ڊراپ اول
پردو ڇهون (مڪان ڪريم)
(بيگم جان، ڪريم جي زال جو ڳائيندي اچڻ)
گانو؛
تنهنجي فرقت ۾ اي پيارا،
سيني تي وهن ٿا آرا.
ڏينهن رئندي مون ته گذاريا،
وئي رات ڳڻيندي تارا.
نانءُ الله جي جلدي مِل تون،
نيڻ کڻي اجھ دلبر کِل تون.
باهه ٻري ٿي سيني ۾،
هجر تنهنجي جي پيارا.
وئي رات ڳڻيندي تارا،
ڏينهن رئندي مون ته گذاريا.
توبهه، توبهه! مُئن نوڪرن به سخت ستايو آهي، سواءِ
کِٽِکِٽ، ڪِر ڪِر جي ڪم کان ئي جواب، گهُر سڙين
کان چانهه، ته آڻيو ڏين ڪتاب. آچر، آچر، او مئا
آچر، نانگ سنگهئي. ڇا مئا ننڊ وٺي وِيئي ڇا؟ اڙي
آچر!
(آچر جو اچڻ، حُقو هٿ ۾)
آچر: س، س، سرڪار حاضر آ، حاضر سرڪار.
بيگم: اڙي ڪمچور حرامخور، بيڪار مُردار، سڏي سڏي
منهنجي نڙي ويهجي ويئي، پر تڏهن به جواب کان ئي
جواب، خانه خراب،ڇا نادر شاهه جو پوٽو آهين، يا
احمد ساهه جو ڏهٽو؟
(بيگم جو آچر تي اُلر ڪرڻ ۽ آچر جو پوئتي هٽڻ)
آچر: سرڪار، اجايو پيا خفا ٿيو، ناحق ٿا گاريون
ڏيون، پنهنجو به ٿا وات وڃايو، مون کي به ٿا ڪاوڙ
ڏياريو.
بيگم: اڙي مئا آفريقا جا باندر، اڃا مان اجايو ٿي
خفا ٿيان_ نه ڪم ڪرين نه ڪار، سارو وقت ويٺو مکيون
مارين، سَنڌن سُڪا، پگهار نٿو وٺين؟
آچر: مائي صاحبه، پگهار وٺان ٿو ته ڪم نٿو ڪريان؟
پر اهو ته ٻڌايو پگهار گارين کائڻ لاءِ آهي ڇا؟
مون پورهيو وڪيو آهي، نه ذات ذمات.
بيگم: مئا، من ۾ ٿو اچي ته جيڪر ڦاسي ڏيانءِ.
آچر: بس مائي بس، شايد شيشن ڪورٽ جون اختياريون به
ڏاج ۾ وٺي آئي آهين.
بيگم: مئا! گستاخ، نفر، وري ٽڪڻ ۾ خارش ٿي اٿيئي،
بيهه ته تنهنجي مرمت ڪريان.
(بيگم جو آچر کي پادر هڻڻ، آچر جو دانهن ڪرڻ ۽
ڀڄڻ)
آچر: توبهه، توبهه! عورت آ يا جزا.
بيگم: مئا تو جهڙن حرامخورن نوڪرن سان ائين ڪرڻ
گهرجي، بلڪ سموري مرد ذات سان اهائي روش وٺ گهرجي؛
نه ته ٿوري مُنهن ڏيڻ سان ماريا مٿي تي چڙهي ٿا
وڃن، ڄڻ زالن کي زر خريد ٿا ڪن، اڄڪلهه زمانو
بدليو آهي، دنيا جي هر حصي ۾ آزاديءَ جي هوا گهلي
آهي، پوءِ عورتن کي خاص ڪري ڪاليج جي پڙهيل عورتن
کي مردن کان ڇو ڊڄڻ گهرجي. سچ پڇو ته عورتن کي خدا
پاڻ هٿن سان بڻايو آهي. مرد مئا سڀ ٺيڪي تي تيار
ڪرايل آهن. مردن تي فرض آهي عورتن جي خدمت.
آچر: بيشڪ، برابر جيئن هاري زمين جي خدمت ڪري ٿو.
بيگم: مئا، وري وچ ۾ ٿو پوين؟
آچر: بيگم صاحبه، اهو به ڪو گناهه آهي؟
بيگم: بيهه ته مئا، گناهه ثواب ڏيکاريانءِ ٿي.
(بيگم آچر کي چنبن سان ماري ٿي، آچر ڀڄي ٿو، بيگم
ڪڍ پويس ٿي، ٻنهي جو وڃڻ، ڪيم ٻيءَ ونگ مان اچي
ٿو).
ڪريم: اچي ويو! اچي ويو. يعني اچي ويو، مطلب ته
اچي ويو. ڪير؟ مسٽر گرڙ گاڙ، ڦڪڙ ڦاڙ، بيڪار، پر
باوقار، مولانا و شيخنا، حاجي الحرمين ميان ڪريم
اِبن يتيم ولد کَڳي شاهه! آدمي چوندا آهن ته بي
ايماني نه ڪريو! اڙي يارو بي ايماني نه ڪريون ته
ڇا بک مرون؟ خدا بخشي اوهان جن ۽ اسان جن وڏن کي،
جنت ۾ جاءِ هجين، سرڳواسي هميشه فرمائيندا هئا ته
ٻچا ايمانداري ڪندو ته بک مرندو؛ سقيمي ۽ سُڃائي
هردم در تي پهرو ڏيندوَ، پر جيڪڏهن بي ايماني ڪندو
ته عيش ۽ راحت پائيندو. سچ آهي ويچارن سرڪاري
نوڪرن سان ته اهو اصول بلڪل ٺهڪي ٿو اچي، جي ٿا
ويچارا حلال جي ڪمائيءَ تي ڀاڙين ته حرام ٿي ٿا
مرن. بي ايماني ڪرڻ، دل ته نٿي گهري، پر ڇا ڪجي
وڏن جي نصيحت تي عمل ڪرڻ عين سعادتمندي آهي.
(پبلڪ ڏانهن اشارو ڪري).
ڪيئن پارو ائين آهي نه؟
اَي امانت توتي لعنت، تو ڏنو مون رنج آ،
اي خيانت توتي رحمت، تو ڏنو مون گنج آ.
ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙ ٺاهڻ، ڪوڙ سيکارڻ ته استاد ازل
کان ڪريم جي حصي ۾ آصل آهي. تازو اڄ نثار کي ڪوڙو
وصيتنامو تيار ڪري ڏنو اٿم. اجهو ٿو مالدار ٿئي، ۽
مون کي به مالا مال ڪري. هر ڳالهه ۾ هوشيار هان،
يڪتاءُ روزگار هان، مگر هاءِ هاءِ پنهنجي زال
اڳيان لاچار هان. دنيا کي آڱرين تي نچايان ٿو، مگر
پاڻ بيگم صاحبه جي آڱرين تي ناچ ڪريان ٿو. خير،
ڏسجي تقدير ڇا ٿي ڪري، فڪر نه آهي. ويچاري ڪريم جي
اها حالت نه آ پر سڄي دنيا جي فئشنبل صاحبن سان
ساڳي مصيبت آهي. اڙي آچر، او آچر، سومر_ منگل__
ٻڌر، آو آچر!
آچر: آيو سائين آيو.
ڪريم: اڙي ڪر خبر بيگم جي دماغ جو ٿرماميٽر ڪيترين
ڊگرين تي بيٺل آهي.
آچر: حضور ٽهڪي ٿو، هوندو ڪو 150 ڊگرين تي، منهنجي
ته مالڪ نوڪريءَ کان هٿ_ جوڙ آهي، اِشٽيفا، بلڪل
اِشٽيفا، هڪدم اِشٽيفا.
ڪريم: اڙي بس ڪر بس، ترس ته مان ٿو انهيءَ ڪاٺ جي
گهويءَ فيشن جي پتليءَ کي ٺيڪ ڪريان مان کي به
ڪَڪِ ڪيو اٿس، منهنجي به ناحق ڳچيءَ پئجي ويئي
آهي. مون سمجهيو ته ڪاليج جي پڙهيل آهي، سمجهائڻ
تي سمجهي ويندي، مگر هن جي دماغ ۾ اُٺ آهي، برف
مان گرميءَ جي ۽ لوهه مان نرميءَ جي اميد رکڻ
اجائي آهي. مگر هڪ ڪم ڪر.
(ڪريم جو آچر سان ڪن ۾ ڳالهائڻ ۽ بيگم جو چُپ چُپ
ڪري اچڻ ۽ ٻنهي کي ڪنن کان جهلڻ).
بيگم: اَڙي ڇا جون وري ڪن ڦسڪيون لڳايون اٿوَ؟
ڪريم: يا الله، منهنجا الله، اَبي جا الله، سجھي
جڳَ جا الله_ هن آفت کان بچاءِ.
بيبي صاحبه! ڪجهه ناهي، ڀلي آئِينءَ، جيءُ آئينءَ.
بيگم؛ ڪجهه ناهي، ٻڌو ڪن ڦاڙهي وانگر ڦاڙي ٻڌو:
منهنجي گهر اندر ڪڏهن به، ڪنهن سان به، ڪنهن کي به
ڪا ڪَنَ ڦسڪي ڪرڻ جي اجازت نه آهي.
ڪريم: واه واه! اَڙي عورت آهين يا ڪو هوم آرڊيننس؟
ڪا صلاح وغيره ڪرڻي هجي ته به نه ڪجي، بس تنهنجو
رڳو چٽاخو_ پٽاخو ويٺو ٻڌجي ۽ تنهن جي سينڌ سرمي ۽
ساڙهيءَ جو درشن ڪجي.
بيگم: احمق، صلاح وري خدمتگار سان ٻن ڪوڏين جي
مزدور سان؟
ڪريم: سُبحان تنهنجي قدرت!
بيبي: غُصي ۾ ٿڪيو، دَمُ پيو، ٺاڪر ڪندو ٺهي
پونداسين. (ڪريم جو وري آچر سان ڪن ۾ ڳالهائڻ).
بيگم: مُئا، وي به ساڳي ڳالهه، ڀاڙي جي گهوڙي
وانگر اثر ڪونه ٿو ٿئيئي.
ڪريم: ٺهيو، ٺهيو. گهڻي ڪَيُئِي هاڻي هَلُ، هلي
ڪا پٽ جي پوڄا جي ڌاري ڪر.
بيگم: ڇا ٿو چوين؟ مان تياري ڪيان، ڪا نوڪرياڻي
خريد ڪري آندي اٿئي ڇا؟
(ڪريم جو مُنهن ڦيرائي چپ ڪري بيهي رهڻ).
بيگم: ڏسو ته مُئو ڪجهه ڪڇي به ٿو، جهڙي ڀت.
ڪريم: ڪڇان ڇا تنهن جو سِرُ.
بيگم: رڳو پيو ٻڌين ۽ ڏسين ماريا خروس.
ڪريم: قربان منهنجا گهر جا فانوس.
بيگم: مُئا مُشٽنڊا، ڀَنگ گهوٽڻ جا ڏنڊا، نوڪر
مُنهن لڳي، ته به ويٺو تڪين.
ڪريم: ڇا نوڪر ۽ مُنهن لڳي.
بيگم: (روئڻ جهڙو مُنهن ڪري) انهيءَ کان ته ڇا
ٿيو؛ پر مون ڪهڙو گناهه ڪيو جو مران. خير ٺهيو
هاڻي کڻي قصور معا ڪيو.
بيگم: اُون هوُن، نَا، ڪڏهن به معاف نه ڪندس.
(ڪريم جي منٿ ميڙ ڪرڻ هٿ ٻڌڻ).
آچر: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) يارو ڏسو ڌڻيءَ جا
رنگ، ڄڻ ته ميان ڪريم مسواڙي آهي باقي جهُڳوئي هن
رَن جو آهي.
واه واه فئشن جي بهار،
ميان جو مٿو ۽ پادر جي مار
بيگم: ڏِسُ ڏِسُ هوڏي نِهر، وي ڪُتو ڀونڪي ٿو.
ڪريم: (جوش ۾ اچي) اَڙي آچر، تنهنجو به مٿو ڦري
ويو آهي، مٿي تي چڙهندو ٿو وڃين. وچون چران ڪندين
ته ٽين پاٽ پائيندين، نوڪريءَ جو خير نه هوندءِ
سمجهين ٿو. نمڪ حرام، شيطان، لُچا، گڏهه، اُٺ،
گهوڙا بي لغام، مُنهن زور، تون به ڪا منهنجي
ماٽيلي جوءِ آهي جو منهنجيءَ سڳيءَ زال سان سينو
ٿو ساهين. (بيگم ڏانهن مخطاب ٿي) ڪيئن بيبي هاڻي
ته خوب ڌمڪايومانس؟
بيگم: مگر هن کي اَٺن ڏينهن اندر نوڪريءَ مان ڪڍي
ڇڏ.
آچر: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) ڪڍي ڇڏ، ڄڻ ته هن رَن
جو راڄ آهي.
(بيگم ڏانهن مُنهن ڪري) بيگم صاحبه، مان توکان
سينئر آهيان، توکان زياده ڪم ٿو ڪريان. توکان
زياده چُست ۽ ڪارائتو آهيان، پوءِ ڇو نه توکي
رٽرنچ ڪيو وڃي.
(بيگم جو آچر کي چماٽ هڻڻ ۽ آچر جو ڀَڄي پوي ٿي
بيهڻ).
بيگم: مگر پيارا، منهنجو هارُ.
ڪيم: ها، پياري هارُ تيار آهي، اڄ ملڻو هو پر
سوناري جي ماءُ مري ويئي، دڪان بند هو، هارُ ملي
نه سگهيو.
بيگم: گهڻو ٽاريو اٿئي، هاڻي هارُ نه ڏيندين ته
مزو چکيندين.
ڪريم: اعتبار به ته ڪَر، هارُ، وٺڻ ويو هوس، ڏس
هيءُ پنجن سوَن جا نوٽ به کڻي ويو هوس. (ڪيم جو
نوٽ ڪڍڻ، بيگم جو نوٽن جي کسڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪاماب
ٿيڻ).
بيگم: بيهه ڏسان ته سَهي.
ڪريم: بس هاڻي ڏٺئي، ڏٺئي. مهرباني ڪري واپس ڏي.
بيبي پئسي جي گستاخي نه ڪَر، اجايو معاملو وڌي
ويندو ناحق فساد ٿي پوندو.
بگم: ٺهيو، ٺهيو وڃي هوا سان پيٽ ڀريو، بندي اهڙي
بيوقوف نه آهي جو ڌمڪيءَ تي پنجن سَوَن جا نوٽ
واپس ڏي.
ڪريم: ڏس پڇتائيندينءَ، روئيندينءَ، منهنجو واسطو
نه اَٿئي.
بيگم: ٻين کي ڊيڄار، اَڻپڙهيل نه آهيان اِجهو ٿي
هار آڻيان. (ايگزٽ.)
ڪريم: بيشڪ هارُ ته تنهنجي قسمت ۾ لکيل آهي. ڪيئن
آچر ڇا تنهنجي اُستاد رنگ رچايو ڪجهه سمجهه ۾ آيو؟
آچر رنگ رچايو يا پاڻ ڦرايو، سرڪار به بيگم اڳيان
ائين آهي جيئن بتيءَ اڳيان ميڻ. تَئو آيو نه آهي
ته پگهرجي گهرگهلا ٿي ٿا پئون، کيسو به موڪرو ڪي
ٿا جهليو.
ڪريم: تون بيوقوف آهين. اَحمق! اِهو نوٽ رنگ ڪندو،
سندس رخصتاڻو آهي. حق مهر، حق مهر. ڄڻ اڄ سندس
حساب ڪتاب لاهي، کنڌو صاف ڪي ڇڏيوسين، اَڻپڙهيلن
سان ڪم پيو اٿس.
گانو، ڪريم:
آءٌ شودن ۾ هڪ شودو هان،
۽ چورن جو سردار.
مان مڪر و فريب جوپتلو هان،
آ لوڪ سڄو بيزار.
مان پنهنجي جيڪا چال چلان،
هر فن کي پائمال ڪريان.
مان ٻي جي ڊاهيان پنهنجي ٺاهيان،
ڪنهن جو ناهيان يار.
صورت آهي نڪي ساري،
سيرت آ بدڪار.
آءٌ شودن ۾ هڪ شودو هان،
چورن جو سردار.
اَ هَا هَا هَا، اَ هَا هَا هَا،
اَ هَا هَا هَا.
ايگزٽ_ آچر ۽ ڪريم
ڊراپ اول
پردو ستون (محل نثار)
(نثار جو فڪر ۾ هڪ پيلپائي سان ٽيڪ ڏيئي، بيٺل نظر
اچڻ)
نثار: هر هڪ انسان جو مدار قسمت تي آهي! منهنجي
قسمت هڪ وصيتنامي ۾ قيد آهي!_ افسوس_ منهنجي غريب
قسمت، اول توکي سياهه لفظن جي ڪاي زنجيري پهرائي
ويئي، ان زنجيريءَ کي قابو ۽ مضبوط ڪڻ لاءِ ان تي
سياهه مهر لڳائي ويئي؛ ان کي به ڪافي سزا نه ڄاڻي،
توکي هڪ لفافي ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪاغذي لفافي جي
قيدخاني کي سلامت نه ڄاڻي. ان جي دروازي تي لاک جو
هڪ تالو لڳايو ويو، اُهو به ڪاري نه هو، تنهن ڪري
توکي هڪ لوهي ٽِجوڙيءَ ۾ بند ڪري، تنهن جي مٿان هڪ
انسان پهريدار رکيو ويو. اِنهيءَ ٽجوڙيءَ جو
نگهبان ۽ مصيبت جو ذميوار منهنجو والد آ. آهَ!
دشوار آ_ دشوار آ.
اگر شيطان به پنهنجي ۽ پنهنجي پوئلڳن جي سموري
چالاڪي صرف ڪري ته به اي منهنجي غريب قسمت، تنهنجي
ڇوٽڪاري لاءِ توتائين منهنجي رسائي ٿيڻ دشوار آ.
اميد جنهن سان چور ٿي، سا خبر ته آڻيندي،
دل کي بيهڻ واسطي، منا پٿر ته آڻيندي.
هر لفظ ٿيندو گويا، داغ جگر واسطي،
تيار رَههُ اي گوش، غم جي خبر واسطي.
نثار جو سوچ ۾ خاموش بيهڻ.
آمد مَنا، گانو:
(1)
آرزو دل ۾ اٿم، ديدار دلبر يار جو،
ماه روُ ۽ مهجبين، تنهن مهلقا منٺار جو.
(2)
لاش هيءُ ڪانڌي لنگهايو ڪوچئه قاتل منجهان،
من ميسر مون ٿئي، سايو سندس ديوار جو.
(3)
بيڪسي منهنجي ڏسي، اڄ مُحب مرڪي ٿو چوي،
نا شفا قانون ۾، نسخو انهيءَ آزار جو.
(4)
بعد مُردن چَشم وا، اڄ ٿي وڃان دنيا منجهان،
آ نشان ثابت صنم، هيءُ حسرتِ ديدار جو.
(5)
ڇو نه ميت جي مٿان، حسرت ڪندي آه و فغان،
برگ گل بڻيو ڪفن، هن عندليب بزار جو.
(6)
صاف ظاهر اڄ ”عليگا“، اِشتياق ديدَ هيءُ،
شاميانو قبر تي آ نرگس بيمار جو.
(منا جو نثار ڏانهن وڌڻ)
مَنا: دل وَ جان دين وَ ايمان،
خوشنما انداز جي صديقي،
نظر هڪ ڪر نماڻن ڏانهن،
نگاههِ ناز جي صديقي.
نثار: منا، پيار منا، روح جي تسڪين منا،
بي ديد تنهنجي عيد_ نه ساعت سعيد آ،
هو اِشتياق روح کي، نه روزِ وعيد جو.
منا: جنت هئي هڪ طرف، ته جهنم هو ٻي طرف،
نيڪي بديءَ ۾ جنگ هئي، دل جي واسطي.
خوبي امانت آبرو، حق فرض اعتبار،
سڀ ختم ٿي ويا، هن بسمل جي واسطي.
(منا جو وصيت نامو ڪڍي نثار کي ڏيارڻ)
نثار: تو بيشڪ هيءُ آبِ بقا آههِ آندو.
منا! تو آه ترياق، دل لاءِ آندو.
مسيحا بڻين تو، شفا آهي آندي،
منهنجي درد دل جي، دوا آهه آند.
سِبان چاڪِ قسمت، سو رِشتو مون کي ڏي،
فرشتا، فرشتا، اِيهو نوشتو مون کي ڏي.
منا: چَتِوَنِ آ جان ڳاري، زلفن ته دل سنڀالي،
ڪيو عقل گم ته مون، پي هڪ وفا جي پيالي.
هن ڌاڙ ۾ اي پيارا، ايمان ئي بچيو هو،
تنهنجي خريد لاءِ مون، سو بي ته آهي وڪيو.
(منا جو وصيت نامو نثار کي ڏيڻ ۽ نثار جو بيحد خوش
ٿيڻ.)
نثار: هان، اِهو آ، اِهو آ، منتر، جادو، طلسم،
قيد. جنهن ۾ منهنجي قسمت بند هئي، سو ايهو آ. اي
رنج، هينئر دور ٿي، خاڪ ٿي سڙي ڀَسم ٿي. اي غم،
منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.
(نثار جو وصيتنامي کي ٿورو پڙهڻ)
آ ها! اي عيش، خوشي، لطف، سرور، اچو، اچو، اچو مون
وٽ اچو، منهنجي خالي دل ۾ آرام سان رهو. منا، منا!
(منا جو عجب سان نثار کي ڏسڻ)
منا: نثار، نثار!
نثار: عيش، خوشي، دولت، مان دارا کي دياني ڏيندس ۽
سڪندر کي خانساماني، قارون منهنجي خزاني جو
پهريدار ٿيندو ۽ جمشيد ڪندو منهنجي شرابخاني جي
نگهباني.
ڇا چيز آ، قارون جو خزانو منهنجي اڳيان
سر خم نه ڪندو هاڻ زمانو منهنجي اڳيان
آ راند ته هڪ رنگ رچائڻ منهنجي اڳيان
دشوار نه آ جنت به بڻائڻ منهنجي اڳيان
هر طرف نظر ايندا، چمن لعل و گوهر جا
جنهن طرف ڏسان ٿو ته وسن مينگهه ٿا زر جا
منا: پيارا نثار، ايمان آ، انسان آ، نيڪي آ، خدا
آ، ڪاغذ تي فدا ٿو ٿئين، تون هي ڇا آ.
نثار: سهرو خوشءَ جو پاتو قسمت ته منهنجي سر آ،
هاڻي به اگر روئين ته لعنت اي چشم تر آ.
منا: نثار مگر انجام؟
نثار: هي هٿ توتي مهرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
منا: محبت جي ماريل منا ۽ اُن جي دل اِنهن هٿن جا
حقدار آهن... مگر منا جي اصلي تمنا؟
نثار: ڇا منا منهنجي بيبي ٿيڻ جو آرزو ٿي رکي؟
منا: بيشڪ، منا پنهنجي نثار جي هميشه لاءِ داسي
ٿيڻ جي جستجو ٿي رکي.
نثار: منا، داسي بڻجڻ عزت جي تباهي آ.
منا: محبت جي غلامي دنيا جي بادشاهي آ.
نثار: منا، ٻڌ، غور ڪر.
پَري آن، مشتري آن، نازنين ۽ مهجبين تون آن
جهان ۾ حسن کي جنهن کان آ زينت سا حسين تون آن
مگر هيءَ دل ڪنهين ليليٰ جي ٿئي مجنون سو ممڪن نه
آ
ٿيان تو تي ڪڏهن مفتون سو ممڪن نه آ
(منا جو ڇرڪ ڀري حيرت مان چوڻ)
منا: او خدا! مان ڇا ٻڌي رهي آهيان. اِنسان ڪيڏو
نه خود غرض آهي. نثار! ڇا اهو منهنجي محبت جو عيوض
آهي؟
(نثار جو نفرت مان کلڻ)
(منا جو جوش ۾ اچڻ)
منا: هيءُ سينو به صدق و صفا جو گهر آ
آه هيءُ ڪعبه ۽ پاڪ خدا جو گهر آ
نه آ تصوير، شيشو آ، نه پٿر آ
دلِ بسمل نه ٽوڙج جو وفا جو گهر آ
نثار: جڏهن مون وٽ سون ۽ چانديءَ جون سرون موجود
آهن، تڏهن هڪ دل جي معمولي مڪان کي ڀڃي وري اُڏائڻ
ڇا مشڪل آ؟
موتين جا صاف پاڻي، هرن جا صاف پٿر، سون جي زرد
مٽي، لعلن جا لال پٿر، سڀ آهه گهرُ، اڏاءِ دل جو
مڪان تون، ڪاغذ ڏنو ٿي مون کي وٺ دولت جهان تون.
منا: او بيمروت ڇا تون منهنجي وفا کي زر جي زور تي
خريد ڪرڻ ٿو چاهين؟
نثار: ڇو نه! ڇا تون انسان نه آهين، تو ۾ لالچ نه
آهي.
منا: لالچ! او خود غرض! محبت دولت جي لالچ نه آهي.
نثار: منا تون بلڪل بيتميز آن.
دولت، نفرت نه بلڪ عزت جهڙي چيز آ
جا هر بشر کي عزيز آ.
خوشي، راحت، مزو، آرام سڀ آهي ته دولت سان،
ڏسي زردار کي ئي خلق دنيا ۾ ئي عزت سان،
يقين مون کي آ شيطان ڀي ڪِري سجدي ۾ ها جيڪر،
بجاءِ خاڪ آدم کي بڻائن جا ها سوني جو.
منا: هوش ڪر، اي عقل جا دشمن هوش ڪر!
دولت، هڪ بيوفا چيز آ، جا ڪم عقل انسان کي عزيز!
قبر ۾ صرف ڪفن پائي ته سمهڻو آ،
نه هلندي ساڻ چاندي نه کڻڻو ساڻ سونو آ.
نثار: اَحمق، دنيا ۾ اهي دولت کان نفرت ڪرڻ حماقت
نه آ ته ڇا آ؟
دارا ۽ جم، سڪندر، خاقانا وڪيقباد
پاڳل نه ها جو دولت و زَر تي هئا نثار.
منا: بيشڪ جيڪڏهن دوست کي هنن لازوال ڄاتو ٿي ته
هو ديوانا هئا.
جم ۽ دارا جو مال سارو خزانو تن جو ۽ زر ڪٿي آ
ڀريو هو قارون جو خزانو کڻ تون ڏس اڄ نظر ڪٿ آ
نثار: بس بس، منا! مان دولت کان سواءِ توکي ٻيو
عيوض ڏئي نه سگهندس.
منا: مان دولت تي لعنت وجهنديس.
نثار: منا تون مفلس ۽ فقير آن.
منا: مگر منهنجي دل ۽ خصلت توکان زياده امير آ.
نثار: منا! مان عياش ۽ بدمعاش هان، دنيا مون کي
نفرت جي نگاهن سان ڏسي ٿي، مگر مان نواب اعظم جي
اولاد هان.
منا: تنهنڪري؟
نثار: مان چور عورت سان شادي ڪري نٿو سگهان.
پنهنجي ننگ و ناموس جي بربادي ڪري نٿو سگهان.
منا: مان چور؟
نثار: ڇا تو وصيتنامو نه چورايو؟
منا: مگر مون کي چوريءَ جو پيشو ڪنهن سيکاريو، هڪ
رشتي کان گناهه ڪنهن ڪرايو، هڪ اَٻلا کي ڪنهن
برغلايو؟ تو. اي دولت جا غلام، حيص پتلا! تو، مان
محبت ۾ سرشار تنهنجي مرضي جي تعبير هيس، لاچار هس.
او خدا! دعا مون پئي ڪئي ظالم، جڏهن تو ڪا جفا ڪئي
آ
خدا ئي داد ڏيندم، بيوفا سان مان وفا ڪئي آ.
منا: مان هيس غافل، اجھ اکيون کُليون. (ايگزٽ)
نثار: (کِلي) وفا ڇاجي. ڪٿان جي وفا؟ وفا محلن ۾
نه آ، ڪوٽن ۾ نه آ. امير زادين ۽ شهزادين ۾ نه آ.
پوءِ تو جهڙي ڪنگال ۾ وفا ڪٿان آئي؟
منا: تون وفا غلط جاءِ تي ڳولهي رهيو آهين، امرت
انڌيري ۾ ملندو آهي. وفاداريءَ جو ڏيئو امرن جي
محلن ۾ نه، مگر غريبن جي ڪکن ۾ ٻرندو آهي.
نثار: خير، مان بيوفا تون باوفا. مان دنيا جو بدِ
خواهه، تون خير خواهه. جا مون ۾ بد ذاتي آ، سا ٻي
۾ نه آ، مگر هن وقت منهنجي جند ڇڏ منهنجي نظرن کان
ٽرُ.
منا: خير، وڃان ٿي، مگر هيءُ به کڻي وينديس. (منا
جو نثار جي هٿ مان وصيتنامو کسڻ ۽ نثار جو
وصيتنامو وٺڻ لاءِ ناڪام ڪوشش ڪرڻ.)
نثار: او، دغاباز!
منا: مگر توکان گهٽ.
نثار: ڏي ورائي، ورنه وٺندس زور سان.
منا: مان سڏينديس هت جهان، غل ۽ شور سان.
نثار: منا، پياري منا، وفا جي ديوي منا!
منا: پياري، سا به تنهنجي پياري؟
نثار: هڪ وفادار سان هي ستم ۽ فريب!
منا: نه تون آن وفادار، نه آ هيءُ فريب.
نثار: هاءِ اُلفت ۽ وفا وييون هليون!
(نثار جو غمگين ٿي ڪوچ تي ويهي رهڻ)
آمد ڪريم: عجب سان نثار کي ڏسڻ.)
ڪريم: ڇو حضور؟
ابتدا ۾ عشق جي صورت ڦري،
رنگ ٿيو آ زرد ۽ مورت ڦري؟
نثار: هاءِ ڪريم!
ڪريم: اَڙي پر خير ته آهي؟
نثار: ڪريم مري ويس.
ڪريم: خدا سائينءَ کي جنت نصيب ڪري.
نثار: ڪاڏي وڃان؟
ڪريم: قبرستان ڏي.
نثار: (ڪاوڙ مان) اڙي ڇا ٿو بَڪين.
ڪريم: حضور فاتحه ٿو پڙهان.
(آمد شمسه)
شمسه: احوال؟
نثار: زوال.
شمسه: وصيتنامي جي دستيابي؟
نثار: ناڪاميابي.
شمسه: يعني؟
نثار: منا آئي، وصيتنامو ڏنائين! مگر واپس...
شمسه: کسي ويئي؟ آه، بزدل انسان.
نثار: شمسه! قسمت جو مون داءُ هارايو، تقدير جي
ڍاري ماريو.
شمسه: غلط، ڍاري جو ڪوئي قصور نه آ،
مگر توکي ڍارڻ جو شعور نه آ.
نثار: تقدير ڪين مٽبي آهي؟
شمسه: قسمت جي بازي تدبير جي ڳرٽ سان کٽبي آهي.
نثار: مان لاچار ها.
شمسه: ٻڌ: همت کان ڪم وٺ.
نثار: منهنجو عقل دنگ آ، منهنجي اڳيان تقدير ۽
تدبير يڪ رنگ آ.
شمسه: تڏهن منهنجي عقل کان ڪم وٺ.
نثار: تون شمع بڻجي منهنجون اُميدون روشن ڪر، مان
پروانو بڻجي تنهنجي پٺيان لڳندس.
شمسه: هيءَ دنيا هڪ ميدان جنگ آ، جنهن ۾ ڪم همٿ ۽
بزدل ڪِرن ٿا، باهمت ۽ دلاور کَٽن ٿا. جيڪڏهن
دورانديشيءَ کي عقل جي هٿيار سان سينگاري ميدان ۾
آڻيندين، هٿ پير هلائيندين ته ضرور فتح پائيندين؛
ورنه زندگيءَ جي خوفناڪ جنگ ۾ هڪ بيجان لاش وانگر
ٺوڪرون کائندين، ناڪامي، نامرادي ۽ مايوسي
پائيندين.
نثار: مطلب؟
شمسه: آدميءَ جو ٻيو نالو مطلب آه، انسان پنهنجي
لباس لاءِ ريشم جي ڪيڙن کي پائمال ڪري ٿو. خوراڪ
لاءِ گگدام جانور حلال ڪري ٿو، دنيا جي هر چيز کي
پنهنجو خدمتگار خيال ڪري ٿو.
نثار: ڇا هن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي؟
شمسه: ضرور ڪرڻ گهرجي! جو اُڏامندو ڪين سو مٿي نه
چڙهندو، جو آقا بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪندو، سو هميشه
غلام رهندو.
نثار: ڇا تقدير سان وڙهان؟
شمسه: توکي راحت ۽ دولت درڪار آ؟
نثار: ها.
شمسه: تنهنجو هٿ زوردار آ.
نثار: يعني؟
شمسه: تو وٽ خنجر آبدار آ.
نثار: اُف!
شمسه: وٺ جوش، ڪر وارُ، ٻيڙو پار آ.
نثار: ڇا خون! خونِ ولد، عورت!
شمسه: چپ! غريبي يا دولت؟
نثار: مگر!
شمسه: ٻڌ، هيءُ خنجر آبدار وٺ، مان عورت ها، مون
کان دليري اُڌار وٺ!
نثار: بس.
شمسه: مرندا.
نثار: مري چڪا. (ايگزٽ)
ڪريم: مري چڪا، مارڻ ۽ جيارڻ جا ته ڄڻ اوهان ئي
مقاطعدار آهيو؟
(ايگزٽ. پردي جو ڪرڻ)
ڊراپ اول
پردو اٺون (مڪان ڪريم)
ڪريم: توبهه، توبهه، مس مس هن نامراد هاٿياڻيءَ
مان جند ڇٽي آهي، هوندي ته هن وقت سرڪار جي مهمان،
پر نه ته سڀاڻي ضرور سرڪاري دسترخوان تي دال چپاتي
کائيندي.
(آچر جو سهڪندو ڀڄندو داخل ٿيڻ)
آچر: ياالله خير، ڌڻي منهنجا پناهه ڏج! اڙي سائين،
هوڏانهن ته نهار، اڙي گهوڙاڙي ڦرياسي.
ڪريم: اڙي آهي ته خير، ڇا جي گهوڙا گهوڙا مچائي
اٿئي؟
آچر: سائين؛ مٿي ۽ وات ڳاڙها ٻه_ پرا جانور ٿيندا
آهن نه، سي پيا اچن.
ڪريم: مٿي ۽ وات ڳاڙها، ڇا بگهڙ؟
آچر: نه سائين، ڪامورا، ڪامورا.
ڪريم: (کلي) ڪامورا يعني پوليس وارا؟
آچر: هائو سائين هائو.
ڪريم: ڀلي پيا گهمن ڦرن اِهي خلق جا سنڀاليندڙ
آهن.
آچر: پر سائين، اوهان جي بيگم به ساڻ اٿن!
ڪريم: ساڻ اٿن ته فڪر نه آ، لڳي ويو وارو ته ٻيڙو
پار آ. رڳو هائو ۾ هائو ملائيندو رهج، پوءِ ويهي
رنگ ڏسج!
(آمد بيگم حوالات ۾ پوليس واري ۽ جمعدار جي، ڪريم
جو حيرت سان کين ڏسڻ)
بيگم: اوهين هن کان پڇو ته هيءُ نوٽ ڪنهن جو آهي.
جمعدار: (ڪريم سان) ڪيئن ميان هي ڪنهن جو آهي؟
(ڪريم آچر سان ڳالهائڻ ۾ مصروف رهي ٿو ۽ جمعدار کي
جواب نٿو ڏي)
جمعدار: ڪيئن ميان هيءُ نوٽ ڪنهن جو آهي؟
(ڪريم جو پنهنجي ڪوٽ ڏي ڏسي هٿ لائڻ)
ڪريم: حضور سرديءَ سبب هيءُ پنهنجو ڪوٽ ورتو اٿم،
نيلام مان ورتو هوم، چوريءَ جو نه آهي.
جمعدار: ڪمبخت ڪوٽ نه، هن نوٽ جو ٿو پڇان؟
(جمعدار نوٽ ٿو ڪريم کي ڏيکاري)
ڪريم: ڌڻي ڇو ٿا چرچا ڪريون، ڇا امتحان ٿا وٺو؟
حضور مان گرچ غريب آهيان، پر تڏهن به حرام جو مال
کائڻ جي عادت اصل ڪانه اٿم. اهو نوٽ اوهان کي الله
بخشي ڏي، مون ڪوبه نوٽ ڪونه وڃايو آهي. (آچر ڏانهن
مخاطب ٿي) آچر بابا، پرائو مال ڪو پنهنجو ڪجي؟
آچر: سائين، ڌڻي شال پنهنجي دران گهران ڏئي.
بيگم: اڙي اهڙو غضب، مئا، اهو نوٽ تو مون کي ڪونه
ڏنو؟
ڪريم: (عجب ۾ پئجي) جمعدار، هيءَ مائي ڇا ٿي چوي؟
بيگم: هاڻي مسخري ڪيئي، چرچي جو وقت هيءُ نه آهي.
ڪريم: مائي، مان چرچا ڇو ڪندس، اسان پرائي عورت کي
پنهنجي ماءُ ڀيڻ سمجهندا آهيون، ڪيئن ابا آچر؟
آچر: بيشڪ سائين، سڀ شريف آدمي ائين سمجهندا آهن.
گهُرجي به ائين.
بيگم: توهان ته اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪيو ڄڻ ته مون
کي سڃاڻو ئي نٿا.
ڪريم: مائي صاحبه، مون ته اوهان کي اڳي ڏٺو ئي
ڪونه آهي.
آچر: سائين، ڪنهن ميلي ملاکڙي ۾ ڏٺي هوندوَ.
ڪريم: نه بابا، مان ميلن مان ڇا ڄاڻان، ميلن ۾ وڃڻ
به ڪا چڱمڙسي آهي.
جمعدار: هن عورت اڄ بازار ۾ هي ڪوڙو نوٽ هلائڻ جي
ڪوشش ٿي ڪئي. ڪوڙو نوٽ ٺاهڻ يا هلائڻ وڏو ڏوهه
آهي، تنهن ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪريم: اَبوءِ، يا الله خير، ڌڻي منهنجا پناهه ڏي!
توبهه، توبهه، ڪوڙو نوٽ! دنيا جو رنگ اهڙو بدلجي
ويو، جو عورتون به اڄ ڪوڙا نوٽ ٿيون ٺاهن!
آچر: ڇو نه ٺاهينديون، بي_ اي نٿيون پڙهن؟
ڪريم: (جمعدار ڏانهن مخاطب ٿي) جمعدار صاحب اِهي
مڙوئي اڄڪلهه فيشن ۽ موجوده سوليزيشن جا اثر آهن.
(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)
اڃا بابا، ڇوڪريون ڪاليجن ۾ پڙهايو. توبهه_ توبهه!
ڌڻي منهنجا ڍَڪ.
بيگم: اوهان مون کي اِهو نوٽ نه ڏنو؟ اِئين به کڻي
چئو ته مان اوهان جي داسي نه آهيان.
ڪريم: ڇا مائي، توکي داسي سڏي تنهنجي گردن مان
ڦاسي ڪڍي، پنهنجي گردن ۾ وجهان؟ تون منهنجي زال!
توبهه، توبهه! مائي منهنجو منهن مبارڪ به ڏس ۽
پنهنجي حليي تي به نظر ڪر.
(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) ويچاري لاوارث آهي، هوش به
گم اٿس.
آچر: هوش ڇو نه گم ٿيندس، ڏوهه به معمولي نه آهي،
غريب سيشن ڪورٽ ويندي. سزا به جنم ٽيپ آهي. ڌڻي
حقؤن به رکي، ناحقؤن به رکي!
ڪريم: هائو ابا، اڄڪلهه جي وري مئجسٽريٽرن جو
اُصول آهي ته پولس جي رجوع ڪيل سان ناحق ٿيندو ئي
ڪونهي.
بيگم: (ڪريم کي ڀاڪر پائي) منهنجا پيارا، مان
تنهنجي زال نه آهيان؟
ڪريم: (پري ڀڄي) مائي، خدا خدا ڪر. ڀلجين ٿي، دنيا
۾ هڪجهڙا همشڪل، هڪ قد، هڪ بت گهڻائي انسان پيا
آهن، ڀلجين ٿي اَمڙ، ڌيان ڪر، ڌيان! مان ته شادي
جي ’ش‘ جو به واقف نه آهيان.
بيگم: جمعدار صاحب، هي مئو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، مان هن
جي نڪاح ٻڌي زال آهان.
ڪريم: (حيرت کائي) اڙي واهه! زال به نڪاح ٻڌي!
مائي، جيڪي وڻيئي سو چَوُ. مان نه ته ڪنهن جو مڙس
آهان ۽ نه وري ڪا منهنجي زال آهي. مون لاءِ دنيا
جون ڪُلِئي عورتون ماءُ_ ڀيڻ جي موافق آهن.
بيگم: مُئا خدا جي مار پويئي، تنهن جو گوشت پچائي
ڪُتن کي ڏيان!
ڪريم: جمعدار صاحب، لغام ڏيوس، ٿان جي شوخ ٿي
ڏسجي.
جمعدار: پوليس وارا، هن کي ٻڌي حوالات ۾ ڇڏي آ.
بيگم: جمعدار صاحب مان چَري نه آهيان، پر هڪ پڙهيل
هوشيار عورت آهيان. هن مُئي جي دغابازيءَ تي ڪاوڙ
ٿي اچي. دل ۾ ٿو اچي ته مُئي جون هڏيون چٻايان.
ڪريم: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)
هڏيون چٻيان! مائي چٻ هڏيون پنهنجون. ملڪ ۾ ڪو
حاڪم سجهيئي يا نه؟
بيگم: بند ڪر زبان. ماريا، دغاباز، بي ايمان.
آچر: (ڪريم کي پي ٿو ڪرين) سائين پرڀرو ٿي بيهو،
مائي هوش ۾ نه آهي، شايد نشو ڪيو اٿس.
ڪريم: جمعدار صاحب، هن کي ترت پنهنجي مهمان خاني
پڄايو، يا گدو بندر روانو ڪيوس. مرض ماليخوليا جو
آهي، وڌندو ٿو وڃي. مائي، خدا صحت ڏيندئي. شال
جواني ماڻين!
جمعدار: اڙي هن کي هڪدم پاڳلخاني واري اسپتال ۾
وٺي وڃي داخل ڪر. علاج تمام ضروري اٿس.
بيگم: ڌوڪو.
ڪريم: مائي، هاڻي گوڙ ته ڇڏ. خدا بخشيندئي!
(ايگزٽ_ پوليس وارا ۽ بيگم).
ڪريم: ڇا هٿ جي صفائي خالي وڃي نه وار،
ڪريان تعريف پنهنجي ڇو نه بار بار.
آچر: پنهنجي تعريف پاڻ ڪرڻ ته اڄڪلهه ضروري آهي.
سرڪاري ڪامورن جو ته اِهو اصول هئڻ گهرجي. جيڪڏهن
پنهنجي تعريف پاڻ نه ڪندا ته خلق کي ڪيئن خبر پوئي
ته صاحب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي.
گانو ڪريم ۽ آچر:
آچر: جو زال ههڙيءَ وارو،
تنهن جو هر هار منهن ڪارو.
ڪريم: هن جوءِ جي ههي ٿهي،
وِجهو لعنت تنهن تي يارو.
آچر ٿي لَوَ
(Love)
جا لکي ليٽر،
ڪريم: يارن سان ڏسي ٿئيٽر.
آچر: منهن تي مک پائوڊر،
ڪريم: زلفن تي ڇڙڪي لونڊر.
آچر: جو زال ههڙيءَ وارو،
تنهن جو هر هارو منهن ڪارو.
ڪريم: هن جوءِ جي ههڙي تهڙي
وجهو لعنت تنهن تي يارو.
آچر: هڪ موٽر سائيڪل چنچل،
ڪريم: ٻي چال فيشن ايبل.
آچر: کائڻ لاءِ چئر ٽيبل،
ڪريم: آ لَوَ
(Love)
جي وٽس لئبل.
آچر: جو زال ههڙيءَ وارو
تنهن جو هر هارو منهن ڪارو.
ڪريم: هن جوءِ جي ههڙي تهڙي،
وجهو لعنت تنهن تي يارو.
(ايگزٽ)
(پڙدي جو چڙهن)
(وڌيڪ
پڙهو) |