سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حريص پتلو عرف وفا جي ديوي

ڊراپ ٽيون

صفحو :6

ڊراپ ٽيون

پردو ٽيون (محل مهلقا)

(مهلقا ۽ سهيلين جو بيٺل نظر اچڻ)

 

ناچ ۽ گانو سهيليون:

ميڏي حال دا محرم ڍوليا،

ميڏا سدا پرديسي ڍوليا.

ميڏا يار دلدار سدا سوهڻا،

ميڏا سدا پرديسي ڍوليا.

ميڏا لاڏلا دادلا موهڻا،

ميڏا سدا پرديسي ڍوليا.

آوين ڳل لاوين سدا سانولا،

ميڏا سدا پرديسي ڍوليا.

سهيلي نمبر1: (ٻين سهيلين ڏانهن مخاطب ٿي) اسان جي بانو ته بلڪل بدلجي ويئي آهي.

سهيلي نمبر 2: مان ته کيس ضرور ڇيڙينديس.

سهيلي نمبر 3: بانو ويچاريءَ جو چهرو زرد آ.

مهلقا: (وڌي اچي) آه!

سهيلي نمبر 1: ڪجهه ٻڌاءِ ته سهي؟

مهلقا: بس ڇڏيو.

سهيلي نمبر 2: ڪجهه فرماءِ ته سهي؟

مهلقا: نه ستايو.

سهيلي نمبر 1: چئُه اُلفت جي نالي تي بگڙڻ ڪٿ رهيو؟

سهيلي نمبر 2: رُسڻ ۽ وڙهڻ ڪٿ رهيو؟

سهيلي نمبر 1:

ڇا هت ۽ اُلفت سان جا هئي عداوت سا رهي ڪٿي

مردن کان هئي جا نفرت سا رهي ڪٿي؟

مهلقا: هئه پر ڪاش! مان تنهن کي سيني سان لڳايان.

هيءَ درد نهان جنهن جي فرقت جي نشاني آ.

(آمد ڪريم فقير جي پوشاڪ ۾ ونگ وٽ بيهڻ، پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

ڪريم: واه، خوب سُجهي، هاڻي مهلقا کي ڪنهن طرح جهنگل ۾ وٺي وڃان، اُتي سندس نڪاح نثار سان پڙهايان. ٻچا ڪريم هاڻي پنهنجي پوري ڪرامت ڏيکار.

(ڪريم جو سهيلين ڏانهن وڌڻ)

سهيلي نمبر 1: اڙي باندر تون ڪير آهين، ڇو آيو آهين اندر؟

ڪريم: دما دم قلندر، حال مڇندر، ٻاهر اندر، فقير ڄاڻي انتر منتر، ٻاهر اندر، سات سمندر پار ڪري، سَکڻا زردار ڪري، فخر سڪندر، مست قلندر.

سهيلي نمبر 1: ماريا دُهل! هيءُ گهر ڪو جهنگل سمجهيو اٿئي يا مندر؟

ڪريم: اڙي ڀڳل ٽم ٽم، توکي خبر نه آهي ته فقير ڪير آهي! فقير جي حڪم سان هوا ۾ جهاز هلن ٿا، سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ نڪرن ٿا، فقير جي دعا سان سُنڍ عورت کي ٻار پيدا ٿين ٿا. مطلب ته پٿر آب ٿئي ٿو، جو چاهي فقير، سو جناب ٿئي ٿو!

سهيلي نمبر 2: بس ڪر مئا ڪراڙا شرير.

ڪريم: چپ رهه، عثماني هريڙ.

سهيلي نمبر 1: عجب آيو آ ڪو نامعقول.

مهلقا: بس، شور ڇڏيو، اي سائين بابا، الله وارا!

ڪريم: (آسمان ڏانهن نهاري).

مئي چن چن محل بنايا، لوڪ ڪَهي گهرُ ميرا،

نا گهر ميرا، نا گهر تيرا، چڙيا رين بسيرا!

الله ڪي پياري، تيري ننگر مين بولتا ڪونه هئي؟

مهلقا: ذرو شڪ نه آ، پورو خدا رسيده فقير آ.

اي حضرت، سائينءَ جو نالو؟

ڪريم: ٻچا، نانءُ ته الله جو آهي، مگر هن مٽيءَ جي مُٺ جو نالو ’چمپت بابا غائب غلا‘ آهي.

مهلقا: هندو يا مسلمان؟

ڪريم: اڌ هندو اڌ مسلمان، ڏينهن جو يهودي رات جو ڪرستان، اڌ مساڻ اڌ قبرستان.

مهلقا: آخر پورو مذهب؟

ڪريم: پورو مذهب، رڪابيه و مانيه.

مهلقا: انهيءَ مذهب جا اصول؟

ڪريم: اصول پهريون آڻ پليٽ، اُصول ٻيو ڀر پيٽ، اُصول ٽيون سهيڙ سميٽ ۽ چوٿون اصول ڪو ليٽ پيٽ.

مهلقا: اهو ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو؟

ڪريم: ٻچا، فقير جا اِهي ٽوپا ڳوڙهي ڳالهه آ، جنهن جو سمجهڻ محال آ.

مهلقا: سائين بابا، ڪا مهرَ ڪر. اهڙي تجويز ٻڌاءِ، جنهن سان منهنجي مَن جي مراد ترت پوري ٿئي.

ڪريم اڙي ڇوڪري، مان ڄاڻان ٿو. جنهن ڳالهه جو توکي غم آ، پر رک يقين ته انهيءَ غم جو عرصو ڪم آ. خير، هينئر وڃ ۽ ڪڍ هڪ نئين ريشمي شال، وجهه انهيءَ ۾ پنج سئو ريوڙيون ۽ ڪجهه مڱن جي دال. پوءِ ڪڍ صدقو موجب چوڻ فقير، ڏس پوءِ رنگ رنگيءَ جا.

(ايگزٽ مهلقا)

سهيلي نمبر 1: سائين داتا، مون تي به ڪا ڪر ڪرپا، منهنجي وڇڙيل مڙس جو پتو ٻڌاءِ.

ڪريم: تنهنجو مڙس ٻئي جهان جي ٽڪيٽ وٺي روانو ٿي ويو آهي، سندس ايڊريس موجود نه آهي.

سهيلي نمبر 1: هاءِ هاءِ! ڇا ۾ ويو. مان ته برباد ٿي ويس هاڻي ڇا ٿيندو!

ڪريم: ٻچا، فڪر نه ڪر، ٻيو ملي پوندو.

(مهلقا جو شال وغيره آڻڻ ۽ فقير کي ڏيڻ)

مهلقا: يا حضرت، هيءَ آهي شال ۽ اُن ۾ گهريل مال. (ڪريم وٺي ٿو)، وڃ ٻچا، تنهنجو ڪارج ٿيندو. اڄ رات باغ جي پويان ڪالي ماتا جي آستان تي اچجانءِ. فقير سڳو_ ڌاڳو ڏيندو، سو وٺي وڃجانءِ.

مهلقا: درويش، مان ته اتي اچي نه سگهنديس.

ڪريم: مائي صاحبه، مان به ڪالي ماتا جو آسن هت آڻي ڪونه سگهندس.

مهلقا: مگر مان اڪيلي ڪيئن اينديس.

ڪريم: چڱو ٻچا، ٻه سهيليون پاڻ ساڻ آڻج. وڃ، نادر تنهنجا ڪارج ڪندو. ڀلا هو، بابو ڀلا! سخي ڪا بول بالا! ڪنجوس ڪا مونهه ڪالا، مست قلندر!

مست قلندر! جهنگل اندر، منگل اندر، مست قلندر!

(ايگزٽ ڪريم: مهلقا ۽ سهيليون)

_ پردي جو چڙهڻ_

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو ٽيون

(پويون جهنگل، ڪاليءَ جو مندر، آمد فيروز سپاهيءَ سان)

فيروز جو گانو:

اي ماه جبين ڇڏ ظلم و ستم،

توکي پنهنجي آ پيارا ادا جو قسم؛

اي شاهه حسن، ڏِسُ مُرڪ کڻي،

توکي منهنجي پرين آ صدا جو قسم.

اي محب مٺا اڄ نالي خدا،

ڪيان جان هي توتان مال فدا؛

ٿي ڪين خفا ڇڏ شرم و حيا،

توکي پنهنجي پرين آ حيا جو قسم.

تنهنجا چشم صنمِ هِن چشم بقا،

پڪ پاڪ دَهن جي آب شفا؛

پي آب شفا بيمار بچا،

مون کي سهڻا تنهنجي ثنا جو قسم.

تنهنجي تيغ جورو ظلم و ستم،

مون کي تنهنجو قسم آ ابرِ ڪرم،

ڪر جلد روان ڪر جلد صنم،

توکي عاشق جي ته رضا جو قسم.

نڪو درد ’عليگ‘ دلگير ڪيو،

نڪي هجر فراق زهير ڪيو؛

هڪ تيرِ نظر دل هير ڪيو،

مون کي جانان تنهنجي جفا جو قسم.

فيروز: اي بهادر سپاهي، مون کي معلوم ٿيو آهي ته ڪريم مهلقا کي هن جهنگل ۾ آڻيندو ۽ نثار سان زبردستي سندس شادي ڪرائيندو. جيڪڏهن هن جي مدد نه ڪبي ته هوءَ قتل ڪئي ويندي. مان سندس امداد لاءِ ترسان ٿو، تون ڪريم کي هت پهچڻ کان اول، ڦاسائي مون وٽ حاضر ڪر.

(فيروز جو لڪي بيهڻ، سپاهيءَ جو وڃڻ، آمد نثار جي ۽ سندس ونگ ۾ لڪي بيهڻ ۽ آمد مهلقا)

نثار: (ظاهر ٿي) مهلقا، ڏس، هيڏي ڏس!

(مهلقا جو عجب مان ڏسڻ) هيءُ هڪ بيابان آ، بلڪ سنسان آ، رات اڌ کان زياده گذري چڪي آهي، سواءِ قدرت جي ساري دنيا گويا مري چڪي آهي ۽ تون عورت آهين.

مهلقا: بيشڪ.

نثار: جيڪڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ خنجر آبدار هجي.

مهلقا: يا الله!

نثار: ۽ تنهنجي خون ڪرڻ لاءِ تيار هجي؟

مهلقا: او خدا!

نثار: خاموش، ٻُڌ! جيڪڏهن هن جاءِ تي توکي خون ڪرڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي، ته تولاءِ پنهنجي حفاظت دشوار آ.

مهلقا: خدا جي مدد درڪار آ.

نثار: خدا! خدا! خدا ڇا آهي؟ ٽن اکرن خ_ د_ الف جو مجموعو، اِهو ٽه_ اکري اسم جنهن جي هستي ڪنهن جي ڏٺل نه آهي، ڇا تنهنجي مدد ڪري سگهندو؟ هن خنجر جو هڪ وار تنهنجي روح کي توکان جدا ڪندو، تنهنجي لاش کي جهنگلي جانورن جي خوراڪ لاءِ مهيا ڪندو.

مهلقا: مون کي تنهنجي انهن ڳالهين مان خوف ٿئي ٿو.

نثار: بيشڪ ٿيڻ گهرجي، تو تي خطرو حائل آ.

مهلقا: مگر منهنجو پنهنجي خدا ۾ يقين ڪامل آ، هن جي مدد بيواهن سان هردم شامل آ، مگر منهنجا پيارا ڀاءُ نثار مون تي رحم ڪر_ رحم!

نثار: هڪ شرط سان.

مهلقا: اُهو ڪهڙو شرط آ؟

نثار: مون کي پيار ڪر.

مهلقا: مون کي تون پيارو آهين، شاهد خدا آهي.

نثار: مگر ڪهڙي طرح.

مهلقا: جهڙيءَ طرح هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي پيار ڪندي آهي.

نثار: بس، خاموش! مون کي اهڙي پيار جي ضرورت ڪانه آهي. جيڪڏهن پنهنجي موجوده حالت کان آگاهه آهين، زندگي پياري اٿئي، ته مون کي پنهنجي خداوند وانگر پيار ڪرڻ لاءِ تيار ٿيءُ.

مهلقا: ڇا تون منهنجي عصمت جي بربادي چاهين ٿو؟

نثار: نه، هرگز نه. صرف عزت، محبت ۽ شادي.

مهلقا: هٿ، دور ٿيءُ! ظالم مون کي وڃڻ ڏي، ڇا جنهن ظالم جي هٿن پنهنجي پيءُ جو خون ڪيو، تنهن قاتل سان محبت ڪريان، پيار ڪريان، نڪاح ۽ شادي جي بيعزتي ڪريان! هرگز نه.

نثار: مهلقا ضد بيسود آ، شاهدَ ۽ قاضي موجود آ، اگر انڪار ٿيندو ته هيءُ خنجر تنهنجي جگر مان پار ٿيندو.

مهلقا: موت برحق آ.

نثار: ياد رک! مان ضحاڪ هان، ظلم و جبر ۾.

مهلقا: جبر جو توکي نتيجو آخر ته ملندو قبر ۾.

نثار: سوچ، آهين پنهنجي قضا جي اڳيان.

مهلقا: دست بسته آ قضا به منهنجي خدا جي اڳيان.

نثار: مِٽائيندس مان توکي هيچ تون آ. هيچ تنهنجي خدا پرستي آ.

مهلقا: خدا چاهيو ته مٽبين تون، آن ڇا تون، ڇا تنهنجي هستي آ.

نثار: غور ڪر، بجلي هيءَ منهنجي ڪينو آ.

مهلقا: مرد ٿي وار ڪري عورت تي سو ڪميڻو آ.

نثار: بس، اگر شادي کان آ انڪار، ته دنيا ۾ رهڻ تنهنجو آ دشوار.

مهلقا: او خدا، او خدا، منهنجي مدد ڪر!

نثار: ختم ڪر روڄ يا اقرار ڪر.

(نثار جو مهلقا کي زمين تي اُڇلڻ ۽ وار ڪرڻ، فيروز جو ظاهر ٿيڻ)

فيروز: بس، روڪ هٿ، اُڇل خنجر پنهنجو،

تعميل ڪر حڪم جي پيارو اٿئي جي سر پنهنجو.

نثار: (ڇرڪ ڀري)

ڪوئي شداد جو ثاني فرعون آن تون!

لقمئه شيرِ قضا جلدي ٻڌاءِ ڪير آ تون؟

فيروز: دوزخ جو زلزلو هان، عذابِ خدا هان مون تو لئي بلا هان سزا هان مون.

نثار: دور ٿي، ڇا حياتيءَ کان بيزار آن، موت جو طلبگار آن.

فيروز: بس_ بس_ ڇڏ لساني.

نثار: مگر تنهنجو هن عورت سان سروڪار، ڇا تون هن جو عزيز آن يا رشتيدار؟

فيروز: بيشڪ آهيان.

نثار: جيڪڏهين تون عقلمند هجين ها ته پرائيءَ باهه ۾ نه پوين ها!

فيروز: جيڪڏهين تون مرد هجين ها ته هڪ عورت کي هن طرح نه ستائين ها!

نثار: بند ڪر تقرير، ملامت نه هر بار ڪر، وڌاءِ قدم، ڪرڻو اٿيئي ته وار ڪر.

(نثار جو فيروز تي حملو ڪرڻ، فيروز جو پستول ڪڍي ڏيکارڻ، نثار جو ڊڄڻ، مهلقا جو فيروز جي آڙ ۾ بيهڻ، نثار جي هٿ مان خنجر جو ڪِري پوڻ، پردي جو ڪرڻ).

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو چوٿون (رستو)

(ڪريم جو ڀڄندو اچڻ)

 

ڪريم: شڪر ٿيو جو بگهڙن جي چنبن کان ڇٽس. اڄ تائين جيڪي نيڪيون ڪيون هومَ سي ڪم آيم. (دم کڻڻ) لاحول ولا، هنن گڏهن شايد مون کي صدقي جو ٻڪرو سمجهيو هو. خير وري به ٿڙندي، ٿاٻڙندي، رڙهندي، ڪِرندي هت اچي پهتم. جان بچي، لک ٿيو. (آمد سپاهي).

سپاهي: خبردار!

ڪريم: اڙي تون وري هت به نابڪار. سلامتي چاهين ته هتان هڪدم ٿي فرار.

سپاهي: توکي زندگي آ درڪار يا موت لاءِ آن تيار؟

ڪريم: اشراف جا ٻار زبان سنڀال (جوش ۾ اچڻ).

سپاهي: (کلي) ورنه ڇا ٿيندو؟

ڪريم: توکي موت جي ريل تي چاڙهي، قبرستان جي ٽيشن تي پهچايو ويندو.

سپاهي: مان سمجهان ٿو ته تنهنجي خيال جي انجڻ ۾ وڏائيءَ جي ٻاڦ زياده وڌي ويئي آهي.

ڪريم: اي ڀلا مانس مقابلي جي پليٽ فارم تان هٽي وڃ، نه ته بقا جي لائين تي موڪليو ويندين.

سپاهي: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) زبان مان ته دليريءَ جون دونهون ٿو ڪڍي، پر سندس اکين جي لالي خوف جو سگنل ٿي ڏيکاري.

ڪريم: اڙي بابا، چڱ مڙسيءَ جي ويٽنگ روم ۾ وڃي سمهه.

سپاهي: بس زبان بند ڪر.

ڪريم: ڇا تو موت جي سچ پچ ٽڪيٽ ورتي آهي؟

سپاهي: منهنجي لائين ڪليئر ڏيڻ تي تولاءِ هڪدم موت جو پيغام ايندو (سيٽيءَ جو وڄائڻ، ٻين سپاهين جو اچڻ).

ڪريم: اي ڪٿان آئي هيءَ فوج جرار، وري ٿيم آفت ۾ گرفتار!

(سڀني سپاهين جو ڪريم کي پڪڙي وٺي وڃڻ).

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو پنجون (محل اڳيون)

 

گانو: مهلقا_

نماڻن نياز وارن وٽ، اچڻ کان آر ڇو رکجي،

سڄڻ سادا سڄي جڳ سان، اجايو پيار ڇو رکجي.

ڪرڻ بند پار بُلبل کي چمن کان ناروا آهي،

محبت جي ته مکيءَ ۾ مٺا ڪو خار ڇو رکجي.

ڪري جو قدر نا يارو، مُحبُ مشتاق پنهنجي جو،

ته پوءِ چئو بيقدر اهڙو ادا دلدار ڇو رکجي.

نڪي توسان نڪو ٻئي سان، ’عليگا‘ هو نڀائيندا،

انهن جي يار واعدي تي، وري اعتبار ڇو رکجي.

مهلقا: اي مهتاب، ڏس منهنجي آفتاب جي سواري اچي ٿي. (آمد فيروز. هٿ ۾ گل اٿس).

گانو:

شادِ هان منهنجا پرين، پر چشم نَمُ هردم اٿم،

مسڪراهٽ آ چپن تي، تنهنجو غم هردم اٿم.

مُحب آ مهمان دل ۾، ساز ۽ سامان سان،

دخترِ زر ساڻ آهي، جام جم هردم اٿم.

نينهن جا نعرا هڻي، مون غم غلط پنهنجا ڪيا،

شاد هان هر حال ۾، گو شامِ غم هردم اٿم.

پاڻ ۾ ٿو پاڻ کي، مان ’لا‘ سنديون لوليون ڏيان،

’هو‘ سنديون هوليون اندر ۾ دمبدم هردم اٿم.

مئڪده جون صحبتون ’آغا‘ ڇڏيندس ڪين مان،

بارَ کان عصيان جي گو هي پشت خم هردم اٿم.

(آغا عليگ)

فيروز: (مهلقا ڏانهن وڌي).

گلِ گشن زمين تي هي نه ٿيندو يار جو ثاني،

منور مهجبين منهنجو مٺو من ماهرو آهي.

مهلقا: (مرڪي) جناب اوهين ته هت ٿا ڏسجو، مون سمجهيو ته هن وقت پڙهڻ ۾ مشغول هوندءئو يا غمگين گلن سان دل وندرائيندا هوندءئو!

فيروز: ها، پياري، مان هينئر آيو آهيان ۽ هڪ زبردست چور گرفتار ڪري آندو اٿم.

مهلقا: ڇا؟ چور.

فيروز: جِي.

مهلقا: ڪٿي آ؟

فيروز: حاضر آ (گل اڳيان جهليس ٿو).

مهلقا: ڇا هي گل؟

فيروز: جي ها.

مهلقا: هن ڇا چورايو آ؟

فيروز: تنهنجي رعنائي، تنهنجي دلرُبائي، تنهنجي خوش ادائي، تنهنجي بهار، تنهنجو حسن، رنگت تنهنجي ڳلن جي لالي، تنهنجي لبن جي قيد جو ڦاسيءَ جو سزاوار آ هيءُ، حسن جو چور آ مجرم آ گنهگار آ هيءُ.

مهلقا: (مشڪي) منهنجي نظر ۾ هن غريب جو ڪوئي قصور نه آ، هجي به اگر ته به مجرم کي سزا ڏيڻ منهنجو دستور نه آ!

فيروز: جيڪڏهن اوهان هن چور کي سزا نه ڏيندا ته گويا اوهان چورن کي همٿايو ٿا.

مهلقا: ماشاءَالله، اوهان به وڪيل وارو بحث شروع ڪري ڏنو؟

فيروز: پياري، آءٌ برابر محبت جي ڪورٽ جو وڪيل آهيان.

مهلقا: وڪيل صاحب مان هڪ منصف جي حيثيت ۾ اوهان جو فرياد رد ڪريان ٿي.

فيروز: (مشڪي) حضور فيصلي تي نظرثاني ٿئي.

مهلقا: جناب جيڪڏهن مان انصاف ڪريان ته اوهان کي به جو سڀ کان وڏا مجرم آهيو، معافي نه ڏيان.

فيروز: ڇا مون به ڪو قصور ڪيو آهي؟

مهلقا: ضرور ڪيو آهي؟

فيروز: منهنجي ڇا آهي خطا.

مهلقا: ساڳي جا هن گل جي آ خطا؟

فيروز: هن ته چوري ڪئي آ.

مهلقا: اوهان سينا زوري ڪئي آ.

ٻيئي هو مجرم، ٻنهي جو هڪ نمونو آ،

هڪ تي رُخ، ٻئي تي دانهين سينو آ.

فيروز: انهيءَ تهمت کي چوري يا سيني زوري چوندا آهن. يا الله، جو دل ڏئي دل وٺي تنهن کي چور چوندا آهن.

مهلقا: اوهين به سوداگر يا واپاري آهيو؟

فيروز: مهلقا، اسان ٻنهي جي واپاري هئڻ ۾ ڪهڙو شڪ آهي.

(ٻنهي جو گڏجي ڳائڻ)

مهلقا: ڪريان مان قربان جان.

فيروز: تون آ منهنجو دين و ايمان.

مهلقا: شرم و حيا آ، تيرِ ادا آ، زلفِ دوتا آ.

ڪيڙو مٺا گهائل، اي جانِ جان.

فيروز: اکڙيون ملائي، دل کي چُرائي، بيخود بڻائي،

ڪَيُوَ مون کي مائل، اي جانِ جان.

مهلقا: ڇا چوان دلبر ته ڇا هو، ڇا ’عليگ‘ آهي بڻيو،

ٿس لڳل تيرِ نظر، سيني ۾ بسمل آ بڻيو.

فيروز: هي ڏسي دلبر تماشو، عقل حيران آ ٿيو،

قتل قاتل ٿي ويو، مقتول قاتل آ بڻيو.

مهلقا: توتي نثار، بار بار، دلِ زار، اي دلدار.

_ (ايگزٽ)

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو ڇهون (خوابگاهه نثار)

(نثار جو آرامي نظر اچڻ، ٺڪاءُ ٿيڻ، شمسه جي روح جو نڪرڻ، نثار جو ڇرڪ ڀرڻ ۽ وڦلڻ.)

 

نثار: تون چوين ٿي ته مان منا آهيان. منا جي دل ۾ محبت، زبان تي تسلي، اکين ۾ همدردي ڏسندو هوس. منا، مون کي غمگين ڏسي پهرن جا پهر ڳوڙها ڳاڙيندي هئي، مگر تون ته مون کان بلڪل بي پرواهه آن، تو وٽ مون لئي نه افسوس آ، نه تسڪين آ، نه همدردي آ. دور ٿي خاموش رهه. تون منا ناهين، بلڪ منهنجي قسمت جي برائي آهين. (ٺڪاءُ ٿيڻ ۽ شمسه ج روح جو غائب ٿيڻ).

(نثار جو ڇرڪ ڀري اٿڻ، ديوار تي شمسه جي تصوير ڏسڻ، ان کي کڻي زمين تي اڇلڻ. وري وڃي پلنگ تي سمهي پوڻ. آمد منا، سياه لباس ۾).

 

گانو:

ڪجهه دل ۾ خيال رنج و غم بيڪسان رهي،

تون به نه منهنجي ٿين ته تمنا ڪٿان رهي.

دنيا لئي آرزن جون حدون ختم ٿي ويون،

محفل مان تنهنجي جو وڃي، جانان ڪٿان رهي.

غم تنهنجو آ قبول مگر آهه التجا،

ايڏو نه ٿي جو محوِ شڪايت زبان رهي.

سيني ۾ دل نه آ، نه سهي، هان مگر ضرور،

خنجر اوهان جو حلق تي قاتل روان رهي.

اسباب جور شل بڻن محشر ۾ خود گواهه،

هئي ڪاش تيغ ناز تنهنجي خون چڪان رهي.

يا رب دلِ ’عليگ‘ کي راحت جو لطف ڏي،

تا مرگ سو ته شائق ناز بتان رهي.

(نثار جو ڇرڪ ڀري اُٿڻ. اکين کي مهٽڻ، ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ.)

نثار: ڪاڏي ويئي، ڪٿي آ، تو ڏٺي؟ ڪٿي آ؟

منا: (ظاهر ٿي) ڪير؟

نثار: منا، منهنجي پياري منا (اکيون کولي ڏسي) اها آ، ها، تون منا آن، تون رحم ۽ محبت واي منا آهين. تون ضرور منهنجي دل لاءِ تسليٰ جي مرهم آڻيندينءَ ۽ ضرور منهنجي ميت تي ڳوڙها ڳاڙيندينءَ! تون چپ آن، ها، تنهنجي چپ رهڻ جو ڪارڻ اِهو آ، جو منهنجي بدقمستيءَ ۽ مفلسيءَ کي ڏسي تو پنهنجو هوش وڃايو آ. تنهنجي نه روئڻ جو سبب اهو آ جو تنهنجي افسوس جي شعلن، تنهنجي اکين جي ڳوڙهن کي خشڪ ڪيو آ. چئو، چئو، ٻول، ڪجهه ته ٻول، ڇا مان پنهنجي هنن ملعون هٿن کي جن تنهنجي بي ادبي ڪئي آ، ڀڃي ڇڏيان يا ساڙي ڇڏيان. منا آ، مون ڏي آ.

(نثار جو منا طرف وڌڻ، منا جو پرڀرو ٿيڻ)

نثار: مان بي شعور هان؟ ٻڌاءِ اي منا جا پاڪ روح ٻڌاءِ. عورت به فرمانبردار آ؟ تو جهڙي وفا شعار ٿيندي آ؟ نه، نه_ عورت ته عيش عشرت ۽ صورت پرست ٿيندي آ! لالچي پُرفريب، دغاباز ۽ دولت پرست ٿيندي آ.

(منا طرف اشارو ڪري)

هيءَ عورت نه آ، فرشتو آ، حور آ، نوُر آ. محبت جي پُتلي آ. محبت اُها محبت، جنهن لئي زمانو سِڪي ٿو. اُها محبت جنهن جي ميسر ٿيڻ تي اِنسان جنت کي هيچ سمجهي ٿو.

منا: (روح جي ديرينه لهجي ۾) مگر مون ٻڌو آ ته منا کان زياده شمسه اوهان کي محبت ڪندي هئي؟

نثار: شمسه، شمسه، آه شمسه! منهنجي زندگيءَ کي تاريڪ بڻائڻ واري شمسه! شيطان جو سايو ۽ دنيا جي بدترين مخلوق شمسه، مون کي تباهه ڪرڻ واري شمسه! منهنجي ننگ ناموس تي داغ لڳائڻ واري شمسه! او خدا، تو وٽ جيڏيون طاقتون آهن، سي شمسه جي روح کي سزا ڏيڻ ۾ صرف ڪر.

منا: نه. جناب، هوءَ مري وئي. هينئر چئو ته اي خدا هن کي معاف ڪر.

نثار: معافي! شيطان لاءِ معافي چاهين ٿي، لعنت لاءِ رحم گهرين ٿين، ڇا تون به هن جي همدرد مددگار آن! وڃ، هلي وڃ، مون کي ڪڏهن به محبت نه ڏيکار. جڏهن مان ڪنگال حالت ۾ پنهنجي قسمت تي ماتم ڪندي مران، تڏهن منهنجي قبر تي اچي ڦٽڪار ڪج.

منا: ڇا مان به هلي وڃان، اوهان کي مون کان به نفرت آهي؟

نثار: جيڪڏهن تون منهنجي محبت چاهين ٿي ۽ مون سان گڏ رهڻ گهرين ٿي ته شمسه جي خيال کي دماغ مان ڪڍي ڇڏ، هن تي لعنت ڪر. ڏس منا، مان توکي ناحق پريشان ڪريان ٿو.

منا: بلڪل نه.

نثار: نه! توکي ضرور پريشان ڪريان ٿو وڃ، بيشڪ وڃ، اي شهرِ خاموشان جي ساڪن وڃ، پنهنجي روحاني دنيا ۾ وڃي آرامي ٿيءُ، مون کي منهنجي قسمت جي حوالي ڪر، مون کي معاف ڪر. تون فرشتو آن، مون کي معاف ڪر.

جڪڙيو تنهنجي عنايتن هر بند بند آ،

دل جسم روح تنهنجو احسان مند آ.

وڃي سڻائيندس ته اهل عدم کي مان،

رکندس ته ياد قبر ۾، تنهنجي ڪرم کي مان.

منا: دل محزون، نه ڪر غم تون، ويل يوسف وري ايندو،

گلستان هي ته ڪنعان جو سراسر سبز ڀي ٿيندو.

نثار: ڏکئي ڏيهه ۾ هان، ڏکيون حالتون ٿم،

دکي زندگيءَ جون دکيون ساعتون ٿم.

خوشي، خوشي! مون لئي پيدا نه ٿي آ. انهيءَ بي معنيٰ لفظ کي منهنجي قبر جي پٿر تي اُڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏي. چند روز اول، ٿوري خوشي هٿ آئي هئي، مگر اُها به منهنجي تقدير ٻين جي تقدير کان اُڌاي وٺي آئي هئي.

منا: نثار خدا ۾ اعتبار رَکُ. غفور و رحيم آ.

گهُرُ جو ڪجهه به گهرڻو ٿئي. ڀَلي،

درِ ڪريم تان بندي کي ڇا نٿو ملي.

نثار: دنيا ۾ مايوسيءَ کانسواءِ مون لاءِ ڪجهه نه رهيو آ. منا، منا، خون، ڌاڙو، ظلم، چوري انهن لاءِ معافي ملي سگهي ٿي، مگر مون جي گناهه ڪيا آهن تن لاءِ معافي ملڻ محال آ.

منا: ڇا تو زندگي برن ڪمن ۾ گذاري آ؟

نثار: ها.

منا: والدين کي ستايو اٿئي؟

نثار: ها، مگر اُن لاءِ به معافي ملي سگهندي.

منا: خدا کي وساريو اٿئي؟

نثار: ها، مگر هو به غفور رحيم آ.

منا: ڪنهن غريب جي دل ڏکائي اٿي؟

نثار: ها، دوست بڻجي هڪ غريب جي گلي تي مون بيشڪ ڇري وهائي آ، منا منهنجي وفادار دوست هئي، مگر مون ان سان ڪئي دغا ۽ بيوفائي آ، نه رڳو ايترو پر هن بيگناهه جي مون ناحق رت وهائي آ.

منا: جيڪڏهن خدا چاهي ته منا به زنده ٿي سگهي ٿي، هوءَ اڄ به اوهان کي تسلي ڏيئي سگهي ٿي.

نثار: ڇا تون به مون وانگر ديواني آهين، يا مون کي وڌيڪ ديوانو بڻائڻ ٿي چاهين؟ ترس، ترس. ڇا هن ذليل دنيا ۾ ويل انسان وري اچي سگهي ٿو!

منا: خدا کي هر طاقت آهي، جو چاهي ڪري سگهي ٿو. فرض ڪر ته ائين ٿئي ته تون منا سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندين؟

نثار: قربان مان ته ٿيندس تنهن باوفا صنم تان،

اکڙيون وڇائيندس مان تنهن جي قدم قدم سان.

هي جان صدقي ٿيندي هيءَ دل نثار ٿيندي،

مون کي نصيب قاصد گر ديد يار ٿيندي.

(منا جو سياهه پوشاڪ لاهي اُڇلڻ)

نثار: يا خدا، يا خدا، هيءُ خواب آ يا بيداري!

منا: نه گهٻراءِ، نه گهٻراءِ، هيءُ خواب ناهه آ بيداري.

نثار: منا، منا!

مجرم هان، پُر قصور هان، تقصير وار هان،

لائق سزا هان، تنهنجو گنهگار هان.

بيشڪ تون نيڪ دل شيرين ۽ سخي آن،

ڪر معاف گناهه، ڪر معاف مان شرمسار هان.

منا: شڪر آ خدا جو توکي دلبر عزيز هان،

آقا آن منهنجي جانِ_ من تنهنجي ڪنيز هان.

(ٻنهي جو گلي لڳڻ، پردي جو ڪرڻ)

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو ستون (رستو)

(آمد ڪريم، ٻڌل سپاهين سان)

ڪريم: واه ڙي تقدير، مون لئي ائين ٿي آهين يا اِها مهر جڳ تي ئي ساڳيءَ طرح ڪندين آهين! ديوي ماتا جي ڀوڳ مان ڇٽس ته وري هن جيل خاني جي مصيبت ۾ ڦاٿس. ڦورن کان خدا ڇڏايو ته وري جاسوسن اچي گلو دٻايو. خبر نٿي پوي ته ڇو مون کي هت آندو اٿن، منهنجو تيل ڪڍندا يا منهنجي موميائي ٺاهيندا!

يا رب خير، اڙي ڦرياسين، هيءُ ته وري ساڳيو ايڪ_ دو_ تين وارو لنگور به اچي ويو! اِجهو ٿا پَترَ پڌرا ٿين. چنڊو، چنڊي کي سَوَ ڪوهه تي ڳولهي لهي. خير منهن ڏبو.

(آمد فيروز)

فيروز: ڪمبخت ڪهڙو نه ٻگهلو ڀڳت بڻيو بيٺو آهي.

ڪريم: مان انهيءَ جو جواب ڪونه ڏيندس.

فيروز: ڪيئن سائين داتا، ڪجهه ٻوڙٽ آهي ڇا؟

(ڪريم جو خاموش رهڻ)

فيروز: مان ڇا عرض ڪيو، ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو ڇا؟

ڪريم: (پاسي ٿي) نه.

فيروز: افسوس، ويچارو گونگو آهي.

ڪريم: (پاسي ٿي) برابر رڳو ڳالهائڻ جو حق اوهان کي آهي.

فيروز: اوهان کي اِهو مرض چپ رهڻ جو ڪڏهن کان ٿيو آهي؟

ڪريم: (پاسي ٿي) جڏهن کان اوهان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي ۽ هت قدم رنج فرمايو آهي.

فيروز: هينئر اوهان جو علاج.

ڪريم: (پاسي ٿي) اوهان جو د_ف_ع_ (دفع) ٿيڻ.

فيروز: چڱو سڌو ٿي بيهه ته تنهنجو علاج ٿو ڪريان، هڪ ديوتا منهنجي عمل ۾ آ، اُن کي گهرايان ٿو. هو منتر پڙهي توکي چاق ڪندو.

(فيروز جو پستول ڏيکارڻ)

ڪريم: (پاسي ٿي) يا رب العالمين! هن ته وري ڪڍيو. ايڪ، دو، تين وارو ديوتا.

فيروز: يا بيرم_ پير شريرم_ فئر فيرم.

(هوائي فئر ڪرڻ)

ڪريم: (ڪِري) ماري وڌءِ، گهوڙا ڙي، اڙي مون کي ڇڏيو هن کي پڪڙيو!

فيروز: اڙي تون ته ڳالهائين ٿو!

ڪريم: پنجون مذهب (پادر) ڪنهن کي ماٺ ڪرڻ ڏيندو!

فيروز: ڏس هن ديوتا جي ڪرامت، ڪيتري ۾ بند زبان کولي وڌائين.

ڪريم: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) هن شيطان ضرور مون کي سڃاتو آهي. سرڪار مان ڪو فقير ٻقير ڪونه آهيان.

فيروز: ته ڪير آهين؟

ڪريم: ساڳيو ايڪ، دو، تين وارو گنهگار.

فيروز: ڪير، ڪريم. واه واه توکي ويس بدلائڻ به چڱو ٿو اچي.

ڪريم: اوهان منهنجا به استاد آهيو، هاڻي ڪرپا ڪري اجازت ڏيو.

فيروز: چڱو، مگر پيادل وڃڻ مناسب نه آهي.

ڪريم: ڇا مون لاءِ ڪا پالڪي ايندي يا موٽر ملندي؟

فيروز: گهٽ ۾ گهٽ اوهان کي چئن ڪلهن تي کڻائبو.

ڪريم: ڇا منهنجو جنازو کڻائڻ جو خيال ڪيو اٿوَ؟

فيروز: ها، اِنهيءَ ۾ ڇاهي. توکي ته مرڻ جي عادت آهي. جلد سڌو ٿي بيهه، ايڪ، دو.....

ڪريم: وري ساڳي ريل ميل، اڙي ميان، آدمي آهين يا بيل، آخر گهڙيءَ گهڙيءَ انهيءَ گڏهه جي هينگ ٻڌائڻ جو مطلب؟

فيروز: مطلب تنهنجو فيصلو.

ڪريم: انهيءَ مهربانيءَ مان حاصل؟

فيروز: توکي ضرور ڪبو جهنم داخل.

ڪريم: (پبلڪ ڏانهن) جاءِ ته هن مهربان دوست چڱي لڌي آهي، پر صاحب انهيءَ لاءِ تقصير؟

فيروز: هڪ غريب کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ، وصيتنامو چورائڻ، هڪ عورت کي فريب سان ڦاسائڻ.

ڪريم: پر اهي ڪم ڪندي مون کي ڪنهن ڏٺو، ڪنهن ٻڌو، ڪيئن اوهان کي الهام ٿيو، يا آڪاش واڻي آيوَ؟

فيروز: ڏس جنهن چيو آهي، سو خود آيو آهي.

(آمد منا، روح جي لباس ۾)

ڪريم: ڪير، مائي منا جو روح. خدايا ڇا قيامت اچي ويئي؟

فيروز: نه قيامت آ، نه آف آ، صرف تنهنجي اعمالن جي شامت آ.

منا: طلب هئي جنهن جي سو خبيثُ اِهو آ، موزي اِهو آ، قاتل اهو آ.

ڪريم: يا الله، هاڻي مري ويس.

(فيروز جو ڪريم کي ڪنڌ کان وٺڻ)

فيروز: ڏس، سڃاڻ.

ڪريم: گهوڙا ڙي مرڻ کان اڳ، مرڻ سکيل هجان ها ته به چڱو. هاڻي ته ٻچا، خدائي نگهبان آ، ڪشتيءَ زندگانيءَ جو.

منا: ڀڙڪ، ڀڙڪ، اي جهنم جي آڳ ڀڙڪ. اي بجلي وير جي ڪڙڪ.

ڪريم: هاءِ هاءِ! هن جي ڪڙڪ ڀڙڪ ته جان ڳاري ڇڏي.

منا: تنهنجو نالو ڪريم آهي؟

ڪريم: جي سرڪار، اوهان جو چوڻ بجا آهي. (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) حياتيءَ ۾ پهريون دفعو سچ ڳالهايو اٿم.

منا: تو ڪو وصيتنامو چورايو هو؟

ڪريم: پر انهيءَ کي ته ايڪ، دو، تين جي ڀوت مدت ٿي کائي ڇڏيو.

منا: ۽ توئي مون کي درياءَ ۾ ٻوڙيو هو؟

ڪريم: هاءِ هاءِ! هاڻي ڇا چوان؟ سرڪار اُهو ڪو ٻيو منهنجو همشڪل هوندو. متان منهنجن ڀائرن رحيم ۽ يتيم مان ڪو هجيوَ. اسان سڀني جي شڪل هڪجهڙي آهي، تر جو به فرق ڪونهي.

منا: (اڳي وڌي) تنهنجو ڀاءُ نه، پر تون. خير ڪوڙ جي وڌيڪ سزا ڏني ويندي.

ڪريم: سرڪار مان ڏوهه جو قبولدار آهيان.

منا: نثار کي به تو خراب ڪيو؟

ڪريم: اهو منهنجو وس نه آهي، ڇاڪاڻ ته قدرت مون کي اهڙو شريف پيدا ڪيو، ۽ اهڙن نيڪ ڪمن لاءِ انتخاب ڪيو.

منا: ۽ مهلقا کي به تو ڦاسايو، نمڪحرام!

ڪريم: ڪري ته قدرت ٿي ڪم، پر، وچ ۾ ويچارو ڪريم آ بدنام.

منا: چڱو ملڪِ عدم جي تياري ڪر.

ڪريم: (ڊڄي) مائي صاحبه جا روح، هينئر مون کي معافي ڏيو. مان واعدو ٿو ڪريان ته جڏهن منهنجي موت جو وقت آيو ته مان پاڻهي ايندس. تسئلي ڪريو، ضرور ايندس.

منا: آءٌ اوهان کي ڇڏي نه سگهنديس، ڇو ته مان جهنم جي ملائڪ سان واعدو ڪري آئي آهيان، ته کيس ناشتو وغيره مان آڻي ڏينديس.

ڪريم: (هٿ ٻڌي) اڙي بابا، نيڪ روح، ڪجهه رحم ڪر. سڀ تنهنجي وس جي ڳالهه آهي.

منا: توتي رحم ڪرڻ گناهه آهي؛ ڇو ته تون وڌيڪ گناهه ڪندين.

ڪريم: نه بابا، مان تنهنجو قسم ٿو کڻان. اول ته مان گناهه ڪندو ئي ڪين آهيان، پر جي ڪندو هوس ته هاڻي اصل نه ڪندس.

منا: جي قسم کائي ڦِرين؟

ڪريم: ڦرندس ڪيئن، ڦريس ته پوءِ به پليگ وانگر تو ته منهنجو گهر ڏٺو آهي.

منا؛ چڱو پوءِ؟

ڪريم: پوءِ وري ڇا، مان قسم ٿو کڻان.

فيروز: ته ڪڏهن به انجام جو لحاظ نه ڪندين، ڪارِ ثواب کان ڀڄندين.

ڪريم: اڙي ميان، گهڙي کن ته ٻوُٿ کي ٻوٿاڙي ڏي. اجايو پيو پرائيءَ ڳالهه ۾ دخل ڏين.

منا: کڻ قسم، ته ڪڏهن ڪنهن سان برائي نه ڪندين؟

ڪريم: جيڪڏهن ڪري وجهان ته پوءِ؟

منا: وري ساڳي ڳالهه! بس، هاڻي توکي....

ڪريم: (جلديءَ ۾) بابا، قسم آ خدا جو، خدا جي رسول جو، انهيءَ جي چئني يارن جو، سندس اولاد ۽ امامن جو، دنيا ۾ سڀني جيئرن سيدن جو، پيرن جو، فقيرن جو، ته وري بدي نه ڪندس. بس، ڪين خاص ڪري، ٻيو وڌيڪ قسم گهرجئي؟

منا: هيڏي اچ.

ڪريم: اڙي بابا، اچڻ وڃڻ جو رستو چڱو نه آهي. خاص ڪري جيئري جو مئل سان! تون کلندي کلندي ڪم لاهي وڃين ته مان ڇا ڪندس.

منا: اڙي احمق، مان به تو وانگر انسان آهيان.

ڪريم: الله غني! پر بابا، مئل شڪل ڦيرائي سگهندا آهن. ويساهه ڪونه آهي. هيءُ زمانو سمورو ٺڳي آهي. ائين ته سڀ چوندا آهن. ته هيءُ جهان هُن جهان جو فوٽو آهي، پوءِ اتي ٺڳي ڪيئن نه هوندي.

منا: چڱو هٿ ڏي.

ڪريم: نه بابا، تو مون کي هٿ لاتو ناهي، دوزخ جي رشي مون کي کاڌو ناهي. ٿورو پرڀرو ٿي بيهه.

منا: چڱو هٿ لائي ڏس ته آءٌ آدمي آهيان، يا نه؟

ڪريم: بانو صاحبه، هينئر ته معاف ڪر. تون هٿ لائين يا مان، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. ”گدرو ڪري ڇريءَ تي، يا ڇري ڪري گدري تي، نقصان مڙيئي گدري جو“ مڙيئي مصيبت ڪريم تي.

منا: اڙي ڪمبخت اعتبار ڪر.

ڪريم: مون تي ئي دنيا جو اعتبار ڪونه آهي ته مان ڪيئن اعتبار ڪريان.

منا: تون ته اعتبار جو لائق نه آهين.

ڪريم: منهنجي نظر ۾ ساري دنيا اعتبار جي لائق نه آهي.

منا: ڏس ظالم، منا جيئري آهي!

(منا جو نقاب ۽ پوشاڪ لاهڻ ۽ اصلي پوشاڪ ۾ ظاهر ٿيڻ)

ڪريم: (عجب کائي) هاءِ هاءِ! مري ويئي ته به ويل ڪريم لاءِ، جيئري ته به ظلم ڪريم لاءِ. او منهنجا الله، ابي جا الله! ڪا مشڪل ڪشائي ڪر.

منا: هينئر توبهه ڪري سُڌر.

ڪريم: مائي مان ته گهڻن ڏينهن کان سڌري ويو آهيان، خاص ڪري جڏهن کان ايڪ، دو، تين شروع ٿي آهي. اوهان به ڪجهه سڌرو.

منا: سپاهيو هن کي هينئر آزاد ڪريو.

(ڪريم جو ڪلمو پڙهڻ، سڀني جو ايگزٽ).

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو اٺون (آخرين جشن گاهه)

فيروز: منهنجا پيارا ڀاءُ نثار! مان پنهنجي همشيره منا کي اوهان جي حوالي ڪريان ٿو.

نثار: ۽ مان پنهنجي ڀيڻ مهلقا اوهان جي عقد ۾ ڏيان ٿو.

(آمد ڪريم)

ڪريم: حضور مبارڪ.

نثار: ڪيرُ؟

منا: اوهان هن کي نه سڃاتو؟

نثار: نه.

منا: ڪٿي ڏٺو اٿوَ؟

نثار: بلڪل نه.

منا: هيءُ اوهان جو پراڻو نوڪر ڪريم آهي.

نثار: هي ڪمبخت اڃا مئو ڪين آهي!

ڪريم: ها بابا، ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو، زر ملي، زال ملي، ملي معافي ڀي؛ پوءِ ڪريم ڀلا ڪيئن ياد ايندو!

نثار: ڪريم ڇا توکي خدا جي دربار مان اڃا چوغو حاصل نه ٿيو آهي؟

ڪريم: حضور کان اول انعام وٺڻ جي گستاخي بندو ڪيئن ڪندو. اول گروُ ته پيڇي چيلا. خير، پر سرڪار اسان جو انعام ته....

نثار: وري ايمان ڇڏي دولت جو خواهان ٿو ٿين؟

ڪريم: سرڪار ايمانداريءَ سان گڏ مفلسي به خريدي اٿم ڇا؟ ڀلا ڪٿان کائيندس؟ دلالي ڪندس يا بخاري ويندس.

نثار: اڄ تائين ڇا ٿي ڪيئي؟

ڪريم: خود را فضيحت، ديگران را نصيحت! هن هُن جو مال ماريم؛ ڪجهه پاڻ کاڌم ۽ ڪجهه ٻئي کي ڏنم. اڄڪلهه جي زميندارن وانگرٿي گذر ڪيم. قلم هڪ سئو ڏهه ٿيو گهر سان لاڳو، چور ڇُٽي ويو، ڀاڳيو قابوُ. انهيءَ اصول تي ٿي ڪم هليو.

منا: خير فڪر نه ڪر، تنهنجو نصيب توکي ملندو. الله الله ڪر، نمڪ حلال ٿي رهه.

ڪريم: يا الله، يا الله! شال ڦٻان!

(گانو ڪورس)

شادمان، شادمان، شادمان،

پيارا، پيارا او پيارا.

ڏينهن آيا بهار جا جوان،

شامان شادمان او شادمان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com