رشيد لاشاري صاحب جي هن ترجمي کي، بورڊ جي استدعا تي، مرحوم
مغفور جناب ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن مفصل طرح نظر
مان ڪڍيو ۽ ان جي تصحيح ڪئي.
پيش لفظ
ڪاليداس جي ڪتاب جو هيءُ ”ناٽڪ“ هندستاني اَدب جو هڪ املهه هيرو
آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن سروليم جو
نس اُن جو ترجمو انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيو، تڏهن يورپ
جي ادبي حقلن ۾ هڪدم ان جي هاڪ پئجي ويئي، ۽ ان کي
جيتريقدر مقبوليت حاصل ٿي، تنهن جو درجو عمر
”خيام“ جي رباعين کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هو.
مغربي ملڪن جي سڀني ٻولين کي ته ڇڏيو، پر دنيا جي
ڪن خانه بدوشن جي ٻولين ۾ به ان جا ترجما شايع
ٿيا. ”گوئٽي“ جهڙي اديب به اُن جو دل کولي داد
ڏنو. ”گوتير“ جڳ مشهور شاعر فرانسيسي ٻوليءَ ۾ اُن
جي شرح لکي. هينئر، ”هئمليٽ“ ۽ ”فائوسٽ“ سان گڏ،
هن جو شمار به دُنيا جي بهترين ناٽڪن ۾ ٿئي ٿو.
خود هندستان ۾ ”شڪنتلا“ پنهنجي مثال جي هڪ بهترين ادبي تخليق
شمار ٿئي ٿي. سنسڪرت جا ڄاڻو ان جا خاص شيدائي
آهن. ملڪ جي سڀني ادبي ٻولين ۾ ان جا ترجما ٿي چڪا
آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ اِنهيءَ سلسلي جو ٽيون
ڪتاب آهي، جن مان پهريون آهي ”شڪنتلا“ مترجم مرزا
قليچ بيگ، جنهن ۾ هن صاحب خالي قصي جو پلاٽ وٺي،
ان کي پنهنجي لفظن ۾ لکيو آهي، ۽ ٻيو ”شڪنتلا“ -
مترجم ڪلياڻ آڏواڻي، جنهن ۾ هن صاحب گهڻي ڀاڱي ان
جو لفظي ترجمو ڪيو آهي.
اسان پنهنجي ترجمي وقت ”شڪنتلا“- مترجم سيد ”اختر“ رائپوري،
شايع ڪيل انجمن ترقي اُردو(هند)، نئين دهلي، به
سامهون رکيو آهي. ”شڪنتلا“ جو اهو ترجمو جناب سيد
حسام الدين شاه راشديءَ وٽان عنايت ٿيو، ۽ انهيءَ
کي ئي پنهنجي ترجمي جو ماخذ بنائي، ٻين ترجمن تان
اِستفادو حاصل ڪيو ويو. پر ڪتاب ۾ جيڪي نامناسب
عربي ۽ فارسي لفظن جون اِضافتون ۽ ترڪيبون ڪيون
هيون، تن کان هر حالت ۾ پاسو ڪيو ويو آهي ۽ ترجمي
کي پنهنجي اَصليت تي قائم رکي، نج سنڌي لفظن ۽
محاورن جو روپ ڍڪايو ويو آهيٖ- جو پڙهندڙن جي
اڳيان پاڻمرادو ظاهر ٿيندو.
تنهن کان سواءِ مون لاءِ اِها نهايت خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي،
جو سنڌي ادبي بورڊ هن ترجمي جو سڄو مسودو سنڌي
ٻوليءَ جي عظيم محسن، مرحوم مغفور شمس العلماءُ
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر
صاحب مرحوم، هيءُ سڄو ڪتاب مُنڍ کان وٺي، پڇاڙيءَ
تائين، سنسڪرت جي اصل نسخي سان لفظ بلفظ ڀيٽي ڏٺو،
۽ هر طرح اُن جي جوڳي اصلاح ڪئي، جنهن لاءِ آءٌ
پنهنجي مشفق ۽ محترم مربّيءَ ڊاڪٽر صاحب مرحوم جو
احسان وساري ئي نٿو سگهان.
ڪراچي، 5 ڊسمبر، 1958ع. – رشيد لاشاري
مصنف جو تعارف
نهايت افسوس آهي، جو اُهو شخص، جنهن کي نه رڳو سندس هم وطن
شاعرن جو سرتاج ليکيو وڃي؛ پر سندس اُستاديءَ جو
ذڪر به ننڍي وڏي جي زبان تي چڙهيل هجي، تنهن شخص
جي حياتيءَ جو احوال، زماني جي گردش سبب، اهڙو
غائب ٿي وڃي، جو ڪٿي به نظر نه اچي! جيتوڻيڪ
يوروپي محققن ۽ هندو پارکن جون اَڻ ٿڪ ڪوششون ۽
محنتون، دنيا جي ڪاليداس کي، سنه 300ع قبل مسيح
کان وٺي سنه 600ع تائين، ڳولينديون رهيون، تڏهن به
سندس خاطر خواه احوال معلوم نه ٿي سگهيو. ڇا اِها
حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته جنهن شخص جي عالمگير
تصنيف، سڄي دنيا جي خشڪ تحريري رستن تي، اهڙا
جٽادار قدمن جا نشان ڇڏيا هجن، جو اُهي مٽجڻ سان
به نه مٽجن، تنهن جي ڳولا ۾ وڏا وڏا محقق، اٽڪل
هزار سالن جي سفر ڪرڻ جي باوجود ڪاميابيءَ جي صورت
نه ڏسي سگهن!
خود ڪاليداس جي تصنيفن منجهان ڇا ٿو معلوم ٿئي؟ ڪاليداس جي
تصنيفن منجهان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته هو ذات جو
برهمڻ هو. جيتوڻيڪ شو – پنٿي نه هو، پر ”شِو“ کي
گهڻو مڃيندو هو. کيس سير ۽ سفر جو ڏاڍو شوق هو، ۽
خاص ڪري اُتر هندوستان ۾ گهڻو گهميو- ڇاڪاڻ ته
ڊاڪٽر ڀائوواجي جي چوڻ موجب رڳو اهو ئي هڪڙو شاعر
آهي، جنهن زعفران جي گل جي جيئري جاڳندي تصوير ڪڍي
آهي، ۽ ظاهر آهي ته زعفران ڪشمير ۾ ٿئي ٿو. هن
پنهنجي قلم جي زور سان هماليه جبل جو منظر به ڏاڍي
سهڻي نموني ۾ پيش ڪيو آهي، ۽ اُتان جو اکين ڏٺل
احوال ڏنو اٿس. ظاهريءَ طرح هو سير سان گڏ شڪار جو
به ڏاڍوشوقين ٿو ڏسڻ ۾ اَچي. ڇاڪاڻ ته هڪ شڪاريءَ
جي تندرستي، ۽ شڪار جا فائدا ڏاڍي جوش سان بيان
ڪيا اٿس. جيتوڻيڪ سندس دل جو لاڙو عيش پرستيءَ
ڏانهن هو، پر تنهن هوندي به هو عياش نه هو - ۽
اِهو رڳو ڪن بي بنياد روايتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي –
ڇاڪاڻ ته ڪو به عياش، عشق ۽ اَخلاق جي جذبات جي
ايڏي بلنديءَ تي ڪڏهن به پهچي نٿو سگهي! جيتوڻيڪ
ڪاليداس جي خيالن موجب عورتن جي ڪا گهٽ عزت ڪانهي،
پر ”شڪنتلا“ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو
عشقبازيءَ جي شادين جو ڪڏهن به طرفدار نه هو. تنهن
کانسواءِ سندس تصنيفن منجهان اِهو به معلوم ٿئي ٿو
ته کيس ويدن جي علم جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي،
”اُپنيشڌ“، ”ڀڳوت گيتا“، ”پران جي فلسفي“،
”سانکئي“، ”يوک“ ۽ ”ويدانت“ مان به گهڻو واقف هو ۽
اُن سان گڏ طب ۽ نجوم جي علمن تي به دسترسي هيس.
مطلب ته تحقيقات جي جفاڪشي ۽ عقل جي رسائي اِنهيءَ کان وڌيڪ
ڪجهه به معلوم نه ڪري سگهي آهي، ۽ اهي ئي ٻٽي
واقعا آهن، جن کي ٿورو گهڻو يقين سان ڪاليداس
ڏانهن مَنسوب ڪري سگهجي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ ڪاليداس
جو ڪو به اهڙو خاطريءَ جهڙو احوال ملي نٿو سگهي.
ڪاليداس جون تصنيفون: هونءَ ته ڪاليداس ڏانهن سڄا سارا سورهن
ڪتاب منسوب ڪيا وڃن ٿا، پر اُنهن منجهان هيٺيان ست
ڪتاب اهڙا آهن، جن کي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڪاليداس
جي تصنيف چئي سگهجي ٿو (1) ”رتو سنڀا“ (موسمن جو
احوال)، (2) ”ڪمار سنڀو“ (جنگ جي ديوتا ڪارتڪيا جي
ڄمڻ جو احوال)، (3)”رگهوونش“ (راگهو گهراڻي جي
تاريخ)، (4) ”ميگهه دوت“ (جنهن ۾ هڪ وڇوڙي جو
ماريل قيدي، ڪڪر ڪڪر کي پنهنجي محبت جو قاصد بنائي
موڪلي ٿو)، (5) ”شڪنتلا“ (مشهور ڊراما، جو تعريف
ڪرڻ کان بي نياز آهي)، (6) ”وڪرم اَروسي“ (هڪ ٻيو
مشهور ڊراما)، (7) ”مالوي ڪا گني متر“، جو پڻ هڪ
مشهور ڊراما آهي، جنهن ۾ چار مثنويون آهن، ۽ اُنهن
مان پويون ٽي ڊراما جي صورت ۾ لکيل آهن.
ڪاليداس جي شاعريِ: هينئر اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪاليداس جي
ڪلام ۾ اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن سندس نالو دنيا
جي مشهور شاعرن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي؟
اِنهيءَ سوال جو جواب اُهي ماڻهو چڱيءَ طرح ڏيئي
سگهن ٿا، جيڪي سنسڪرت ٻوليءَ جا چڱيءَ طرح ڄاڻو
آهن. پر انهيءَ جي باوجود، ايترو اسين به چئي
سگهون ٿا ته سڄي دنيا جا عالم ۽ محقق اِنهيءَ
ڳالهه تي متفق آهن ته ڪاليداس اوائل کان مصور جي
نظر، شاعر جو دماغ ۽ نقاش جو هٿ پاڻ سان گڏ کڻي
آيو هو. سندس عالمگير نگاهن ۾، نه رڳو انساني فطرت
جي ڳُجهن رازن کي ظاهر ڪرڻ جي طاقت موجود هئي، پر
سندس حافظي ۾ به خيالن جو اعليٰ خزانو جمع ٿيل هو.
تخيل جي بيچين جدت طرازي سندس ذهن جي سامهون نيون
نيون صورتون پيش ڪندي هئي، ۽ سندس بيان جو زور کين
اڃا به دلفريب زيورن سان سينگاري، ظهور جي عالم ۾
آڻيندو هو. ڄڻ ته ڪاليداس جي نظر ڪيميرا، سندس
دماغ پليٽ، ۽ هٿ فوٽوگرافر هئا، جنهن جي ڪري سندس
فڪر بلڪل بلند، ۽ خيال تمام اوچا هئا، ۽ سندس دل
تي واقعن جو ايڏو ته گهرو اَثر ٿيندو هو، جو غم ۽
خوشيءَ جا سڀ جذبا، ڪاريءَ مَس وانگر سندس واردات
جي ڪاپيءَ تي نقش ٿي ويندا هئا.
ڪاليداس جي بيان جي طرز تمام سادي آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪلام ۾
صنائع و بدائع تمام گهڻو آهي، پر تنهن هوندي به
منجهس ”آورد“ جو نالو نشان به ڪونهي. هو خاص ڪري
تشبيهه جو شهنشاهه ڪري ليکيو وڃي ٿو، ۽ فڪر جي
بلند پروازيءَ ۽ نازڪ خياليءَ ۾، کيس ٻين شاعرن تي
فوقيت حاصل آهي.
مکيه اشارا
سڀ ڪنهن سنسڪرت ڊراما جي شروعات ”حمد“ سان ٿيندي آهي، جنهن کي
ڊراما جي اِصطلاح ۾ ”ناندي“ چوندا آهن. ۽ ڪو برهمڻ
اِسٽيج تي اچي، اُها ”ناندي“ پڙهڻ شروع ڪندو آهي.
”ناندي“ پڙهڻ کان پوءِ، اسٽيج ڊائريڪٽر(هدايتڪار) اسٽيج تي
ايندو آهي. جنهن کي سنسڪرت ۾ ”سوترڌار“ چوندا آهن.
اُهو سوترڌار پنهنجي ”نٽن“ يعني ائڪٽرن (اداڪارن)
کي اهو ٻڌائيندو آهي ته ”اڄ اسان کي فلاڻو کيل ڪري
ڏيکارڻو آهي.“ ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گفتگوءَ جي
دوران ۾ تماشبينن کي به ڊراما جي ايندڙ چهچٽي کان
واقف ڪندو آهي – جنهن کي سڄي ڊراما جي تمهيد سمجهڻ
گهرجي.
سنسڪرت جي ناٽڪن ۾ ”ائڪٽ“ يعني ”انڪ“ ٿيندا آهن، پر اُنهن کي
مغربي ڊرامن وانگر گهڻن منظرن يا چهچٽن ۾ نه
ورهايو ويندو آهي، ۽ هڪڙي ئي ائڪٽ ۾ هڪٻئي پٺيان
منظرن جا منظر ڏيکاريا ويندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته
جاءِ ۽ وقت جو به خيال نه رکيو ويندو آهي. البته
ٻن ائڪٽن جي وچ ۾ لاڳاپي قائم ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن
نئين ائڪٽ جي شروعات ۾، هڪ ننڍڙو تمهيدي منظر پيش
ڪيو ويندو آهي؛ جنهن کي ”وشڪمڀڪ“ يا ”پرويشڪ“
چوندا آهن.
عبارت ۾ جتي ڏنگين اندر (پاڻ) لکيل آهي، تنهن مان اها مراد
سمجهڻ گهرجي ته ڪردار پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو
آهي، ۽ ٻئي ڪنهن کي چئي نٿو ٻڌائي. اهڙيءَ ريت
ڏنگين ۾ جتي (بلند آواز سان) لکيل آهي، تنهن مان
اهو مطلب نڪري ٿو ته ڪردار جو پنهنجو پاڻ سان
ڳالهائڻ ختم ٿي چڪو ۽ هينئر هو پنهنجن ٻين افرادن
سان مخاطب ٿي رهيو آهي. انگريزيءَ ۾ انهيءَ کي
اسائيڊ (Aside)
يا الائوڊ (Aloud)
چوندا آهن. جيڪڏهن ڏنگين ۾ (جدا) لکيل هجي، ته
اُنهيءَ منجهان اِئين سمجهڻ گهرجي ته ڪردار مجلس ۾
حاضر ماڻهن منجهان ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي ڪن ۾ ڪجهه
چئي رهيو آهي.
ڏنگين ۾ جتي (پردي پٺيان) لکيل آهي، تنهن مان اِها مراد وٺڻ
گهرجي ته پري کان ڪو آواز اچي رهيو آهي.
پرانڪ تلميحون
هِن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙيون تلميحون اچي ويون آهن، جن جو لاڳاپو
هندن جي جهونن قصن سان آهي. ۽ اهڙن هنڌن لاءِ متن
۾ خاص نشان ڪيا ويا آهن. اُنهن سڀني تلميحن جو
مطلب سلسليوار هيٺ بيان ڪجي ٿو.
1- ”پاروتي“ پنهنجي پيءُ ”وڪڇ“ جي مرضيءَ جي برخلاف ”شوجي“ سان
شادي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي ڪري ناٺيءَ ۽ سهري جي
وچ ۾ سدائين ڇڪتاڻ لڳي پيئي هوندي هئي. هڪڙي ڀيري،
وڪڇ جي گهر ”يگيه“ جي دعوت ٿي، جنهن ۾، شوجيءَ کان
سواءِ، ٻين سڀني وڏن ماڻهن کي گهرايو ويو. مجلس ۾
وڪڇ پنهنجي ڌيءُ پاروتيءَ جي سامهون شوجيءَ کي
تمام گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن جو پاروتيءَ تي ايڏو
اثر ٿيو، جو اوڏيءَ مهل يوگ ساڌي، تن – تج ڏنائين.
شوجيءَ کي جڏهن اِها خبر پيئي، تڏهن هڪدم ڊوڙندو
آيو ۽ وڪڇ کي ماري وڌائين، ۽ سندس مهمانن کي به
خوب ماري ڪُٽي ٻاهر هڪالي ڇڏيائين. ويچارو ”يگيه“،
هرڻ جو روپ وٺي، اُٿي ڀڳو، ۽ شوجي به تير ڪمان کڻي
سندس پٺيان ڊوڙيو.
2 – ”يياتي“ ۽ ”سرمشٺا“ جو سورهيه پٽ، جو هڪ وڏو مشهور ۽ ناليرو
راجا ٿي گذريو آهي.
3- چوندا آهن ته ڪنهن زماني ۾ جڏهن ”سند“ ۽ ”اپسند“ نالي ٻن
راڪاسن ديوتائن کي ڏاڍو تنگ ڪيو، تڏهن برهما اُنهن
کي چَٽ ڪرڻ لاءِ هڪڙي زال پيدا ڪئي، جنهن جو نالو
هو ”تلوتما“. چوندا آهن ته اڄ تائين اهڙي سهڻي زال
پيدا نه ٿي آهي. اُنهيءَ عورت کي ”لڇميءَ جو
پهريون اوتار“ به سمجهيو وڃي ٿو.
4- هندن جي جهوني قاعدي موجب، سڀ ڪنهن نموني جي اُپت جي ڇهين
حصي تي راجا جو حق سمجهيو ويندو هو.
5 – ڪنهن زماني ۾ ”ٻَلي“ نالي هڪ راجا هو، جنهن ديوتائن جو جيئڻ
وِهه ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هن جو ظلم حد جو ليڪو
لنگهي ويو، تڏهن وشنو ڀڳوان کيس سزا ڏيڻ جو پَڪو
ارادو ڪيو. ٻَليءَ کي پنهنجي سخاوت تي ناز هو، ۽
سندس دروازي تان ڪو به سوالي خالي – هٿين نه
موٽندو هو. وشنو ڇا ڪيو، جو هڪڙي بِندري ماڻهوءَ
جو روپ ڌاريائين، ۽ ٻَليءَ کان اچي ٽن وکن جيتريءَ
زمين جو سوال ڪيائين. ٻَليءَ اِها ڳالهه وڏي
خوشيءَ سان قبول ڪئي. وشنو پنهنجي هڪڙيءَ وک سان
ڌرتيءَ، ٻيءَ سان آسمان، ٽينءَ سان پاتار کي ماپي
ڏيکاريو، جنهن جي ڪري ٻَليءَ جي رهڻ لاءِ ڪٿي به
جڳهه نه رهي. آسمان کي ماپڻ وقت، وشنو جو قدم
سُمير جبل تي هو، جتان هينئر چنڊ نڪري ٿو.
6-آڳاٽي زماني ۾، پُرو جي پيءُ ماءُ، پياتي ۽
سرمشٺا، جو پيار تمام گهڻو مشهور هو.
7-قديم هندن جي ”حياتيءَ جي قاعدن“ موجب گرهست (دنيا دار)
ماڻهوءَ جي لاءِ ضرور هو ته هو ڪنهن خاص ڪم جي حد
تائين پهچي، دنيا کي ترڪ ڪري، ۽ پوءِ جهنگن ۾ رهي،
پوڄا پاٽ اندر پنهنجي حياتيءَ جو رهيل حصو پورو
ڪري ڇڏي.
8- پُرانن ۾ آيو آهي ته زمين جو سڄو بار ”نانگن جي راجا“ جي مٿي
تي رکيل آهي، ۽ اُن جو نالو ”شيش نانگ“ آهي. سندس
ڦڻن جو تعداد هڪ هزار آهي، جن تي وشنو ڀڳوان آرام
ڪري ٿو. عام هندن جو عقيدو آهي ته جڏهن ”شيش نانگ“
پنهنجو مٿو ڌوڻيندو آهي، تڏهن ڌرتيءَ ۾ زلزلو
ايندو آهي.
9 –”هرنيه ڪشيپ“ نالي راڪاس کي شوجيءَ دعا ڪئي هئي ته ”هو ڪنهن
به ماڻهوءَ، هٿيار يا بيماريءَ جي وسيلي نه مري
سگهندو.“ پر جيئن ته هن ديوتائن کي تمام گهڻو تنگ
ڪيو، تنهنڪري سندس پٽ، ”پرهلاد“، کانئس باغي ٿي
ويو ۽ کيس ڀڳوان مڃڻ کان انڪار ڪيائين. هرنيه ڪشيپ
جڏهن اُن کي مارڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن وشنو ڀڳوان،
هڪڙي عجيب نموني جي جانور جو روپ وٺي، اچي حاضر
ٿيوِ ۽ پنهنجن تِکن نَنهن سان سندس پيٽ ڦاڙي، کيس
اُڦٽ ماري وڌائين. اهڙيءَ طرح شوجيءَ جي دعا به رد
نه ٿي، ۽ هرنيه ڪشيپ به مارجي ويو.
10-سرڳ (بهشت) جو هڪ وڻِ جنهن کي ”اُميدن جو وڻ“ به چوڻ گهرجي،
ان جي ڇانءَ هيٺ ويهڻ سان، دل ۾ جيڪي ارادو ڪيو
آهي، سو هڪدم پورو ٿي ويندو آهي.
11- ڏسو تلميح نمبر 5.
12- هندو- تمثيل نگاريءَ جو ايجاد ڪندڙ، ”ڀرت رشي“ آهيِ ۽
”نياءُ شاستر“ يعني ”علم منطق“۾ اُنهيءَ ڏانهن
منسوب ڪيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سنسڪرت جو
هر تمثيل نگار پنهنجي ڪتاب جو خاتمو سندس نالي سان
ڪندو آهي. |