي رس ڍُڪ ڪري پيئندو آهي، تهڙيءَ طرح تنهنجن چاه ڀريل چپن جي رس هوريان هوريان چوسي وٺان تنهن کان پوءِ آءٌ توکي پاڻهئي ڇڏي ڏيندس.

(شڪنتلا جو منهن مٿي ڪرڻ ٿو گهري ۽ هوءَ نٽائي ٿي)

پري پٺيان آواز – اڙي چڪوري(2)، پنهنجي پريتم کان موڪلائي وٺ، رات اچي پهتي آهي!

شڪنتلا (هراسجي) – پوروَ، هاڻي ته غضب ٿي ويو!گوتمي مائي منهنجي خير خبر لاءِ هيڏانهن اچي رهي آهي تنهنڪري اوهان هنن وڻن جي پٺيان لڪي وڃو!

راجا – جيئن تنهنجي مرضي! (لڪي وڃي ٿو)

(گوتمي مائي، هٿ ۾ ڪرمنڊل کنيون، شڪنتلا جي ساهيڙين سان گڏ اچي ٿي)

ساهيڙيون – ماتا، هيڏي!

گوتمي (شڪنتلا وٽ اچي) – منهنجي لاڏلي، هينئر طبيعت ڪيئن آهي؟

شڪنتلا – اَمان، اوهان جي دعا سان هينئر خوش آهيان!

گوتمي – هن ڪُش گاه جي پاڻيءَ سان لڱن مان پيڙا لهي ويندي. (مٿي تي پاڻي ڇڻڪاري) ٻچڙي، هينئر سَنجها جو ويلو آهي، هَل ته سڌا جهوپڙيءَ ڏي هلون.

(سڀ وڃڻ لڳن ٿيون)

شڪنتلا (پاڻ) – موک دل، جڏهن اُميد گهر ويٺي گهڙي آئي، تڏهن توکي ڊيڄڙي نه ڇڏيو. هاڻي پڇتائڻ ۽ پرييشان ٿيڻ مان ڇا حاصل ٿيندو؟ (بلند آواز سان) اي ولين جي ويڙهه، اي منهنجي دک ڪٽيندڙ، ڀڳوان جي آسري، شل وري به تنهنجي سنگت جو سُک نصيب ٿئي!

(حسرت وچان ٻين سڀنيءَ جي پٺيان هلي وڃي ٿي)

راجا (پنهنجي پهرين جاءِ تي اچي، اُڀو ساه کڻي) – دل جي آس پوري ٿيڻ ۾ به ڪيتريون رڪاوٽون آهن!... هُن ڊگهين پنبڻين واري مَن موهڻي مورت، جڏهن پنهنجن چپن کي آڱرين سان لڪائي ڇڏيو، تڏهن سندس سهڻي صورت ڪهڙيءَ نه روح ريجهائيندڙ هئي! ڪيئن نه هُن گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجو ڪنڌ  هيڏانهن هوڏانهن ٿي ورايو! ۽ جڏهن آخر ۾ مون کيس کاڏيءَ کان جهلي، مٿي کنيو، تڏهن اُن جي چمڻ جي همت نه ساري سگهيس... هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ اُنهيءَ ويڙهه ۾ ئي هلي گهڙي ساعت ويهي گذاريان، جنهن کي منهنجي منٺار هيتري دير تائين نوازيو آهي!...(چئني پاسي نهاري) هيءَ آهي پَهڻ جي ڀٽيي تي گلن جي سيج، جنهن کي انهيءَ محبوب مروٽيو هو! هيءَ آهي ڪنول جي پن جي ڪوماڻيل چٺي، جنهن کي پنهنجن نَنهن سان چٿيو هئائين! ۽ هيءَ آهي ڪنول جي پتين جي پونچي، جا سندس ٻانهن مان ڪري پيئي آهي!

... جيتوڻيڪ هاڻي هتي بلڪل سانت لڳي پيئي آهي، پر اکيون ايترو ته هري ويون آهن، جو وڃڻ تي دل ئي نٿي ٿئيم!

(پردي پٺيان آواز) – مهاراج، اڃا شام جي پوڄا مَس شروع ٿي آهي ته راڪاس ڀوت بنجي ۽ ڳاڙهن ڪڪرن جو روپ ڌاري، اَگنيءَ ديوتا جي چوڌاري لامارا ڏيڻ لڳا آهن، ۽ طرح طرح سان ستائڻ شروع ڪيو اٿن!

راجا – جوڳيو، گهٻرايو نه، اِجهو آيس!

(وڃي ٿو)


(1)  انهيءَ ڳالهه جو نالو (ڪش) هوندو آهي، مقدس سمجهيو ويندو آهي.

(1)  سنسڪرت جا شاعر، پنهنجي شعر ۾ ڌرتيءَ کي راجا جي راڻي استعمال ڪندا آهن.

(1)  ”گانڌرو“ شاديءَ جا ڪيترائي قسم آهن؛ جن مان هڪڙو هيءُ به آهي ته زال مڙس فقط پنهنجي مرضيءَ سان شادي رچائيندا آهن، شاهدن جي ڪا ضرورت نه سمجهي ويندي آهي ۽ شاسترن ان کي جائز سڏيو آهي.

(2)  ساهيڙين جو شڪنتلا کي هوشيار ڪرڻ لاءِ اشارو ته ڪو اچي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هندو شاعريءَ جو هڪ خاص مضمون، رات جي وقت چڪور ۽ چڪوريءَ جي جدائيءَ بابت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com