سيد عبدالحسين
موسوي
سيد عبدالحسين موسوي، روهڙيءَ جي
”موسوي
سادات“
مان هو. سندس والد، سيد وڌيل شاهه موسوي پڻ پنهنجي
وقت جو وڏو عالم، اديب، صحافي ۽ هڪ ڪامياب استاد
۽ اعليٰ درجي جو منتظم ٿي گذريو آهي.
سيد عبدالحسين موسويءَ 21- رمضان المبارڪ 1319هه/
3- جنوري 1902ع تي خميس ڏينهن شام جو ستين بجي،
پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. روهڙيءَ جو
شهر، قديم زماني کان وٺي علم ۽ ادب جو گهوارو پئي
رهيو آهي. علمي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سان گڏوگڏ، شاهه
صاحب جي ذهن ۽ طبيعت تي هن علمي ادبي شهر جي ماحول
جو پڻ فطرتي طور تي اثر پيو.
سيد عبدالحسين موسويءَ، ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾
ان وقت جي مشهور استاد، قاضي ميان غلام مهدي بن
قاضي ميان پير محمد کان حاصل ڪئي. قاضي ميان غلام
مهدي، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر، فقير قادربخش
”بيدل“
جي مجازي محبوب، قاضي ميان پيرمحمد جو فرزند ۽
بيدل سائينءَ جو شاگرد هو. شاهه صاحب، ابتدائي
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ جي مشهور درسگاهه، سنڌ مدرسته
الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو. ان کان
پوءِ، کيس سندس والد بمبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ
لاءِ موڪليو. ليڪن، اتي سندس طبيعت ناساز رهڻ لڳي،
تنهنڪري پاڻ سنڌ واپس موٽي آيو ۽ هتي ڪراچيءَ جي
ڊي. جي. ڪاليج ۾ داخل ٿي، بي. اي. جو امتحان پاس
ڪيائين.
هڪ شاگرد تي پنهنجي استاد جو وڏو اثر ٿئي ٿو.
اهڙيءَ طرح، سيد عبدالحسين موسويءَ جي ذهن ۽ ذڪاءَ
تي پڻ پنهنجي استاد قاضي ميان غلام مهديءَ جي
تعليم ۽ تربيت ۽ شخصيت جو تمام گهڻو اثر پيو. پاڻ
پنهنجي استاد کان متاثر ٿي، تعليم کاتي ۾ ملازمت
اختيار ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ،
بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي. جو امتحان پڻ پاس
ڪيائين. ان کان پوءِ،
شاهه صاحب سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ استاد ٿي
رهيو، جتي پنهنجيءَ قابليت ۽ ذهانت سان تمام گهڻي
مقبوليت حاصل ڪيائين. ان دؤر ۾، سنڌ اندر
ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ وڏا وڏا هاءِ
اسڪول قائم ٿيل هئا، جتي نهايت ئي قابل ۽ محنتي
استادن کي موڪليو ويندو هو. شاهه صاحب کي پڻ انهن
تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو شرف حاصل رهيو، جتي پاڻ
وڏيءَ محنت ۽ اعليٰ اخلاق وسيلي پنهنجو نالو نروار
ڪيائين.
سيد عبدالحسين موسويءَ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هڪ
ڪامياب منتظم واري حيثيت کان متاثر ٿي، کيس ان وقت
سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان دؤر ۾، تعليمي لحاظ کان
مسلم اسڪولن جي حالت تمام گهڻو پوئتي پيل هئي.
شاهه صاحب وڏيءَ محنت ۽ اورچائيءَ سان، سنڌ جي
انهن اسڪولن جي حالت کي هر لحاظ کان سڌاري، ترقيءَ
جي راهه تي گامزن ڪيو. سندس اعليٰ انتظامي صلاحيتن
کان متاثر ٿي، بعد ۾ کيس ٽنڊي باگي جي مشهور هاءِ
اسڪول جو پرنسيپال مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجي
اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريائين. اهڙيءَ طرح، شڪارپور ۽
ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪولن جو پرنسيپال
ٿي ڪم ڪيائين.
پاڻ آخر ۾، ڪراچيءَ جي
”سنڌ
مدرسته
الاسلام“
جو پرنسيپال مقرر ٿيو، جتان کيس ترقي ڏيئي
پهريائين حيدرآباد ڊويزن ۽ پوءِ سکر ڊويزن جو
ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ انهيءَ عهدي
تان سن 1957ع ۾ پينشن ٿي لٿو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ،
پاڻ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن آرام ۽ سڪون سان
پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ گذاريائين، جتي سندس
گهڻو وقت مطالعي ۽ تصنيف وتاليف ۾ گذرندو هو.
سيد عطا حسين موسويءَ سن 1957ع ۾ ٻين علم دوست
ساٿين سان گڏجي،
”سکر
ايڊيوڪيشن سوسائٽي“
برپا ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ سکر ۾ هڪ
اوريئنٽل ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ هـُـن اعزازي
طور پاڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح، شاهه صاحب
پينشن تي اچڻ کان پوءِ به درس ۽ تدريس جي مشغلي
سان وابسته رهيو.
سيد عبدالحسين موسوي نه صرف علم ۽ ادب جو شهسوار
هو، پر علم طب ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي. شاهه
صاحب ملازمت جي دؤر کان وٺي ويندي پينشن تي اچڻ
کان پوءِ به باقي حياتيءَ جو عرصو طب جي ذريعي
عوام الناس جي خدمت ۾ گذاريو. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن
کان ان جو عيوضو نه
ورتائين، ۽ نه
وري طب کي ذريعه معاش بڻايائين. وٽس وڏن وڏن حاذق
حڪيمن جا ناياب نسخا هئا، جي ڪيترن ئي مختلف مرضن
لاءِ تير بهدف هوندا هئا. علم طب تي سندس چار پنج
بياض قلمي صورت ۾، سندس لائق ۽ فائق پوٽي، انجنيئر
سيد عبدالحسين موسويءَ وٽ موجود آهن. انهن بياضن
کي جيڪڏهن ڪنهن ماهر حڪيم کان ترتيب ڏياري شايع
ڪرايو وڃي، ته عوام الناس جي وڏي خدمت ٿيندي. سيد
عبدالحسين موسويءَ، بيبي شهزاد بنت ميرڪ سبحان علي
شاهه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه
ٿيو.
شاهه صاحب 5- شوال المڪرم 1386هه/ 17- جنوري 1967ع
تي اڱاري ڏينهن صبح جو يارهين بجي هن فاني جهان
مان رحلت ڪئي. کيس سکر پراڻي ۾ پنهنجي اباڻي
قبرستان،
”ڏتل
شاهه جي مڪان“
۾ دفن ڪيو ويو.
تصنيفات
سيد عبدالحسين موسوي سنڌي ادب جي ناميارن ۽ بلند
پايي جي نثرنگارن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌي،
فارسي، عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو هو.
جيتوڻيڪ سندس لکيل ڪتابن جو تعداد ايترو گهڻو نه
آهي، پر ان هوندي به اهي سنڌي ادب ۽ زبان جو وڏو
سرمايو آهن. هتي سندس تصنيف ۽ تاليف ڪيل ڪتابن جو
مختصر طور تي جائزو پيش ڪجي ٿو:
1. ڇوڪرين جي ورنيڪيولر فائينل امتحان جا پيپر:
سيد عبدالحسين موسويءَ سنڌي اسڪولن جي نصاب
طور، ٻين تعليمي ماهرن سان شريڪ ٿي، ڪافي ڪتاب
لکيا آهن. هن مذڪوره ڪتاب ۾ پڻ شاهه صاحب پنهنجي
وقت جي مشهور هندو تعليمي ماهر، جڳتراءِ ايسرداس
شوداساڻي ۽ قاضي ميان جان محمد شڪارپور واري سان
گڏجي، سنڌي فائينل امتحان ۾ ويهندڙ ڇوڪرين جي
سهولت لاءِ،
سن 1930ع کان سن 1934ع تائين آيل امتحاني سوالن جا
پيپر حل ڪيا آهن. هن ڪتاب جي منڍ ۾، ان جي اهميت ۽
ضرورت کي محسوس ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته:
”جڏهانڪر
ڇوڪرين جو ورنيڪيولر فائينل امتحان ٿيڻ لڳو آهي،
تڏهانڪر سوالن جوابن واري پيپرن جي ڪتاب جي ضرورت
گهڻي قدر محسوس پئي ڪئي وئي آهي.“
ان مٿئين عبارت مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ
ڪتاب انهن ٽنهي مصنفن، خاص طور سنڌ جي نياڻين لاءِ،
سنڌي فائينل امتحان کي آسان بڻائڻ لاءِ لکيو هو.
ڪتاب جي منڍ ۾، امتحان ۾ جيڪي مقرر ٿيل ڪم آهن، تن
جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ نثر، نظم، گرامر،
صورتخطي، مضمون نگاري، انگي ۽ گهرو حساب، جاگرافي،
تواريخ، صحت سکيا، ڇوڪرين لاءِ سبڻ جو ڪم وغيره جي
باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي مطالعي مان
اهو به واضح ٿئي ٿو، ته ان دؤر ۾ سنڌي فائينل
امتحان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ اَٺَ هيڊ مقرر ٿيل هئا.
هيءُ ڪتاب جيئن ته ٽن مصنفن جو لکيل آهي، ان ڪري
اهو معلوم ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پيو آهي ته ڪهڙو حصو
ڪهڙي ليکڪ جو لکيل آهي. البت، هن ڪتاب کي مجموعي
طرح نياڻين جي فائينل امتحان جي سلسلي ۾، نهايت ئي
آسان نموني ۾ لکيو ويو آهي. سڀني پيپرن جي سوالن
جا جواب نهايت خبرداريءَ سان ڏنا ويا آهن. خاص طرح
سان ڇوڪرين کي امتحان جي تياري ڪندي جيڪي مشڪلاتون
درپيش اچن ٿيون، تن کي سامهون رکي، هن ڪتاب کي
نهايت مفيد بڻايو ويو آهي.
هن وقت جيتوڻيڪ ان ڪتاب جي اها تدريسي اهميت نه
رهي آهي، تاهم ان جي مطالعي مان سنڌي زبان، شعر و
شاعري، گرامر، جاگرافي، تواريخ ۽ مضمون نويسيءَ
جهڙن اهم موضوعن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. هيءُ
ڪتاب ديوان موتيرام ڌرمداس، موتي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ
ورڪس ، تلڪ روڊ، حيدرآباد سنڌ مان پڌرو ڪيو.
2. تفريق ۽ تقطيع:
دراصل، سيد عبدالحسين موسويءَ هيءُ ڪتاب
استادن ۽ شاگردن جي رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ لاءِ لکيو
هو. ان دؤر ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ورنيڪيولر امتحان،
جنهن کي عام طرح
”سنڌي
فائينل“
سڏيو ويندو هو، جي نصاب ۾
”علم
نحو“
۽
”علم
صرف“
شامل هئا. ان وقت “علم صرف” تي ته سٺا ڪتاب لکيل
هئا، پر
”علم
نحو“
تي ڪو مختصر ڪتاب موجود نه هو. شاهه صاحب جيئن ته
انهن ٻنهي مذڪوره علمن تي مهارت رکندڙ هو، تنهنڪري
”تفريق
۽ تقطيع“
جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيائين. ظاهري طور تي اهو
ڪتاب نصابي
ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو، پر شاهه
صاحب پنهنجي وسيع ڄاڻ ۽ عالمانه ذوق سبب ان کي
ايترو ته مختصر ۽ جامع بڻايو، جو سچ پچ ته درياء ڪوزي ۾ سمايو ويو آهي. هن ڪتاب مان نه صرف ان دؤر جا نوجوان
شاعر لاڀ پرائيندا هئا، پر ان کي سند طور پڻ پيش
ڪيو ويندو هو. هن ڪتاب جي ترتيب ۾، ميان محمد
ابراهيم عباسي پڻ شاهه صاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي
رهيو.
هيءُ ڪتاب سن 1934ع ۾ اشاعت هيٺ آيو. هن ڪتاب جو
ٽيون ڇاپو سن 1945ع ۾ پوڪرداس ائنڊ سنز، ڪراچي سنڌ
طرفان ڇپيو، ۽ ان جو پنجون ڇاپو سن 1958ع ۾ توفيق
آرٽ پريس، دادو سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
3. جاميٽري:
سيد عبدالحسين موسويءَ نه صرف سنڌي علم ۽ ادب
جي خدمت ڪئي آهي، پر پاڻ
”علم
رياضيءَ“
۾ به وڏي مهارت رکندڙ هو. تواريخي لحاظ کان سندس
خاندان مان ميرڪ عبدالباقي ٺٽوي(المتوفي:
983هه/1575ع)
”جاميٽريءَ“
جي فن جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ ۾
انهيءَ فن تي نوان نوان تجربا ڪيا. اهو خانداني
اثر صدين کان پوءِ، سيد عبدالحسين موسويءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. شاهه صاحب کي
”علم
رياضيءَ“
جي هر شاخ تي مهارت حاصل هئي، پر خاص طرح سان
”جاميٽريءَ“
جي علم ۾ وڏي ڄاڻ رکندو هو. هاءِ اسڪولن ۾ ورهين
جا ورهيه علم رياضي پڙهائيندي،”جاميٽريءَ“
جي علم تي کيس ايڏو ته عبور حاصل هو، جو پاڻ ان
تجربي جي بيناد تي هڪ ڪتاب لکيائين. جاميٽريءَ جو
اهو ڪتاب سن 1936ع ۾ ڇپرايائين، جنهن کي ان وقت جي
تعليم کاتي طرفان نصاب تي رکيو ويو. هن ڪتاب جو
پندرهون ڇاپو سن 1954ع ۾ چئن هزارن جي تعداد ۾
ڇپيو ۽ ان جو ارڙهون ڇاپو، سن 1957ع ۾ سنڌ پرنٽنگ
پريس، حيدرآباد سنڌ مان پڌرو ٿيو.
4. تاريخ اسلام:
سيد عبدالحسين موسوي نه صرف مذهبي قسم جو
ماڻهو هو، پر سندس تواريخي مطالعو به ڪنهن وڏي
اسڪالر کان گهٽ نه هو. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ گهڻي
ڀاڱي طب، ادب ۽ تواريخ جا ڪتاب موجود هئا. مسلمانن
جي عروج ۽ زوال جو نقشو، هر وقت سندس اکين آڏو
رهندو هو. دنيا ۾ مسلم قوم جي ناگفته به حالت ڏسي،
کيس گهڻو افسوس ٿيندو هو. انهيءَ ڳالهه کان متاثر
ٿي، پاڻ تواريخ جهڙي خشڪ مضمون کي هٿ ۾ کنيائين ۽
پنهنجي قلم سان ان کي اهڙو دلچسپ بڻايائين، جو اهو
ڪتاب سنڌ جي عالمن خواه نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿيو.
هيءُ ڪتاب، سنڌ جي مشهور پبلشر، آر. ايڇ. احمد
ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ طرفان سن 1950ع ۾ شايع
ٿيو.
5. سڳنڌ:
دراصل، سنڌي
”لوڪ
ادب“
جي ابتدائي ميڙ چونڊ جو سهرو، سيد عبدالحسين
موسويءَ جي سر تي سـُـونهي ٿو. دنيا ۾ جيڪي به
سڌريل قومون آهن، تن جي علم ۽ ادب جو وڏو سرمايو
”لوڪ
ادب“
ئي هوندو آهي.
”لوڪ
ادب“
قومن جي تهذيب ۽ ثقافت جو آئينو هوندو آهي، جنهن ۾
سندن زندگيءَ جو هر لحاظ کان عڪس موجود هوندو آهي.
سنڌي
”لوڪ
ادب“،
سنڌي قوم جو سرمايه حيات آهي، جنهن مان سنڌ جي
تهذيب، تمدن، سورهيائي، سخاوت وغيره جهڙين ڳالهين
جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شاهه صاحب کي عموماً پنهنجي نوڪريءَ جي حوالي سان
اڪثر سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ اسڪولن جي
امتحان وٺڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو، جتي ٻهراڙيءَ جا
ماڻهو ڪچهرين ۾، لوڪ ڪهاڻيون، ڳجهارتون، هـُـنر،
ڏِٺـُـون ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون اهڙيون
شاعراڻيون صنفون اچي پيش ڪندا هئا ۽ ڪچهرين کي
رونق وٺرائيندا هئا. شاهه صاحب جو جيئن ته علم ۽
ادب ڏانهن تمام گهڻو لاڙو هو، ان ڪري مختلف وقتن
تي جتي جتي پاڻ ويندو هو، ته اتي ان قسم جي مواد
کي سهيڙيندو رهندو هو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سنڌي
”لوڪ
ادب“
جي سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي، پر اسان
ايترو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌي
”لوڪ
ادب“
جو بنيادي پٿر، دراصل سيد عبدالحسين موسويءَ ئي
رکيو هو. شاهه صاحب،
”لوڪ
ادب“
جي ان گڏ ڪيل مواد جي عالمانه انداز ۾ ڇنڊ ڇاڻ
ڪري، ميان محمد ابراهيم عباسيءَ جي شراڪت سان
”سـُـڳنڌ“
نالي ڪتاب تيار ڪري، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جي خدمت
۾ پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب سن 1950ع ۾ مسلم ادبي
اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان ڇپجي پڌرو
ٿيو. ان کان پوءِ،
هن ڪتاب جا لاڳيتا چار ڇاپا، ترتيبوار سن 1951ع،
1952ع، 1953ع ۽ 1954ع ۾
قاضي ميان نصير محمد، توفيق آرٽ پرنٽنگ
پريس، دادو سنڌ ۾ ڇپيا. هن ڪتاب جو ستون ڇاپو سن
1959ع ۾ تاج محل پريس، حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ اٺون ڇاپو
سن 1966ع ۾ اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان
شايع ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان هن ڪتاب کي ڪيترا
دفعا نصاب طور پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
6. ديوان بيدل:
سيد عبدالحسين موسوي بنيادي طرح ته نثر نويس
هو، پر شعر و شاعريءَ جي مذاق پڻ رکندو هو. پاڻ
روهڙيءَ جهڙي علمي شهر سان واسطو رکندڙ هو، جتي
ڪيترائي صوفي درويش ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن سنڌي
ادب جي صوفيانه شاعريءَ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ کانپوءِ، سنڌ جي قديم شاعرن جو ڪلام ڪٺي ڪرڻ ۽ ان
کي جديد نموني سان ترتيب ڏيئي شايع ڪرڻ جو پروگرام
رٿيو ويو. ان سلسلي ۾ روهڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر،
فقير قادر بخش”بيدل“ جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ لاءِ سيد عبدالحسين
موسويءَ جو انتخاب ڪيو ويو. شاهه صاحب،
”بيدل“ جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان
مواد گڏ ڪيو ۽ مختلف قلمي نسخن کي ڀيٽي، سموري
ڪلام کي تحقيقي لحاظ کان يڪجاءِ ڪيو. ڪتاب جي منڍ
۾، فقير قادر بخش
”بيدل“ جي سوانح حيات، سندس علمي ڪارنامن ،
صوفيانه ۽ عاشقانه نظرين کي سهڻي نموني ۾ اجاگر
ڪيو ويو آهي.
”بيدل“ جي ڪلام کي
”ديوان“ جي صورت ۾ ترتيب ڏيڻ ۽ ان تي عالمانه
مقدمو لکڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته شاهه صاحب
وڏيءَ ذهانت جو صاحب هو ۽ کيس جديد نموني تي ڪتاب
مرتب ڪرڻ جي وڏي ڄاڻ حاصل هئي.
”ديوان بيدل“
سن 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان
شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، محترم ڊاڪٽر نواز
علي
”شوق“ جي سعي ۽ ڪوشش سان سن 1991ع ۾ پڌرو ٿيو.
هن ڇاپي ۾
”بيدل“ سائينءَ جي سوانح، پيغام ۽ ڪلام بابت
”شوق“ صاحب جا ضروري اضافا پڻ ڏنا ويا آهن.
7. سرهاڻ:
”لوڪ
ادب“
جي سلسلي ۾،
”سـُــڳنڌ“
نالي ڪتاب ترتيب ڏيڻ کان پوءِ،
شاهه صاحب وٽ اڃا به ڪافي اهڙو مواد گڏ ٿي چڪو هو،
جيڪو پهرئين ڪتاب ۾ اچي نه سگهيو هو. سيد
عبدالحسين موسويءَ
”لوڪ ادب“
جي باقي رهيل سڀني صنفن کي گڏ ڪري
”سرهاڻ“
نالي ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن ۾ پڻ ميان محمد ابراهيم
عباسيءَ جي ساڻس شراڪت رهي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب
سن 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان
پنهنجي ذاتي خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب پڻ
سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي.
هن ڪتاب کي به سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان نصاب تي رکيو
ويو.
8. ديوان بيڪس:
”ديوان
بيڪس“، فقير قادر بخش
”بيدل“
جي فرزند، فقير محمد محسن”بيڪس“ جي ڪلام جو مجموعو آهي. سيد عبدالحسين
موسويءَ.
”ديوان
بيڪس“ پڻ انهيءَ ساڳئي نموني تي ترتيب ڏنو آهي،
جنهن طرز تي
”ديوان
بيدل“ مرتب ڪيو هئائين. هن ۾
”بيڪس“ جي سوانح حيات سان گڏ، ان جي صوفيانه انداز کي تحقيقي نموني
۾ پيش ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پڻ سندس شاعراڻي
مذاق جي ساک ڀري ٿو. هيءُ ڪتاب سن 1965ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو.
9. وکريل وٿون:
شاهه صاحب پينشن تي لهڻ کان پوءِ،
پنهنجيءَ ملازمت واري عرصي ۾ کيس جيڪي تجربا ۽
مشاهدا نظر آيا، تن کي مضمونن جي صورت ۾ قلمبند
ڪيو. هن انهن مضمونن کي
”ڪمزوريون“
جي نالي سان ڪتابي صورت ڏيئي، پنهنجي حياتيءَ ۾
شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڪتاب جي منڍ ۾، سنڌ جي وڏي
عالم ۽ اديب، ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ کان تقريظ
لکائي، ان ۾ شامل ڪئي هئائين. اڃا ڪتاب ڇپائيءَ جي
مرحلن ۾ داخل ئي نه ٿيو هو. ته شاهه صاحب هن فاني
جهان مان رحلت ڪئي. ان کان پوءِ، هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ سندس پوٽي، ڊاڪٽر سيد امجد حسين
موسويءَ ڪوشش ورتي ۽ ڪتاب جو مسودو پروفيسر محمد
فاضل شيخ صاحب جي حوالي ڪيو. شيخ صاحب ان ڪتاب جي
مواد کي ڪمپوز ڪرايو، پر اهو وڌيڪ ڪتابي صورت ۾
آڻڻ کان رهجي ويو. ان کان پوءِ ، شاهه صاحب جي ٻئي
لائق ۽ فائق پوٽي، انجنيئر سيد عبدالحسين موسويءَ
اهو ڪمپوز ٿيل مواد راقم جي سپرد ڪيو ۽ ان کي شايع
ڪرڻ جي اجازت ڏني.
سيد عبدالحسين موسويءَ جي ان مجموعي ۾ صرف ست
مضمون هئا، جن کي
”ڪمزوريون“
جي عنوان سان مرتب ڪيو ويو هو. راقم، شاهه صاحب جي
انهن ستن مضمونن کان سواءِ،
سندس زندگيءَ ۾ لکيل ٻين مضمونن جي پڻ ڳولا ۽
جستجو ڪئي. ان سلسلي ۾، شاهه صاحب جا جوانيءَ جي
زماني کان وٺي لکيل ٻيا به ڪيترائي مضمون مختلف
رسالن مان هٿ ڪري، هن ڪتاب ۾
”وکريل
وٿون“
جي نالي سان ڏنا ويا آهن. هيءُ علمي ۽ ادبي ڪتاب
اشاعت هيٺ آهي ۽ جلد ئي ڇپجي پڌرو ٿيندو.
*
(”تذڪره
پـُوراني سادات سکر“
تان ورتل) |